الطاف شيخ ڪارنر

واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

”منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟ هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي.“
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامو هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3542
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

8

هندوستان جي مغل شهنشاهه بابر جي والد عمر شيخ مرزا (جيڪو ازبڪستان جي فرغانا ماٿريءَ واري پرڳڻي جو سردار (Chieftian) هو.... يا کڻي چئجي ته حاڪم هو) جو گذريل صفحن ۾ ذڪر ڪندي ڪجهه ڳالهيون ياد اچي ويون. ممبئي ۾ جڏهن آئون ممبئي يونيورسٽيءَ جي گيسٽ هائوس ۾ رهيل هوس ته شام جو ڀرواري ڪُرلا ريلوي اسٽيشن تان لوڪ ٽرين ۾ چڙهي شهر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن CST (چترا پتي شيوا جي ٽرمينس) ايندو هيس. جيڪا انگريزن جي ڏينهن ۾ VT يعني ”وڪٽوريا ٽرمينس“ سڏبي هئي، اتان پوءِ اها ٽرين مختلف هنڌن: فورٽ، ناريمن ويس ٿي، ڪرالا کان CST اسٽيشن تائين ايندي، رستي تي سيان، متونگا، دادر، پاريل، ڪَري روڊ، چنچپوڪلي، سئنڊهرسٽ روڊ ۽ مسجد بندر اسٽيشن تي ترسي ٿي. بنان شڪ جي ممبئي هڪ ماڊرن شهر ٿي پيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه پاڪيٽ (حصا) اڄ به غربت جو ڏيک ڏين ٿا. اهڙن حصن مان هڪ جيڪو مون کي هن ٽرين ۾ سفر ڪرڻ دوران نظر ايندو هو، اهو منهنجي خيال ۾ سئنڊهرسٽ روڊ اسٽيشن يا ’مسجد بندر‘ اسٽيشن ويجهو ٿيڻ تي نظر آيو ٿي. ٽين جي ڇتين واريون ڪچيون جهوپڙيون يا کوکن ذريعي ٺهيل ڀتين وارا گهر، جن جي ٻاهران اوور فلو ٿيندڙ گٽر ۽ بيمار ڪتا نظر آيا ٿي ۽ انهن جي ئي آس پاس ٻار کيڏي رهيا هئا. ڇتين مٿان ڄارين جي ڪٻٽن ۾ ۽ ٻاهر اڏامندڙ ڪبوتر، جن کي پاجامن ۽ گوڏِن ۾ ملبوس همراهه، پنهنجي پنهنجي گهر جي ڇت مٿان لٺ ذريعي پاڻ ڏي سڏي رهيا هئا. هڪ ڏينهن ممبئيءَ ۾ مونسان گڏ هڪ پوڙهو مرهٺو ريٽائرڊ پوليس آفيسر سفر ڪري رهيو هو. مونکي ٽوئرسٽ سمجهي، هُو ڪُرلا اسٽيشن کان جتان جتان لنگهياسين ٿي ته اتان جي اهم عمارتن ۽ ٻين شين بابت ٻڌائيندو پئي هليو. جڏهن مسجد بندر واري اسٽيشن جي ويجهو ٿياسين ته ان جهوپڙين واري علائقي (جنهن مٿان ڪبوتر اڏامي رهيا هئا) ڏي اشارو ڪري پڇيو مانس: ”هي ڪير آهن؟“..... يعني ”هتي ڪير ٿا رهن؟“
مرهٺي رٽائرڊ پوليس آفيسر هڪ گهڙيءَ لاءِ دريءَ مان ٻاهر نهاري وراڻيو: ”اهي مسلمان آهن“..... ۽ پوءِ ساڳي ساهه ۾ چيائين ”انهن جو ڪم بس رڳو ڪبوتر پالڻ آهي“. سندس جملا مونکي ڏاڍا چُڀندڙ لڳا. ننڍو هوس ته ڏسندو هوس ته اسانجي ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو ڇت تي ڪبوتر پالي وڪڻندا هئا، انهن تي جوا ڪندا هئا ۽ سندن مائٽن کي هر وقت شڪايت هوندي هئي ته هو ڪو پورهيو ڪرڻ بدرن موالي ٿيو پيا هلن. پوڙهي مرهٺي جي ان رمارڪ ۾ مون ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪيا ته اسانجي ڳوٺ ۾ ڪنهن هندوءَ جي کڏ تي به ڪبوتر هئا ــ جيئن آئون گهٽ ۾ گهٽ اهو سوچي سڪون ۾ اچي وڃان ته نه سائين رڳو مسلمان نه پرهندن جا به اهي ڪم آهن. پر مونکي ڪو اهڙو مثال نه سُجهيو. اهو ضرور ياد آيو ته اسان وت ڪبوتر پالڻ وارا وڏي فخر سان چوندا هئا ته: ”سائين! هي مغلي شوق آهي“..... عجيب هئا اسان جا مغل حاڪم به جن عوام کي ڪبوتر پالڻ ۽ پان کائڻ جهڙي شوق تي لڳائي ڇڏيو. اڄ جي ماڊرن دور ۾ سائنس ثابت ڪيو آهي ته ڪبوترن کي پنهنجي ويجهو رکڻ ڪيڏو خطرناڪ آهي. هنن جي پرن مان نڪرندڙ جراثيم ۽ هنن جي وٺين ۽ مئل ٻچن جو سڪڻ بعد اڏامندڙ چُورو، ڪيترين ئي بيمارين جو، خاص ڪري ساهه وارين بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. ان بابت تفصيلي مضمون پنهنجي هڪ ڪتاب ”وٺو وڏڦڙو“ ۾ ڏئي چڪو آهيان ۽ اهو به لکيو اٿم ته ملائيشيا ۾ گهر اڳيان ڪبوترن کي ويهندو ڏسي، انهن کي ٻاجهري ڏيڻ لڳس ته هفتي ٻن بعد هنن جو تعداد ويو وڌندو. اهو محسوس ڪري منهنجي ڀرواري گهر ۾ رهندڙ ملئي ڪئپٽن کان برداشت نه ٿيو ۽ آخر چئي ڏنائين ته ”مسٽر الطاف ! هي ڪرين ڇا ٿو؟!“...... ۽ پوءِ مرڪندي ٽوڪ طور چيائين: ”توهان ننڍي کنڊ جا مسلمان سڌرندئو ڪو نه. مغلن وانگر ڪبوتر پالڻ جو شوق ضرور ڪندئو.“
پنهنجي جونئر طرفان اهو ٻڌي مونکي ڪجهه ڪاوڙ ۽ ڪجهه ڏک ضرور ٿيو، پر دل ۾ شڪر ڪيم ته منهنجي ڪنهن يڪدم اک پَٽرائي. هو جي ائين نه چوي ها ته آئون ٻاجهر ڏئي پيو ڪبوترن جو ميڙ وڌايان ها ۽ منهنجا پاڙيسري ملئي توڙي يورپي مون تان کلندا رهن ها.
