تاجل بيوس
BRIEF INTRODUCTION
تاجل بيوس
(1938-2008)
[/b]
پورو نالو: تاج محمد سمون
ادبي نالو: تاجل بيوس
ولديت: مرحوم محمد جعفر (لاڏاڻو 1946ع)
ماءُ جو نالو: پناهه خاتون (لاڏاڻو 1990ع)
جنم تاريخ: 22 سيپٽمبر 1938ع وفات: 13 ڊسمبر 2008ع.
جنم هنڌ: درگاهه پير حيات شاهه، تعلقو صوڀو ديرو، ضلعو خيرپور.
تعليم: ايم-اي، (اڪنامڪس) سنڌ يونيورسٽي
ڇپيل ڪتاب سنڌي:
1. جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) 2. انبن جهليو ٻور (نثري نظم) 3. سنڌ منهنجي امان (شاعري) 4. ڪاڇي مٿان ڪونج (نثري نظم) 5. ڪنڌيءَ ڪوئنر ترن (شاعري) 6. ڪنڌيءَ اڪ ڦُلاريا (شاعري)7. ڏور به اوڏا سپرين (سفرنامو) 8. صحرا سترجن (ٿر بابت شاعري) 9. ڏوريان ڏوريان م لهان (ڇپيل نون ڪتابن جو شعري مجموعو) 10. وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز ۽ تاجل بيوس جي شاعري) 11. آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي مهربانن جا تاجل بيوس ڏانهن لکيل خط) 12. اديون! ڙي اوهان ڇا ڏٺو (سفرنامو) 13. چپ انجيل جي حاشين جهڙا (هڪ سوءُ غزل) 14. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي – ڀاڱو پهريون) 15. ڏس سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي ڀاڱو ٻيون) 16. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي ڀاڱو ٽيون) 17. سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي سلوڪن مان جوڙيل 52 وايون ۽ بيت) 18. سج چنڊ تارا ڪتيون (ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون) 19. پکي ساڳي پار جا (شيخ اياز ۽ تاجل بيوس جي شاعري) 20. سون سريکا چار سين (نثر۽ شاعري) 21. جهجان پسي جهوڪ (ڪهاڻين جو مجموعو) 22. سرجيندڙ ساڻيهه جا (500 بيت) 23. انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، 24. تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سوءُ غزل).
ڇپيل ڪتاب اردو:
1. انداز بيان اور (غزل) 2. سرخ گلابون ڪي موسم ۾ (سنڌي شاعري جو نثري ترجمو) 3. انداز بيان اور (سيڪنڊ ايڊيشن).
ڇپائي هيٺ ڪتاب:
1. شاهه جي ٿر جي تاريخ، 2. شاهه ۽ شاهه جي شاعريءَ جو تاريخي پس منظر، 3. سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو، 4. هارمونيم ۽ راڳ سکڻ جو رهنما، 5. تاجل بيوس جون هڪ سوءُ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا، 6. آڇيندي لڄ مران (اخباري ڪالم ڀاڱو پهريون).
اڻڇپيل ڪتاب:
1. آڇيندي لڄ مران (اخباري ڪالم – ڀاڱو ٻيون) 2. سونهن، سڳنڌ جا سرجڻهار (شعري ۽ نثري مجموعن جا مهاڳ) 3. سج چند تارا ڪتيون (ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون – ڀاڱو ٻيون) 4. آڇيندي لڄ مران (اخباري ڪالم – ڀاڱو ٽيون) 5. The flowery Pictures of my pen Work 6. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي – ڀاڱو چوٿون) 7. هند جا سنڌي شاعريءَ جي آئيني ۾ 8. تحقيقي اڀياس (سنڌ ۽ عالمي صورتحال) 9. پُسيون گُولون، پلڙا) (نثري نظم) 10. آڇيندي لڄ مران (اخباري ڪالم ڀاڱو چوٿون) 11. هٿ توريت جي ورقن جهڙا (شاعري) 12. زلف زبور جي اکرن جهڙا (شاعري)
ڪتابن جو ڪل تعداد:
45 ڪتاب (ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل)
مڃتا ايوارڊ:
1. فرسٽ آدمجي ميڊل 2. ڪينجهر ايوارڊ (1994) 3. نارائڻ شيام ايوارڊ 4. سگا گولڊ ميڊل 5. پروفيسر رام پنجواڻي ميڊل 6. سگا گولڊ ميڊل.
