محسن ڪڪڙائي
جسم جي معجزي جون چند گهڙيون،
ساري دنيا جون دل پسند گهڙيون.
موٽ ۾ هن ڏنيون مٺيون مُرڪون،
مون جو آڇيون نياز مند گهڙيون.
پر لڳا ها گُداز جذبن کي،
عشق آيو کڻي بلند گهڙيون.
منهنجي تاريخ منهنجو سرمايو،
ذهن جي ڪيميرا ۾ بند گهڙيون.
جيڪي گذرن حسين ماڻهن سان،
سيئي محسن جون من پسند گهڙيون.
[b]
BRIEF INTRODUCTION
محسن ڪڪڙائي
(1937-2005)[/b]
پورو نالو: سيد نياز علي شاهه
ادبي نالو: مُحسن ڪڪڙائي
ولديت: سيد احمد شاهه
جنم تاريخ: 4 جولائي 1937ع وفات: 2 اپريل 2005ع.
جنم هنڌ: ڪڪڙ – تعلقه خيرپورناٿن شاهه – ضلعو دادو
تعليم: ايم.اي. بي. ايڊ – اديب سنڌي ۾ اديب عالم ۽ فاضل
ڇپيل ڪتاب: 1. اُمنگون 2. سونهن جي ساڃهه 3. ليليٰ جا خط 4. سوريءَ چڙهيو سچ. 5. ڪنهن جي مٽ ميار
سال 1937ع ۾ دادوءَ ضلعي جي شهر ڪڪڙ ۾ جنم وٺندڙ سيد نياز علي شاهه محسن ڪڪڙائيءَ جي نالي سان سڃاڻپجڻ لڳو. ڪيترن ئي ڪتابن جي خالق محسن ڪڪڙائيءَ جو شاعري ۾ هڪ الڳ مقام آهي. هونئن ته محسن ڪڪڙائيءَ شاعريءَ جي مڙني صنفن کي ڇهيو آهي، پر غزل سندس سڃاڻپ آهي، انتهائي نرم مزاج محسن ڪڪڙائي نه رڳو شاعري پر نثر تي به چڱي خاصي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب کي تمام گهڻو پڙهيو آهي. پر سال 2005 ۾ هي ڀلوڙ شاعر اسان کان وڇڙي ويو. هي انٽرويو سندس ايام زندگي ۾ ورتو ويو هو. محسن اڄ هن دنيا ۾ ناهي پر سندس تخليقون اڄ به سندس ياد کي تازو ڪيو ٿيون اچن. اچو ته محسن جو انٽرويو پڙهون.
سوال: محسن صاحب! شاعريءَ طرف ڪيئن لاڙو ٿيو؟
جواب: شاعري ڄڻ مون کي ورثي ۾ ملي، ڇو ته منهنجو والد صاحب به شاعر هو، مان ننڍي هوندي اسڪول ۾ گيت به ڳائيندو هيس. ان کان پوءِ منهنجي ملاقات حافظ احسن چنا سان ٿي ۽ شاعري ان کان سکيس.
سوال: اڄ جي اديبن ۾ تنقيد جي سهپ گهٽجي ڇو وئي آهي؟
جواب: اديبن ۾ ڏات ته آهي پر ڏانءُ ڪونهي، علم گهٽ آهي، انهيءَ ڪري اهي جائز تنقيد برداشت نه ٿا ڪن ۽ منهنجو ذاتي خيال آهي ته توهان مون تي ڀل جائز تنقيد ڪريو ۽ مان برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
سوال: حسن توهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
جواب: حسن منهنجي نظر ۾ خدا جو جلوو آهي.
سوال: شاعري ته قدرتي ڏات آهي پوءِ ان لاءِ استاد ضروري ڇو آهي؟
جواب: اهو ان لاءِ ضروري آهي: جيئن سونَ هڪ قيمتي ڌاتو آهي جيڪڏهن ڪو سٺو ڪاريگر/ سونارو ڪو هار ٺاهي ٿو ۽ اهو هار ڪنهن سهڻي ڳچيءَ جو سينگار بڻجي ٿو پوءِ وري اهڙي طرح منڊي ٺاهي ٿو. چوڙيون ٺاهي ٿو، ته سون وڌيڪ نکرجي ٿو. ائين ڪنهن ماڻهوءَ جا خيال سٺا آهن پر شاعريءَ جي فن کان پري آهي ته پوءِ ان کي شاعر مڃبو ئي ڪونه، هونئن به دنيا ۾ اهڙي ڪابه شيءِ نه آهي جيڪا ڪنهن سيکارڻ واري کان سواءِ سکي سگهجي.