اهي ڳالهيون بابر جي پيءُ عمر شيخ تان ياد آيون. هو 38 سالن جي ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو. پاليل ڪبوترن کي ڪبوتر خاني ۾ داڻو ڏئي رهيو هو. ڪبوتر خانو جنهن کي انگريزيءَ ۾ “Dovecote” سڏجي ٿو...... يعني ڳيرن يا ڪبوترن جي رهڻ جو گهر. هن اُهو گهر ڇت بلڪل جي ڇيڙي وٽ ٺهرايو هو. هو ان ۾ ڪبوترن لاءِ گهڙيو ته سڄي ڪبوتر خاني، اچي ڌرتيءَ تي ڦهڪو ڪيو ۽ بادشاهه سلامت اڦٽ مري ويو. ٻئي ڏينهن سندس وڏي پٽ بابر کي (جنهن جي ان وقت يارهن ٻارهن سال عمر مس هئي)، فرغانا جي سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي. بابر جيئن ئي تخت تي ويٺو ته سندس مائٽن رڻ ٻاري ڏنو ۽ بابر هنن جي بغاوتن کي منهن ڏيندو رهيو. هن جي ڀائرن، سوٽن ماساتن کي اها هوراکورا ته ڪنهن طرح بابر جا ٽپڙ گول ڪجن ۽ بابر کي اها هورا کورا ته فرغانا ماٿريءَ جي حڪومت ته ڪجهه به ناهي، سمرقند تي قبضو ڪجي. ٻن سالن بعد، يعني 1495ع ۾ هن سمرقند تي چڙهائي ڪري ان کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو پر پٺيان سندس غير حاضريءَ ۾ سندس ٻئي ڪنهن مائٽ فرغانا تي قبضو ڪري ورتو...... ۽ پوءِ لشڪر تيار ڪري فرغانا کي واپس حاصل ڪرڻ لاءِ هن فرغانا تي حملو ڪيو، پر سوڀ بدران هار نصيب ٿيس ۽ منهن ڦلهڙو ڪري سمر قند موٽيو ته رستي تي خبر پيس ته سمرقند به هاڻ سندس نه رهيو آهي. ڪنهن ٻئي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ جنهن رعيت ۽ درٻارين کي هن پنهنجو وفادار ٿي سمجهيو، اهي سڀ نئين حاڪم جي بيعت ڪري چڪا آهن. ڪرڪيٽ ۽ اٽي ڏڪر کيڏڻ جي عمر ۾ بابر جا سلطنت وڌائڻ جا خواب پورا ٿي نه سگهيا ۽ سخت خوار ٿي ويو. ڪجهه سال هيڏانهن هوڏانهن نوس نوس ڪندي ڪجهه مائٽن مٽن جو ته ڪجهه غنڊن جهيڙاڪن جو لشڪر ٺاهي، 1501ع ۾ هن ٻئي شهر: فرغانا ۽ سمرقند، حاصل ڪرڻ لاءِ حملا ڪيا پر ماڳهين موچڙا کاڌائين. ڪجهه نه وريس. ان بعد ٽي سال کن ساهه پٽي 1504ع ۾ هن افغانستان واري شهر ڪابل کي فتح ڪري ورتو. فتح ڇا ڪري ورتو، ڪابل تي سندس سوٽ الغ بيگ جو ننڍي عمر وارو پٽ حاڪم هو. هڪ پٽ عبداللطيف جي مرڻ بعد ٻئي پئي وارا ورتا. الغ بيگ لاءِ لکي آيو آهيان ته گوهر شاد بيگم جو پٽ هو. گوهر شاد نالي، مشهد ۾ امام رضا جي روضي ڀرسان مسجد ۽ ڪابل ۾ يونيورسٽي پڻ آهي.
بابر ان وقت جي صفوي حاڪم اسماعيل اول سان ڀائيواري ڪري هڪ دفعو وري سمرقند فتح ڪيو. چند سال به ڪا حڪومت مس ڪيائين ته ازبڪستان جي جنگجو ازبڪن مٿس حملو ڪري ڪابل، سمرقند، سڀ کسي ورتائونس. هي سڀ ڪجهه رڳو ان ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن خبر پوي ته ڇا پاور ۽ پئسي جي بک رهي آهي، جنهن ۾ حاڪمن، ڌارين کي به ملائي پنهنجي خاندان جي ڀاتين کي به ماري، تخت ۽ تاج ٿي هٿ ڪيو.
سڀ ڪجهه وڃائڻ بعد بابر ڪجهه سال خوار خراب حالت ۾ رلندو رهيو. آخر هن جي دماغ ۾ اهو آيو ته ڇو نه انڊيا ۾ حڪومت ٺاهي وڃي. هن پڪ سوچيو هوندو ته اسان تيموري، منگول ويڙهاڪ ماڻهو، انڊيا جا ڊڄڻا مسلمان هندو..... انهن تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪا دقت نه ٿيڻ کپي. پر ڳالهه اها آهي ته ٻي ملڪ، صوبي يا علائقي تي ڪاهه ڪرڻ ۾ تيسين ڪاميابي ناهي ٿيندي، جيسين ڪو ان ملڪ جو مقامي ماڻهو، پنهنجن سان غداري ڪري، ڪاهيندڙ جي مدد ڪري ــ پوءِ اهو ڪاهيندڙ چاهي انگريز هجي، محمد بن قاسم هجي يا طارق بن زياد. ان وقت اتر انڊيا تي حڪومت لوڌي گهراڻي جي افغان حاڪم ابراهيم لوڌيءَ جي هئي. 1524ع ۾ لوڌي گهراڻي جي هڪ باغي جنرل دولت خان لوڌيءَ، بابر کي دعوت ڏني ته هندوستان هليو آ ۽ ابراهيم لوڌيءَ کي تخت تان لاهي تون پاڻ حاڪم ٿي. 1524ع ۾ بابر پاڻيپٽ جي پهرين لڙائيءَ ۾ ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي، انڊيا ۾ مغل سلطنت جو بنياد رکيو، جنهن جو پاڻ پهريون بادشاهه ٿيو ۽ پوءِ سندن 330 سال انڊيا تي راڄ رهيو سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح سندن راڄ جا سنڌ تي به ڪوسا ٿڌا ڏينهن ايندا رهيا. عوام جو دماغ ان سوچ کان ئي کيرو ٿي ويو ته ڪو سندن پنهنجو حاڪم ٿيندو...... ڪو ساڻن همدردي ڪندو ۽ خوشحالي آڻيندو.
سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ هڪ ازبڪستان جو شاگرد منهنجو پاڙيسري پڻ هو. هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ مان موٽڻ وقت بس ۾ کلي چيو مانس: ”نڀاڳا! پنهنجي بابر کي پاڻ وٽ فرغانا ۾ ئي سڪون سان حڪومت ڪرڻ ڏيو ها ته هو هيڏانهن اسان ڏي (ننڍي کنڊ ڏي) رخ نه ڪري ها“.
هو تاريخ جو شاگرد رهيو آهي. وڏي تحمل سان چيائين: ”پهرين ته بابر ۾ به ڦٿڪو هو. سڪون سان فرغانا جي تخت تي ويٺو هو. کيس ڪنهن چيو ته سمرقند تي وڃي حملو ڪر جو پٺيان توکان فرغانا کسجي وڃي.... ۽ جي فرغانا کسجي ويو ته توکي ان کان بهتر شهر سمرقند ته ملي ويو. تون اتي ئي زندگيءَ جا ڏينهن گذاري ڇڏين ها. پر ٻين جي ٽيڪرن تي لڳي فرغانا تي حملو ڪرڻ لڳو ته سمرقند به هليو ويس. رهيو سوال توهان جي ماڻهن جو، ته انهن ۾ همت ئي نه هئي..... دهلي، لکنوءَ کان ٺٽي بکر تائين .... هي بابر نه اچي ها ته ٻيو ڪو افغان، ترخان، منگلول، پورچوگالي يا انگريز اچي حڪومت ڪري ها. توهان جي ماڻهن ۾ نه هئي ٻڌي، نه ڄاڻ (تعليم)، نه هٿيار رکڻ جو شعور .....“.
هن جي دليل بازي خبر ناهي ڪيتري حد تائين صحيح هئي ــ مونکي بئنڪاڪ بندرگاهه جو ٿائلئنڊ جي قوميت رکندڙ بوهري واپاري ياد اچي ويو جيڪو اسان جي جهاز تي سوپارين جي کيپ ڪراچيءَ لاءِ موڪلي رهيو هو. منهنجي پڇڻ ته هن ٻڌايو ته: ”سوپاري ڪو فروٽ ناهي پر ڀاڄي آهي، جيڪا يڪدم خراب ٿيو وڃي ۽ منجهس فنگس لڳڻ ڪري زهريلي ٿيو پوي“..... ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”اسانجي ملڪ ٿائلئنڊ ۾ ته هي سوپاريون ڀولڙا به نٿا کائين.....“.
”ته پوءِ هي ٽرڪن جون ٽرڪون اسان جي ملڪ ڇو ٿا موڪليو؟“. مون ڪجهه ڏک جو اظهار ڪيو.
”بلڪل نه موڪلڻ کپن. بلڪ توهان کي خريد ڪرڻ نه کپن. آئون هڪ واپاري ماڻهو آهيان. آئون جي نه موڪليندس ته توهان جي ملڪ جا واپاري ڪو چپ ڪري ويهندا؟ هو هتان جي ڪنهن ٻئي هندو، ٻڌ يا چيني واپاريءَ کان خريد ڪندا. اهو ته توهان جي ماڻهن کي شعور هئڻ کپي ته هھڙي زهريلي شئي جيڪا کائڻ سان بيماري هڪ طرف ٿئي ٿي ته عادي ٻئي طرف بڻائي ٿي، اها کائڻ ئي نه کپي. پر توهان وٽ وڏا ته ڇا ننڍا ٻار به ماءُ جي پيٽ مان اهو سبق حاصل ڪري اچن ٿا ته سوپاري کائڻي آهي...... پان کائڻو آهي، گٽڪو کائڻو آهي......“.
سو مقامي ماڻهو، چاهي ملاڪا جا ملئي، ڪوچين ۽ گوا جا ملباري يا ڪوڪني ، ٺٽي ۽ ديبل جا سنڌي، پنهنجي بچاء جو خيال رکن ها، ان بچاءَ لاءِ مقابلي جي ڄاڻ رکن ها، وقت مطابق انڌا منڊا هٿيار رکن ها ته ڇا ڌاريا انهن کي موچڙا هڻي سگهن ها؟ هلاڪوءَ بغداد تي ڪاهه ڪري وقت جي خليفي کي سندس گڏ ڪيل سون ڏي اشارو ڪري چيو ته: ”کاءُ کاءُ! هن کان هٿيار رکين ها، ماڻهن کي بچاءَ جي ڄاڻ ڏين ها، ته اڄ هيءَ حالت نه ٿيئي ها“. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته اسان جا حاڪم جيڪي عوام کي نه تعليم جو هٿيار ڏين ٿا ۽ نه هنن کي صحت ۽ روزگار. هنن جو پئسو هنن تي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجيون ٽجوڙيون پيا ڀرين. هڪ ڏينهن نئب، پوليس، عدل جي کاتي يا فوج وٺ وٺ ڪين ته هو ته هٿين خالي وڃي جيلن حوالي ٿيندا ۽ شهنشاهه ايران، قذافي، صدام، مارڪوس، سادات جيان ستن پيڙهين لاءِ جمع ڪيل مال جو Concept ئي چڪنا چور ٿي ويندو! بهرحال جيسين اسان ۾ شعور ۽ تعليم نه ايندي، اسان تي ڪو نه ڪو پنهنجو يا پرايو ”بابر“ مسلط ٿيندو رهندو..... ۽ هر ايندڙ بابر اها ئي ڪوشش ڪندو ته عوام تعليم ۽ صحت جهڙين شين کان عاري هجي. اهو اخلاقي طرح پست ۽ ذهني طرح مونجهاري جو شڪار هجي.
مٿي لکي چڪو آهيان ته بابر پاڻيپٽ جي پهرين لڙائيءَ ۾ ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏني. دراصل اها لڙائي پاڻيپٽ جي شهر وٽ لڳي، جنهن تان ان تي اهو نالو پيو. پاڻيپٽ انڊيا جو هڪ آڳاٽو شهر آهي ۽ جي ٽي روڊ تي آهي. توهان جو جيڪڏهن باءِ بس لاهور ۽ امرتسر کان دهليءَ وڃڻ ٿئي ٿو، ته رستي تي هي تاريخي شهر ڏسي سگهو ٿا. پر جي سرڪاري طرح وڃي رهيا آهيو ته پوءِ هو پاڻيپٽ بدران ڪنهن ننڍي شهر جي بس اسٽاپ تي بس کي بيهاري، توهان کي چانهه مانيءَ لاءِ لهڻ ڏيندا، جو انڊيا حڪومت جي سڪيورٽيءَ جو مسئلو ٿو ٿئي. اهڙيءَ صورت ۾ توهان دهليءَ پهچي پوءِ پنهنجي طرفان بس يا ٽرين ۾ پاڻيپٽ گهمڻ لاءِ اچي سگهو ٿا. هي شهر هريانا رياست ۾ دهليءَ کان 90 ڪلوميٽرن ۽ ٻئي پاسي سکن جي شهر چنديگڙهه کان 169 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. هونءَ ته پاڻيپٽ تاريخي شهر هجڻ ڪري مشهور آهي، جو روايتن موجب پاڻيپٽ انهن پنجن شهرن مان هڪ آهي، جن جو مها ڀارت جي ڏينهن ۾ پانڊوا ڀائرن بنياد رکيو. پاڻيپٽ ٽن لڙائين جي ڪري به مشهور آهي. جن بابت انڊو پاڪستان ۽ بنگلا ديش جو هر شاگرد مئٽرڪ تائين تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهي ٿو. خبر ناهي اڄ ڪلهه اسانجي اسڪولن ۾ تاريخ ۽ جاگرافي پڙهائي وڃي ٿي يا نه. جي پڙهائي وڃي ٿي ته پوءِ هر شاگرد کي معلوم هوندو ته 1526ع، 1556ع ۽ 1761ع ۾ پاڻيپٽ ۾ لڳل هنن ٽن لڙائين هندوستان کي مختلف موڙ ڏنا.
1526ع ۾ پاڻيپٽ جي پهرين لڙائي دهليءَ جي افغان سلطان ابراهيم لوڌي ۽ فرغانا کان آيل بابر جي وچ ۾ لڳي. پاڻيپٽ جي ٻي لڙائي 1556ع ۾ بابر جي پوٽي مغل شهنشاهه اڪبر ۽ دهليءَ جي هندو بادشاهه هيم چندر وڪرمادت جي وچ ۾ لڳي. هيمون وٽ وڏو لشڪر هو ۽ شروعات ۾ اهي کٽي رهيا هئا ۽ لڳو پئي ته مغل سلطنت جي آخرت ٿيڻ واري آهي، پر اوچتو ڪو تير هيمون چندر بادشاهه جي اک ۾ لڳي ويو. هو اتي ئي ڍيري ٿي پيو ۽ سندس فوج ۾ ٽاهه پيدا ٿيو. اڪبر بادشاهه هاريل جنگ کٽي ويو. هيمونءَ جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڪابل موڪليو ويو، جتي ان کي دهلي دروازي جي ٻاهران ٽنگڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ۽ ڌڙ کي دهلي شهر جي پراڻي قلعي جي ٻاهر لڙڪايو ويو.
پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي 1761ع ۾ مرهٺا سلطنت ۽ ٻاهران آيل افغان ۽ بلوچ حملو ڪندڙن جي وچ ۾ لڳي. ٻنهي ڌرين کي لک، ڏيڍ لک کن سپاهي هئا. افغان فوجين جي اڳواڻي احمد شاهه ابدالي ڪري رهيو هو ۽ مرهٺن جي اڳواڻي سدا شِوَرائو ڀائو پيشوا ڪري رهيو هو. ٻنهي جا لک کن ماڻهو مارجي ويا، پر سوڀ افغان حاڪم احمد شاهه ابداليءَ جي ٿي. اڄ ڪلهه پاڻيپٽ سڪون وارو ۽ ٽوئرسٽن جو دلپسند شهر آهي ــ خاص ڪري کاڌي پيتي جي معاملي ۾ شهر جي وچ ۾ رام لال چوڪ وٽ مرچ مصالحن وارا کاڌن جا دُڪان لاهور ۽ ڪراچيءَ جي برنس روڊ جي ياد ڏيارين ٿا. ان کان علاوه پاڻيپٽ اڄ ڪلهه ڪپڙي جي ڪارخانن کان به مشهور آهي ۽ دنيا ۾ “Textile City” ۽ ”ڪورين جي شهر“ (City of Weavers) جي نالن سان مشهور آهي.
ننڍو کنڊ (اڄ وارو پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش) جيڪو اڳ ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ هندستان سڏبو هو، ان ۾ ڪيئي راجا، مهاراجا، نواب، سردار، جنگجو، پهلوان ۽ ڦڏي باز رهيا پئي، جن جون پاڻ ۾ ۽ ڌارين افغانين، ايرانين، عربن، منگولن، ترڪن سان لڙائيون هلنديون ٿي رهيون. پر پاڻيپٽ جي هن پهرين لڙائيءَ ازبڪستان کان آيل هڪ ڪنگلي ۽ موچڙا کاڌل کي بادشاهه بڻائي ڇڏيو ۽ سندس مغل سلطنت سوا ٽي سؤ سال رهي. هونءَ ته بابر جي مرڻ بعد جيئن ئي سندس پٽ همايون تخت تي ويٺو ته هن کان شير شاهه سوريءَ تخت کسي ورتو ۽ همايون وطن (دهلي ۽ آگري) کان ڏور عمر ڪوٽ (سنڌ) تائين ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندو رهيو..... پر پوءِ قسمت زور هئس، جو وري دهليءَ جو تخت ۽ تاج حاصل ڪري ورتائين. ان بعد سندس پٽ شهنشاهه اڪبر (جنهن اڌ صدي کن حڪومت ڪئي) جي تخت تي ويهڻ سان دهليءَ جي هندو راجا هيمون وڪرمادت کيس اهڙو سوڙهو ڪيو جو بچڻ جي ڪا واهه نه هئس، پر سندس قسمت ڪا سٺي هئي جو هيءَ لڙائي هارائيندي هارائيندي آخري لمحن ۾ کٽي ويو. وڪرمادت جيتوڻيڪ هاٿيءَ جي پالڪيءَ اندر حفاظت سان ويٺو هو پر ڪنهن جو اڇلايل تير کيس اهڙو ته اک ۾ لڳو جو بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ سڄي بازي پلٽو کائي وئي.