(13) ڏور به اوڏا سپرين (شاهه، اياز ۽ تاجل بيوس تي ڀارت ۾ ڇپايل فلمي اسڪرپٽ)
(14) (1) تاجل بيوس لئبريري، کمب (خيرپور) (2) تاجل بيوس ڪارنر، گل حيات انسٽيٽيوٽ خير محمد آريجا (لاڙڪاڻو) (3) تاجل بيوس اڪيڊمي، ڪراچي (4) ذولفي اينڊ بلاول لائبريري، ڪراچي.
سرڪاري ۽ خانگي نوڪري:
1. چيف ۽ رجسٽرار آف ڪمپنيز (گريڊ 20) منسٽري آف فنانس، فيڊرل گورنمينٽ 2. ائڊوائيزر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور 3. چيف ايگزيڪيوٽو (پبلڪ لميٽيڊ (پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني).
سوال: تاجل صاحب! اوهان زندگيءَ جو ادبي سفر ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ٿيو؟
جواب: منهنجي شاعر ٿيڻ جا سبب، پنهنجي ڳوٺ ۾سيدن جي هڪ روايتي درگاهه جو هجڻ آهي، جتي هر مهيني جي پهرئين سومر تي سڄي رات فقيراڻو ۽ صوفياڻو راڳ ڳايو ويندو آهي، صبح تائين نوجوانن ۽ پوڙهن جي وچ ۾ ويٺل پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هڪ ئي ڇوڪرو هوندو هو، جيڪو پوءِ تاج محمد سمي مان ڦري ”تاجل بيوس“ بڻجي ويو. جڏهن بابا سائين حيات هوندو هو ته صبح جو اکيون مهٽيندو ڪتاب کڻي اسڪول روانو ٿيندو هوس.
1946ع ۾ بابا سائينءَ جي لاڏاڻي ڪري مجبوريءَ کان اسڪول ڇڏي، ڌنارڪي لٺ ڪلهي تي رکي، 3 سال ڪچي پڪي تي مينهون چارڻيون پيون، اهوئي سبب آهي جو ڪچي ۽ پڪي جي ڪري فطرت کي تمام ويجهڙائي کان ڏٺو اٿم. جيئن ته ڍنڍون، ڍورا، گڻنگون، واهه، جهانگيلي، باهڻي، درياءُ، واهڙ، وغيره وغيره.
مان ڪچي ۽ پڪي جو ذاتي طور تي شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي ٽن سالن سان گڏ، 30 سالن جي ڄمار تائين خوبصورتي ۽ فطرتي سونهن سوڀيا پسائي.
جيئن ته ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه ۾ هڪ درگاهه آهي، ان ڪري جيڪي عقيدتمند، مريد ۽ خادم ايندا هئا. انهن سان ڪچهري ڪرڻ ڪري وٽانئن ڪيترائي ڏاهپ جا نقطا نصيب ٿيا. ائين کڻي چئجي ته اهڙين هيرن سان جهول ڀريندو رهيس.
سوال: اوهان شاعري جي رهنمائي ڪنهن کان ورتي؟
جواب: حڪيم الهندو جتوئي، منهنجو ادب ۾ استاد رهيو آهي، جنهن کي لطيف ۽ مرزا غالب جي حوالي سان هڪ جيئري جاڳندي تاريخ سڏيو ويندو هو ۽ ادب وچان تر وارا کيس استاد سڏيندا هئا. مون کي جيڪو ڪجهه پڙ پيو اهو سڀ جو سڀ حڪيم استاد الهندي جتوئي طرفان مليل سوکڙي آهي.
ڇاڪاڻ ته استاد محترم مون کي ۽ درگاهه جي ننڍڙي حيات شاهه کي ننڍڙي هوندي ئي ڀٽائي جا سهڻا سُر جيئن ته، سُر سامونڊي، سُر سارنگ ۽ سُر کاهوڙي سمجهائيندو هو. منهنجو اَڄ به اهو عقيدو آهي ته ماڻهو ڪتابن کان وڌيڪ ڪنهن داناءَ يا ڏاهي وٽان گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو.
