سڪندر ’آه‘
پري پل گذارڻ نه ٿي دل قبوليو.
سدا گڏ گذارڻ نه سنگدل قبوليو.
وفائن جو حاصل آهي بي وفائي،
جڏهن چوٽ آئي تڏهن دل قبوليو.
آ پنهنجي فطرت کان مجبور هر شيءِ
ٻوڙي سمونڊ اڇليو ته ساحل قبوليو،
جڏهن ساهه نڪتو تڏهن ”آه“ سڪندر،
اچي ڏوهه پنهنجو پوءِ قاتل قبوليو.
BRIEF INTRODUCTION
سڪندر ”آه“
(1950-2009)
پورو نالو: سڪندر علي سومرو
ادبي نالو: سڪندر ”آه“
ولديت: محمد بخش سومرو
جنم تاريخ: 31 مارچ 1950ع وفات: 27 سيپٽمبر 2009ع.
جنم هنڌ: ڳوٺ گهاڙي (ميهڙ)
تعليم: M.A (Economic)
پيشو: سرڪاري ملازمت
شاعري جي شروعات: 1968ع کان
ڇپيل ڪتاب: 1. سوز عشق (1970ع)
2. عيد تنهنجو انتظار (1996ع)
3. مست گيت لال جا (2002)
4. عيد ميلاد النبي
5. تنهنجي شهر جي ڦٽ پاٿ تي (شعري مجموعو)
6. شهيد راڻي بينظير ڀٽو
سوال: اوهان جي ادبي ابتدا ڪيئن ٿي؟
جواب: اها ڳالهه ائين آ ته جيئن ئي سانڀر پئي ته مان پنهنجي ڏاڏي سائين نالي عبدالغفور ”تراب“، جنهن کي شاعري جو شغف هوندو هو، ان سان گڏ رئيس ضياالدين ”ضيا“، شمس الدين ”بلبل“ جي فرزند جي اوطاق تي هفتيوار/ماهوار ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو هيس، ان ڪري ننڍي هوندي کان وٺي ادب، علم ۽ شاعري طرف رجحان وڌندو رهيو. بعد ۾ شعر ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جو شوق جنون جي حد تائين وڌي ويو ۽ ان سان گڏ ڳائڻ جو پڻ، پنهنجي منهن سان ڪچي ڦڪي شاعري ڪندو هوس. منهنجي پهرئين تخليق جيڪا غزل هئي سا مون مشاعري ۾ پڙهي. انهن ڏينهن ۾ ميهڙ ۾ مختلف ادبي تنظيمون جهڙوڪ بزم بلبل، بزم اڪبر، بزم لطيف ۽ بزم حيدري وغيره سرگرم هيون. جنهن جي زيرِ سايه هفتيوار شاعري نشتون، ادبي گڏجاڻيون ۽ هر مهيني عوامي مشاعرو ۽ راڳ رنگ وغيره جون محفلون منعقد ٿينديون رهيون ۽ مان طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾ حصو وٺندو هوس ۽ اهو سڄو سلسلو دادو ۽ لارڪاڻي ضلعي جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ٿيندو هو ۽ اهڙا ادبي ميڙاڪا ٿيندا رهيا. منهنجون تخليقون مختلف رسالن، اخبارن جهڙوڪ هلال پاڪستان، عبرت، آفتاب وغيره ۾ ڇپنديون رهيون.
سوال: اوهان شاعري جي باقائده سکيا ڪنهن کان ورتي؟
جواب: جيئن ته مون شاعري جي باقائده سکيا ڪنهن کان به نه ورتي آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته عشق ئي منهنجو استاد آهي، باقي ادبي گڏجاڻين ۾ حصو وٺندو رهيو هوس ۽ اڪثر ڪچهرين ۾ شامل ٿيڻ ڪري تخليقي تربيت ٿيندي رهي. ان وقت جا سينيئر شاعر جنهن سان منهنجون ادبي ڪچهريون ٿينديون رهيون انهن ۾ احمد خان ”مدهوش“، احمد خان ”آصف“ مصراڻي، استاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، عبدالرحمٰن نقاش، آثم ناٿن شاهي، نشتر ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، پيرل پرديسي، پيرل پياسي، شاهنواز مسافر، اسحاق راهي، ملنگ حيدري، دادن فقير، لونگ خان لائق، ظفر سيوهاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب جنهن جي لسٽ وڏي آهي. تن سان شعري توڙي ادبي روح رهاڻيون ٿينديون رهيون.