بابر گهڻو وقت بادشاهه ٿي نه رهي سگهيو. چئن سالن بعد 1530ع ۾ وفات ڪيائين ۽ همايون بادشاهه ٿيو. بابر لاءِ چيو ٿو وڃي ته آخر تائين آفيم، ڀنگ ۽ چرس جو چسڪو وٺندو رهيو. لڳي ٿو ته افغانستان ۽ ازبڪستان ۾ (جتان بابر آيو هو) آفيم جي پوک هئڻ سبب، اتي اهو واپرائڻ عام ڳالهه سمجهيو ٿي ويو ۽ اهو ڪم پوءِ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو به ڪلچر ٿي ويو. پنهنجن حاڪمن کي ڏسي ڪورٽ جا درٻاري به نشو ڪرڻ کي Status Symbol سمجهڻ لڳا. بابر لاءِ چون ٿا ته هن 30 سالن جي ڄمار تائين شراب کي پاڻ کي پري رکيو. ڪابل ۾ رهڻ واري دور ۾ ته هو ادب، شاعري، ميوزڪ، آرٽ ۽ باغبانيءَ جهڙا شوق ڪندو رهيو. پر هن اتي اچي شراب جو ذائقو ورتو ۽ پوءِ لڳاتار پيئندو رهيو. هو شراب جون پارٽيون ڪندو هو، جنهن ۾ آفيم جي شين جو واهپو به خوب هلندو هو. جيتوڻيڪ هن پاڻ کي مذهبي به سڏايو ٿي، پر هو اڪثر فارسيءَ جو اهو شعر ورجائيندو هو جنهن جو مطلب آهي ته: ”آئون نشي ۾ آهيان. سپاهي! مون کي هوش ۾ اچڻ بعد سزا ڏي“.
گهڻي پيئڻ جي ڪري هن جي جڏهن صحت بيحد خراب ٿي پئي ته هن مرڻ کان ٻه سال اڳ شراب کي ڇڏي ڏنو، بلڪه سڀني درٻارين کي به ان کي هٿ لائڻ کان منع ڪئي. پر هن ان جي سڄي ڪسر چرس، آفيم ۽ ڀنگ جهڙن نشيدار شين کي چٻاڙي پوري ٿي ڪئي. هو پنهنجن يادگيرين ۾ لکي ٿو ته: ”هر ڪو ماڻهو شراب پيئڻ کان توبهه ڪري ٿو ۽ ان کي ڇڏڻ جي واعدي لاءِ قسم کڻي ٿو. مون به قسم کڻي واعدو ڪيو هو ۽ مون کي ان لاءِ پڇتاءُ آهي“.
پيءُ کي ڏسي اولاد به اهي ڪم ڪري ٿو. همايون به خوب نشو ڪندو هو ۽ چون ٿا ته هن جو موت نشي جي حالت ۾ ڏاڪڻ تان ڪرڻ سبب ٿيو. وفات بعد بابر جو مڙهه ڪابل پهچايو ويو، جتي هن کي ”باغ بابر“ ۾ دفنايو ويو. هي باغ ڪابل جي تاريخي ماڳن مان هڪ آهي، جيڪو بابر 1528ع ۾ ٺهرايو، جنهن جو ذڪر پنهنجين يادگيرين ۾ به ڪيو اٿائين. ڪابل ۾ ايندڙ تاريخ جا شوقين ٽوئرسٽ هن باغ جو ضرور سيرڪن، جنهن ۾ ٻيون به اهم شخصيتون دفن ٿيل آهن. جيئن: بابر جي وڏي ڀين خانزاده بيگم (1445ع-1478ع)، بابر جو ننڍو پٽ هندال مرزا (1626ع-1542ع) هندال مرزا جي اڪيلي ڌيـءُ رقيه سلطان بيگم (1626ع ـــ 1542ع) جيڪا اڪبر بادشاهه جي سوٽ به هئي ته راڻي به ـ کيس اولاد نه ٿيو پر زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هن مڙس (اڪبر) جي ٻي زال جي پوٽي خرم (شهنشاهه شاهه جهان) کي پٽ وانگر نپايو.
همايون جو هڪ ٻيو پٽ مرزا محمد حڪيم (1585ع-1553ع) به ڪابل جي هن باغ ۾ دفن ٿيل آهي. چون ٿا ته هر سال ڏهه لک کن ٽوئرسٽ هي باغ گهمڻ اچن ٿا.
بابر جي ڏينهن ۾ ازبڪستان ، افغانستان جو وڏو حصو، ايران ۽ ڪجهه اڄ جي پاڪستان جو اتر وارو حصو ايرانين (پرشن)، بعد ۾ تيمور لنگ ۽ ٻين جي حوالي رهيو. ملڪن جو چٽيون سرحدون ۽ پاسپورٽ ته هڪ ڏيڍ صدي اڳ ٺهيا آهن ۽ هينئر به ڪي ملڪ ٽٽي حصن ۾ پيا ورهائجن ته ڪي ايسٽ ۽ ويسٽ جرمنيءَ جهڙا گڏجي هڪ پيا ٿين. اڄ ڪابل، فرغانا، مشهد الڳ الڳ ملڪن جي سرحدن اندر اچي ويا آهن. اهو ان ڪري ٿو لکان جو ڪجهه پڙهندڙ شايد اهو سوچين ته بابر جو لاش سندس وطن بدران، ڪابل ۾ ڇو دفن ڪيو ويو. بابر ڄائو فرغانا ۾ هو، پر هن ڪابل ۾ ڪجهه عرصو حڪومت ڪئي ۽ سڪون جي زندگي گذاري. هن جي لاءِ ڪابل توڙي فرغانا هڪ ئي وطن جا شهر هئا. هي ائين آهي جيئن مون لاءِ هالا ۽ ڪراچي، ٻئي شهر هڪ ملڪ جا آهن.
