وفا ناٿن شاهي
الاهي خود ڪري پيدا اسان کي
ڪرين ٿو هاڻي ڇو رسوا اسان کي
***
رهون ٿا پاڻ اسان به ڪونه هاڻي
ڪري ويو ايترو تنها اسان کي
***
هنيوسين نيهن جو هر موڙ نعرو
ڪٺو هر چونڪ ۾ دنيا اسان کي
***
وفا! حيرت کي ٿي وئي آ
جون چريا به ٿا چريا اسان کي
***
روحن مان روشني وئي، چمن مان دلڪشي وئي،
ڪيئن پيار جي اڱڻ تي دل جا تڏا وڇايون،
عشق سان وفائون، ڪجهه حسن سان وفائون،
درد سان به پيا نڀايون، توسان به پيا نڀايون،
گهر آ نه گهاٽ يارو، وک وک چماٽ يارو،
ڪجهه نينهن جون ڀلايون، ڪُجهه سنهن جون ڀلايون
***
[b]
BRIEF INTRODUCTION
وفا ناٿن شاهي
(1943-2005)[/b]
ادبي نالو: وفا ناٿن شاهي
اصل نالو: مشتاق علي
ولديت: خيرات علي قريشي
جنم تاريخ: 15 مئي 1943ع وفات: 28 ڊسمبر 2005ع.
تعليم: ايم اي، وٽنري ۾ ڊپلوما
ڌنڌو: سرڪاري ملازم
ادب ۾ ابتدا: 1962 کان
ادبي سڃاڻپ: شاعر، نثر نگار
ڇپيل ڪتاب: 1. اکين ۾ الماس، 2. وفا ۽ 3. اوجاڳن جو انت.
اڻ ڇپيل ڪتاب: ويهارو کن
نوٽ: وفا ناٿن شاهي اسان کان جسماني طور ته وڇڙي ويو آهي، پر روحاني طور گڏ آهي ۽ هن جون لازوال تخليقون ساروڻيون بڻجي اسان جي سامهون اينديون رهيون آهن. وفا غزل جو وڏو شاعر هو ۽ هن جو غزل سنڌي شاعري جي جان آهي. هي انٽرويو سندس ئي حياتي ۾ ورتو ويو هو. جيڪو سنڌي ادب جو قيمتي اثاثو آهي. (ب-ص-ع)
سوال: پنهنجي جنم، ننڍپڻ ۽ تعليمي ماحول بابت ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: منهنجو جنم 15 مئي 1943ع ۾ انڊيا جي ”بنڊيالا ڪڪڙان والا“ امرتسر ۾ ٿيو، منهنجو نالو مشتاق علي رکيو ويو. ورهاڱي کان پوءِ 1948ع جي شروعات ۾ اسان جا وڏا هندستان مان لڏي، سڌا سنڌ ۾ آيا ۽ اچي خيرپورناٿن شاهه ۾ مستقل رهي پيا. منهنجو والد نهايت غريب هو، ان جو ڪو وڏو ڪاروبار ڪونه هو ۽ هو گڏهه تي ڳڙ، مٺائي تيل تماڪ ۽ ٻيون شيون کڻي ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ وڪڻندو هو، ۽ اتان جيڪو ڪجهه ٿيندو هو، ان مان ئي گهر هلائيندو هو.
مون پرائمري ڪلاس جو پهريون درجو، گوزي ۾ پڙهيو ۽ باقي تعليم پرائمري اسڪول خيرپورناٿن شاهه مان حاصل ڪئي، اهڙي ريت مون 1964ع ۾ سائنس گروپ ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي.جيئن ته اها منهنجي خواهش هئي ته مان ڊاڪٽر يا وڪيل ٿيان، پر مفلسي مجبور ڪري وڌو هو ۽ مون ذريعي معاش لاءِ جانورن جي پالنا وار ي کاتي يعني اينيمل هسبنڊري“ مان ون اسٽاڪ اسسٽنٽ جو ڊپلوما ڪري ورتو ۽ ساڳي ئي کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ طور نوڪري ملي. انهي دوران مون انٽر ”سچل سرمست ڪاليج مان پاس ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪ سائنس ۾ ايم اي ڪري ڇڏي.
سوال: اوهان جي ادبي ابتدا ڪيئن ٿي ۽ ان دور جي ادبي ماحول جي به عڪاسي ڪيو؟
جواب: جيئن ته آءُ غربت جو ماريل هوس ۽ منهنجو خاندان ورهاڱي واري عذاب جو سٽيل هو ۽ انهن ڏينهن ۾ اسان مهاجر ڪئمپ ۾ به رهياسين ۽ ان ڪري احساس محرومي جو شڪار رهندو هوس.
طبيعت تمام حساس هئي، ڪوبه درد ڀريو گيت، راڳ يا ڪافي جيءَ کي جهوري ڇڏيندو هو. ان دور ۾ جڏهن به مشاعرا ٿيندا هئا ته مان شوق سان وڃي ٻڌندو هوس. اهو زمانو 1963 جو هيو ۽ مان نائين درجي جو شاگرد هئس، جو مون ڪچي ڦڪي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي ريت منهنجي ڏيٺ ويٺ مقامي شاعرن سان ٿيڻ لڳي، مون شاعري سکڻ لاءِ محسن ڪڪڙائي صاحب کي پنهنجو استاد ڪيو، جڏهن ته منهنجو شاعراڻو تخلص ”وفا“ سائين نشتر ناٿن شاهي چونڊيو. منهنجي اوائلي شاعري جي تراس خراش محسن صاحب ڪندو هو ۽ ڪي ڪي غزل مان آثم ناٿن شاهي کي به ڏيکاريندو هوس. جيڪو پڻ اصلاح ڪري ڏيندو هو ۽ اهڙي ريت مان مقامي شاعرن ۾ وفا جي نالي سان سڃاپجڻ لڳس.
هتي اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته 1966ع ۾ جڏهن اينيمل هسبنڊري جو ڪورس ڪندا هئاسين ته ان وقت دادوءَ ۾ اينيمل هسبنڊري جي آفيس موجود ه پريس ڪلب واري جاءِ ۾ هئي. اتي روزانه حاضر رهڻ ڪري ۽ واپسي جو ڪرايو نه هئڻ ڪري، دادو ۾ ئي هڪ جاءِ ۾ رهندا هئاسين، اتي مون سان گڏ ڪورس ڪرڻ وارا ڪي ساٿي رهندا هئا. جهڙوڪ، ممتاز چانڊيو، علي شير، بخشل ڀٽي، گل حسن سومرو ۽ غلام نبي سومرو، جڏهن اتي ڪافي ڏينهن کان پوءِ مون ٻڌايو ته مان شاعر به آهيان ۽ شاعري ڪندو آهيان ته ٻين دوستن جا راز به کلي پيا، علي شير ٻڌايو ته مان به شاعر آهيان ۽ ڪهاڻيون لکندو آهيان ۽ منهنجو ”راز“ تخلص آهي ۽ بخشل ڀٽي به ٻڌايو ته مان به شاعر آهيان ۽ بشير سيتائي جي نالي سان شاعري ڪندو آهيان. اهڙي ريت ممتاز جيڪو شاعر ڪونه هيو. اسان جي صحبت ۾ اهو به شاعر ۽ ڪهاڻيڪارٿي پيو ۽ اسين هڪ ئي هنڌ وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، بشير سيتائي ۽ ممتاز ناٿن شاهي گڏ ٿي پياسين، اسان جا ڏينهن ۽ اسان جون ڪورس کان پوءِ دادوءَ جون گهٽيون گهمندي ۽ دادوءَ جي جادو کي ڏسندي گذرندو هو. ۽ رات جي پرسڪون ماحول ۾، چنڊ ۽ تارن جي چانڊاڻ ۾ محبت جا ذڪر ٿيندا هئا ۽ ماحول کي مزيدار بڻائڻ لاءِ شعري نشستون شروع ٿي وينديون هيون ۽ ائين ئي محبوبائن ۽ دلربائن جا ذڪر ڪندي، انهن جي سونهن ۽ سوڀيا تي ڳالهائيندي راتيون کٽي وينديون هيون. جيئن ته ڪورس ڏاڍو “Tough” هو، بشير سيتائي ۽ راز ناٿن شاهي ڪورس اڌ ۾ ڇڏي ويا ۽ ان کان پوءِ گل حسن، غلام نبي ۽ ممتاز به هليا ويا، مگر مان غريب نه ڇڏي سگهيس، ڇو ته منهنجي واپسي جا دروازا بند هئا. گهر ۾ ڪاري وارا ڪک، نهايت غربت جو ماحول هو ۽ پنهنجي پوڙهي پيءُ جي دل رنجائڻ نه چاهيم، اداسي ۽ بي رحم تنهائي جو عذاب ڀوڳڻ لڳس. باذوق ادبي دوست به روانا ٿي ويا هئا. پر انهن تنهائين جي تلخي بيڪسي ۽ بي وسي منهنجي شاعري صلاحيتن کي چراغ پاڪري ڇڏيو.