سوال: زندگي توهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
جواب: زندگي منهنجي نظر ۾ مٺي به آهي ڪڙي به آهي، آسان به آهي ته مشڪل به.
سوال: ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڀارت ۾ توهان جي شاعري مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪئي وئي آهي. ڇا اهو صحيح آهي ۽ اهي ٻوليون ڪهڙيون آهن؟
جواب: اهو بلڪل سچ آهي، هندستان ۾ 14 ٻوليون سرڪاري طور تسليم ٿيل آهن جن ۾ هندي، تامل، تلگو، سنڌي، گجراتي، مليالم، پنجابي وغيره اچي وڃن ٿيون ۽ منهنجي شاعري انهن ٻولين کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي آهي.
سوال: ڇا اوهان وٽ ان جو رڪارڊ وغيره آهي؟
جواب: نه ادا، مون وٽ ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي، پر مون کي دوستن جي واتان ٻڌايو ويو ته منهنجي شاعري 14 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي.
سوال: جيئن ته توهان جي هم عمر شاعرن شهرت گهڻي ماڻي، جيئن شيخ اياز، استاد بخاري وغيره؟
جواب: شيخ اياز کي تمام گهڻا ساٿي مليا هئا، جن سندس ڪتاب ڇپرائڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي، اهڙي طرح استاد جا ڪتاب به ان جي چاهيندڙن ڇپريا، مون سان اهومسئلو آهي ته مان هڪ ڳوٺ ۾ رهان ٿو ۽ هو شهرن ۾ رهندا هئا، جڏهن ته مون کي اڄ تائين ڪوبه اهڙو ساٿي نه مليو آهي جيڪو منهنجا ڪتاب ڇپرائي.
سوال: محسن صاحب! ٻڌو آهي ته توهان شيخ اياز کي هڪ ڇوڪريءَ جي نالي سان خط لکيا هئا، ۽ اهي بعد ۾ ڪتاب ”شيخ اياز هڪ عاشق شاعر“ جي نالي سان ڇپرايا ويا آهن. ڇا اها ڳالهه صحيح آهي؟
جواب: اها ڳالهه بلڪل غلط آهي، اهو مون مٿان اجايو الزام آهي. باقي شيخ صاحب کي علي محمد گاڏهي (مينڌري گاڏهي) جي فرضي نالي سان خط لکيا ويا هئا. جيڪي خط مون کي مرحوم علي محمد گاڏهي جي ڀاءُ رئيس خان محمد گاڏهي ڏنا هئا، اهي خط منهنجي وڏي پٽ انجنيئر اعجاز محسن هاشميءَ کان جامي چانڊئي پڙهڻ لاءِ ورتا هئا. جنهن کان پوءِ اهي خط ناز سنائي صاحب کي هٿ آيا. جنهن اهي خط ڪتابي صورت ۾ آڻي ڇڏيا. حقيقي ڳالهه اها ئي آهي.
سوال: توهان جي نظر ۾ عورت ڇا آهي؟
جواب: عورت خدا جي خوبصورت تخليق آهي، عورت نه هجي ها ته هن دنيا ۾ ڪجهه به نه هجي ها.
سوال: توهان جي نظر ۾ پيار ڇا آهي؟
جواب: پيار ماڻهوءَ جو پنهنجو پاڇو آهي، پيار ڪائنات جي تخليق جو سبب آهي، پيار کان سواءِ ماڻهو اوڳو ۽ موڳو نظر ايندو آهي.
سوال: هيستائين اوهان ڪيترن مجموعن جي شاعري ڪري چڪا آهيو؟
جواب: منهنجي شاعري جا تقريبن 4-3 مجموعا ٿي چڪا آهن. پر جيئن ته هڪ سٺي پبلشر جي نه ملڻ ڪري منهنجي شاعري جا مجموعا عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچي نه سگهيا آهن، جڏهن به ۽ جيئن ئي ڪو سٺو پبلشر منهنجي شاعري کي ڇپرائڻ لاءِ تيار ٿيندو ته ڪتاب ان کي ڏئي ڇڏبا ۽ تازو منهنجو شعري مجموعو ”سونهن جي ساڃاهه“ منظر عام تي اچي چڪو آهي.
