بشير سيتائي
تنهنجي اچڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
مُرڪي ملڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ.
واهيرن ڏي ورندڙ پنڇي، شام شفق،
سج لهڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
اڏندڙ آنچل، رنگ ۽ روشني سڀ رل مل،
هير گهلڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
مينهوڳيءَ ۾ پر به ملياسين، هيل به من!
مينهن پوڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
ساوڻ ايندي ساهه ۾ رچندي آ سُڳنڌ،
پينگهه لڏڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
منهنجي رئڻ تي ٽهڪ ڏئي تون کلندو آن،
تنهنجي کلڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
باهه ”بشير سيتائي“ ڀڙڪي جذبن ۾،
هاڻ جيئڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ.
***
[b]
BRIEF INTRODUCTION
بشير سيتائي
(1949-2016)
[/b]
ادبي نالو: بشير سيتائي
اصل نالو: بخشل خان
ولديت: آخوند محمد موسيٰ ڀٽي
جنم تاريخ: 8 جولاءِ 1949ع وفات: 5 فيبروري 2016ع.
جنم هنڌ: سيتا وليج تعلقو دادو
تعليم: ايم اي، (سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ فرسٽ پوزيشن)، ايل ايل بي
ڌنڌو: ملازمت
ادب ۾ ابتدا: 1966ع کان
ادبي سڃاڻپ: اديب / شاعر
ڇپيل ڪتاب: (1) سج سريکو سچ (شاعري 1987)، (2) ڏات نه ٿيندي مات (شاعري 1993ع)، (3) جهرڻو منهنجي جيءُ (شاعري 2000ع)، (4) اکر اکر ۾ اٿاهه الفت (اديبن جا خط 2001ع)، (5) ڏاها ڏات ڌڻي (حصو پهريون 2004ع)، (6) اداس من جي اداس موسم، (7) فارسي گرام، (8) سپنا تڙپن ساڀيان لاءِ، (9) چاهه چريا اُتساح چريا، (9) سنان وٽ هلو سرتيون.
اڻ ڇپيل ڪتاب: جيون گهاڻي جيئن (ڪهاڻيون)، منهنجو آئينو (سارون)، مون جي ڏٺا ماءُ (خاڪا)، گوهر ناياب (فارسي غزلن جو سنڌي ترجمو)، خوشبو جدا جدا (فارسي بيتن جو سنڌي ترجمو)، اکر اکر ۾ اٿاهه الفت (ڀاڱو ٻيو)، رباعيون عمر خيام جون (ترجمو) منهنجا نياز ناما (دوستن ڏانهن لکيل خط)، ڏاها ڏات ڌڻي (حصو ٻيو دادو ضلعي جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي ڊائريڪٽري)، گوهر ناياب (حصو ٻيو)، ابو سعيد ابوالخير جي فارسي رباعين جو سنڌي ۽ انگريزي ۾ ترجمو
ايوارڊ: سنڌي ادبي سنگت ۽ شهيد عادل سخيراڻي فورم دادو طرفان بهترين شاعر ۽ اديب جو ايوارڊ.
سوال: اوهان جي ادبي ابتدا ڪيئن ٿي ؟
جواب: مون کي شاعري جو شوق 1965ع ۾ جاڳيو. فارسي جي پنج ڪتابي ”ڪريما“ مون اٺين جماعت ۾ ئي آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي جيڪو بعد ۾ منهنجو سهرو بڻيو، وٽ پڙهي پوري ڪئي هئي. فارسي زبان سان ٿورو گهڻو سابقو هيو. ان ڪري سنڌ جي آڳاٽن غزلگو شاعرن جا فارسي زده سنڌي غزل پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ دقت محسوس ڪانه ٿيندي هئي. شاعري پڙهندي پڙهندي شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيو، منهنجو پهريون غزل 1966ع ۾ ماهوار ”بادل“ ۾ شايع ٿيو هو. هي منهنجو اهو دور هو. جڏهن مان ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري بيروزگاري جو سرٽيفڪيٽ وٺي گهر پهتو هوس ۽ هوڏانهن ڪنهن دوشيزه سان پريت جو پيوند به لڳي چڪو هو. سو “Fuel to the flames” وارو قصو بڻجي ويو. منهنجي شاعري جو بنيادي ڪارڻ احساس محرومي ۽ عشق هو.
سوال: اوهان شاعري جي باقائده سکيا ڪنهن کان ورتي ؟
جواب: شاعري ۾ منهنجو ڪوبه هڪ استاد ڪونهي، جنهن کان مون شاگردي جو سڳو ٻڌرايو هجي. منهنجا استاد ان زماني جا بزرگ شاعر، همعصر ادبي دوست ۽ علم عروض جا ڪجهه ڪتاب جهڙوڪ رياض بلاغت، رهنمائي شاعري وغيره وغيره آهن. وفا ناٿن شاهي سان به زندگي جو ڪجهه حصو گڏ رهيس، لڳ ڀڳ اسان ٻنهي جي شاعراڻي عمر ساڳي آهي. مون سڄي عمر سکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاعري بحر بيڪران آهي. شاعري کي پنجٽيهه سالن جيترو عرصو ڏيئي چڪو آهيان. پر اڄ به پاڻ کي طفل مڪتب سمجهندو آهيان. دوست مون کي سٺو شاعر سمجهن ٿا، اها انهن جي ذره نوازي آهي.
سوال: سيتا ڳوٺ جي حوالي سان ڪيترائي اديب، عالم، صحافي ۽ شاعر ”سيتائي“ سڏائن ٿا. چڱو خاصو تعداد آهي انهن جو!! ڪو خاص سبب آهي ان جو ؟
جواب: سيتا ڳوٺ علم ۽ ادب جي حوالي سان شاهوڪار ڳوٺ آهي. هتي مرحوم جمع خان ”غريب“، محمد رمضان ”ثاقب“ ليلا رام ”شاعر“، حاجن شاهه ”هموطن“ سيتائي ۽ لونگ خان ”لائق“ جهڙا شاعر پيدا ٿيا. آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي، مولوي محمد صديق سيتائي، آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي ۽ مولوي عبدالغفور سيتائي جهڙيون نامور هستيون به منهنجي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيون. جيئن لاٽ مان لاٽ ٻرندي آهي. اهڙي ريت علم ۽ ادب جو قافلو روان دوان آهي ۽ اڄ به کوڙ سارا شاعر اديب ۽ اهل علم ”سيتائي“ بڻيا بيٺا آهن. لسٽ ڊگهي آهي.
سوال: اوهان جي شاعري جي اڀياس مان محسوس ٿو ٿئي ته اوهان شاعري ۾ فني بندش جو وڌيڪ خيال رکو ٿا. اهو صحيح آهي ؟
جواب: جي ها! منهنجي شاعري ۾ فن کي بنيادي اهميت حاصل آهي. علم عروض ۽ هندي ڇند وديا شاعري لاءِ ائين آهي، جيئن ڀِتِ لاءِ شاهل ۽ ڏور. علم عروض ۽ ڇند وديا تحت، لفظ پنهنجي حرڪات سڪنات مطابق شاعري ۾ سموهجن ٿا.
سوال: شاعري ۾ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ؟
جواب: منهنجي پسنديده صنف غزل آهي. ڇو ته غزل اها ميڊيا آهي جنهن ذريعي شاعر هڪ ئي وقت، غزل جي هر بند ۾، مختلف موضوع زير بحث آڻي سگهندو آهي. مون کي ائين لڳندو آهي ته آئون پنهنجي مافي الضمير ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل ۾ وڌيڪ ظاهر ڪري سگهندو آهيان.
سوال: ڇا اڄ جو غزل اسان وٽ جديد غزل ٿي چڪو آهي ؟
جواب: منهنجي خيال ۾ ته ”جديد غزل اڄ به ٿورو گهڻو پنهنجي روايت“ سان جُڙيل آهي. ڪابه چيز هڪدم جديد ڪانه ٿيندي آهي. غزل روايت کان هٽيو ته غزل نه رهندو. منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته اڄ جو غزل فقط موضوعاتي لحاظ کان جديد آهي، باقي گهاڙيٽي ۽ هيئت ۾ ساڳيو آهي ۽ ساڳيو رهندو. اسان جديد غزل کي جديد ان ڪري چئون ٿا ته ان ۾ نئون فڪر ۽ جديد احساس آهي.
سوال: هڪ سٺي غزل جي خوبي ڇا آهي ؟
جواب: غزل ۾ رومانس هجي، لفظن جي چونڊ غزل جي مزاج وٽان هجي. غزل ۾ ڪيل انقلابي ڳالهه ۾ به جيسين رومانس نه آهي ان ۾ مزو نه ٿو رهي، غزل ۾ هڪجهڙو Content ۽ يڪسانيت غزل جو موت آهي. غزل ۾ هڪجهڙا ۽ ساڳيا ساڳيا موضوع آڻڻ سان غزل جي سونهن متاثر ٿئي ٿي. اهڙي غزل کي نظم ئي چئي سگهجي ٿو پر ان کي غزل چوڻ گهٽتائي آهي. مان ائين چوندس ته هڪ سٺي غزل جي خوبي آهي مقصديت، معنيٰ خيزي، فني بندش، خيال جي گهرائي ۽ ويرائٽي!!
سوال: ڪي دوست غزل ۾ به وزن بحر جو خيال نه ٿا رکن، سندن چوڻ آهي ته Priority خيال کي آهي وزن کي ناهي. اوهان ٻڌايو ته شاعري ۾ خاص طور تي غزل ۾ فن کي اهميت آهي يا خيال کي ؟
جواب: مان غزل ته ڇا پر شاعري جي هر صنف کي فني بندش يعني عروضي قائدن (بحروزن) ۾ لکڻ جو قائل آهيان. سواءِنثري نظم جي. فني بندش ته غزل جي بنيادي سونهن آهي. ائين چوڻ ته اوليت خيال کي آهي بحروزن کي ناهي سو بلڪل غلط آهي، مان ائين ٿو چوان ته ٻئي لازم ملزوم آهن. ٻئي اڻٽر آهن. هڪ ئي وقت خيال ۽ فني بندش جو پورائو ڪرڻ غزل جي تقاضا آهي. باقي ڪي دوست وزن بحر ٽوڙي فقط فڪر ۽ خيال کي سميٽن ٿا ته انهن جي مرضي. مان وزن بحر کان ڪريل غزل کي غزل نه چوندس. آخر اهي به ته شاعر آهن جيڪي وزن بحر ۽ تخيل جا ڇيڙا بهترين نموني ملائن ٿا. اهو هڪ Talent آهي، ٽيڪنڪ آهي. استادي آهي، هنرمندي آهي، ”باقي گدڙ ڊاک نه پُڄي اکي ٿو کٽا“ وزن بحر تي عبور ناهي همراهه غزل لکي وڃيو پار پون ۽ رِٽِ لڳايو وتن ته هي ”فعولن فعولن“ جو دور ناهي.
سوال: اسان جا ڪجهه اديب نثري نظم کي شاعري طور مڃڻ لاءِ تيار ناهن. ڇا اوهان نثري نظم جا مخالف آهيو، ۽ اهو ٻڌايو ته نثري نظم شاعري جي زمري ۾ اچي ٿو ؟
جواب: نثري نظم جو مخالف ناهيان، بطور صنف ان کي شاعري ۾ قبول ڪري سگهجي ٿو. جن دوستن کي موزون صنفن لکڻ ۾ دِقت محسوس ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ ڪجهه شاعرانه صلاحيتون به موجود آهن ته اهي نثري نظم بهتر انداز ۾ لکي سگهن ٿا. جنهن ۾ ڪنهن به وزن بحر جي پابندي ناهي. اسان وٽ موزون شاعري تي زور ڏيندڙ شاعر نثري نظم جا ڪٽر مخالف هوندا آهن، مگر مان انهن مان ناهيان، نثري نظم جي مخالفت ڪرڻ ذهني ڊڪٽيٽرشپ آهي. هر شعبئه حيات ۾ نئين ٽيڪنڪ اچي رهي آهي، نئين شين جو متعارف ٿيڻ فطري عمل آهي. نثري نظم به اندر جي اظهار جو ذريعو آهي.