دادوءَ ۾ جڏهن مشاعرا ٿيندا هئا ته مان اهي مشاعرا به اٽينڊ ڪندو هوس، ڪورس کان پوءِ نوڪريءَ دوران منهنجي پوسٽنگ دور دراز علائقن۽ ڳوٺن ۾ ٿيندي هئي. جتي ادبي دوست ته ڇا ڪنهن ڪتاب جو نالو به نه هوندو هو. مون سڄي عمر مال جون لتون جهليون. قليل پگهار تي نوڪريون ڪيون ۽ جنسي عذاب ڪاٽيو، پر اهي سڀ ڳالهيون منهنجي شاعري لاءِ ٻارڻ جو ڪم ڏيڻ لڳيون. پوءِ غربت جي ماحول ۾، مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ جو جنون سر تي سوار رهندو هو. ان ڪري منهنجو وجهه شهرت ڪجهه اهو به آهي. هونءِ به مان سراپا درد آهيان ۽ درد ئي منهنجي شاعري جو محور آهي.
سوال: وفا صاحب! جيئن ته اوهين اصل سنڌي نه هئا، اهي ڪهڙا محرڪ هئا، جن اوهان کي سنڌي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪيو؟
جواب: بلوچ صاحب! جيئن مون اکيون کوليون، منهنجي سامهون سنڌ ڌرتي هئي، سنڌي هئا، سنڌي معاشرو هو، مون هتي جو ئي کاڌو پيتو، سنڌين جي درميان رهيس، مون کي ته اها سڌ به ڪانهي ۽ منهنجي ذهن ۾ ڪا ڌنڌلي ياد به ڪانهي ته مان جتي ڄائو هوس اها ڪهڙي قسم جي جاءِ هئي ۽ اتان جا ماڻهو ڪيئن هئا. هڪ ڀيري مون کي ڪنهن اردو دان چيو ”ته جڏهن تنهنجي مادري زبان سنڌي ناهي ته تون اردو ۾ شاعري ڇو نه ٿو ڪرين؟“ ته بلوچ صاحب ان وقت مان نهايت جذباتي ٿي ويو هوس ڄڻ هن مون کي اگهاڙي گار ڏني هجي. مون کيس چيو ته مان هتي پليو آهيان، هن ڌرتي جو ان پاڻي کاڌو پيتو آهي. منهنجي رڳن ۾ هن سنڌ ڌرتي جو خون ڊوڙي رهيو آهي ته پوءِ اها نمڪ حرامي ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ سنڌ منهنجي ماءُ آهي، مون ڪڏهن به پاڻ کي پنجابي يا ڌاريو نه سمجهيو آهي، سنڌ مون کي گود ۾ ورتو ۽ سنڌين مونکي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. انهن سان پلجي وڏو ٿيو آهيان. منهنجا دک سک هن ڌرتي سان ارپيل آهن. سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافي خلاف مان سراپا احتجاج آهيان. بلوچ صاحب! پر مونکي اڄ به جيڪڏهن ڪو ”غير سنڌي“ سمجهي ته مان ان جو مٿو ڏاري وجهان ۽ خون پي ڇڏيان. هي ته دل دکائڻ ۽ روح کي رنجيده بڻائڻ جي ڳالهه آهي. اگر ڪو مون کي غير سنڌيءَ هئڻ جو طعنو هڻي. مان اهو ڪڏهن به برداش نه ڪندس.
سوال: توهان پنهنجي غزل ۾ ڪهڙو پاسو وڌيڪ وزني رکو ٿا؟ رمانوي يا سماجي؟
جواب: جڏهن ورهاڱو ٿيو ته ڪيترن ماڻهن جي محبوبائن کي به ان ورهاڱي قتل ڪيو. هُتان مهاجر آيا ۽ هتان جا غير مسلم سنڌي هندسان ويا. هي هڪ اهڙي ڪاتي هئي، جيڪا مجبور ۽ محڪوم انسانن تي وهي وئي. منهنجا ته جوانيءَ جا ڏينهن به هتي گذريا آهن. ته منهنجون محبوبائون به هت آهن. پر عاشق سو به غريب، غربت ته لعنت آهي. وڏي گار آهي. ناڪام محبتون ۽ حسرتون پلئه پيون. غزل ۾ رومانس ڪهڙو پر پنهنجي اندر جو پٽڪو ضرور آهي. باقي 75 سيڪڙو هن ڌرتي جو دک، انسانيت جو ڪرب ۽ حالتن جو زهر اوتيل آهي. جيتوڻيڪ منهنجو مزاج عاشاقاڻو ۽ شاعراڻو آهي. پر ڪنهن جي دک درد تي مان ان جو طرفدار آهيان. ان ڪري هن ڌرتي سان ٿيندڙ هر ظلم، نا انصافي جي خلاف آهيان. ذاتي زندگي ڪجهه به هجي پر مان سنڌي آهيان ۽ اها ئي منهنجي شاعري آهي. مان هن ئي ڌرتي، هن ئي سماج جو شاعر آهيان. منهنجو گهر ته هينئر گوزو ناهي، خيرپور ناٿن شاهه ناهي پر منهنجو گهر سڄي سنڌ آهي ۽ اها هيڏي سنڌ منهنجي من اندر ۾ آهي.
سوال: سنڌي ادب جو ڪهڙن لفظن ۾ موازنو ڪندو؟
جواب: سنڌي ادب ‘Rich’ ادب آهي. ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌي ادب جو دنيا جي ڪنهن به عظيم ادب سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ادب کي پنهنجو شاندار ۽ معياري لوڪ ادب آهي. جيڪو ڪنهن به ٻوليءَ جي لوڪ ادب کان وڌيڪ سگهارو ۽ وسيع آهي. سنڌي ادب کي ڪلاسيڪل دور کان وٺي اڄ تائين سگهارا ۽ سچا اديب ۽ شاعر ملندا رهيا آهن. ان ڪري سنڌي ادب هڪ زنده ادب آهي. سنڌي ادب پنهنجي هر دور جون تقاضائون پاڻ ۾ سميٽي رکي ٿو. جديد سنڌي ادب ۾ به سڀ جديد تقاضائون موجود آهن. سنڌي اديب ۽ شاعر حالتن جو ڀرپور مقابلو ڪيو آهي. هو ڪڏهن به درٻاري ناهي رهيو. ان ڪري سنڌي ادب، سماج ۾ انسان دوست رويا پيدا ڪرڻ جو ڀرپور اتساهه موجود آهي.
سوال: شاهه لطيف رح يقينن هر سڄاڻ شاعر جو رهبر به آهي ته دوست به، لطيف جي شاعري جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.