سوال: توهان شاعريءَ جي ڪهڙي صنف کي پسند ڪيو ٿا؟
جواب: مان غزل کي گهڻو پسند ڪندو آهيان ۽ غزل ئي منهنجي سڃاڻپ آهي، شاعري جيڪڏهن اک آهي ته مان غزل کي اک جي ماڻڪي سڏيندو آهيان، وائي کي سنڌي ادب جي ڪنوار سمجهندو آهيان، غزل مرد جي جذبن جي نمائندگي ڪندو آهي، جڏهن ته وائي عورت جي جذبن جي نمائندگي ڪري ٿي، اهڙي طرح وري اردو ۾ گيت، ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿوڪري سگهي ته غزل ئي سڀني صنفن کان ڏکي صنف آهي، پر مان ته ائين چوندس ته هڪ سٺو شاعر ئي هر صنف تي لکي سگهي ٿو.
سوال: هڪ سٺي غزل جون ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
جواب: هڪ سٺو غزل جنهن ۾ نه رڳو غم جانان هجي، پر غم دؤران به هجي. ڇو ته شاعري آهي ئي اشارن جي ٻولي ۽ ان لاءِ ان ۾ فني بندشون تمام ضروري آهن، هتي بندش کان سواءِ غزل، غزل نٿو چئي سگهجي، غزل لاءِ ائين چوندس ته غزل ئي سڀني صنفن جو روح آهي.
سوال: اوهان ڪهڙين ادبي تنظيمن ۾ سرگم رهيا آهيو؟
جواب: مان ڪافي ادبي تنظيمن ۾ سرگرم رهيو آهيان، انهن ۾ بزم طالب به هُئي، جيڪا مرحوم محمد صادق طالب جي نالي 63-1962 ۾ ٺاهي وئي هئي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪرڻ جو محرڪ عشق هو يا ٻيو ڪجهه؟
جواب: اها حقيقت آهي ته ڪافي تعداد ۾ اهڙا شاعر آهن، جن جي شاعري ڪرڻ جو محرڪ عشق ئي رهيو آهي ۽ منهنجي شاعري جو محرڪ به عشق آهي. پر اصل ۾ مون کي ننڍي هوندي کان ئي راڳ رنگ سان لڳاءُ رهندوهو. ان ڪري منهنجي شاعري جو تعلق عشق سان نه آهي.
سوال: سونهن اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
جواب: عام چوڻي آهي ته سونهن ماڻهن جي اکين ۾ هوندي آهي، منهنجي شاعري پوري سونهن جي حوالي سان ڀري پئي آهي، جيڪڏهن خدا آهي ۽ خدا کي مڃون ٿا ته خدا جو جلوو ئي سونهن آهي. منهنجا سونهن لاءِ شعر آهن ته:
ترسجو مان حسن کي چاهي وٺان،
زندگيءَ جو قرض آ لاهي وٺان.
زندگيءَ جو سرور سمجهون ٿا،
سونهن کي رب جو نور سمجهون ٿا.
سونهن ڏسندي سرور ملندو آ،
ڄڻ ته انڌي کي نور ملندو آ.
سوال: هڪ شاعر جي حيثيت ۾ اهو ٻڌايو ته هي ڪاسٽ ۽ ڪلاس سسٽم وارو معاشرو اسان کي ڪيتري قدر مهانگو پيو آهي؟
جواب: ادا انهن ئي ته اسان کي ساڙي ماريو آهي، مون کي ڏک آهي ته اسان جا ماڻهو اڃا تائين اهڙي ڪريل سوچن مان نه نڪري سگهيا آهن، پر مان اهڙين ڳالهين جو بلڪل قائل ناهيان، مان ته ٻالي (سوئيپر) سان به هٿ ملائي ڀاڪر پائي ملڻ لاءِ تيار آهيان ۽ ملندو آهيان، انهن سان گڏجي ماني به کاڌي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٽوڪيندو آهي ته ان کي ويهاري آسانيءَ سان ڪلاڪ کن ليڪچر ڏيندو آهيان ۽ ان جي ذهن مان گند ڪڍندو آهيان، هو به آخر انسان آهي ۽ انسان کان ڪهڙي نفرت.
