الطاف شيخ ڪارنر

واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

”منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟ هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي.“
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامو هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3542
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

پبلشر نوٽ

پنهنجن انمول سفرنامن وسيلي سِنڌُ واسين کي سموري دُنيا جو مشاهدو ڪرائيندڙ، سنڌي ٻوليءَ جي اڻ ٿڪ ۽ اورچ ليکڪ محترم الطاف شيخ جو نئون سفرنامو ”واٽ ويندي“ اوهان جي مهربان هٿن ۾ آهي.
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامون هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو. تاريخَ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هي ڪتابُ نهايت اهميت وارو ڪتابُ آهي. نئين نسل کي هي ڪتابُ ضرور پڙهڻ گهرجي ته جيئن هُو تاريخ جي اونداهين گهٽين کي محسوس ڪري سگهن گذريل ڪجهه ڪتابن جيان الطاف شيخ صاحب جو هي ڪتابُ ڇاپيندي اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون.


[b]قربان منگي
[/b]چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور