الطاف شيخ ڪارنر

واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

”منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟ هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي.“
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامو هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3542
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

2

دهلي گهمائيندڙ سک ٽئڪسي ڊرائيور ارواديپ سنگهه جي پڇڻ ”آيا پاڪستان ۾ جين مندر آهن يا نه؟“ تي آئون نه فقط سنڌ ۽ پنجاب جي جين مندرن جو احوال لکي ويٺو آهيان، پر جين ڌرم جي ڪجهه پوئلڳن جو پڻ. پنهنجي ”ٽو ان ون“ سردار جي، يعني ”ٽئڪسي ڊرائيور پلس گائيڊ“ کي ٻڌايم ته ٻڌ ڌرم وانگر جين ڌرم به بيحد آڳاٽو آهي جيڪو هندو، سنڌ ۾ ڦهليل هو.
ڏٺو وڃي ته سکن جو ڌرم ته سڀ کان ويجهڙائيءَ وارو ڌرم آهي. جنهن جو باني گرو نانڪ آهي. گرونانڪ 1469ع ۾ ڄائو ۽ 1539ع ۾ وفات ڪيائين. هي ڌرم ڏهن گروئن مڪمل ڪيو. ڏهون گرو گوبند سنگهه هو، جيڪو روحاني پيشوا، جنگي جوڌو، شاعر ۽ فيلسوف پڻ هو. هي آخري گرو 1666ع ۾ ڄائو ۽ 1708ع ۾ وفات ڪيائين. ان حساب سان سکن جو ڌرم ٽي صديون کن پراڻو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻڌ ڌرم جو باني گوتم ٻڌ ته حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ يونان جي سڪندر اعظم کان به اڳ، 500 کن سال قبل مسيح ڄائو. سنڌ ۾ به ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ ٻوڌي رهيا پئي. ٿي سگهي ٿو راجا پورس هندو نه ته ٻوڌي هجي.... يا جيني..... يعني جين ڌرم جو هجي. مونکي اها خبر ناهي ته جين ڌرم ڪڏهن کان شروع ٿيو، پر ٻڌ ڌرم وانگر ڪافي آڳاٽو ٿو لڳي، جو سڪندر اعظم جڏهن ايران فتح ڪري اسانجي علائقن ۾ آيو ته هن کي سنڌو ماٿريءَ ۾ جين ڌرم جا ماڻهو به مليا، جن جو احوال سندس تاريخدان به ڪن ٿا.
سڪندر اعظم جي جنگي سوڀن جو احوال، ان سان گڏ گڏ هلندڙ، ۽ بعد ۾ ٻين تاريخدانن جام ڪيو آهي. انهن ۾ هڪ پلوتارڪ (Plutarch) کي آئون وڌيڪ لائق فائق ٿو سمجهان. پلوتارڪ ايران کان علاوه، عرب دنيا ۾ به هڪ قابل يوناني مؤرخ، بايوگرافر ۽ فيلسوف سمجهيو وڃي ٿو. هن جا ڪتاب "‏”Moralia ۽ “Parallel Live” عربيءَ ۾ به ترجمو ٿيل آهن. عرب کيس ”فلوطرخس“ سڏين ٿا.
پلوتارڪ، سڪندر اعظم جي وفات کان ٽي صديون کن پوءِ سن 46ع ۾ ڄائو ۽ 73 سالن جي ڄمار ۾ 120ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ وچ يونان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خيرونيا (Chaeronea) ۾ ڄائو. هن پنهنجي يوناني ڪتاب “Moralia” (جيڪو انگريزيءَ ۾ “Morals” جي نالي سان ترجمو ٿيو آهي) ۾ سڪندر اعظم جي ڀلي ڀاڳ ۽ قابليت “on the fortune or the virtues of Alexander the Great” تي ڪافي لکيو آهي. سندس سڪندر اعظم بابت هڪ جملو ٿو ياد اچي ته:

“He desired not pleasure of wealth, but only excellence and glory”

هو لکي ٿو ته سندس سنڌو نديءَ جي ڪناري تي پيشوائن / ٻاون سان ملاقات ٿي. پلوتارڪ، جين مذهب جي اگهاڙن ٻاون لاءِ يوناني لفظ “Gymnosophists” استعمال ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اگهاڙا فيلسوف“ يا ”اگهاڙا ڏاها“. مٿي لکي آيو آهيان ته جين ڌرم جا ٻه فرقا آهن، هڪ اهي جيڪي هيرا موتي لڳل بت پوڄين ٿا ۽ انهن جا پيشوا اڻ سبيل ڪپڙو اوڍين ٿا.
جين ڌرم جي ٻئي فرقي جا پوئلڳ بنا ڳهن ڳٺن وارا بت پوڄين ٿا ۽ ان فرقي جا ٻاوا الف گهاڙا رهن ٿا. پلوتارڪ جي ان قصي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ نه فقط جين ڌرم هو، پر ان جا پوئلڳ ۽ پوڄاري پنڊت سنڌ ۾ موجود هئا، تڏهن ته سڪندر اعظم جي انهن سان ملاقات ٿي. يوناني بايوگرافر پلوتارڪ ان ملاقات جو به تفصيلي احوال لکيو آهي ته سڪندر اعظم انهن ڏهن اگهاڙن ڏاهن کي چيو ته: ”آئون هر هڪ کان هڪ هڪ سوال ڪندس. جيڪو ڏاهپ جو جواب نه ڏيندو، ان کي اتي جو اتي قتل ڪندس“.
سڪندر اعظم انهن کان سوال ڪري ٿو ۽ سندن ڏنل جوابن مان متاثر ٿي نه فقط سندن جان ٿو بخشي پر انعام به ڏئي ٿو.
سڪندر اعظم انهن اگهاڙن جين ٻاون (Gymnosophists) کان جيڪي سوال پڇيا آهن، اُنهن مان ٻه چار هن ريت آهن:
• هن دنيا ۾ اڄ جيڪي جيئرا آهن، انهن جو تعداد وڏو آهي يا انهن جو جيڪي اڄ ڏينهن تائين مري ويا آهن؟
• سمنڊ، گهڻا ساهوارا جانور مهيا ٿو ڪري، يا ڌرتي؟
• ڏينهن اڳ آيو يا رات؟
• ڪو چاهي ته انسان مان ديوتا ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟
• زندگي وڌيڪ طاقتور آهي يا موت؟
• هڪ انسان لاءِ ڪيڏو عرصو جيئرو رهڻ بهتر آهي؟ وغيره وغيره.
پلوتارڪ پنهنجي ڪتاب ۾ نه فقط سڪندر اعظم جا اهي سوال لکيا آهن، پر انهن جا جواب پڻ، جيڪي جين ڌرم جي اگهاڙن پيشوائن ڏنا. هن اهو احوال پنهنجي ڪتاب “The Parallel Lives” ۾ ”لائيف آف اليگزينڊر“ واري چئپٽر ۾ لکيو آهي. اهو به لکندو هلان ته هن يوناني تاريخدان، بايو گرافر ۽ فيلسوف جو جنهن ڳوٺ سان تعلق هيو، (ڳوٺ ته ان وقت هو جڏهن هو ڄائو هو، اڄ ٻه هزار سالن بعد خيرونيا (Chaeronea) دنيا جي وڏن ۽ سهڻن شهرن مان هڪ آهي) ان ڳوٺ ۾ پلوتارڪ (جنهن کي عرب فلوطرخس سڏين ٿا) جو تمام وڏو مجسمو (Statue) رکيل آهي. يونان ۾ اسان جا ڪيترائي پاڪستاني رهن ٿا، خاص ڪري پٺاڻ..... پلوتارڪ (فلوطرخس) جو شهر ”خيرونيا“ اسانجي پاڪستاني پٺاڻن جي ڪري به مشهور آهي، جن مان گهڻن جي وڏن جو واسطو يونان جي جهازران ڪمپنين سان رهيو.
اسان اڃان ڪناٽ پليس واري علائقي ۾ ئي هئاسين، جيڪو دهليءَ جو خوبصورت علائقو ۽ ايئن مرڪز آهي، جيئن ڪراچيءَ جو صدر وارو علائقو..... صدر واري علائقي کي انگريزن جي حڪومت ۾ ترقي وٺرائي وئي. ان ۾ ڪالونيل اسٽائيل عمارتون، اعليٰ هوٽلون ۽ آفيسون قائم ڪيون ويون، جيڪي هاڻ ته نه رهيون آهن، جو اسان جي حڪومتن انهن تي توجهه نه ڏنو. ايمپريس مارڪيٽ به گند جو ڍير ٿي ويو آهي. پر انڊيا جي حڪومت انگريز دور جي عمارتن ۽ علائقن کي نه فقط قائم رکيو آهي پر وڌايو ۽ وڌيڪ سهڻو بڻايو آهي. هونءَ به دهليءَ جو ڪناٽ پليس وارو علائقو اسانجي ڪراچي ۽ صدر واري علائقي کان تمام وڏو آهي، جنهن ۾ هوٽلن، ريسٽورنٽن، سئنيما هالن، شاپنگ مالن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ وٽان آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ، جيڪڏهن ڪوئي تاريخ جو ڄاڻو آهي ته کيس ڏينهن کپن، نه ته اڻ ڄاڻ لاءِ هر عمارت ڀتيون، در دريون، گنبذ منارا آهي. دهليءَ جو شهر گهمڻ جهڙو آهي. ٿورن ڏينهن جي لاءِ ٽِڪڻو هجي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪناٽ پليس ۽ ان جي آس پاس جو چڪر ضرور هڻجي، پر شرط اهو آهي ته پاڻ سان ڪو مڪاني گائيڊ کڻجي يا گهران نڪرڻ کان اڳ دهليءَ بابت ڪو گائيڊ بڪ يا سفرنامو پاڻ سان ضرور ساڻ کڻجي ۽ ان سان گڏ انڊوپاڪ جي تاريخ جو به مطالعو ڪجي.
’ڪناٽ پليس‘ ۽ ’ڪباٽ سرڪس‘ جا نالا دهليءَ ۾ نون ايندڙ ٽوئر سٽن کي منجهائيندا هوندا. ”ڪناٽ پليس“ دراصل دهليءَ جي ان صدر يعني مرڪزي علائقي جو نالو آهي. اسان وٽ ته (جيئن مٿي لکي آيو آهيان)، اهو علائقو ننڍو آهي، جنهن مان ٽي چار سنها رستا اتر ڏکڻ وهن ٿا ته ٽي چار اوڀر اولهه وهن ٿا. جن رستن ۽ گهٽين کي انگريزن ٺهرايو ۽ انهن جا نالا ايلفنسٽن اسٽريٽ، پريڊي اسٽريٽ، مئنسفيلڊ اسٽريٽ، برنس روڊ، فريئر روڊ رکيا پر پوءِ اسان ان رفتار سان وڌيڪ روڊ ته نه ٺهرايا، پر انهن جا نالا ضرور بدلائي ڇڏيا. 1960ع واري ڏهاڪي تائين به ڪراچيءَ جو صدر وارو علائقو (توڙي حيدرآباد جو صدر) ڇا ته خوبصورت هو. ڪراچيءَ جي ايلفنسٽن اسٽريٽ، جيڪا هاڻ زيب النساءِ اسٽريٽ سڏجي ٿي، ڇا ته رونق واري هئي. عمارتون، دڪان ۽ فارينر ڏسي هيءَ گهٽي لنڊن جي ڪا گهٽي لڳندي هئي. اڄ منهنجي عمر جا ماڻهو ڪراچيءَ جي اها سونهن ياد ڪري افسوس ڪن ٿا. علي رضا اقبال نالي ڪراچيءَ جي ڪنهن ليکڪ اڄ جي زيب النساءِ (اڳوڻي ايلفنسٽن) اسٽريٽ لاءِ خوب لکيو آهي ته:

“Before population and pollution explosions in Karachi, it was called picadilly circus of London by foreigners as it is lived with historic colonical buildings from the British Rajera…..”