سوال: نثري نظم ۽ آزاد نظم، ٻنهي ۾ ڪو فرق آهي اوهان جي نظر ۾؟
جواب: نثري نظم عروضي بندشن کان آزاد آهي، جڏهن ته آزاد نظم ۾ Meter/Rhythm ٻئي ڪم ڪن ٿا، فقط قافين رديفن کان آزاد رهي ٿو. آزاد نظم اسان جي سنڌي شاعري ۾ ورهاڱي کان اڳ آيل آهي ۽ هينئر پراڻو ۽ مقبول ٿي چڪو آهي. اسان وٽ اياز، امداد، تنوير ۽ شمشير ڪامياب آزاد نظم لکيا آهن. نئين ٽهي ۾ ڪن ٿورن ۾ آزاد نظم لکڻ جو بهترين Talent آهي. دراصل آزاد نظم جيترو سولو سمجهيو ويو آهي، اوترو ئي مشڪل آهي. ان ۾ گهري سوچ ۽ مشاهدو درڪار آهي. ان ۾ گُهربل ٽيڪنيڪ ۽ فلاسافي کانسواءِ سونهن نه ٿي رهي. ”والٽ وٽمئن“ جي چواڻي ته، ”آزاد نظم اها شي آهي جا بظاهر بي قائده آهي پر قريب ٿي ڏسبو ته باقائده آهي.“
سوال: ڪن دوستن جو خيال آهي ته هي دور ئي آهي نثري نظم ۽ آزاد نظم جو، شاعري جون موزون صنفون پنهنجي خوبي وڃائي چڪيون آهن، اوهان ٻڌايو ته آزاد نظم جي زور وٺڻ سان ۽ نثري نظم جي ارتقائي عمل سان موزون شاعري متاثر ٿي آهي يا نه ؟
جواب: آزاد نظم يا نثري نظم جي ارتقا سان موزون شاعري تي ڪو فرق نه پيو آهي ۽ نه پوندو. موزون شاعري جي اهميت پنهنجي جڳهه تي مُستند آهي ۽ مستند رهندي. موزون شاعري گٺل پيٺل ۽ پاروٿي ڪانه ٿي وئي آهي. ان ۾ موضوع ۽ خيال جي اعتبار کان تمام نواڻ ۽ وسعت اچي وئي آهي.خاص طور غزل جي سونهن ويرون ويرون وڌ آهي. نور محمد خسته، آخوند قاسم هالائي ۽ خليفي گل هالائي جي غزل کان اڄ جو غزل موضوعن جي اعتبار کان مختلف ۽ منفرد آهي. ان جي ٻولي، لب لهجو وڌيڪ پنهنجائپ وارو ٿي ويو آهي. موزون شاعري کي روايتي، مُدي خارج ۽ دقيانوسي سمجهڻ سطحي سوچ آهي. اها سوچ انهن ذهنن جي پيداوار آهي، جن کي وزن بحر ۽ ٻيا فني لوازمات سمجهه ۾ نٿا اچن يا محنت ۽ رياض نه ٿو پڄي، سکڻ ۽ سمجهڻ کان لنوائن ٿا، موزون شاعري جي ڪهڙي به صنف هجي. اها پنهنجي عصري تقاضائن سان زنده جاويد ۽ اڳئين کان اڳري ٿيو بيٺي آهي.
سوال: شاعري ۾ ”جدت“ ڇا کي چيو ٿو وڃي ؟
جواب: مان هڪ ”مولود“ آزاد نظم واري Format ۾ لکي چوان ته اها منهنجي شاعري ۾ جدت آهي، اهو غلط آهي. اصل ۾ جدت ان شي جو نالو ناهي. جدت اسان جي نئين فڪر ۽ جديد احساس جو نانءُ آهي. جڏهن اسين چئون ٿا ته هي جديد ادب آهي ته ان مان مُراد آهي اسان پنهنجي نئين فڪر ۽ احساس سان اهو ادب تخليق ڪيو آهي. پنهنجي عالمانه ۽ مدربرانه ۽ سائنسي انداز فڪر سان موضوع کي حالتن جي تناظر ۾ رکي زير بحث آندو آهي. اسان فڪري ارتقا ۽ انقلابي سوچ سان شاعري ڪيون. ان کي اثرائتي بڻائڻ ۾، نون لهجن، اشارن، ڪناين، تشبيهن ۽ تمثيلن سان بيان ڪيون، ان ۾ نئين دور ۽ ماحول جي ڳالهه ڪيون اها جدت آهي. مطلب ته جدت ڪا الڳ شي نه هوندي آهي نه ئي ڪنهن صنف جي گهاڙيٽي ۽ هيئت کي تبديل ڪرڻ ۽ بگاڙڻ جو نالو آهي. بلڪ جدت اها آهي ته اسان فرسوده ۽ مُدي خارج سوچ کان هٽي سماج جي نون قدرن ۽ ترقي پسند لاڙن جي حوالي سان ڳالهه ڪيون.
سوال: ادب ڇا آهي. اسان سٺو ۽ صحتمند ادب ڪهڙو چئي سگهون ٿا؟
جواب: عام طور تي جيڪو به خيال نثر يا نظم جي تحريري صورت يعني لکت ۾ آهي، ان کي ادب چئبو آهي. ”ميٿيو آرنالڊ“ چواڻي ته ”اهو سڄو علم جيڪو ڪتابن ذريعي ملي اهو ادب آهي“. پر مان وڌيڪ واضح ڪيان ته ادب ۽ زندگي ٻئي لازم ملزوم آهن. ادب زندگي جو عڪاسي هوندو آهي. جنهن ادب ۾ زندگي جا گوناگون پهلو نه آهن سماجي، سياسي، تهذيبي ۽ تمدني رنگ نه آهن، جنهن ۾ سماج جي جيئري جاڳندي تصوير نظر نه ٿي اچي، ادب نه ٿو چوائي سگهي. ”ادب برائي ادب“ جو نعرو اڄ کِلِ جهڙي ڳالهه ٿي وئي آهي. جنهن به ادب ۾ زندگي، ماحول ۽ سماج جي ڳالهه نه آهي، اهو ادب سڄو سارو بڪواس آهي. سٺو ۽ صحتمند ادب اهو آهي جنهن ۾ اسان جي زندگي جا مسئلا زير بحث آهن. سماجي تبديلي ۽ بهترين انساني معاشري اڏڻ جو ڏس پتو ڏنل آهي.