هاڻ جڏهن افغانستان ۽ ازبڪستان الڳ ملڪ ٿي ويا آهن ته ازبڪستان اهو ٿو چوي ته بابر اسانجو قومي هيرو آهي، جيڪو اسان جي ملڪ جي شهر انديجان ۾ ڄائو ۽ ڀرواري شهر فرغانا ۾ تخت ڌڻي ٿي رهيو. ازبڪستان وارن 2008ع ۾ بابر جو 525 هون جنم ڏينهن ملهائڻ لاءِ ڪيتريون ئي پوسٽ جون ٽڪليون شايع ڪيون. بابر جا لکيل ڪيترائي نظم، اڄ ازبڪستان جا مشهور لوڪ راڳ آهن.
ڏٺو وڃي ته بابر هندوستان ۾ اچي ڪو مقامي ماڻهن لاءِ کير ۽ ماکيءَ جون نديون ڪونه وهائيون. هن هڪ مسلمان حاڪم ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي، هن کان تخت ۽ تاج کسيو. مقامي ماڻهن، راجائن، نوابن کان ڍل/ٽئڪس اوڳاڙي ۽ ڦرلٽ ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي عياشيءَ لاءِ مال ملڪيت حاصل ڪيو. ننڍي کنڊ (پاڪستان، هندوستان، بنگلاديش) جا اسان وسوڙيل ماڻهو ”مسلمانن جي حڪومت“ چئي ٺلهيون کڳيون ٿا هڻون، پر ڏٺو وڃي ته صحيح معنيٰ ۾ ازبڪستان جا ماڻهو ئي فخر ڪن ٿا ته سندن ڀر وارا اٽامڪ پاور رکڻ وارا ملڪ: هندوستان ۽ پاڪستان، جيڪي پاڻ کي وڏي ڳالهه ٿا سمجهن، انهن جي ملڪ تي اسانجي بابر نه فقط قبضو ڪيو پر 330 کن سال هن جي خاندان جي حڪومت رهي.
مٿين ڳالهه جو احساس مونکي تڏهن ٿيو، جڏهن آئون پهريون دفعو ايران ويس. مشهد شهر ۾ امام علي رضا جي روضي ڀرسان هڪ ڌاتوءَ جي وڏي گهوڙي تي سوار ڏسي هڪ ايرانيءَ کان پڇيم: ”هي مجسمو ڪنهن جو آهي“؟
”هي مجسمو نادر شاهه جو آهي جنهن جو مقبرو پڻ هتي آهي“. هن ٻڌايو.
نادر شاهه ته هڪ ڦورو، ڌاڙيل هو، جنهن هندوستان اچي دهليءَ کي باهه ڏني ۽ هزارين شهرين جو قتل ڪيو ۽ آخر ۾ ماڻهن ۽ شهنشاهه جو مال، ملڪيت ۽ تخت طائوس تائين پاڻ سان ايران کڻائي ويو. هن جا سنڌ تي ڪيل ظلمن جا الڳ داستان آهن. هن خوني، قاتل ۽ ڦوروءَ جي هھڙي عزت افزائي! مون کي يقين ئي نه پئي آيو ته هي مجسمو ان نادر شاهه جو آهي. هڪ دفعو مون وري ان ايرانيءَ کان پڪ ڪئي:
”هي اهو ئي نادر شاهه آهي، جنهن دهليءَ کي باهه ڏني ۽ مسلمانن توڙي هندن جو قتل عام ڪيو؟“.
”جي ها. بلڪل اهو ئي آهي. پر اسان لاءِ ته هيرو ٿيو“. هن وارڻيو.
مون دل ۾ سوچيو ته ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري. اهڙيءَ طرح سلطان محمود غزنويءَ هند سنڌ ۾ ڇا نه ڪيو، پر افغانستان ۾ ته هو هيرو آهي. هن هِتان هُتان مال ڦري، ڪابل ٿي پهچايو ۽ پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جي ماڻهن ۾ خوشحالي پئدا پئي ڪئي.
هي ائين آهي، جيئن اسان ازبڪستان وڃون ٿا ۽ ٻڌون ٿا ته اسان جو سنڌ جو ڄائو فيض کوسو هتي سفير ٿي رهيو ته خوشي ٿئي ٿي ــ اهڙيءَ طرح جپان ۾ عمر ڪوٽ جي نور محمد جادواڻيءَ، سوڊان ۾ ظفر شيخَ، ڪيرغستان ۾ محمد عالم بروهيءَ، سئيڊن ۾ مسرور جوڻيجي، ڪمبوڊيا ۾ غلام رسول بلوچ ۽ جرمنيءَ ۾ مٽيارين جي امتياز قاضيءَ جي سفير هجڻ واري معمولي ڳالهه تي به خوشي ٿي ٿئي. پر سو چيو ته انهن ملڪن مان ڪنهن تي به يا ملائيشيا، انڊونيشيا، ڊئنمارڪ يا ڪينيا تي اسان جو ڪو کوسو، مگسي شيخ، ميمڻ، جلباڻي يا جوڻيجو، 50 سالن لاءِ به بادشاهه ٿي رهي ها..... پوءِ ڀلي هو هڪ عياش ۽ ظالم بادشاهه ئي ٿي رهي ها ته اسان به ڳاٽ اوچو ڪري چئون ها ته اسان جي ڏوڪري، ماتلي، جهمپير يا جهڏي جو ڪو چانڊيو، جتوئي، ابڙو، انصاري يا ڪو نظاماڻي هن ملڪ جو بادشاهه ٿي رهيو. جيئن اسان وٽ مغل، لوڌي، دراني، خلجي، ارغون، ترخان سڏائڻ وارا پاڻ کي اوچي ذات جا ماڻهو تصور ڪن ٿا، تيئن فرانس ۾ ڏاهري، خاصخيلي اوچي ذات سمجهيا وڃن ها، جن سنڌ مان اچي فرينچ حاڪم کي شڪست ڏني ۽ فرانس تي چاليهه سال ڏاهرين جي حڪومت رهي ته سٺ سال خاصخيلي گهراڻي جي سلطنت رهي! ۽ اهو فقط هڪ وائڙو خيال ناهي پر ائين ٿي به سگهيو ٿي ــ آخر انگريزن به ائين اچي انڊيا، ملايا، سنگاپور تي حڪومت ڪئي..... اميا گهراڻي جي عربن اسپين ۽ پورچوگال تي حڪموت ڪئي. عثمانيه سلطنت جي ترڪن البانيا، رومانيا ۽ بلغاريا تائين حڪومت ڪئي.
انڊيا ۾ 1526ع ۾ مغل سلطنت جو بنياد رکڻ وارو پهريون شهنشاهه ظهير الدين بابر چار سال حڪومت ڪرڻ بعد 1530ع ۾ وفات ڪري ويو. ان بعد سندس پٽ همايون تخت ـــ ڌڻي ٿيو. جنهن کي ڏهن سالن بعد 1540ع ۾ شير شاهه سوريءَ ڀڄائي ڪڍيو ۽ همايون 1555ع تائين، پندرهن سال هيڏانهن هوڏانهن دربدر رلندو رهيو ۽ هِن هُن کي منٿ ميڙ ڪندو رهيو ته کيس، کانئس کسيل تخت ۽ تاج واپس ڏياريو وڃي. 1555ع ۾ هو وري انڊيا جو شهنشاهه بڻيو، پر سال کن حڪومت مس ڪيائين ته 48 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. منگول قوم جو صحتمند ۽ پهلوان مڙس هو، پر نشي پتي هڻي کيس ختم ڪري ڇڏيو هو. چون ٿا ته موت به نشي جي حالت ۾ ٿيس. ڏاڪڻ تان پير ترڪي ويس. بادشاهه سلامت ٿي ڪري خبر ناهي ڏاڪڻين تي چڙهڻ جو ڪهڙو ضرور هوس. ٿي سگهي ٿو پنهنجي ڏاڏي (بابر جي پيءُ) وانگر ڪبوتر ڏسڻ لاءِ کڏ تي چڙهي رهيوهجي ته پاڻ يا ڏاڪڻ ترڪي وئي هجيس. سندس ڏاڏي جو موت ته ڪبوترن جو ڇڄو (ڪبوتر گاهه) ڪرڻ ڪري ٿيو، جنهن ۾ هو پاڻ به موجود هئو ۽ ڪبوترن جي جانچ جو نچ ڪري رهيو هو.
همايونءَ بعد اڪبر بادشاهه 1556ع ۾ تخت تي ويٺو. هن 1605ع تائين ٺيڪ ٺاڪ اڌ صدي کن، حڪومت ڪئي. ان بعد سندس پٽ شهنشاهه جهانگير ۽ ان جي پٽ شاهه جهان به، چوٿو چوٿو صديءَ جو، حڪومت ڪئي، جهانگير 1605ع کان 1627ع تائين ۽ شاهجهان 1628ع کان 1658ع تائين..... 1627ع کان 1628ع وارو هڪ سال ٺٽي جو گورنر، شهنشاهه جهانگير جو پنجون ۽ ننڍو پٽ شهريار (شهزادو سلف الدين محمد شهريار) تخت تي ويٺو پر فقط نالي ماتر. سندس ڀاءُ شاهه جهان تخت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پنهنجي ڀاءَ شهريار کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. دراصل مغل بادشاهن جي مرڻ تي سندن زالن به ڪافي وٺ وٺان ڪئي ٿي. هر بادشاهه کي ڪيتريون ئي زالون هيون. هنن مسلمان سڏائيندڙ شهنشا هن جي ڏينهن ۾، خبر ناهي ڪهڙي قسم جا مفتي مولوي هئا، جن سندن لاءِ چئن کان به مٿي زالون رکڻ کي حلال ڪري ڇڏيو هو ــ جيئن شهنشاهه جهانگير جڏهن نورجهان (مائي مهرالنساءَ) سان شادي ڪئي ته اها سندس ارڙهين زال هئي. مولوي صاحب ڪجهه نه ڪڇيو. نڪاح پڙهائي مٺائي ۽ سونيون گينيون وٺي روانو ٿي ويو.
سو مغل بادشاهه جي مرڻ تي يا مرڻ جي ويجهو ٿيڻ تي، سندن زالن پنهنجي دلپسند پٽ کي شهنشاهه بنائڻ جا خواب ٿي ڏٺا ۽ ڪامياب ٿيڻ لاءِ سٽل ٿي سٽيا. جهانگير جي مرڻ تي سندس دلپسند زال نورجهان (1645ع-1577ع) (جيڪا جهانگير جي حڪومت ۾ آخري ست سال (1627ع-1620ع) چيف Consort ۽ بادشاهه بيگم هئي) جي زور تي شهريار، شهنشاهه ٿيڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويو. نورجهان شهريار جي ماٽيلي ماءُ هئي. هن جي ماءُ راجا بيربل جي ڌيءَ هئي. هڪ ٻي ڳالهه ته نورجهان شهريار جي سس به هئي. نورجهان جون جهانگير مان ڄاول ڌيئرون ته شهريار جون ڀيڻون ئي ٿيون، پر هن جي زال، نورجهان جي، سندس پهرين مڙس شير افغان مان ڄاول ڌيءَ هئي. جهانگير لاءِ چيو ٿو وڃي ته هو هروقت نشي ۾ ڌت رهندو هو. حڪومت جو ڪاروبار به سندس هن دلپسند راڻي نورجهان هلايو پئي. نورجهان گهڻو ئي چاهيو ته سندس ويڳو پٽ/ناٺي شهريار تخت ڌڻي ٿئي، پر جهانگير جي هڪ ٻي زال تاج بيبي بلقيس مڪانيءَ جو پٽ خرم (شاهه جهان) زور ٿي ويو ۽ صحيح معنيٰ ۾ تخت جو مالڪ ٿي حڪومت هلائڻ لڳو. جهانگير جي هيءَ زال تاج بيبي بلقيس جوڌپور رياست جي هندو راجا جي ڌيءَ هئي، جنهن جو اصل نالو ماناوتي ٻائي هو. هتي اهو به لکندو هلان ته شهنشاهه جهانگير جي دؤر حڪومت (1627ع-1605ع) ۾ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارا انڊيا ۾ تعلقات ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هتي اهو به لکندو هلان ته شاهجهان جي تاجپوشي لاهور ۾ ٿي. ان بعد هن جنهن ماڻهوءَ آصف خان هٿان، پنهنجي ويڳي ڀاءُ شهريار، ٻين ڀائرن ۽ انهن جي اولاد کي قتل ڪرايو، ان کي پنهنجو وزير اعظم ڪري رکيو ۽ سندس پيءُ جي دلپسند راڻي نورجهان جيڪا سندس ويڳي ماءُ به ٿي، ان کي، ان جي پهريون مڙس شيرافغان مان ڄاول ڌيءَ (يعني شهريار جي زال) سميت زندگيءَ جا باقي ڏينهن سندس لاهور واري محل ۾ نظر بند رکيو. اهو سال 1628ع هيو. نورجهان 68 ورهن جي ڄمار ۾، 1645ع ۾ وفات ڪئي. يعني هھڙي شان شوڪت واري راڻي ٿي ڪري هن زندگيءَ جا آخري سال شاهجهان جي قيد ۾ گذاريا. دماغ ۾ ٿو اچي ته شاهجهان هونءَ ته پاڻ کي ملو مولوي ٿي سڏايو، پر هن جي دل ۾ اها همدردي پيدا نه ٿي ته نورجهان به هن جي ماءُ برابر هئي...... پوءِ ڀلي ويڳي ئي سهي. ڀلا ٻيو نه ته هوءَ هڪ پوڙهي عورت هئي، جنهن جو تخت هليو ويو هو، مڙس هليو ويو هو.... ۽ اهو مڙس ڪير هو؟ تنهنجو والد محترم هو...... اسلام ته اسان کي ماءُ پيءُ جي عزت ٿو سيکاري. پر سائين تاج ۽ تخت، حڪومت ۽ پاور اهڙيون شيون آهن، جو انسان دين، ڌرم ۽ انساني ناتا رشتا سڀ وساريو ڇڏي. هن کان ته اهو به وسريو وڃي ته هو اجهو ٿو مڻين مٽيءَ هيٺان دفن ٿئي..... ٻين سان ظلم ڪرڻ وقت هو اهو به وساريو ڇڏي ته ٻئي جهان ۾ ته ڇا هن دنيا ۾ ئي مڪافات عمل ٿيڻو آهي.