سوال: شاعري ۾ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ۽ ڇو؟
جواب: عرض ته مون شاعري جي هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي جنهن ۾ غزل، گيت، وائي، نظم، حمد، نعت، مرثيه، وائي، منقبت، چوسٽا، رباعي، ٽيڙو، دوها، بيت وغيره وغيره. پر جيئن ته اسان جي شاعري جي اوسر نج غزل گوئي تي ٿي ڇو ته طرحي مشاعره اڪثر غزل جي Pattern تي منعقد ڪيا ويندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو مون کي غزل جي صنف پسند آهي، جيڪا سڀ کان ڏکي صنف سمجهي وڃي ٿي ڇو ته اها رديف قافيو ۽ بحر وزن جي انگن ۾ قيد آهي ۽ ان جي هر بند ۾ مخصوص ۽ نئون موضوع ۽ تجرباتي شاعري ٿئي ٿي، سو مان ته شاعر ئي ان کي مڃان ٿو جيڪو غزل جي Process کان چڱي طرح واقف آهي/ هجي ۽ گذريو هجي. ان چوڻ ۾ وڌاءُ نه آهي ته غزل گو شاعر کي ئي مڪمل شاعر ۽ غزل ڳائڻ واري ڳائڻي کي ڳائڻو چئي سگهجي ٿو. ڇو ته غزل جي شاعري ذريعي شاعر، معاشري جي ڏک ۽ پيڙاءَ ۽ معاشرتي، بدحالي، بي انصافي، بي ثباتي، بي وفائي ۽ منافقي، ڪوڙ، دغا ۽ دولاب تي چڱي ڇنڊ ڇوهه جو اظهار ڪري سگهي ٿو.
سوال: شاعري ۾ وزن بحر/علم عروض جي ڪيتري (Importance) آهي / هئڻ گهرجي؟
جواب: شاعري ۾ وزن بحر جو هئڻ هر حال ۾ نهايت ضروري آهي ڇو ته شاعري اها جيڪا ڳائي وڃي، سهڻي نموني سان ۽ ڳائي تڏهن سگهجي ٿي جڏهن ان جو بحر وزن ۽ رديف قافيو پنهنجي جاءِ تي متوازن ۽ مڪمل هوندو. باقي سٽ جي گهٽ وڌائي قافئي رديف جي فقدان سبب شعر جو مزو بلڪل بي لذت ڦڪو ۽ ٻسو لڳندو ۽ بي سواد ٿي پوندو. جنهن کي شاعري چوڻ ئي شاعريءَ جي توهين جي برابر آهي. منهنجي ته اها ئي صلاح آهي ته اخبارون ۽ رسالا اهڙي شاعري شايع ڪرڻ کان پرهيز ڪن جيڪا بحروزن، قافئي رديف جي حد پار ڪيل هجي. اوهان ڏسندو ته شاهه لطيف جي شاعري به ڇند وديا جي حد ۾ بند ٿيل آهي. ان زماني جي بحر وزن جي ڪسوٽي يعني ماترائون، جيڪي هندي ڇند وديا تي لکيل آهن ۽ ڳائڻن جي راڳ راڳڻين جي بندش ۽ حد اندر آهن. اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب جي شاعري عوامي حيثيت ماڻي چڪي آهي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾ ڇا کي چئي سگهجي ٿو/ ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي؟
جواب: مان ته ائين چوندس ته هن ڌرتي ۾ جيڪا به چيز آهي سا شاعري کان سواءِ نامڪمل آهي. ٻار جڏهن ننڍپڻ ۾ ماءُ جي هنج ۾ ئي ماءُ جي زباني لولي ٻڌي ٿو. سابه شاعري آهي ۽ ڪلام رباني سا پڻ شاعري جي دِنگ ۾ اچي ٿي. ان کان پوءِ راڳ رنگ پڻ شاعري کانسواءِ اڻ پورو ۽ بي سواد آهي. رڌم لئي تار جانورن، پکين، پرندن جون ٻوليون ۽ سندن آواز به هڪ سُر ۾ يا ڪنهن مخصوص صنف ۾ ٻڌجن ٿيون، جنهن سان محسوس ٿئي ٿو ته ڪائنات جي هر چيز ۾ شاعر سمايل آهي.
شاعري روح جي غذا آهي ۽ شاعري جا ڪي بند، ماڻهن جي اصلاح به ڪن ٿا جيئن رٺن کي پرچائڻ، روئندڙن کي کلائڻ، ظالمن کي ڪمزور ڪرڻ، مظلومن کي اڀارڻ ۽ ڏتڙيل ماڻهن کي زندگي جي ڪشمڪش سان منهن ڏيڻ. اهي سڀ شاعري جي صرف چند سٽن سان ئي ممڪن آهي جڏهن ته وڏيون تبليغون، تقريرون، مناظرا، ادبي ڪتاب، نثري ڪتاب، مقالا، غير نصابي مضمون اهو ڪجهه نه ڪري سگهيا آهن، جيڪو شاعري جي ٻن سٽن ڪري ڏيکاريو آهي. ان ڪري توهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن غير معروف شاعر جي ٻن سٽن وڏن کان وڏن شاعرن جي ديوانن ۽ بياضن کي مات ڏئي ڇڏي آهي ۽ عوام کي موهي وڌو آهي.
سوال: ادب ڇا آهي صحتمند ۽ معياري ادب جي پرک اوهان جي نظر ۾؟
جواب: ادب جي معنيٰ آهي اها لکڻي جيڪا سماج کي درپيش مسئلن، مونجهارن، تڪليفن، ڏکن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ۽ ان جو علاج ۽ تدارڪ دريافت ڪري ۽ ان جو حل ٻڌائي ۽ عوام / حڪومت بلڪ معاشري جي هر فرد جي رهنمائي ڪري ۽ انهن جي صحيح سمت تعين ڪري. ادب ۾ اخلاقي، سياسي، سماجي، اقتصادي بلڪ هر سطح تي بحث مباحثو، (Debate) ٿيڻ گهرجي ۽ سماج جي اوڻاين ۽ ناهموارين تي تنقيد ڪجي ۽ تنقيد سان گڏ ان جو حل تلاش ڪجي. حقيقت پسندي ئي صحيح ادب جي زمري ۾ اچي وڃي ٿي. خيالي خواب ۽ تصور ادب جي دائري ۾ نه ٿا اچن، بلڪ ڊرامائي تشڪيلون ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري سٺو ادب ان کي چئي سگهجي ٿو جنهن سان عام ماڻهو جي ذهني اوثر ٿئي ۽ ٻولي پروان چڙهي. زبان ۽ ٻولي اهڙي ته آسان فهم هجي، جنهن کي هڪ گهٽ پڙهيل ماڻهو، آساني سان سمجهي سگهي. ائين نه ٿئي جو صرف اعليٰ تعليم يافته ماڻهو جن جو تعداد تمام ٿورو آهي ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجون ادبي تخليقون ارپي ڇڏن.
سوال: ڪيسٽي شاعري ۽ ڪيسٽن ۾ گانن جي طرزن تي شاعري بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: ڪيسٽن ۾ فلمي گانن جي طرزن تي شاعري ڪرڻ تي ادبي حلقن ۾ ڪافي ڏي وٺ ٿي رهي آهي ۽ ان کي معيوب سمجهيو ٿو وڃي. ان جا واضح ڪارڻ به آهن.