Self knowledge is better than bookish knowledge
سوال: تاجل صاحب! اوهان اهو ٻڌايو ته اها ڪهڙي شي هئي جنهن اوهان کي شاعر ڪري ڇڏيو؟
جواب: ڀٽائي جي شرح سمجهڻ ۽ درگاهه تي ڏاهن جي ڪچهرين ۽ راڳ ٻڌڻ مون کي شاعر بڻايو، شاعر ٿيڻ کان سواءِ مان ٻيو ڪجهه ٿي به نه سگهان ها، اڄ به اهي درگاهه جا يڪتارا، چپڙيون ۽ ڍولڪ جي وڄٽ ذهن ۾ ٻُري رهي آهي، ان سان گڏ، استاد محترم جي حڪم موجب اسان ادبي رسالا، جهڙوڪ ”نئين زندگي“ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالو ”رهنما“ هالن مان نڪرندڙ رسالو ”فردوس“، پڙهندا هئاسين، جنهن ذوق مون کي شاعريءَ طرف آندو. مشاهدي کانسواءِ به شاعري بيڪار آهي. هڪ ماڻهو غربت جا بدصورت نظارا ڏسندو آهي ۽ ٻيو وري اهي نظارا ڏسڻ سان گڏ غربت جي ڪيفيت مان به گذرندو آهي. مون سان ٻئي ڪيفيتون لاڳو آهن.
امان سانئڻ، بابا سائين جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئن ته ذات جي سمياڻي نه پر سيالڻ هئي، ان ڪري مڙس کان پوءِ ڌاري هئڻ ڪري، منهنجي مائٽن جي جهيڙن سان به منهن ڏنائين ته، مون کي ۽ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي به کير ڀت کارائي هيستائين آندائين، جا 1990ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي وئي ۽ اهو ئي سال منهنجي ادب جي استاد جي لاڏاڻي جو به آهي.
سوال: اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي. غزل جي ارتقا جي باري ۾ ٿورو ٻڌايو؟
جواب: منهنجي پسند جون اُهي سڀ صنفون آهن، جن جو سنڌي ادب سان صدين جو ڳانڍاپو رهيو آهي، جي بيت، وائي ۽ ڪافي آهن. ڇو ته اُهي ئي اسان جي ڪلاسيڪي يا اساسي شاعريءَ جون صنفون آهن، جي قاضي قاضن کان وٺي هلنديون پيون اچن، جيتري قدر غزل جو تعلق آهي ته اهو اسان وٽ فارسي ۽ اردوءَ مان آيو، جنهن کي تجرباتي طور اسان اکين تي رکيو، غزل جو اوج مير عبدالحسين سانگي، والي رياست خيرپور جي سرپرستيءَ کان ٿيندو، مشاعرن کان هلندو، لاڙڪاڻي جي جمعيت الشعراء سنڌ کان ٿيندوهت پهچي ٿو، جنهن ۾ تغزل جي معنيٰ ۽ مقصد جي مطابق سهڻن، محبوبن بابت شاعري هئي، جنهن ۾ محبوبن جون وفائون، ادائون، خمدار زلف، صراحي، مينا، گل ۽ بلبل جا داستان هوندا هئا. جنهن کي ٽوڙي، مروڙي، درٻاري ماحول جي ڌٻڻ کان ٻاهر ڪڍڻ، جو سهرو ترقي پسند شاعر ڪشنچند بيوس جي سر تي ٿو سونهين، جنهن شاعرن کي فارسي جي درٻاري ماحول ۽ مجازي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي، هارين ۽ مزدورن جي جهوپڙين تائين پهچايو آهي، جيڪو اثر اڄ به شاعريءَ ۾ موجود آهي ۽ اسان جا نوجوان شاعر به گهڻي ڀاڱي قومي ۽ سماجي سوچ ويچار بابت غزل تخليق ڪري رهيا آهن. اڄ غزل ۾ محبوب جي خمدار زلفن کان وڌيڪ، بک ۽ بيروزگاري جي نشاندهي ۽ پيٽ ڀرڻ جي ڳالهه ڪيل آهي. جنهن ۾ ساڻيهه جا نظارا به اچي وڃن ٿا. منهنجو غزلن جو هڪ ڪتاب 1996ع ۾ ”تنهنجا نيڻ غزل“ جي عنوان سان ڇپيو، جنهن ۾ پورا 100 غزل آهن، ڪجهه سال اڳ، سکر کان سنڌي ادبي سنگت پاران لبِ مهراڻ تي ڪالاباغ ڊيم جي خلاف هڪ احتجاجي تقريب ۽ مشاعرو ٿيو هو. ان ۾ جڏهن مان غزل جو مطلع پيش ڪيو ته ڪيترن نوجوان شاعرن غزل جا لفظ ٻڌي نمازين واري پوزيشن ۾ سنڌو درياءَ کي سجدو ڪيو هو. اهو مطلع هي آهي:
مان سنڌ جي اجرڪ وارو احرام ٻڌان ٿو،
سنڌو آهي ڪعبو هي سرعام چوان ٿو.