جواب: ڀٽائي گهوٽ نه فقط سنڌي ادب جو پر دنيا جي ادب جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي، ڀٽائي جو ڪلام اڄ به ڳائجي پيو ۽ ان جي ڪلام ۾ زنده رهڻ جي صلاحيت ۽ عالمگيريت موجود آهي. ان ڪري ان کي پسند به ڪيو وڃي ٿو. سنڌ يا سنڌ کان ٻاهر اهڙو ڪوبه سنڌي نه ملندو. جنهن کي ڀٽائي جو هڪ اڌ بيت ياد نه هجي. ايتري تائين جو ڀٽائي جا بيت فقيرن، جوڳين ۽ ڌراڙن کان به ٻڌا ويندا آهن، اهڙا مثال ٻين ٻولين جي شاعرن جا يا ته صفا ڪونه ملندا يا وري هوندا به، ته به گهٽ، ۽ اوهان کي اهڙيون قومون به گهٽ ملنديون جن جو پنهنجي قومي شاعرن سان ايترو جنون جي حد تائين پيار هجي.
سوال: شاهه سائين کي جن شاعرن ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آهي اوهان ان ترجمي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
جواب: هڪ ته شيخ اياز ڀٽائي جي رسالي جو اردو منظوم ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻيو وري آغا سليم صاحب به ڪيو آهي. جڏهن ته ڀٽائي جي ڪجهه سُرن جو فارسي ۾ ترجمو نياز همايوني صاحب به ڪيو آهي، پوءِ به ڀٽائي صاحب جي ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ جيڪو درد، ڪرب، جذبو احساس جولان سمايل آهي، اهو ٻي ٻوليءَ ۾ پلٽائڻ ڏکيو ڪم آهي. تاهم به انهن جو اهو ڪم ساراهه جوڳو آهي.
سوال: جڏهن کان توهان اک کولي ته توهان جي اڳيان فقط سنڌي سماج هو. توهان سنڌي سماج کي ڪيئن ڏٺو ۽ پاتو؟
جواب: سنڌي سماج هڪ سڌريل سماج آهي. جيڪو مهذب به آهي ۽ متمدن به، جنهن جو مثال 5 هزار سالن جي پراڻي تهذيب ”موئن جو دڙو“ آهي. جيڪا اسان جي سامهون آهي. سنڌي سماج ترقي پسند سماج آهي. جنهن ۾ انسانيت جا جزا قابل فخر حد تائين موجود آهن. سنڌي سماج امن پسند، شريف النفس، مهمان نواز، صلح پسند، خاموش طبع، گهٽ ڳالهائو، روادار، ٻين جي نظرين جو احترام ڪندڙ ۽ ڏکي وقت ۾ ڪم ايندڙ سماج آهي.
توهان کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌ صدين کان صوفي سڳورن جي سرزمين رهي آهي ۽ هتي تصوف ۽ ويدانيتي نظريا ماڻهن جي ذهن تي حاوي رهيا آهن. ان ڪري ماڻهن ۾ رواداري سهپ حد درجي جي آهي. جيڪا ڪنهن ٻي قوم ۾ مشڪل هجي.
سوال: ڌارين جي يلغار سبب سنڌي سماج تي ڪهڙا منفي ۽ مثبت اثرات پيا آهن؟
جواب: جيئن ته سنڌين کي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت، پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجي تهذيب آهي. هڪ شاندار 5 هزار سال پراڻي تهذيب جا مالڪ آهن. هو پنهنجا قومي اثاثه درياءَ ۽ زمينون رکن ٿا. ان ڪري انهن جا ذهن صاف سٿرا ۽ پنهنجي ڌرتي سان جنوني حد تائين وابسته آهن. هو انتهائي محب وطن آهي ۽ سندن دل ۾ ڪوبه مير ڪونهي. هنن ٻاهران ايندڙن کي جيءُ ۾ جايون ڏنيون. پنهنجا جهڳاءَ خالي ڪري ڏنا، پنهنجي ملڪيت ۾ وارث پڻ بڻايو.
مگر صحبت صاحب! تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جڏهن به ڌاريا ڪنهن ٻي ڌرتي تي ويا آهن ته انهن پاڻ کي سياڻو حاڪم ۽ ڊڪٽيٽر سمجهيو آهي ۽ ڌرتي وارن کي ڄٽ، جاهل، درواڙ ۽ اڻ آريو سمجهيو آهي. هتي سنڌ ۾ به ڪجهه ائين ٿيو. سنڌين جو خلوص، محبت کين ٻوٿ تي ورائي هنيو ويو. انهن جي اثاثن، ملڪيتن، زمينن روزگار ۽ نوڪرين تي راتاها هنيا ويا ۽ آهستي آهستي هنن ۾ ويڳاڻپ ۽ احساس محرومي جنم ورتو آهي. ڇو ته ٻاهريون ايندڙ هونءِ به چالاڪ ۽ حرفتي ٿئي ٿو ۽ هن جي رات ڏينهن دماغ ۾ تخريبي سوچ هوندي آهي.
سوال: اوهان سنڌي ٻوليءَ جي دامن، سنڌي غزلن سان ڀريو، ۽ سنڌ کي پنهنجو ڏات ۽ ڏانءَ ڏنو. اوهان کي موٽ ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌي اديب مان ڪهڙي موٽ ملي؟
جواب: جيتوڻيڪ مان ڀٽڪيل آهيان، بيمار آهيان، بي جان جسم آهيان. پر اهي سڀ حالتون ڪنهن ٻئي شخص سان به ٿي سگهن ٿيون. جيڪو هن ڌرتي تي آهي. ان لاءِ حالتون جوابدار آهن. سنڌ منهنجي امڙ آهي. هن جو آغوش ۾ آهيان. سنڌي منهنجي شناخت آهي. مان وفا جي نالي سان سڃاتو وڃان ٿو. وفا جي حيثيت ۾ مون کي سنڌ ئي سڃاڻي ۽ سنڌي اديب سڃاڻن ٿا. اهو اعزاز به مون کي سنڌ ڏنو آهي. مون کي پنهنجا پڙهندڙ ڏنا آهن. سنڌ کان جدا رهي آءٌ ڪجهه به ناهيان. ان حوالي سان مون کي هن جسم جان کان علاوه عزت شهرت سڀ سنڌ طرفان ملي آهي.
مون کي دنيا وفا وفا ٿي سڏي،
معجزو تنهنجي پيار جو آهي.
سوال: اوهان جي پسند جا شاعر؟
جواب: هر سچو شاعر جنهن جو قلم ضمير آهي ضمير قلم آهي.
سوال: اوهان هينئر بيمار آهيو. اوهان کي ساهه جي تڪليف آهي. اوهان هينئر ڇا ٿا محسوس ڪيو؟ جڏهن اوهان پنهنجي سموري زندگيءَ تي نظر وجهو ٿا؟
جواب: مان ڪجهه به محسوس نه ٿو ڪيان. هر شي وڌي ويجهي ۽ پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي. مان وفا ناٿن شاهي آهيان ۽ اهو مون لاءِ وڏو اعزاز آهي. هر فرد جي حيثيت ۾ منهنجي قيمت ٻُڙي آهي لک شاباس سائين محسن ڪڪڙائي کي جنهن مون کي شاعر ڪيو. مان سمجهان ٿو ته مان مرڻ کان پوءِ به زنده رهندس.
مان فنا ٿي ويس ته ڇا ٿي ويو،
دوستي جو ته حق ادا ٿي ويو.