سوال: شاعر جو سماج ۾ ڪهڙو ڪردار هئڻ گهرجي، ان جي ادبي ۽ ذاتي ڪردار ۾ تضاد رهي ٿو. ان صورتحال لاءِ اوهان جو ڇا چوڻ آهي ؟
جواب: شاعر به هڪ انسان آهي، ان ۾ بشري ڪمزوريون آهن، ان کان ننڍيون وڏيون غلطيون سرزد ته ضرور ٿينديون. پوءِ به ٿلهي ليکي قومي سطح تي، ان جو ڪردار صاف ۽ شفاف هئڻ گهرجي. ڏاڍ ڏهڪاءُ، سماجي ڦرلٽ ۽ پرماريت خلاف آواز بلند ڪري، قلم ۽ ڪلا سان سچو رهي، درٻاري ۽ پٺو نه هجي، ڪنهن وڏيري جو ونگاري نه هجي. هن جو هر لفظ مظلوم ۽ مسڪين جي حق ۾ هجي.
سوال: اسان جي نئين شاعري مان ڪجهه (Frustration) جهلڪي ٿي ان جو سبب ؟
جواب: هر ڳالهه کي وقت ۽ حالتن جي تناظر ۾ ڏسڻ ضروري آهي. سنڌ صدين کان سور سَٺا آهن. هميشه سنڌ ڌرتي تي ڌاري والار ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جي لتاڙ رهي آهي. نصف صدي کان جيڪي هاڃا ٿيا آهن، قهري ڪڪرن جيڪي باهيون برسايون آهن، انهن سان انسانيت جلي ٻري وئي آهي. مطلبي ۽ خود غرض سياست اسان جو آئندو ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. احساس محرومي، مايوسي ۽ ويڳاڻپ جي فضا اڀري آهي. نئين ٽهي ڇو ته انهن حالتن جو گهرو مشاهدو رکي ٿي ۽ ٻيو ته نئين ٽهي سُٺو Talent رکندي به حقوق ۽ روزگار کان محروم آهي، ان ڪري انهن حالتن جو اثر ادب تي به اوس پوي ٿو. ڪجهه اهڙو ادب جنهن ۾ قنوطيت ۽ يا سيت جو اهڃاڻ آهي مان ان کي به دٻيل احتجاجي ادب سمجهان ٿو. هر فرد جي ذاتي پيڙا، ۽ انتشاري ڪيفيت مان ئي اسان سماج جي گندي Set-up جو پتو لڳائي سگهون ٿا. Frustration به اسان جي نفسياتي ۽ ذهني دٻاءُ جو نالو آهي. جيڪا هن معاشري جي System جي خرابي سبب آهي.
سوال: اڄ ڪلهه شيخ اياز پنهنجي آخري لکڻين سبب تنقيد جو نشانو بڻيل آهي ۽ ڪن استاد بخاري کي شيخ اياز کان مٿاهون شاعر قرار ڏنو آهي. اوهان جي نظر ۾ اياز ۽ استاد جي وچ ۾ ڪا امتيازي لڪير آهي؟
جواب: مون لاءِ ٻئي محترم شخصيتون آهن. شيخ اياز جو سنڌي ادب ۾ وڏو Contribution آهي. هن سنڌي شاعري کي نج سنڌي لهجو ڏيڻ، پنهنجي مٽي جي مهڪ ڏيڻ ۽ ان ۾ انقلابي سوچ اجاگر ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. شيخ اياز جي ٻولي ۽ شاعراڻو اسلوب ڀٽائي جو تسلسل آهي. هن بيت ۽ وائي کي جديد ڪيو. هن جي شاعري کي تمام گهڻي عوامي تائيد حاصل ٿي. هن جي شاعري اسان جي قومي تحريڪن جي اڳواڻي ڪئي. اسان جي نئين ٽهي اياز جو ئي تسلسل آهي. هن جي ئي نين روايتن سان اسان جي نئين نڪور شاعري نسري ۽ نکري آهي ۽ شاعرن جو اکٽ قافلو اڳتي وڌي آيو آهي. جيستائين استاد بخاري جو تعلق آهي ته استاد به شعري ادب ۾ تمام وڏو نانءُ آهي. هن جا گيت ”منهنجو نالو لکو“، ”توکان ڌار ٿيان گنهگار ٿيان“، ”اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو“، ”رچي مچي مون آزمايو“، ”تون مڃين مڃين نه مهربان“، ”پيارو پيارو سور ڏيئي ويو“ امر گيت آهن ۽ اڄ به هزارن لکن دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهن. اڄ ڪلهه ڪي دوست شيخ اياز کي آخري دعائي نظمن جي حوالي سان تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ ڪي وري استاد بخاري جي ڪيسٽائي شاعري کي غير معياري ۽ بازاري شاعري قرار ڏيئي استاد کي لوئي رهيا آهن. آئون ائين چوندس ته ان تنقيدن سان اهي همراه پنهنجو ادبي قدبت وڌائڻ جون فضول ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسان کي انهن ٻنهي شاعرن جون فقط سگهاريون تخليقون سيني سان لائڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ مان ان خيال جو آهيان ته ڪابه ادبي تخليق چاهي اها شيخ اياز جي هجي يا استاد جي جيڪڏهن Relevant نه آهي ته ان کي پڙهندڙ ڪڏهن به قبول ڪونه ڪندا. انهن جون به اهي شيون ادب جو حصو بڻبيون جيڪي Relevant آهن. جيڪا به لکڻي عوامي امنگن، انقلابي ۽ سائنسي سوچ ۽ فڪر سان هم آهنگ آهي ۽ سماج کي اڳتي وٺي هلڻ جي سگهه رکي ٿي، ڪڏهن به نه مرندي. جنهن لکڻي ۾ اهڙي سگهه ناهي اها چاهي ادب جي ڪنهن افلاطون اديب شاعر لکي هجي پنهنجو موت پاڻ مري ويندي. باقي ادب ۾ ٺلهيون عقيدتون ڪونه هلنديون آهن. ادب ۽ عقيدت ٻه جدا شيون آهن. عقيدت جي بنياد تي ادبي جهڳڙا نه ٿيڻ گهرجن.