بهرحال هتي دهليءَ جي ڪناٽ پليس ۽ ڪناٽ سرڪس بابت سمجهائڻ ٿو چاهيان ته ڪناٽ پليس دهليءَ جي ان خوبصورت مرڪزي ۽ ڪاروباري علائقي جو نالو آهي، جيئن اسانجو سڄو صدر يا ڪلفٽن وارو سڄو علائقو. ڪناٽ سرڪس ڪنهن علائقي، بلڊنگ يا سرڪس جو نالو نه آهي، پر ڪناٽ پليس واري علائقي جي چوڌاري گول روڊ جو نالو آهي. ان قسم جي گول ڦرندڙ رستن کي “Ring Road” سڏجي ٿو. رنگ روڊ مان اها فائدو آهي ته توهان ٻئي شهر يا علائقي مان ان گول رستي تي پهچي، پوءِ اتان اندر ويندڙ رستي تي، مرڪز تائين جلد پهچي سگهو ٿا. اڄ ڪلهه جيڪي به نوان شهر ٺهن ٿا. انهن ۾ هڪ ٻه، ويندي ٽي Ring روڊ ٺاهيا وڃن ٿا. اسان وٽ به اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچيءَ جي نون شهرن بحريا سٽي يا DHA سٽي ۾ اهو سسٽم رکيو ويو آهي. ڪيترن امير ملڪن جي وڏن شهرن ۾ وڏو خرچ ڪري ڇلن جي صورت ۾ Ring روڊ ٺاهيا ويا آهن، جتي شهر جو اهم علائقو وچ ۾ رکي، ان جي چوڌاري هڪ ٻئي کان وڏا ڇلن جي صورت ۾ گول Ring روڊ ٺاهيا ويا آهن. ان سسٽم سان هڪ ته ٽرئفڪ روان رهي ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته ان مشغول هنڌ تي ٻاهران ايندڙ جلدي پهچي وڃي ٿو ۽ وڃڻ وقت به ڪنهن ننڍڙي روڊ تان پهرين گول روڊ تي اچي ٿو، جتان پوءِ ڪنهن ٻئي ننڍڙي روڊ ذريعي ٻاهرين رنگ روڊ ۾ پهچي وڃي ٿو، جتان پوءِ هو ٻين شهرن ڏي روانو ٿيو وڃي. ڪن شهرن ۾ ته ٽيون آئوٽر روڊ به ٿئي ٿو.
ملائيشيا جي نئين شهر ’پتراجايا‘ جي شروعات ڪرڻ کان اڳ پهرين ٽي Ring روڊ ٺاهيا ويا، جيڪي Middle, Inner ۽ Outer رِنگ روڊ سڏجن ٿا. اسان جي ماڻهن لاءِ ان کي سمجهڻ لاءِ مڪي شريف ۽ مدينه منوره جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جتي اهو سسٽم (Ring Roads) ٺهڻ بعد، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سولائيءَ سان ۽ جهٽ پٽ پهچي سگهجي ٿو. مثال طور مڪي ۾ حرم پاڪ کي مرڪز سمجهجي، جتي هر طرف کان ماڻهو اچن ٿا ۽ جتان واپس پنهنجن گهرن ڏي يا مزدلفا، منا، مديني، جدي ۽ ٻين شهرن ڏي وڃن ٿا. حرم پاڪ جي چوڌاري جيڪو پهريون گول چڪرو (Ring Road) آهي، يعني اندريون گول روڊ، اهو ” ڪنگ عبدالعزيز روڊ“ آهي، جنهن جو ڪجهه حصو سرنگهه مان لنگهي ٿو، جيڪو ”السوق الصغير“ سڏجي ٿو. هن رِنگ روڊ جي ٻاهر هڪ ٻيو وڏو رنگ روڊ آهي، جيڪو مڊل يا سيڪنڊ رنگ روڊ سڏجي ٿو ۽ اهو ” نفق السليمانيہ“، ”السوق الصغير“ ۽ ”نفق شعب عامر“ نالي سرنگهن (Tunnels) مان به گذري ٿو. اندرين رنگ روڊ مان ٻئي رنگ روڊ ۾ پهچڻ لاءِ ”ام القريٰ“ يا ”ابراهيم خليل“ جهڙا رستا اختيار ڪري سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح حرم پاڪ جي چوڌاري هڪ صفا ٻاهريون، ٽيون رِنگ روڊ به آهي، جنهن جي اندر تقريبن مڪي جو سڄو ضلعو: العزيزه، ڪدي، الرصيفہ، الهنداويہ جرهم ۽ المسفلہ جهڙا علائقا اچي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح مڪي ۾ چوٿون رِنگ روڊ به آهي.
مديني ۾ مسجد نبويءَ جي چوڌاري هڪ ٻئي کان پري ٽي Ring roads آهن. پهريون گول روڊ، مسجد نبويءَ جي چوڌاري آهي، جنهن ۾ حرم پاڪ کان علاوه ڀروارو البضاعته (Badaat) وارو علائقو اچي ٿو وڃي، جيڪو مسجد نبويءَ جي اترئين دروازي ”باب فهد“ جي اتر ۾ آهي ۽ اهو دنيا جي وڏين هوٽلن جي ڪري مشهور آهي. جيئن هوٽل الانصار، هوٽل الايمان، موون پڪ، ايلاف الهدا هوٽل، انٽر ڪانٽيننٽل، هلٽن، رامادا، ميريڊين، هاليڊي وِلا هوٽل، التقويٰ هوٽل، اوبيراءِ هوٽل وغيره. مديني جي هن اندرين پهرين رِنگ روڊ کي ”ڪنگ فيصل روڊ“ سڏين ٿا. ان بعد ڪجهه ٻاهر ڀرو جيڪو گول (Ring) روڊ آهي، ان جو نالو ”ڪنگ عبدالله روڊ“ آهي. ان ٻئي گول روڊ جي اندر مسجد قبا، قربان، بني ظفر ۽ العنابس جهڙا علائقا اچي وڃن ٿا. اندرين (پهرين) گول روڊ کان ٻئي گول روڊ ۾ پهچڻ لاءِ ڪنگ فهد روڊ، ڪنگ عبدالعزيز روڊ، ابوبڪر الصديق روڊ ۽ هاءِ وي 356 جُڙيل آهن. ٻئي گول روڊ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ عمر بن الخطاب روڊ ۽ علي ابي طالب روڊ پڻ آهن. ان کان پوءِ ٻاهريون گول روڊ ”ڪنگ خالد روڊ“ (طريق الملڪ خالد) آهي.
اهڙيءَ طرح دهليءَ جي مرڪزي علائقي ڪناٽ پليس جي آخري ۽ سڀ کان ٻاهر واري گول (Ring) روڊ جو نالو ”ڪناٽ سرڪس“ آهي. ڪناٽ پليس جي بلڪل وچ ۾ نيويارڪ جهڙو سينٽرل پارڪ آهي. ان کان علاوه ٻيون مشهور شيون پڻ.... جن مان هڪ ”راجپوٽ چوڪ ميٽرو اسٽيشن“ آهي. مون کي حيرت ٿي جڏهن اتي هڪ بئنڪ جو نالو ’انڊس سنڌ بئنڪ‘ پڙهيم. سينٽرل پارڪ کان علاوه هڪ ٻيو ننڍڙو پر سهڻو پارڪ ”سلطانپور نئشنل پارڪ“ آهي. ننڍڙو پر ڪراچي ڪلفٽن جي ويران ”بينظير پارڪ“ کان وڏو ۽ وڻن، گل گلڪارين ۽ چهچ سائي ڇٻر سان مالا مال آهي. منجهس، ستل موالين ۽ چرسين بدران، فارينر ۽ مقامي مرد، عورتون ۽ ٻار سير ڪندي نظر اچن ٿا. انگريزن جي ڏينهن جي صدر واري ”Kwalti ريسٽورنٽ“ جهڙيون ڪيتريون ئي نالي واريون ۽ تاريخي ريسٽورنٽون (جن سان ڪيترائي قصا، ڪهاڻيون وابسته آهن ــ جيئن ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد جي ڪيفي اي ون، ڪيفي جارج، رٽز ۽ ونڊسر بار ريسٽورنٽ سان وابسته آهن) نظر اچن ٿيون جيئن: ٽي لائوج، ڪيفي ڪافي ڊي، Comesum، پاٽ پوري، غربين نائيٽ، ٽفني سنيڪ بار وغيره. ان بعد جيڪو پهريون، اندريون (Inner) رِنگ روڊ سڏجي، ان جو نالو ”راجيو چوڪ رِنگ روڊ“آهي. ان بعد ٻيو ٻاهريون رِنگ روڊ اچي ٿو. اهو مڊل سرڪل آهي.