اڄ غزل کي سنڌي شاعرن ايترو ته پنهنجو ڪيو آهي جو غزل به ڄڻ سنڌ جي روايتي شاعريءَ ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
سوال: جيڪڏهن سٺو غزل ڪو شاعر لکڻ چاهي ته ان ۾ ڪهڙِين ڳالهين جو خيال رکي؟ ۽ ان ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
جواب: خوبي غزل جي منهنجي نظر ۾ اها آهي ته غزل آرٽ براءِ آرٽ نه هجي، پر ترقي يافته ملڪن کي سامهون رکندي غزل جو سماجي، فني، فلاحي ۽ سياسي تبديلين يا انقلاب لاءِ هئڻ گهرجي، جنهن ۾ وندر جو عنصر گهٽ پر انساني ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ وڌيڪ هئڻ گهرجي.
سوال: جڏهن اوهان تي تنقيد ٿيندي آهي، ان ويل اوهان جون ڪهڙيون Feelings هونديون آهن، ڇا اسان وٽ تنقيد جو صحيح حق ادا ٿئي ٿو؟
جواب: نه منهنجا سڄڻ! تنقيد جو صحيح حق ڪٿي ٿو پورو ٿئي. اسان وٽ استاد، پارکو ۽ نقاد رهيا به اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، اڄ جو نوجوان شاعر يا نثر نويس ته تنقيد جي تاريخ پڙهي ئي نه ٿو. ايتري قدر جو شاعريءَ جي علم سان گڏ، کين هڪ حرفي ۽ ٻه حرفي رڪنن جي به خبر ڪانهي، علم عروض کي ته ڇڏيو پر ڇند وديائي گر ماترا ۽ لگ ماترا جي به يارن کي خبر ڪانهي. منهنجو مطلب آهي ته شاعري ڪرڻ لاءِ شاعريءَ جي صنفن ۽ شاعريءَ جي علم جي ڄاڻ ئي ادب ۾ وڏا نالا پيدا ڪري سگهي ٿي.
سوال: ادب جي سائنسي وصف اوهان وٽ ڪهڙي آهي؟ ۽ اهو به ٻڌايو شاعر لکي ڇو ٿو؟
جواب: ڪِنهن زماني ۾ ادب براءِ ادب تخليق ڪيو ويندو هو. جنهن کان پوءِ ادب براءِ زندگي وارا استاد ۽ پارکو ادب جي پهرئين قطار ۾ اچي بيٺا. هن وقت دنيا جي ترقي يافته ملڪن، جي ترقيءَ کي ڏسي اسان هن نتيجي تي پهتا آهيون ته اسين سنڌ واسي جنهن جاءِ تي اڄ کان اڌ صدي اڳي بيٺا هئاسون ان کان به ٻه قدم پٺتي هليا ويا آهيون. ان ڪري منهنجي خيال ۾ ته ادب تخليق ڪرڻ جي سائنسي وصف هن طرح هئڻ گهرجي:
”ادب جو سماجي، سياسي، فني ۽ فلاحي، انقلاب يا تبديلين لاءِ هئڻ“ شاعر ڇو ٿو لکي؟ ان لاءِ مان چوندس ته خارجي ۽ داخلي اثرن ڪري شاعر جي دل ۾ آنڌ مانڌ، هلچل ۽ ڀونچال جهڙيون حالتون يا ولوڙ پيدا ٿئي ٿي، جنهن ڪري شاعر جا جذبا لفظن جو روپ وٺي ڪاغذ تي منتقل ٿين ٿا. ائين کڻي سمجهو ته انسان آزاد زندگي گذارڻ لاءِ قانون ٺاهيندو آهي. جنهن ذريعي اسان زندگيءَ کي سينگاري، سنواري ۽ اڇو اجرو ڪري سگهون ٿا. جيئن هڪ ڌنار ڍورو، يا گڻنگ اڪرندي، ڪن تي هٿ رکي آلاپيندو آهي يا بانسريءَ جا سر چيري اندر جو آنند ۽ ڪلياڻ حاصل ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ڪامل شاعر داخلي ۽ خارجي اثرن واري ولوڙ کي ڪاغذ تي منتقل ڪري اندر جو آنند ۽ ڪلياڻ حاصل ڪري ٿو. ائين سرجڻهار ۽ پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جماليات جي هڪ ڌاڳي ۾ پوئجي هڪ ٿيو وڃن ۽ پوءِ ”راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪي“ واري منزل ملي ٿي وڃين.