سوال: ڇا ادب ۾ تنقيد نه هئڻ گهرجي يا تنقيد ضروري آهي، اوهان جو ڇا خيال آهي ؟
جواب: تنقيد بلڪل هئن گهرجي، هر ليکڪ تي، مون تي به!! تنقيد ڇنڊڇاڻ جو نالو آهي. تنقيد ادب لاءِ Fuel جو ڪم ڏيئي ٿي! تنقيد نه هئڻ سان ڪارائتو ادب تخليق نه ٿيندو. هر ماڻهو پنهنجي لکڻي کي First & Final سمجهندو ۽ ادبي فرعونيت جنم وٺندي. پر تنقيد جو ادبي معيار هئڻ گهرجي. اها تعميري هجي تخريبي نه! هتي اسان تنقيد جو هيل تائين ڪو معيار قائم ڪري نه سگهيا آهيون. وڻي ته ڪنهن کي آسمان تي رسايون، وڻي ته ڪنهن کي گٽر ۾ ڪيرايون. تنقيد ۾ به اسان ذاتي پسند، ٻهروپي ۽ منافقي وارو ڪردار ادا پيا ڪيون. جيڪو نهايت هاڃيڪار آهي. تنقيد به اهو ڪري سگهي ٿو جيڪو ادبي Values کان واقف آهي. سُخن فهم آهي، ادب شناس آهي ۽ جنهن موضوع تي تنقيد ڪري ٿو ان ۾ کيس ڀرپور علميت ۽ عبور حاصل هجي. هتي ته تنقيد جا عجيب غريب منظر ۽ کل جهڙا پهلو سامهون ايندا آهن. دک درد ۾ ٻڏل شعر ٻڌندي ڪو چئي ٿو ڏيئي ته ان ۾ مايوسي آهي، هي رجعت پسند ليکڪ آهي. ڪنهن جي شعر ۾ ٺلهي Sloganism ڏسي چوي ٿو ته واه جو هنجي شاعري ۾ انقلاب آهي. اها سموري سطحي تنقيد آهي. هڪ شاعر جنهن جو هتي نالو کڻڻ مناسب نه ٿو سمجهان چوڻ لڳو ”استاد بخاري ڇا جو وڏو شاعر آهي استاد ته هڪ نعت به ڪانه لکي آهي، جڏهن ته مون کوڙ ساريون نعتون لکيون آهن. اهو ڇا ۾ وڏو شاعر آهي جنهن کي نعت لکڻ نه ٿي اچي“ آهي نه کل جهڙي ڳالهه!! هڪ دوست چيو، ”بشير تنهنجو ڪتاب پڙهيم تو هيتري شاعري ڪئي آهي پرموليٰ علي سائين جي شان ۾ هڪ منقبت به نه ٺاهي آ، مون تنهنجي سڄي ڪتاب کي غلط ڪري گيها ڪڍي ڇڏيا آهن. ڇوته تو رڳو داڦ ڪئي آهي. ڏسو! هر ڪنهن جي سوچ جو نرالو زاويو آهي؟ هر ڪو لکيڻن کي عقيدتن ۽ نظرين ۾ ٿو پرکي. اسين Impartial نقاد ڪٿان آڻيون. مان چوان ٿو ته پهرئين خود تنقيد کي سمجهڻ گهرجي، تنقيد جو علم سولو هجي ها ته الهداد ٻوهيو صاحب ۽ ٻيا سنڌي اديب ۽ دنيا جي مختلف ٻولين جا ڏاها تنقيد جهڙي موضوع تي ايترا ضخيم ڪتاب نه لکن ها.
سوال: اوهان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي، ڇا اوهان جي ذاتي چونڊ هئي؟
جواب: منهنجي ادب سان وابستگي هئي، ان ڪري مون ايم اي سنڌي Literature ۾ ڪئي، ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. هونءَ ٺلهو شاعر بڻيل هوس، پر سنڌي لٽريچر جو ان بهاني سان تفصيلي مطالعو ڪري ڪافي ڳالهين کان باخبر ٿيس. جن جي مون کي اڳ ۾ ڪا خبر ڪانه هئي. هونءَ به هر شاعر ۽ اديب تي فرض آهي ته هو اسان جي سنڌ جو سمورو ڪلاسيڪي، آڳاٽو ۽ جديد ادب پڙهي ۽ ٻولي جي تاريخ کان واقف ٿئي. نثر ۽ نظم جي سڀني صنفن جي سموري تاريخ کان باخبر ٿئي.
سوال: سنڌي ادبي سنگت جي باري ۾ اوهان جو ڇا چوڻ آهي ؟
جواب: سنڌي ادبي سنگت جو رول ون يونٽ جي زماني کان ۽ ان جي ٽٽڻ کان پوءِ به بهتر رهيو. ان جي قيادت مضبوطي هئي. ڪم ڪرڻ وارا ترقي پسند هئا. سنڌ جي اها واحد ادبي جماعت آهي جنهن ترقي پسند ادب کي هٿي ڏني ۽ لکندڙن جي وڏي کيپ تيار ڪئي. موجوده وقت ۾ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو رڳو شهرت ۽ انا پسندي وارو رجحان آهي ۽ خاطر خواه رزلٽ ڪانهي. سنڌي ادبي سنگت کي باقائدي فعال بڻائڻ لاءِ سينيئر هڏڏوکي ۽ سنجيده اديبن کي اڳيان آڻڻو پوندو ۽ ادبي پراجيڪٽ هٿ ۾ کڻڻا پوندا.
سوال: اسان وٽ ادب ۾ گروه بنديون ۽ لابيون آهن. انهن جا ڪهڙا سبب آهن ؟
جواب: گروهه بنديون ۽ لابيون ڪجهه نظرياتي بنيادن تي آهن. ڪي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تفريق سبب، ڪجهه اڻ سهائپ، ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنيادن تي آهن. اڄ جي دور ۾ هر ڪو پنهنجي جاءِ تي فني خان آهي، هر ڪو پنهنجي پذيرائي ۾ آهي ادب ۾ سنجيده ۽ سٺو ڪم ڪندڙ اديبن ۽ استاد شاعرن جي عزت ڪانهي ۽ ڪو ڪنهن جي صلاحيتن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. اسان وٽ وڏي اديب شاعر جي ڪسوٽي ”وڏو عهدو“ ۽ ڊگرين جي لانڍ آهي، ڪرسي نشين ۽ عهدا ماڻيندڙ اديب ئي سڀ ڪجهه آهن، باقي ٻين کي ڪُت خلق سمجهيو پيو وڃي.