راجيو چوڪ واري گول دائري ۽ مڊل سرڪل واري دائري جي وچ ۾ وڏو علائقو اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ ڇا ته سهڻيون عمارتون، گل گلڪاريون، مشهور بئنڪون، ناليرن برانڊن جا دڪان، ريسٽورنٽون، ايئرلائين آفيسون موجود آهن. ڪجهه نالا عجيب هجڻ ڪري هن وقت به ياد اچي رهيا آهن:
پنجابي باءِ نئچر ريسٽورنٽ، فرضي ڪيفي، سموڪ آن واٽر ريسٽورنٽ، زعفران ڪيفي، خان چاچا ڪيفي، جين بڪ ڊپو، The Colonade، ڌومي مل آرٽ سينٽر، بان ٽان آءِ ويئر وغيره. ان بعد جيڪو ٻاهريون رِنگ روڊ اچي ٿو (جيڪو لکي چڪو آهيان ته وڏو آهي) اهو آهي ”ڪناٽ سرڪس“. دهليءَ جا اهم روڊ ڪناٽ سرڪس رِنگ روڊ مان ڦٽن ٿا.
مختلف شهرن ۾ موجود Ring روڊن جي ڳالهه ڪندي اهو لکي چڪو آهيان، ته دهليءَ جو ”ڪناٽ سرڪس“ دراصل رِنگ روڊ آهي، جيڪو دهليءَ جي مرڪزي تجارتي علائقي ”ڪناٽ پليس“ جي چوڌاري ڦري ٿو. پوءِ هن ڇلي (Ring) جهڙي گول روڊ مان مختلف هنڌن تان اتر، ڏکڻ ۽ ٻين طرفن ڏي دهلي شهر جي مختلف علائقن ڏي رستا ڦٽن ٿا. ان مان اهو فائدو آهي ته دهليءَ ۾ توهان کڻي ڪهڙي به علائقي ۾ هجو، ڪناٽ پليس ۾ پهچڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ بدران ڪناٽ سرڪس روڊ ڏي ايندڙ ڪو سڌو روڊ وٺي، ڪناٽ سرڪس روڊ ۾ داخل ٿيو، ان بعد ڪناٽ پليس جي مختلف دڪانن، هوٽلن، ريسٽورنٽن، آفيسن يا پارڪن ۾ پهچڻ لاءِ اندرين گول Ring روڊن ۾ هليا اچو. جن جا نالا ’مڊل سرڪل روڊ‘ ۽ ’راجيو چوڪ روڊ‘ آهن.