ڪيسٽن ۾ ڳايل شاعري معياري نه آهي ۽ سستي شهرت جي شوق ۾ ٽرڙا ۽ هلڪا ماڻهو جن کي شاعري جي الف، بي جي به واقفيت ناهي ڳائڻن کان پنهنجي اثر رسوخ، لوڀ ۽ لالچ ذريعي ڪچي ڦڪي ۽ واهيات ۽ تڪبندي واري شاعري ڳارائي عام راءِ کي منحرف ڪري ڇڏيندا آهن طرزن ۽ ڌنن تي شاعري ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي. پر خراب شاعري ڪرڻ بلڪل خراب ڳالهه آهي. اسان هن جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا واري دور ۾ غير ملڪي، فلمي، غير فلمي فوڪ ڌنن ۽ طرزن تي شاعري لکي ڳارائڻ کي غلط تصور نه ٿا ڪيون، پر شرط اهو آهي ته ڳائڻا ۽ ڪيسٽ ڪمپني وارا مالڪ پئسن ڪمائڻ واري جنون ۾ تڙ تڪڙ ڪري واهيات شاعري ڳارائڻ ۽ ڪيسٽين کي جاري ڪرڻ ۾ جلد بازي نه ڪن ۽ سنڌ جي عام ادبي شاعر کي خاطر خواه معاوضو ڏيئي سٺي شاعري لکرائي ڳارائن. منهنجي خيال ۾ ته سنڌي شاعري ٻين زبانن جي شاعري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ، بلڪه ڪر اڃان به مٿڀرو رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي. خود مون وٽ منهنجون لکيل فلمي ۽ غير فلمي گانن جي طرزن تي شاعري اوهان پاڻ پڙهي ڏٺي ۽ ٻڌي آهي سو ان لاءِ ائين چوندس ته ڳائڻن جي پنهنجي حق ۾ اهو بهتر ٿيندو ته هو سٺي شاعري ڳائن ۽ سٺن ادبي شاعرن کي تلاش ڪري کين قدر جي نگاهه سان ڏسن ۽ سفارش ۽ لوڀ کان بلند ٿي پنهنجي گيتن کي امر بڻائن.
سوال: اڄ ڪلهه ادبي حلقن ۾ استاد بخاري کي شيخ اياز کان مٿاهون درجي جو شاعر پيش ڪيو وڃي ٿو. اوهان جي نظر ۾ حقيقت Reality ڇا آهي؟
جواب: ان لاءِ مان ائين چوندس ته هڪ شاعر جي ٻئي شاعر سان ڀيٽ ڪرڻ بلڪل نامناسب آهي. ڇو ته شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڍنگ ۽ رنگ، بلڪل منفرد آهي، جڏهن ته استاد بخاري جي شاعري جو پنهنجو الڳ انداز آهي، جيڪو عوامي سطح ۽ سنڌ جي جاگرافي حدن جي اندر آهي. جڏهن ته شيخ اياز جو وسيع مطالعو، ان جي شاعري مان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيتري ٻولي جي سڃاڻپ، استعارا، اصلاح، جوڙجڪ، تشبيهون شيخ اياز جي شاعري ۾ آهن. اهي استاد بخاري جي شاعري ۾ ورلي ملن ٿيون، ائين کڻي چئجي شاهه عبداللطيف جي شاعري کان پوءِ ٻي نمبر تي ٻولي جي ساخت ۽ بلاغت اياز جي شاعري ۾ ئي ملي ٿي. استاد بخاري جهڙا شاعر ڪلهه به هيا، اڄ به آهن ۽ سڀاڻي به ٿيندا، پر شيخ اياز جهڙو شاعر شايد وري سنڌ ڌرتي کي ٻيهر ملي سگهي.
سوال: ادب ۾ تنقيد هئڻ گهرجي يا نه؟ اوهان جي نظر ۾ تنقيد جو ڇا معيار هئن گهرجي.؟
جواب: ”تنقيد براءِ تنقيد“ نه پر ”تنقيد براءِ اصلاح“، تمام سٺي چيز آهي. ادب ۾ تنقيد ڪرڻ وارا اڪثر پنهنجي حلقي جي شاعرن يا پنهنجي مذهبي فرقي، ذات پات يا پنهنجي مطلب وارن شاعرن جو لحاظ رکندا آهن. جيڪا بلڪل نامناسب ڳالهه آهي. ڇو ته ادب، بغض ۽ منافقت کان بالاتر آهي. بدقسمتي سان اسان وٽ تنقيد جي سکيا ڏيڻ، طور طريقي رائج ڪرڻ لاءِ ڪوبه ادارو موجود ڪونه آهي. بي لاگ تنقيد هڪ تمام وڏو فن آهي ۽ تنقيد اهو ڪري سگهندو جيڪو يا ته ان اديب / شاعر جي ذهني ڪيفيت کان وڌيڪ ڄاڻ رکندو هجي يا ان جي برابري واري حد کي ڇهي. هاڻي اسان کي ڪيترو نه عجيب لڳندو جو هڪ معمولي لکيل پڙهيل، گهٽ تعليم يافته اديب يا شاعر شيخ اياز جهڙي شاعر تي تنقيد ڪري ڇو ته ان جي خيالن جي پرواز کي پهچڻ لاءِ به ان جي پائي يا مرتبي جيترو اديب يا شاعر هئڻ ضروري آهي. جيڪو في الوقت ملڻ نه صرف مشڪل پر ناممڪن آهي.