سوال: اسان جي معاشري ۾ مير، پير، شاهه ۽ مڙني مٿين طبقن سان لاڳاپيل فردن بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: اها حقيقت آهي ته اسان کي مظلوم بڻايو ئي اهڙن ماڻهن آهي، سنڌي قوم تي انهن ظالمن ڏاڍا جبر ڪيا آهن ۽ قوم کي پوئتي ڌڪڻ ۾ انهن جو وڏو هٿ آهي، ليڪن اهو سڀ ڪجهه هاڻي انهي ليول تي نٿو ڪري سگهجي، جيڪو 25-30 سال اڳ ۾ هو. تعليم وڏو انقلاب آندو آهي، وڏيرن، جاگيردارن جو هينئر اهو دٻدٻو بلڪل ناهي رهيو، هيئنر هر ماڻهوءَ کي انهن جي ڪنن ڪرتوتن جو پتو پئجي چڪو آهي، وڏيري جو کيل ختم ته بلڪل ناهي ٿيو، ليڪن ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انهن جو اهو رهيل کيل به پڄاڻيءَ تي اچي ويندو. جڏهن کان ڳوٺن ۾ اسڪول کليا آهن، تڏهن کان جهالت جي اونداهي ۾ روشني جا چراغ ٻريا آهن.
سوال: ڇا اسان جو نظم سياسي تحريڪن جي پيداوار آهي؟
جواب: توهان بلڪل صحيح چيو آهي، ان حوالي سان ڪافي شاعري ڪئي به وئي ۽ ٿيندي به رهندي، خاص ڪري نظم، سياسي تحريڪن جي پيداوار ئي آهي، جنهن ۾ اياز صاحب معاشري ۾ ذهني تبديلي آڻڻ پيو چاهي، پر نه آئي، نظم به تبديلي نه آڻي سگهيا. ليڪن اسان ائين نٿا چئي سگهون ته نظم واري شاعري سٺي نه آهي، نظم تمام سٺا لکيا ويا آهن ۽ لکجندا رهندا، پر معاشرتي ڍانچي کي بدلائڻ لاءِ وقت لڳندو.
سوال: اسان وٽ ترقي پسند ۽ رجعت پسند ٻه ادبي محاورا آهن، اوهان واضح ڪري ٻڌايو ته اديب ۽ شاعرن ۾ اها واضح ڪهڙي لڪير آهي، جنهن سان هو رجعت پسند ٿئي ٿو يا ترقي پسند؟
جواب: رجعت پسندي کي مان جاهليت سمجهان ٿو. شاعري ته اها آهي ته توهان ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪريو، ماڻهن جي مسئلن جي ڳالهه ڪريو ۽ ماڻهن جي اندر جي ڳالهه ڪريو.
سوال: توهان ڪهڙين ٻولين جو ادب پڙهيو آهي ۽ ڪهڙن موضوعن تي؟
جواب: مان سنڌي، اردو، انگريزي ۽ فارسي ٻولين جي ادب جو مطالعو ڪيو آهي، جنهن ۾ منهنجي پسند جو موضوع دين، تاريخ، فلسفو ۽ سيڪس وغيره اچي وڃن ٿا.
سوال: پڙهندڙ لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: مطالعي سان محبت ڪريو ۽ سٺي صحبت ۾ رهو، سونهن سان دل لڳايو.
سونهن ته منهنجي سانئڻ آهي
باقي دنيا ڏائڻ آهي.
ڇڏيو حسن جي هڪ جهلڪ ڏسي ته وٺان،
خدا جو نور اکين سان چمي ته وٺان.
[b]غزل[/b]
اسان تي پاڪ صحيفي مثال پيار لٿو،
جهان سونهن سان آباد ٿيو، ڏڪار لٿو.
گهڻو گهڻو اڳ هڪ شڪل بي مثال ڏٺم،
اڃا به ذهن تان ناهي اهو خمار لٿو.
ڳڀا ڳڀا ٿي وئي، پر نه پنهنجي ضد تان لٿي،
چون ٿا، سر ڏئي، ڦاسيءَ تان هو ڀتار لٿو.
سڄي ڄمار وئي، ٻن ڌڪن ۾ پوري ٿي،
نه ڪائي آس پُني ۽ نه انتظار لٿو.
گهڙيءَ گهڙيءَ جا جهلي گهاو پيو جئي محسن،
تڏهن به دل تان وفا جو نه ٿس بخار لٿو.