’ڪناٽ سرڪس‘ رِنگ روڊ جي ڏکڻ ۾ سڀ کان اهم روڊ ”جان پاٿ روڊ“ آهي، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ ”ڪُئين (Queen) روڊ“ سڏبو هو. اها راڻي ڪير هئي؟ اها انگلئنڊ ۽ انڊيا جي انگريز راڻي وڪٽوريا هئي، جيڪا اسان وٽ مهاراڻي به سڏي ٿي وئي. انگلئنڊ جي اڄ ڪلهه راڻي ايلزبيٽ آهي، پر دهليءَ جو هي ڪُئينس روڊ يا ڪراچيءَ جو ڪئينس روڊ (جيڪو هاڻ مولوي تميز الدين روڊ ٿو سڏجي) يا سکر جو ڪُئينس روڊ جيڪو ملاڪا، هانگ ڪانگ، پينانگ شهر وانگر اڄ به “Queen’s Road” سڏجي ٿو، راڻي ايلزبيٿ نالي ناهي، جو اها ته انڊيا جي ورهاڱي بعد 1953ع ۾ تخت تي ويٺي. ان کان اڳ راڻين ۾ مهاراڻي وڪٽوريا ئي ڪُئين بڻي. وچ ۾ چار بادشاهه ٿيا: ايلزبيٿ کان اڳ هن جو پيءُ جارج ڇهون 1936ع کان 1952ع تائين بادشاهه ٿيو، جنهن جي ڏينهن ۾ انڊيا جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان جنم ورتو. ان کان اڳ راڻي ايلزبيٿ جو چاچو ’ايڊورڊ اٺون‘ ڪجهه مهينن لاءِ بادشاهه رهيو ۽ ان کان اڳ ڏاڏو ’جارج پنجون‘ 1910ع کان 1936ع تائين هو. ان کان اڳ ايلزبيٿ جو پڙ ڏاڏو ’ايڊورڊ ستون‘ 1901ع کان 1910ع تائين رهيو، جنهن کان اڳ هن بادشاه جي ماءُ راڻي وڪٽوريا نه فقط راڻي رهي، پر هڪ وڏي عرصي 1837ع کان 1901ع تائين راڻي رهي، جنهن جي دور حڪومت ۾، 1857ع ۾ انڊيا ۾ بلوو ٿيو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۽ ٻيٽن کي انگريزن پنهنجي قبضي ۾ آندو. يعني وڪٽوريا نه فقط انگلئنڊ جي راڻي ٿي رهي، پر انڊيا، برما، سري لنڪا، ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ڪئناڊا، آسٽريليا، جئميڪا، برمودا، فجي...... ڪيترن ئي ملڪن جي راڻي هئي.... حق تي ”مهاراڻي“ سڏي ٿي وئي! راڻي وڪٽوريا کي ’ايمپريس آف انڊيا‘ به سڏيو ويو ، جيئن سندس پٽ ايڊورڊ ستين يا پوٽي جارج پنجين ۽ ٻين بادشاهن کي “Emperor of India” يعني ’شهنشاهه هند‘ سڏيو ٿي ويو. سو ڪراچيءَ جو ڪُئينس روڊ (جيڪو هاڻ ايم.ٽي. خان روڊ سڏجي ٿو)، وڪٽوريا روڊ (عبدالله هارون روڊ) يا ايمپريس مارڪيٽ (جيڪا هاڻ ڪي.ايم.سي مارڪيٽ سڏجي ٿي) هن مهاراڻي وڪٽوريا نالي آهن. وڪٽوريا، ڪئين ۽ ايمپريس جي نالن سان توهان کي روڊ، پارڪ، ڦوهارا، عجائب گهر، ڪاليج، پليون، ڪامن ويلٿ جي ملڪن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ملنديون..... ويندي چاڙهيون به..... جيئن هانگ ڪانگ ۽ پينانگ ٻيٽن تي ڪُئينس چاڙهي Incline آهي...... جيئن حيدرآباد جي هڪ چاڙهي، انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ واري هڪ متوالي، قوم پرست، ٽيچر، سوشل ريفارمر ۽ وڪيل بال گنگاڌر تِلڪ (جيڪو لوڪ مانيا تِلڪ به سڏيو هو) نالي ”تِلڪ چاڙهي“ آهي. سندس واسطو بمبئيءَ سان هو ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ بمبئيءَ سان لاڳاپيل هئي. جيئن سنگاپور مدراس سان هو.
جان پاٿ روڊ، ڪناٽ سرڪس واري گول ڦرندڙ روڊ کان ان هنڌان شروع ٿئي ٿو، جتي پليڪا بازار آهي ۽ هيٺ ڏکڻ طرف ’ونڊسر پليس‘ واري چوراهي تان ٿيندو، اڳيان راج پاٿ مارگ تان ٿيندو، مولانا ابوالڪلام روڊ تائين پهچي ٿو. پاليڪا بازار، ڪناٽ پليس جي اندرين ۽ ٻاهر رِنگ روڊ جي وچ ۾ انڊر گرائونڊ مارڪيٽ آهي. هڪ جهوني پاليڪا بازار ممبئيءَ ۾ به آهي. بهرحال دهليءَ جي هن پاليڪا بازار ۾ 400 کن هاءِ ڪلاس دڪان آهن، جن ۾ ڀانت ڀانت جون شيون ملن ٿيون. هيءَ بازار انگريزن نه ٺهرائي، پر انهن جي وڃڻ بعد 1970ع ۾ ٺهي.