تنقيد جي لاءِ مخصوص ادبي ميڙاڪا، نشستون منعقد ڪرائڻ گهرجن، ڪنهن به هڪ شاعر جي ادبي شاعري يا ادبي ڪاوشن تي اهڙن اديبن ۽ شاعرن کان تنقيد يا تبصرو ڪرائڻ گهرجي، جيڪي ان کي صحيح پروڙي سگهن. ائين نه ته مورڳو ئي ان جو ارواح لکڻ پڙهڻ تان ئي کڻائي ڇڏجي. تنقيد ڪرڻ سان گڏوگڏ اصلاح ذريعي ڪمي پيشي دور ڪرڻ لاءِ صلاح ۽ رهنمائي ڪرڻ ضروري آهي نه ته تنقيد براءِ تنقيد بيڪار آهي. اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جيڪو شاعر/اديب نه ٿي سگهيو آهي. اهو نقاد Critic بنجي ويو آهي، جيئن کڻي چئجي ته ناڪام مصور ئي ڪارٽونسٽ بنجي ٿو.
سوال: ڪافي جي صنف اسان جي ادب مان ختم ٿي رهي آهي. ان جا سبب ۽ ڪارڻ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙي انمول صنف کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو. ان لاءِ اوهان ڪهڙا مفيد رايه ڏيندؤ؟
جواب: وائي يا ڪافي ۾ تمام ٿورو فرق آهي، اهي صنفون سنڌ جي لوڪ شاعري جو بنيادي جز آهن. ماڻهو وائي ۽ ڪافي جي روح کي اڃان تائين نه سمجهي سگهيا آهن. ڪافي ۾ جيڪو مضمون بيان ٿئي ٿو سو صرف ئي صرف وڇوڙو، درد، ڏک، پيڙاءُ فراق، جدائي رنج، الم وارو هوندو آهي، ٻيو ته ڪافي ان کي چئجي ٿو جيڪا ڳائي وڃي. جڏهن ته ان کي ڳائڻ وارا ئي نه رهيا آهن. ڇو ته ان جي Composing ڪرڻ اڄ ڪلهه جي ڳائڻن ۽ فنڪارن جي وس جي ڳالهه ناهي. جڏهن ته انهن کي ٺهيل ٺڪيل ڌُن، ساز سروڌ سميت ملي ٿي ته پوءِ هو محنت ڇو ڪن. ڪافي ٺاهڻ لاءِ به شاعر کي درد، سوز، فراق جي ڪيفيت مان گذرڻو ٿو پوي، ان مان اڄ ڪلهه جو شاعر گذريو ئي ناهي. ڳائڻن فنڪارن، ۽ موسيقارن وٽ اها ڄاڻ ئي ناهي، جڏهن ته هو شارٽ ڪٽ Shortcut جا عادي بنجي چڪا آهن، سي ڪيئن ڪافي کي Compose ڪري سگهندا. روز روز ته شاهه لطيف ۽ اياز ڪونه پيدا ٿيندا ۽ نه ئي استاد منظور علي خان پيدا ٿيندو. جن زماني جي شان شوڪت شهرت توڙي دولت جي ذري برابر به پرواهه نه ڪئي ۽ صرف پنهنجي وطن جي حب ۽ ٻولي جي محبت ۾ وايون ۽ ڪافيون چوندو رهيو. بقول لطيف جي ته:
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورين
باقي رهيو سوال ڪافي کي بچائڻ جو سو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان جو شاعر ڪافي جي روح کي چڱي طرح سمجهي، ان جو مطالعو ڪري، پوءِ لکي ۽ ڪافي جي صنف ۾ زندگي جي پيڙاءُ سمائي.