سوال: وفا! اوهان جي بيماري جي سلسلي ۾، سنڌيالوجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگوئيج اٿارٽي يا ثقافت وارن اوهان سان رابطو ڪيو آهي؟
جواب: ادا مان روز به روز وڌيڪ بيمار ٿيندو ٿو وڃان. ساهه جي تڪليف به اڳي کان وڌي وئي آهي ۽ گوڏن ۾ سور به پيدا ٿي ويو آهي. يعني سنڌن جو درد به محسوس ٿيڻ لڳو آهي. هن سلسلي ۾ ڪوبه اهڙو ادارو مون سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌيالوجي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ مان اهڙي اميد نه ٿي رکي سگهجي. البته ادبيات ۽ ثقافت وارن ۾ ڪجهه نه ڪجهه اهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. شبير قائم خاني صاحب وزير ثقافت، قاسم ٻگهيو صاحب (چيئرمين لينگويج اٿارٽي حيدرآباد) جو دوست آهي. تنهن ڪري ٻگهيو صاحب مون کي مشورو ڏنو ته هڪ درخواست ۽ پنهنجون طبي ٽيسٽون ۽ ايڪسريز رپورٽون قائم خاني صاحب ڏي کڻي وڃ ۽ منهنجا سلام به ڏينس. قائم خاني صاحب جو P.A سيد محبوب صاحب، قاسم صاحب جو گهرو دوست آهي. هڪ ڏينهن مان درخواست ۽ طبي ٽيسٽون قائم خاني صاحب ڏي کڻي ويس. وزير صاحب مليو. جنهن منهنجي درخواست تي نوٽ هڻي، مون کي چيو ته، ”هاڻي هي درخواست ۽ طبي ٽيسٽون، سيڪريٽري صاحب (ثقافت کاتو) ڏي کڻي وڃ. جنهن جو نالو گل محمد عمراڻي صاحب آهي. مان درخواست ۽ طبي ٽيسٽون انهي ئي وقت سيڪريٽري صاحب ڏي کڻي ويس. ان صاحب به درخواست تي نوٽ هڻي مون کي چيو ته هاڻي اها درخواست ڊپٽي ڊائريڪٽر (ثقافت کاتو) جناب عبدالرزاق ڏي کڻي وڃ ۽ انهي ئي وقت مان ميمڻ صاحب وٽ پهچي ويس. جنهن صاحب منهنجو فون نمبر به ورتو ۽ چيائين ته هفتو کن رکي خبر لهجانءِ. مان جڏهن هفتي کن کان پوءِ وري ويس ته ميمڻ صاحب چيو ته، ”مون تنهنجي درخواست تي نوٽ هڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ثقافت محترم عبدالقيوم لالائي ڏي موڪلي ڇڏي آهي. اتان وڃي جاچ لهه“. جڏهن مان لالائي صاحب ڏي ويس ته چيائين ته، ”مان توکي هڪ سٺي شاعر جي حيثيت سان سڃاڻان ٿو. تنهن ڪري مون تنهنجو ڪيس تمام سٺي نموني ٺاهي سيڪريٽري صاحب ڏي موڪلي ڇڏيو آهي. هاڻي هڪ ميٽنگ ٿيڻ واري آهي. ان ۾ تنهنجو ڪيس رکنداسين ۽ تون فڪر نه ڪر. الله چڱي ڪندو“.
ان کان پوءِ مون آغا نور محمد صاحب (ريذيڊنٽ ڊائريڪٽر آف ادبيات صوبه سنڌ) کي فون ڪئي ۽ ملاقات لاءِ وقت گهريو. تنهن صاحب چيو، ”سڀاڻي ڀلي هليو آ“، مان ٻئي ڏينهن تي جڏهن آغا صاحب سان مليس ته آغا صاحب چيو ته، ”هاڻي اهو قانون ادبيات وارن ڪڍيو آهي ته جنهن شاعر جي درخواست آهي. ان سان گڏ سنڌ جي مشهور سينيئر شاعر جي شفارش ۽ تصديقي خط به هجي پوءِ ڪم جلدي ٿيندو“. ان سلسلي ۾ آغا صاحب چيو ته ”حيدرآباد وڃي ابراهيم جويي صاحب کان اهڙو خط کڻي اچ يا ڪراچيءَ مان شمشير صاحب جو خط هجي ته بهتر. ڇو ته چيئرمين ادبيات اسلام آباد شمشير صاحب کي چڱي طرح سڃاڻين ۽ اهي ٻئي ڄڻان يعني شمشير الحيدري صاحب ۽ افتخار عارف صاحب (چيئرمين ادبيات اسلام آباد) ٽي وي سينٽر ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن ۽ ڪافي وقت افتخار عارف صاحب آرٽ ڪائونسل ڪراچيءَ جو وڏو عهديدار پڻ رهيو آهي“. سو هن سلسلسي ۾ مون ٽي وي مشاعري جي ڏينهن شمشير صاحب سان ذڪر ڪيو. تنهن صاحب مون کي اُتي جو اُتي افتخار عارف صاحب ڏي تمام سٺو خط لکي ڏنو.