ڪناٽ پليس جي ٻاهرين رِنگ روڊ کان ’ونڊسر پليس‘ واري چوراهي تائين، ڏيڍ ميل جي فاصلي ۾ ’جان پاٿ مارڪيٽ‘ آهي، جيڪا ملڪي توڙي غير ملڪي ٽوئرسٽن جي پسنديده مارڪيٽ آهي. فائرلين گهٽي ۽ امپيريل هوٽل جي وچ وارو حصو ”تبتي مارڪيٽ“ سڏجي ٿو. هن ۾ تبت ۽ نيپال پاسي جا چيني ۽ گورکا (خاص ڪري عورتون) همالايا پاسي جون آرٽ ۽ ڪرافٽ جون شيون وڪڻندي نظر اچن ٿيون. ڪئالالمپور (ملائيشيا) ۾ به هن قسم جي مارڪيٽ مشهور آهي، جيڪا پيتا لنگ اسٽريٽ ۾ آهي. دهليءَ جي هن تبتين مارڪيٽ پويان ٽالسٽائي مارگ تي ئي ’جنترمنتر‘ آهي، جنهن جو احوال شروع ۾ ٿي چڪو آهي. پڙهندڙن لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن ملائيشيا ۾ روڊ بدران ملئي لفظ ”جالان“ استعمال ٿئي ٿو، يا ايران ۾ ”شاهراهه“، تيئن انڊيا جي ڪيترن شهرن ۾ رستي لاءِ سنسڪرت جو لفظ ”مارگ“ استعمال ٿئي ٿو. مان پنهنجي انڊيا جي اڳوڻن سفرنامن ’هلي ڏسجي هندوستان‘، ’بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾‘ ۽ ’بنارس کان برمودا‘ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان ته اسان وٽ سنڌيءَ ۾ به رستي، راهه، واٽ لاءِ ”مارڳ“ لفظ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو شاهه لطيف پنهنجن ڪيترن ئي بيتن ۾ آندو آهي.
ونڊسر پليس وارو چوراهو، جتان جان پاٿ رستو ڪراس ڪري ٿو، ان ۾ مختلف طرفن کان چار ٻيا روڊ به اچي لڳن ٿا: اوڀر کان فيروز شاهه روڊ، شايد فيروز شاهه تغلق نالي ئي هوندو، جنهن دهليءَ تي 1351ع کان 1388ع تائين حڪومت ڪئي. ان کان اڳ دهلي سلطنت تي سندس سوٽ محمد بن تغلق جي حڪومت هئي. محمد بن تغلق 1324ع کان 1351ع تائين دهليءَ جو سلطان رهيو. 1351ع ۾ هن جو ٺٽي ۾ موت ٿيو، جتان پوءِ سندس لاش تغلق آباد (اڄ واري دهلي) ۾ دفن ڪرڻ لاءِ پهچايو ويو. فيروز شاهه جو مقبرو ”حوض خاص“ واري ڪامپليڪس ۾ آهي، جتي مسلمانن جي قبرستان کان علاوه مسجد، مدرسو ۽ گنبذ آهن. هن علائقي جو نالو ”حوض خاص“ پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ جي ڪري پيو. هيءَ ٽانڪي علاوه والدين خلجيءَ جي دور حڪومت (1296ع کان 1316ع) ۾ ٺهي. فيروز شاهه به هن ٽانڪيءَ (حوض) جي صفائي ڪرائي ۽ کيس وڏو ڪرايو. فيروز شاهه يادگار شيون ٺهرائڻ جي ڪري به مشهور آهي.