سوال: ڪي شاعر 24 ڪلاڪ شاعري ڪندا رهن ٿا. ڇا شاعري ڪرڻ لاءِ ڪو خاص وقت مقرر هوندو آهي؟ اوهان جي نظر ۾ شاعري ڇا آهي؟ ۽ اوهان ڪهڙي ڪيفيت ۾ شعر لکندا آهيو؟
جواب: منهنجي لاءِ ڪابه مٿان کان آمد Intuition نه ٿيندي آهي، اهو سڀ شاعر جي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي تي دارومدار رکندڙ آهي. يعني سندس ڪثرت ئي شاعريءَ جو ماحول پيدا ڪندي آهي، جنهن کي گهڻي ڀاڱي ”آمد“ چيو ٿو وڃي، منهنجي لاءِ سج لهڻ کان پوءِ وارو وقت شاعريءَ ڪرڻ لاءِ سٺو آهي ۽ مان ٿورو جهونگاري ۽ ڀٽائي جا ٻه چار بيت پڙهي يا ڪي پنهنجون وايون، ڪافيون جهونگاري شاعريءَ جو ماحول پيدا ڪندو آهيان ۽ لکڻ شروع ڪندو آهي ۽ اڃان تائين لکندو رهان ٿو. اها حقيقت آهي ته خلقڻهار انسان کي اشرف المخلوقات بڻائي، علم ۽ شعور جي هٿيارن سان هن دنيا ۾ظاهر ڪيو آهي. ان ڪري مان ته ائين چوندس ته سڀ انسان خدا جي نظر ۾ هڪجهڙا آهن. اهو انسان ئي ته آهي جيڪو پنهنجي علم ۽ شعور واري ذات تي لکي سگهي ٿو.
سوال: اها ڳالهه توهان جي ڄاڻ ۾ هوندي ته اسان جا ڪجهه اديب ۽ سياستدان استاد بخاري کي ايشيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ڪري پيش ڪن ٿا. ڇا واقعي ئي بخاري اياز کان وڏو شاعر هو؟ اوهان جي نظر ۾، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
جواب: اياز کي لطيف کان پوءِ بيت ۽ وائي جي حوالي سان اوچو مقام حاصل آهي. مون جيڪڏهن ڪن شاعرن کان اثر وٺي لکيو آهي ته اهي فقط ئي فقط شاهه ۽ شيخ ئي ٿي سگهن ٿا، جن جو اسان ننڍي هوندي استاد محترم حڪيم الهندي جي رهنمائي ۾ آسماني ڪتابن وانگر دور ڪندا هئاسون، مان ننڍڙو حيات شاهه (سجاده نسين) شيخ اياز جا ڇپيل بيت پڙهي وڃي استاد الهندي خان کي ٻڌائيندا هئاسون، اها ٻي ڳالهه آهي ته، جيئن ته ٻوليءَ جا اصطلاح ۽ استعارا، علامتون، تمثيلون ۽ تشبيهون، ٻهراڙيءَ ۾، يعني ڳوٺن ۾ ٺهنديون، ڊهنديون، نئون روپ وٺنديون آهن ۽ نه ئي شهرن ۾، ان ڪري، جيئن ته شيخ اياز شهر ۾ ڄميو نپنيو هو. ان ڪري، سنڌي ٻولي ۾ مشاهداتي، محاوري ۽ لفظن جون ڪيتريون ئي غلطيون ملن ٿيون. جڏهن ته استاد بخاري عوامي شاعر آهي.
سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي کان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
جواب: هن وقت، اونداهيءَ ۾ هڪ ڪرڻو نظر اچي ٿو، جو آهي، ذوالفقار سيال جو سيڪريٽري چونڊجڻ، جيئن ته هي دوست هڪ غير متنازعه شخصيت آهي، چڱي خاصي سڌ رکندڙ آهي، ان ڪري اسان کي اميد آهي ته سندس ڪپتانيءَ هيٺ، سنڌي ادبي سنگت جو ٻيڙو منزل تي پهچندو.
سوال: اڄڪلهه اوهان جون ادبي سرگرميون ڪهڙيون آهن؟
جواب: بلوچ صاحب! مان دراصل سنڌ جي هڪ منظوم تاريخ لکڻ ٿي چاهي، جيئن Opera نموني اسٽيج تي نظم ۾ پيش ڪري سگهجي، پر ويجهن دوستن، شاعرن همٿائڻ بدران صلاح ڏني ته هيڏي ادبي رٿا ۾ هٿ نه وجهه، ان ڪري، اهو ارادو تقريبن ختم ڪري چڪو آهيان. هن وقت تائين، 27 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، 7 ڪتاب ڇپجن پيا ۽ 11 ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ڪري رکيا اٿم، جن ۾ ”راڳ ۽ هارمونيم سکڻ جو رهنما“ ۽ سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو“ به شامل آهن.
سوال: اوهان پنهنجي ڪارنامن ۾ سنڌ جي ڪن شهرن ۾ پنهنجي نالي قائم ٿيل ڇهه ادارا ۽ ڪجهه لائبريرين بابت ڄاڻ ڏني آهي جن مان ڪن لائبريرين جو انهن شهرن ۾ وجود ئي ڪونهي. اوهان ڪڏهن بذات خود وڃي جائزو ورتو آهي؟
جواب: هن وقت راڻيپور ڀرسان ڪُنبن ۾ قائم ڪيل لائبريري بهترين نموني ڪم ڪري رهي آهي، جا وڌ ۾ وڌ فعال آهي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پاران، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ ”آريجن ۾ قائم ڪيل تاجل بيوس ڪارنر به فعال آهي.
سوال: ناز سنائي اياز جا خط ڇپرايا آهن، جيڪي اصل ۾ علي محمد گاڏهي (مينڌري گاڏهي) ڏانهن لکيا ويا هيا. بعد ۾ محسن ڪڪڙائي صاحب کان ٿيندا، جامي چانڊئي کان وڃي ناز سنائي وٽ پهتا. اها ڳالهه محسن ڪڪڙائي صاحب پاڻ ڪئي ۽ سندس پٽ نثار محسن پڻ هڪ ڪالم ۾ ذڪر ڪيو آهي. اوهان جو ان خطن جي باري ۾ ڪهڙِي راءِ آهي؟
جواب: مون کي ان بحث ۾ نه وچڙايو ته بهتر ٿيندو، ڇو ته مامرا ۽ جهڳڙا جيئرن سان هوندا آهن. پر جيڪو اکيون بند ڪري هڪ اهڙي پار ڏي وڃي ٿو، جتان ڪو واپس نه وريو آهي، ته اهڙي شخصيت سان جهيڙي جهٽي بجاءِ قرب ۽ همدردي پيدا ڪرڻ کپي، جنهن ۾ شيخ اياز به اچي وڃي ٿو. تنهنڪري، شيخ اياز لاءِ مونکي هڪ وڏي سرجڻهار جي حوالي سان احترام آهي، باقي جيڪو ڪنهنجي لاءِ جو ڪجهه ڪري ٿو، ان لاءِ به ڪا رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي.