سوال: اوهان ڪافي عرصي کان گوشه نشين (Hermit) ٿي ويا آهيو. ادبي رسالن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ اوهان جي ڪمي محسوس ٿيندي رهي آهي، ان جو ڪو خاص سبب؟
جواب: ادا! سائين ائين ناهي ته ڪو مان ادب ۽ شاعري جي دنيا کان ڪٽيل آهيان، پر نوڪري جون مصروفيتون آڏو اينديون رهيون آهن. باقي مون ريڊيو پاڪستان ڪراچي لاءِ مسلسل لکيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن رسالن ۽ اخبارن ۾ به منهنجي شاعري ڇپجندي رهي آهي ۽ منهنجي اڻ ڇپيل شاعري جو به ڪافي ذخيم زخيرو آهي. ان کان علاوه آءٌ هلال پاڪستان ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۾ وقت ۽ حالات پٽاندڙ مسلسل ڪالم لکندو رهيو آهيان، جيڪي رڪارڊ تي موجود آهن.
سوال: اوهان جي اهڙي خواهش جيڪا پايه تڪميل تائين نه رسي هجي؟
جواب: منهنجي سڀ کان وڏي خواهش، جيڪا پوري نه ٿي سگهي نه ئي پوري ٿيڻ جو ڪو امڪان آهي، سا آهي ته ملڪ ۾ ڪو اهڙو ادبي ادارو قائم ٿئي جيڪو شاعرن جي بهترين ڪلامن/گيتن کي تڪي توري سينسرشپ جي Process مان گذاري، ڪيسٽن ۾ ۽ ٽي وي چينلز تان ڳارائي ته جيئن ڪيسٽن ۾ ايندڙ واهيات ۽ تڪبندي واري شاعري کان ٻولي ادب ۽ قوم کي بچائي سگهجي ۽ ڪيسٽن جي ڪمپنين تي ضابطي جي ڪارروائي ڪري ته هو بازاري شاعري نه ڳارائن.
سوال: سنڌي ادبي سنگت جي باري ۾ يا ان جي ڪارڪردگي جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب: ادب کي جيڪڏهن سياست، مذهب، فرقي ۽ علائقا وار تعصبي قيد کان آجو ڪجي ته پوءِ اسان وٽ صرف نج ادب بچندو ۽ نج اديب ۽ شاعر بچندا، جن کي صرف پنهنجي ٻولي ۽ وطن لاءِ حب هوندي ۽ درد هوندو. هاڻي ته اديب شاعر سنڌي ادبي سنگت کي سياسي آکاڙي طور استعمال ۾ آڻي رهيا آهن ۽ کين ٻولي ۽ قوم سان ڪابه محبت نه رهي آهي. هو سياسي شاطرن جي هٿن ۾ رانديڪا بڻجي کيڏجي رهيا آهن ۽ چند ٽڪن جي عيوض پنهنجي ضمير جو سودو ڪري رهيا آهن، بقول دادن فقير جي:
لڏي ويا ڇڏي ويا وفادار ماڻهو،
بچيا باقي بيدرد بيڪار ماڻهو
ان مسئلي جو حل صرف ان ڳالهه سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اسان سنڌي ادبي سنگت جي گُرگ واٺن جي پوئواري ڪرڻ بجاءِ، انهن کي پنهنجي حال تي ئي ڇڏي ڏيون ۽ کين اڪيلو ڪري ڇڏيون ۽ ان Level جون ٻيون انجمنون قائم ڪيون ته جيئن سندن هڪ هٽي ختم ٿئي ته جيئن هو منهن ڀر ڪِرن.
سوال: نئين ٽهي جي لکڻين جي باري ۾ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
جواب: نئين ٽهي ان لحاظ کان تمام خوشنصيب آهي جو انهن کي Dish, T.V يا اليڪٽرڪ ميڊيا کان علاوه پرنٽ ميڊيا ذريعي بين الاقوامي علم و ادب، شعر و شاعري موسيقي وغيره وغيره گهر ويٺي پهچي رهي آهي. باقي کين کي صرف محنت، مطالعي ۽ ادبي لاڙي جي سخت ضرورت آهي. سو شاعري ۾ ڇڙواڳ نثري نظم يا آزاد نظم لکڻ کان پرهيز ڪن، ڇو ته جنهن کي ڳائي ئي نه سگهجي، اهو شعر شاعري جي زمري ۾ نه ٿو اچي.