سوال: نئين ٽهي ۽ ان جي تخليقي صلاحيتن بابت اوهان جو ڇا چوڻ آهي ؟
جواب: نئين ٽهي ۾ وڏو Talent آهي، جيڪڏهن پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو تيز ڪن ۽ فني لوازمات ۽ قائدا سکن ته پوءِ وڏو ڦيرو اچي سگهي ٿو. ڇو ته نئين ٽهي وڌيڪ حساس ۽ حالات کي سمجهڻ جي سگهه رکي ٿي. ماحول ۽ حالتن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ Analysis ڪري سگهي ٿي. انهن ۾ ڀرپور صلاحيتون آهن. نون ليکڪن/شاعرن ۾ ڪيترن جي تخليقن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. ائين چوڻ ته اسان جي ادب/شاعري جو مستقبل اونداهو آهي، سو درست ڪونهي! هي دور ۽ ايندڙ دور نئين ٽهيءَ جوئي ته آهي. ان نئين ٽهي ۾ ئي سڀاڻي جا شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ابراهيم جويا پيدا ٿيڻا آهن.
سوال: ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان قائم ڪيل سرڪاري ادارن بابت ڪجهه چوندؤ ؟
جواب: ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان قائم ڪيل سرڪاري ادارن بابت اهو چوندس ته سرڪاري ادارن کان ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان وڏيون توقعات رکڻ اجايون آهن، نه ته اهي وڌيڪ ڪتاب ڇپرائن ٿا، نه اديبن ۽ شاعرن جي مالي سهائتا ٿا ڪن. ڪيترائي شاعر اديب ۽ فنڪار ڪسمپرسي جي حالت ۾ مري ويا. انهن ادارن ۾ ڪرسي سيڙائيندڙن جا پنهنجا مفاد ۽ همدرديون به آهن. انهن جون ڪجهه پنهنجون مجبوريون به آهن. انهن کي واضح ڪيل پاليسي کان ٻاهر نٿو هلڻو پوي ۽ پنهنجي پر ۾ رڳو ڪاغذن جو پيٽ ڀري سرڪار کي پنهنجي سهڻي ڪارڪردگي ڏيکارن ٿا. ادب ۽ ثقافت جي خدمت جي سلسلي ۾ سرڪاري ادارن تي ڀاڙڻ نه گهرجي.
سوال: ريڊيو ۽ T.V بابت جيڪا ڪارڪردگي آهي ۽ سرڪاري سهڪار سان ادبي ڪانفرنس بابت ڪجهه ٻڌايو ؟
جواب: مان نه پُڇ لٽڪائو اديب آهيان نه ميلائي شاعر، شهرت پويان ڊوڙان ئي ڪونه، ادبي مقام گهڻي لکڻ يا ٽي وي تي بار بار اچڻ سان ڪونه ٿو وڌي. ٿورو ئي لکجي مگر سگهارو هجي، اهميت ۽ افاديت وارو هجي. مان Quantity کان وڌيڪ Quality جو قائل آهيان. سڄو ڏينهن لٺ کنيو شاعري جي پويان ڪونه هلندو هان، ۽ نه مون شاعري کي پاڻ لاءِ ڪڏهن وجهه شهرت سمجهيو آهي. باقي T.V ۽ Radio وارن جي ته هونءَ ئي هڪ هٽي قائم آهي. اتي اقربا پروري ۽ دوست نوازي جي ڳالهه آهي. رڳو سرڪاري ڪانفرنس ۾ به پنهنجا من پسند چونڊ دوست اديب گهرايا ويندا آهن ۽ انهن کي ساون لفافن ۾ ”مال پاڻي“ ڏنو ويندو آهي.
سوال: چوندا آهن ته شاعري لاءِ عشق جي چڻنگ ضروري آهي ؟ اوهان اهو فرمايو ته اها ڳالهه ڪيتري قدر درست آهي؟
جواب: شاعري لاءِ ڪنهن حد تائين عشق محبت ضروري آهي، پر اها ڳالهه سو فيصد شاعري سان لاڳو ڪرڻ منهنجي خيال ۾ درست ناهي، شاعري جا ٻيا به ڪارڻ ۽ محرڪ ٿي سگهن ٿا. جهڙي نموني سان ماڻهو جو احساس محرومي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي. ذاتي دک درد، يتيمي ۽ ويڳاڻپ وغيره وغيره.
سوال: اوهان جي نظر ۾ عشق ڪهڙي شي آهي ؟
جواب: عشق انسان جي اندر جي جذبي جو نالو آهي، ماڻهو جو ڪنهن شي سان زياده اُنس ٿي وڃڻ، ان شي لاءِ فريفته ۽ چريو ٿي پوڻ، ان جي تانگهه طلب ۽ تڙپ ۾ رهڻ جو نالو عشق آهي. عشق جي اڃان به اتاهين منزل کي جنون سڏيو ويندو آهي. ان ڪيفيت ۾ ماڻهو جنهن شي کي چاهيندو آهي، ان جا ڀلا ۽ بُرا پاسا ڏسڻ يا سوچڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. ان حد تائين جو هو پاڻ به دنيا و مافيها کان بي خبر ۽ لاتعلق ٿي ويندو آهي، لوڪ ڇا ٿو چوي سندس جي باري ۾، اُن جي هو ذري ڀر به پرواهه نه ڪندو آهي. بهر ڪيف عشق ئي هڪ واحد جذبو آهي جنهن تحت ماڻهو زندگي جي مختلف شعبن ۾ انيڪ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. جهڙي نموني سان سائنسدانن عشق جي جذبي جي تحت ئي تجزيا ڪري ليباٽرين ۾ پنهنجون ڄمارون وقف ڪري ايجادات دنيا جي سامهون آنديون، ان جذبي تحت دنيا جي عالمن علم وڌايو. انهي جذبي تحت سماج سڌارڪن، سماجن ۾ وڏيون تبديليون آنديون. مون وٽ عشق جو مفهوم لامحدود آهي.