سوال: اسان جي سنڌي ادب جي تاريخ تي هندستان جي ڪن اديبن ڪم ڪيو آهي، جهڙوڪ پوپٽي هيرا ننداڻي، ان جو ڪتاب (History of Sindhi Literature) ۽ ٻيو ديال آشا، جنهنجو ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ آهي. پر ٻنهي جي ڪتابن پڙهڻ سان اهو محسوس ٿيو آهي ته هنن کي اسان جي سنڌي ادب جي ماضي توڙي حال جي 25 سيڪڙو به ڄاڻ ناهي، ادب جي حوالي سان سندن سهيڙيل تاريخون بلڪل اڌوريون بلڪه نامڪمل ۽ غير معياري لڳن ٿيون. جڏهن ته اوهان انهن جي رابطي ۾ آهيو ته پوءِ اوهان هت سنڌ ۾ ادب جي تاريخ کان انهن کي مڪمل ڄاڻ کان آگاهه ڇو نه ڪيو؟
جواب: تازو دهليءَ جي امر لعل رام پنجواڻيءَ سنڌ بابت هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن لاءِ سنڌ بابت مون گهٽ ۾ گهٽ کيس زخيم چار پنج ڪتاب موڪليا، جنهن لاءِ هن لکيو آهي ته منهنجن ڪتابن کي پنجواڻي صاحب Appreciate ڪيو آهي، پر جيڪي نالا توهان ٻڌايا آهن، اهي ڀارت ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي سنڌ بابت ڪو ڪتاب لکندا، جنهن ۾ اڻپوري ڄاڻ ڏنل هوندي ته اسان سنڌ وارن کي معيار ڏيڻ اجائي آهي.
سوال: عشق اوهان جي نطر ۾ ڇاهي؟ ماڻهو چون ٿا ته عشق به هڪڙي قسم جي بيماري آهي؟
جواب: (ٽهڪ ڏيندي) عشق مون لاءِ ماڻهن ۾ روح ۽ جان پيدا ڪندڙ آهي، عشق کانسواءِ، هر ڪم بي معنيٰ نظر ايندو آهي، ڇو ته اڳتي وڌڻ لاءِ مجازي عشق ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو ٿئي ٿو. جنهن کان پوءِ عشق جي منزلن کي ماڻڻ لاءِ خود عشق 32 ڏيا ٻاري رهنمائي ڪري ٿو. اهو سبب آهي، جو صوفين پهرئين منزل ”فنا في المحبوب“ مقرر ڪئي آهي، ان ڏس ۾ مون به گهڻائي عشق ڪيا آهن ۽ اهو سلسلو ان وقت تائين هلندو، جڏهن مٽي ماءُ پنهنجي گود ۾ لولي ڏيئي سمهاري نه ڇڏي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
جواب: زندگي مون لاءِ اهو عطيو آهي، جنهن کي فقط انسان جي خدمت ڪرڻ، بک بيروزگاري ڪڍڻ ۽ سچ جي واٽ روشن ڪرڻ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. ڇو ته ان زندگيءَ کي اسان جي خدمت ڪرڻ مان ئي عبادت واري رستي تي هلائي سگهجي ٿو. منهنجو يقين آهي ته اهي هٿ، جيڪي ڪنهن جي مدد ڪن ٿا يا ڪنهن جي ڪم اچن ٿا اهي هٿ انهن چپن کان وڌيڪ بهترآهن، جي عبادت ڪن ٿا، مان تڏهن ته سنڌماتا جي باري ۾ هن طرح چئي سگهيو آهيان.
”ڪو توکي گدرو سمجهي ڦارون ڦارون ٿو ڪري، ته ڪو توکي ڪاري سڏي تنهنجي ڇاتيءَ کي بمن سان اڏائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، تون پوءِ به مومل ۽ قلوپطرا بڻجي اسان تي سونهن نڇاور ڪندين رهين ٿي، صدين جي سفر ۾ تنهنجاپير ٿورا ميرا ٿي ويا آهن. اوري آ، اڃان به اوري آ، ڌرتي منهنجي ماءُ! ته لڪيءَ جي چشمن ۾ گلابن جو پاڻي ڇڻڪائي، تنهنجي پيرن کي ڌوئي صاف ڪيان“.
سوال: سائين ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اڄڪلهه اوهان مختلف ڊرامن جو تقابلي مطالعو ڪري رهيا آهيو.۽ اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هندستان ۾ هڪ وڊيو فلم اسڪرپٽ نالي سان ڪتاب ڇپايو ويو آهي. جنهن کان پوءِ فلم بندي ڪئي ويندي. جا فلم بندي، سنڌ جي ٽن شاعرن بابت آهي ۽ اهي ڪهڙا شاعر آهن؟.