اخبارن کي به گهرجي ته هو سواءِ غزل، گيت، نظم، وائي، ڪافي رباعي کان علاوه ٻي شاعري نه شايع ڪن. ان سان نوجوان شاعرن ۾ محنت جو رجحان وڌندو ۽ ٻولي جي ادبيت ۾ واڌارو ٿيندو. بهرحال نئين ٽهي ۾ Talent تمام گهڻو آهي، صرف ان کي تربيتي ادارن جي ضرورت آهي.
سوال: اوهان جي پسند جا شاعر ۽ پسنديده فنڪار ڪهڙا آهن؟
جواب: پنهنجي پسند جي شاعر جي باري ۾ چوڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي، ڇو ته سنڌ ۽ هر ننڍي توڙي وڏي عام توڙي خاص، معروف توڙي غير معروف شاعرن جي شاعري جي ڪنهن هڪ ڪلام يا سندن ڪلام جي ڪنهن هڪ ٻن بندن / سٽن منهنجي دل کي ڇهيو ۽ موهيو آهي. شاعري زمان ۽ مڪان جي قيد کان بلند آهي. ان ڪري دنيا جي هر زبان جي شاعري ۽ شاعر به مون کي ڀلو ۽ سٺو لڳندو آهي. اهو ئي ساڳيو حال ڳائڻن سان به لاڳو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ڪاش! لتا منگيشڪر، محمد رفيع جهڙا ڳائڻا سنڌ اندر پيدا ٿين ها ۽ هزارين لکين سنڌي ڪلام ۽ گيت ڳائن ها ۽ باقي شاعرن جي باري ۾ سنڌي شاعرن کان مايوس ناهيان. شاهه لطيف، شيخ اياز، سچل سرمست (سچيڏنو)، بيدل، بيڪس، سامي، ۽ ٻيا عظيم شاعر دنيا جي ڪنهن به وڏي شاعر جي مقابلي واري صف ۾ آڻي بيهاري سگهجن ٿا.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
جواب: مان ائين چوندس ته زندگي جي حرڪت ۾ برڪت آهي. ۽ حرارت ئي زندگي آهي. واجبي شرارت به زندگي آهي. عشق محبت به زندگي آهي. زندگي هڪ جاءِ تي ڄمي نه ٿي بيهي، ان ڪري انسان ماضي جي يادن کان پاڻ ڇڏائي اڳتي پنهنجو سفر روان رکي ۽ پاڻ کي مصروف رکي ته بهتر ٿيندو ته جيئن کيس ڏکن، ڏولاون، پريشانن کان نجات ملي. زندگي جو مقصد هئڻ گهرجي ۽ منهنجي نظر ۾ زندگي جو مقصد وطن، قوم ۽ ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۽ ان جي خدمت ڪرڻ وارن جي خدمت ڪرڻ ۾ پوشيده آهي.
سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟
جواب: ادا! منهنجو فقط اهو ئي پيغام آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مايوس ۽ پريشان حال Talented اديبن ۽ شاعرن جي پرگهور لهجي ۽ سندن پرگهور هن طرح لڌي وڃي ته بهتر ٿيندو.
1. انهن جي ادبي ڪاوشن کي ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ڪرايو وڃي ۽ سندن انٽرويو وٺي سندن تصويرن سان شايع ڪيو وڃي.
2. سندن ڪلامن کي ريڊيو T.V ۽ ڪيسٽن ذريعي ڳارائي عام ڪيو وڃي ۽ معقول معاوضو پڻ ڏياريو وڃي.
3. سنڌ جي گمنام ۽ بي پهچ شاعرن ۽ اديبن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ سندن مفت علاج وغيره جو سٺو بندوبست هجي، سندن هر حال ۾ عزت نفس مجروح نه ٿئي ته جيئن سندن دل ۽ دماغ هر دٻاءَ کان آجا رهن ته جيئن هو شعر و ادب جي سمنڊ جي پاتال مان ناياب موتي ميڙي عوام اڳيان آڻي پيش ڪن.
چڱو ساٿ سلامت