سوال: مذهب اوهان جي نظر ۾ ؟
جواب: جيئن ته انسان جڏهن کان هن ڌرتي تي جنم ورتو آهي ته هن جي آس پاس جو جيڪو ماحول آهي وڻ ٽڻ، سج تارا، افق شفق، زمين آسمان اهي سڀ شيون هن کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون ته هي شيون ڇا آهن. اهي ڪيئن ۽ ڪٿان آيون. خود آئون ڪير ۽ ڪٿان آيو آهيان، ڪائنات ڪهڙي System تحت هلي ٿي. سو ان ڏس ۾ صدين کان وٺي، ڏاها، دانشور، مني، رشي، اوتار، نبي، پير ۽ پيغمبر پنهنجون پنهنجو تعويلون ۽ تشريحون ڪري ڪجهه گس ۽ ڏس، پنڌ ۽ پيچرا انسان ذات کي ٻڌايا آهن ۽ پنهنجا متا ۽ اصول ڏنا آهن. جنهن کي ڌرم ۽ مذهب سڏجي ٿو، اصل ۾ مذهب جو بنياد Fear and fraught تي ٻڌل آهي ڇو ته ماڻهو هن ڪائنات جي ماهيت ۽ Structure کي سمجهي نه ٿو سگهي. ان ڪري هن جي اٻوجهائپ ۽ لاعلمي کيس مذهب جو پابند بڻائي ٿي. منهنجي نظر ۾ ”انسانيت“ جو مذهب سڀن کان اعليٰ آهي.
سوال: هن ڪائنات جي باري ۾ اوهان ڇا چوڻ پسند ڪندؤ ؟
جواب: هي ڪائنات هڪ Mystery آهي. جنهن لاءِ اڄ تائين ڪوبه ماڻهو وثوق سان نه ٿو چئي سگهي ته هن جي ابتدا ڪيئن ٿي. انسان صدين کان وٺي ان معمي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسلامي نظرئي مطابق اها ”ڪن فيڪون“ سان عمل ۾ اچي وئي. جڏهن ته سائنسدان ان جي پيدائش جي باري ۾ ٻئي نموني سان اظهار خيال ڪن ٿا. جن جو چوڻ آهي ته هي دنيا هڪ وڏي ڌماڪي Big Bang سان شروع ٿي. هي سمورو مادو ٻرندڙ ريڪڙي وانگر هڪ آتشي بال جي صورت ۾ هو جيڪو ڦاٽو ۽ مادو هر طرف پکڙجي ويو ۽ ان پکڙيل مادي ٺرڻ شروع ڪيو. گيس ۽ غبار جي ڪڪرن مان ستارا، سيارا ۽ چنڊ وجود ۾ آيا. اسان جي ڌرتي هڪ ذرڙي برابر آهي، جيڪا هڪ شمسي نظام جو انتهائي ننڍڙو حصو آهي. اهو شمسي نظام به هڪ ڪهڪشان جو حصو آهي. اسان جي ان ڪهڪشان کان ڏهه هزار ملين ٻيون به ڪهڪشائون آهن، جن مان ڪي ايتريون پري آهن جو اتان روشني کي اسان تائين پهچڻ ۾ هزارين ملين سال لڳن ٿا. جڏهن هيڏي وسيع ڪائنات ۾ اسان جي ڌرتي هڪ واري جي ذرڙي برابر آهي ته ان تي رهندڙ هڪ ماڻهوءَ جي ڪهڙي حيثيت آهي جو ان جي تخليق جي اسرار کي سمجهي سگهي.
سوال: اوهان کي فارسي ادب سان به لڳاءُ آهي ؟
جواب: انتهائي، جنون جي حد تائين-!! ڇو ته فارسي تمام شيرين زبان آهي.
سوال: فارسيءَ ۾ اوهان کي ڪهڙا شاعر پسند آهن؟
جواب: فردوسي، سعدي شيرازي، حافظ شيرازي ۽ مولانا رومي، فارسي شاعري جا چار ٿنڀا چيا ويا آهن ۽ ايرانين توڙي غير ايرانين ۾ بيحد مقبول آهن. انهن کان علاوه مون کي رودڪي، فرخي، عنصري، طاهر عريان، ابو سعيد ابو الخير، خيام، انوري، ظهير فاريابي، عطار، خواجو ڪرماني، عبيد زاڪاني، ڪمال خجندي، عبدالرحمان جامي، سلمان ساوجي ۽ بابا فغاني بيحد پسند آهن. هر ڪنهن وٽ پنهنجو رنگ، پنهنجي خوشبو آهي. بلوچ صاحب! ڪڏهن ڪڏهن انهن جا خوبصورت شعر پڙهي، دل تي رقت طاري ٿيندي آهي ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن.
سوال: اهي ته فارسي جا قديم شاعر آهن. اوهان ايران جي جديد شاعرن کي به پڙهيو آهي يا نه؟
جواب: جي ها! جديد فارسي شاعري جو قافلو هڪ شاعر نيمايو شيج کان شروع ٿئي ٿو. قريباً 1935ع کان، اها جدت جي تحريڪ ايران ۾ مغربي شاعري کان متاثر ٿيڻ سبب ٿي هئي، نيمايو شيج جو پهريون آزاد نظم هڪ ادبي رسالي ”موسيقي“ ۾ شايع ٿيو هو ۽ هو پهريون شاعر هو جنهن فارسيءَ جي مروج عروضي قاعدي قافيه رديف جي پابندين کان شعر کي آزاد رکيو. جديد شاعري ۾ احمد شاملو پڻ وڏو نالو ڪمايو ان کان علاوه فريدون توللي، مهدي اخوان، هوشنگ ابتهاج، سُهراب سپهري، شفيعي ڪدڪني فارسي جي جديد شاعري ۾ تمام اڀريل نالا آهن. انهن جي آزاد نظمن ۽ نثري نظمن ۾ اقتصادي، سياسي ۽ سماجي جهلڪ آهي. حسن ۽ عشق جو موضوع به نئين انداز سان آندل آهي. سنڌ جي جديد شاعري وانگر ان ۾ به زندگيءَ جا مسائل، سادگي ۽ حقيقت پسندانه نموني سان آندا وڃن ٿا. مطلب ته هو سرحد پار آهن پر دل جون ڌڙڪنون، سوچ جو انداز ۽ زندگيءَ جي تعمير وارو اتساهه ته ساڳيو آهي. اهي به ڄڻ اسان جا پنهنجا آهن. هر حوالي سان ۽ هرناتي سان -!!