جواب: صحبت! توهان جو ڪجهه ٻڌو آهي اهو درست آهي، مان واقعي اڄڪلهه ڊرامن ۽ فلمن بابت لکيل ڪتابن جو مطالعو ڪري رهيو آهيان، ته جيئن مون کي ان فن جي چڱي ريت خبر پئجي وڃي، ته جيئن مان ذهن ۾ ويٺل چار ڊراما لکي سگهان. جي آهن، 1. سنڌوءَ جو گهاءُ، 2. شهيد دودو سومرو، 3. شاهه عنايت شهيد ۽ موهن جو دڙو، توهان کي خوشي ٿيندي ته ”سنڌو جو گهاءُ“ مان لکي چڪو آهيان، جنهن ڊرامي جي ڪردارن جي گفتگو سنڌ ۽ سنڌوءَ بابت آيل پراڻن ڪتابن جيئن ته رگ ويد، مهاڀارت، رامائڻ، توريت، زبور، انجيل ۽ ڪشمير جي تاريخ (راج ترگنڻي) ۾ آيل حوالن مطابق آهي. دعا ڪيو ته اهو ڊرامون سنڌ سان گڏ هند جي دهلي ۾ رڪارڊ ٿئي، توهان سوال ۾ هند ۾ ڇپيل ڪتابن بابت به پڇيو آهي، جو توهان جي صحيح معلومات آهي. ان ڪتاب جونالو ”ڏور به اوڏا سپرين“ رکيوويو آهي. جنهن کي ڀارت جي الهاس نگر مان وڊيو فل اسڪرپٽ جي ماهر جگديش لڇاڻي ڇپائي هندستان سان گڏ سِنڌ ۾ به پهچايو آهي. جيڪو سنڌ جي ٽن شاعرن شاهه، شيخ اياز ۽ مان تاجل بيوس بابت آهي. توهان کي اهو معلوم ڪندي به خوشي ٿيندي ته فلم جو نالو منهنجي سفرنامي ”ڏوربه اوڏا سپرين“ تان کينو ويو آهي جيڪو مون ۽ شيخ اياز پاران 1990ع هندستان جي سفر ڪرڻ کان پوءِ 1991ع ۾ ڇپايو هو. مون کي ان لڙيءَ ۾ پوتو ويو آهي جيڪا منهنجي لاءِ هڪ فخر جي ڳالهه آهي، جڏهن ته مان شاعريءَ جي حوالي سان پاڻ کي ڀٽائي جي پيرن جي مَرُ سمجهندو آهيان.
سوال: اوهان جو سنڌ واسين لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: اچو ته سنڌ جي وڪيلن، ڊاڪٽرن، سياستدانن، سنڌ پرست شخصيتن، سماجي اڳواڻن ۽ اديبن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي قائم ڪري تربيلا ۾ قيد ڪيل پاڻيءَ وٺڻ لاءِ ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ٺهندڙ ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊئم خلاف، انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس، هيگ ۽ اقوام متحده ۾ ڪيس داخل ڪيون، ڇو ته پاڻيءَ وٺڻ جو فقط اهو ئي وسيلو رهجي ويو آهي. وفاق ۽ پنجاب قانون جا سڀ ليڪا لتاڙي چُڪا آهن.
[b]غزل[/b]
سنڌ درياهه کي کاري ڇاڻ پڄائي ڏي،
منهنجا مولا سُندرتا موٽائي ڏي.
غربت جي اوندهه مان جيئن سج اڀري پوي،
ٿر، ڪاڇي ۾ اهڙي جوت جلائي ڏي.
ويد، رسالا سنڌوءَ ڪناري لکبا رهن،
حرفت جو ڪو اهڙو هنر هلائي ڏي.
ڀٽ ڌڻي جي واين جا ورلاپ ٿين،
شاهه جي راڳين جي ڪا تند تپائي ڏي.
ڪچي، پڪي تي سنڌوءَ ڪنارن جي ڀر ۾،
ڪانهن، پڃرن وارا گهر جوڙائي ڏي.
گنگا، جمنا، سرسوتي جا سڏ سڻي،
ويدن واريءَ سنڌوءَ کي سرچائي ڏي.
سو ٻيجل سرن کان ڀل محروم رهن،
ڪنهن به ڏياج جو ڪنهن کان نه ڪنڌ ڪپائي ڏي.
سنڌوءَ کي پيو لوڏيان لال هندوري ۾،
”بيوس“ کي ڪو اهڙو سبب بڻائي ڏي.