هاڻي مان اڄ سڀاڻي افتخار عارف صاحب جي نالي اردو ۾ درخواست لکي ان سان شمشير صاحب جو خط ۽ پنهنجون طبي ٽيسٽون شامل ڪري آغا نور محمد صاحب سان ملڻ وارو آهيان. اهو صاحب پنهنجي طرفان به سفارشي نوٽ هڻي افتخار عارف صاحب ڏي اسلام آباد منهنجا سمورا ڪاغذات موڪلي ڏيندو. اميد ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو. دوائون ٽيسٽون ۽ علاج واقعي تمام مهانگو آهي. مون جسم جون سموريون ٽيسٽون ڪرايون آهن. ۽ ايڪسريز به ڪڍرايا آهن. ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا دوائون کائڻيون پونديون ۽ هر روز ٻن اڍائي سو روپين جون دوائون کائڻيون پونديون، ايترا پئسا مان ڪٿان آڻيان ۽ ڪيئن ڪيان؟
سوال: اوهان جيڪي ثواب ڪمايا ۽ جيڪي گناهه ڪيا ڪجهه انهن جي باري ۾؟
جواب: ثواب ۽ گناهه جي مڪمل تشريح مون کي ڪونه ايندي آهي. گناهه به منهنجي زندگيءَ جو حصو آهن ۽ ثواب به. اها تڪ طور جن کي ڪرڻي آهي. انهن جو ڪم آهي، منهنجو ڪم ته فقط عمل ۽ عمل آهي. ڪيل غلطين جو ازالو منهنجي وس ۾ ناهي، ڪيل ثوابن جو اجر اگر ملڻو آهي ته اهو هتي به ماڻي رهيو آهيان.
سوال: اوهان نشو ڇو ٿا ڪيو؟
جواب: جڏهن نشو خوراڪ بڻجي وڃي ته نشو، نشو نه ٿو رهي. چرس، ڀنگ، آفيم، ڪڏهن ڪڏهن هيروئن به مون واپرائي آهي ۽ وري ڇڏي ۽ وري واپرائي آهي. منهنجي جسم ۾ ايترو ته نشي جو زهر آهي جو نانگ چڪ هڻندو ته اهو ئي مرندو- تاهم به جي رهيو آهيان. هر شي پنهنجي پنهنجي وقت جو ساٿ ڏئي ٿي. عورت، دوست، دنيا، جواني، جوڀن، مون سان پنهنجي پنهنجي وقتن تي هڙني ساٿ ڏنو ۽ ڇڏيو، پر هي شي هن وقت تائين ساٿ نڀائي رهي آهي.
سوال: نشي ڪرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. اوهين ڪيئن عادي بڻيا؟
جواب: هر شي پنهنجي وقت تي پنهنجا اسباب پاڻ کڻي ايندي آهي. ان باري ۾ نشي جي تاريخ جاگرافي ۽ پوري تفصيل ٻڌائڻ کان هن وقت قاصر آهيان. منهنجي غزل جو بند آهي.
محبت ۾ ڄاڻون اسان پاڻ ۾،
رهو پنهنجي ڪم سان اوهان پاڻ ۾،
سوال: عورت جي باري ۾ اوهان جو ڇا چوڻ آهي؟
جواب: عورت هن پوري ڪائنات جي املهه شي آهي. حضرت آدم جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ ڪائنات ٻُسي آهي. عورت کي هر ماڻهو ڏسي ٿو. مگر شاعر جي اک عورت جي انگ انگ تي گهمي ٿي. ان ڪري عورت جي حسن کي جيئن شاعر جاچيو ۽ پرکيو آهي. ائين ٻئي ڪنهن نه پرکيو آهي. ان جا گرهه گير زلف، وارن جا پيچ خم، ڪمانگير ابرو، تير مثل مزگان، شرابي ۽ شرير اکيون، آتش افروز ڳل، لعل لب، خودخال، ڪافرانه ادائون، مست چال، شيرين گفتگو، سرمرين ٻانهون، بلوري جسم آهي ڪو ٻيو جو شاعر کان سواءِ ان جي هڪ هڪ عضوي ۽ ادا جو ذڪر ڪري!!