سوال: هن کان ڪجهه وقت اڳ همسفر گاڏهي جو ڪتاب ”سنڌ جي ڏاهپ کان سورنهن انٽرويو“ شايع ٿيو هو. جنهن ۾ ڊاڪٽر نجم عباسي جو انٽرويو به شامل آهي. ڊاڪٽر نجم عباسي پنهنجي انٽرويو ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا رومي کي ڇوري باز سڏيو آهي، سندس لفظ آهن ته دنيا جا گهڻا تڻا صوفي ڇوري باز رهيا آهن. رومي جي پٺيان به ڇورن جي لانڍ هوندي هئي. جيئن ته اهو ڪتاب نجم عباسي جي وفات کان گهڻو پوءِ هاڻي ڇپيو آهي. توهان جو رومي بابت مطالعو ڇا ٿو چوي.
جواب: مون مولانا رومي تي ڪافي مواد پڙهيو آهي. ان تي لکيل تذڪرا ۽ مضمون نه رڳو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ بلڪ نج فارسي ۾ به پڙهيا آهن. اهڙي ڪنهن به قسم جي ڳالهه مولانا روميءَ سان منسوب ٿيل نه آهي. نجم عباسي مولانا رومي لاءِ اهي ناشائسته ۽ نازيبا الفاظ چيا آهن. اهو انٽرويو مون پاڻ به پڙهيو آهي. نجم عباسي هينئر زنده ناهي ورنه ان کان پڇجي ها ته اهڙي هٿ ٺوڪي ڳالهه توهان ڪيئن ڪئي. بس تصوف جي مخالفت ۾ هُن انتهائي بغض ۽ عناد کان ڪم ورتو ۽ هونءَ به هو صوفين کي ڪچيون گاريون ڏيندو هو. مولانا رومي 604 هجري ۾ بلخ ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 672هه/ ۾ قونيھ ۾ سندس وفات ٿي هئي. هن قونيھ، روم حلب ۽ دمشق ۾ تعليم حاصل ڪئي. قرآن حديث، تفسير، منطق ۽ معقول جي علم ۾ ڪمال جي درجي تي پهتو هو. هُن جي تعليم ۾ سندس پيءُ شيخ محمد بهاوالدين ۽ سيد برهان الدين ترمذي جهڙي عالم جو هٿ هيو بعد ۾ شمس تبريزيءَ جهڙي درويش جو مٿس رنگ چڙهيو، جنهن سبب تصوف ۾ سندس حالت ئي دگر گون ٿي وئي. ۽ هو دنيا کي تڇ سمجهڻ لڳو. سندس زندگيءَ ۾ جن شخصيتن سان بي پناهه محبت رهي انهن ۾ شمس تبريزي جنهن کي سندس مرشد جو درجو حاصل آهي. ٻيو صلاح الدين زرڪوب، جيڪو ابتدا کان ئي مولانا روميءَ جو پير ڀائي ۽ صاحب حال هيو ۽ ٽيون شيخ حسام الدين چلپي، جيڪو پڻ اڳين ٻن صاحبن جهڙو با اخلاق ۽ باڪمال انسان هيو ۽ ان ئي مولانا کي سندس مشهور تصنيف ”مثنوي“ لکڻ تي آماده ڪيو.
صحبت صاحب! مولانا رومي صاف شفافه طبيعت جو مالڪو هو. ان پنهنجي مثنوي کي پهلوي (فارسي) زبان جو قرآن سڏيو آهي، سندس لفظ آهن.
مثنوي و مولوي و معنوي
هست قرآن در زبان پهلوي.
جيئن ڀٽائي صاحب چيو ”بيت نه ڀائنج ماڻهئا! هي آيتون آهين“ اوهان پڙهيو ۽ ٻڌو هوندو ته ڀٽائي مولانا روميءَ جي مثنوي پاڻ سان کنيو وتندو هو، جا هن کي هر قدم تي اتساهيندي هئي. مولانا جي مثنوي نه رڳو ايران بلڪ پوري برصغير جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهي آهي. مان نجم عباسي جي انهن لفظن جي سختي سان ترديد ڪيان ٿو جيڪڏهن رومي صاحب ايڏو بداخلاق هجي ها ته کيس اسان جو روحاني مرشد ڀٽائي توڙي دنيا جو هر معقول ماڻهو ان سان محبت ۽ عقيدت نه رکي ها.
سوال: اوهين تصوف ۽ صوفين کي ڪهڙي Angle سان ڏسون ٿا؟
جواب: هر نظريو پنهنجي پنهنجي دور جي پيداوار هوندو آهي. سنڌ ۾ تصوف جو تمام اهم رول رهيو. محبت ۽ ڀائيچاري، اخوت ۽ انسان دوستي، سهپ ۽ رواداري لاءِ جيڪو رول تصوف ادا ڪيو اهڙو ڪنهن ٻئي نظرئي ناهي ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهو فطرتا محبتي ٻئي جي نظريه جو احترام ڪندڙ، سهپ ۽ رواداريءَ جو امين ۽ سيڪيولر رهيو آهي ان ۾ مذهبي جنونيت ناهي. صوفين جو اهو هڪ سماجي رول هيو. باقي هينئر هن حالتن ۾ تصوف سو فيصد قابل قبول نظريو ناهي. اهو غير انقلابي آهي سماجي جدوجهد ۽ قومي وجود جي ويڙهه ۾ بي معنيٰ آهي. ان جو ترڪِ دنيا جو سبق اسان کي سموري سياسي سماجي جدوجهد ۽ دنيا ۾ انقلابي تحرڪ ۽ زندگيءَ جي انيڪ فيلڊس ۾ نوان تجربا ۽ مشاهدا ڪرڻ ۾ مانع آهي. ان ڪري تصوف نين حالتن جي تناظر ۾ ٺيڪ آهي. هونئن به هر شي جا Positive پهلو کڻجن ۽ Negative ڇڏي ڏجن.
سوال: اوهان ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندؤ؟
جواب: منهنجو پيغام محبت، امن، ڀائپي ۽ ايڪو آهي، منهنجي هن ڌرتي تي رهندڙ ۽ ان سان محبت ڪندڙ هر ماڻهو لاءِ دعا آهي ته هو خوش هجي.
مــنـهـنـجي اڱــڻ تي اونــدهه آ، تــون ان جــو ڏک نــه ڪــر،
مــنـهـنـجي دعــا آ، تــنــهــنــجي اڱــڻ تــي جــرڪــن شــل جــوتــون.
(بشير)