شاهه جهان 1628ع ۾ تخت تي ويٺو. هن ٽيهه سال حڪومت ڪئي..... وڏي شان شوڪت ۽ عيش عشرت سان. مغل شهنشاهه باغن ۽ خوبصورت عمارتن (Architecture) جي تعمير جي ڪري مشهور رهيا آهن. اڪبر بادشاهه ته فقط لاهور وارو قلعو ٺهرايو، شاهجهان تاج محل، جامع مسجد، لال قلعو، جهانگير جو مقبرو ۽ لاهور وارو شاليمار باغ ٺهرايو. پر هھڙي ماڻهوءَ کي سندس پٽ مرڻ کان اڳ، سندس مرضيءَ خلاف تخت تان لاهي ڇڏيو ۽ پاڻ شهنشاهه هند ٿي ويهي رهيو. 1657ع ۾ جيئن ئي شاهجهان بيمار ٿيو ته هن جي پٽن ۾ تخت حاصل ڪرڻ لاءِ فساد ٿي پيو. هنن ڏٺو ته بابو اجهو ٿو مري ۽ چئن ڀائرن مان خبر ناهي ڪنهن کي تخت ملي. ان ويڙهاند ۾ شاهجهان جو ٽيون نمبر پٽ اورنگزيب ڪامياب ٿيو. هو ان ئي انتظار ۾ هو ته بابو اجهو ٿو آخري ساهه کڻي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري، ته اوچتو هو چاق چڱو ڀلو ٿي پيو. هن کي واپس حڪومت جون واڳون ڏيڻ بدران اورنگزيب کيس کڻي آگري واري قلعي ۾ نظر بند ڪيو، جتي هو مرڻ (1666ع) تائين اٺ سال قيد رهيو. هُو تاج محل هن هيڏي وڏي ڪوٺيءَ جي هڪ ڳڙکيءَ مان حسرت سان ڏسندو رهيو. هن بادشاهه ٿي، ايترا سال پنهنجي پٽ جي بنديخاني ۾ ڪيئن گذاريا ۽ ڪيئن محسوس ڪيو، اهو هڪ الڳ ڏک جو داستان آهي. پر اهو به آهي ته هن جو ضمير هن کي ان ڳالهه تي به شرمائيندو هوندو ته هن شهريار جهڙا ڀائر ۽ انهن جا نوجوان پٽ جنهن تخت ۽ تاج لاءِ قتل ڪرايا، اهو تخت هن ٻئي جهان ۾ ته وڃائي ڇڏيو پر هن جهان ۾ به.
ان قسم جي واقعن سان دنيا جي تاريخ ڀري پئي آهي. ڇا دنيا جي ملڪن ۽ قومن جا حاڪم، سردار، نواب، راجا، مهاراجا ان مان سبق حاصل ڪن ٿا؟ ڪي ضرور ڪن ٿا ــ هو ملڪ جا بادشاهه ٿي به ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪن ٿا ۽ ڪي ته وري عوام جي ووٽ تي چونڊجي آيل، خلق جي خدمت ڪرڻ جو وعدو ڪندڙ، عوام جي خوشحاليءَ بدران پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان کي مالدار بنائڻ ۾ لڳي وڃن ٿا. پوءِ ان لاءِ ڀلي هنن کي سرڪاري خزاني تي ڌاڙو هڻڻو پوي يا ڪنهن بيگناهه مٿان گولي هلائڻي پوي.
جهانگير 22 سال حڪومت ڪئي، ان بعد شاهه جهان 31 سال تخت تي ويٺو، جنهن کان پوءِ اورنگزيب پنهنجي پڙ ڏاڏي اڪبر وانگر اڌ صدي کن تخت تي ويٺو. هو 1658ع کان 1707ع تائين (مرڻ تائين) بادشاهه رهيو. پاڻ شاهجهان جي ايراني زال ارجمند بانو بيگم (جيڪا ممتاز محل جي نالي سان مشهور ٿي) جو پٽ هو.
اورنگزيب جي 1707ع ۾ وفات بعد سندس وڏو پٽ اعظم شاهه تخت تي ويٺو، جيڪو هن جي دلپسند راڻي (Chief Consort) دل راس بانو بيگم مان هو. پر اورنگزيب جي ٻئي پٽ بهادر شاهه اول هن کي نه سَٺو ۽ پنهنجو لشڪر تيار ڪري اعظم شاهه تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هن کي شڪست آئي ۽ کيس تخت ڇڏڻو پيو. ٽي مهينا مَسَ نالي ماتر بادشاهه رهيو. بهادر شاهه اول پنهنجي هن ويڳي ڀاءَ اعظم شاهه ۽ هن جي ٽن پٽن: بدار بخت، جوان بخت ۽ سڪندر شان کي آگري وٽ قتل ڪيو ويو. سندن قبرون دهليءَ ۾ همايون جي مقبري وٽ آهن. حڪومت خاطر پنهنجن پٽن، ڀائرن، ڀائٽين يا پوڙهي پيءُ کي مارڻ ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي. سوچڻ جي ڳالهه آ ته اورنگزيب جڏهن پنهنجي دلپسند راڻي دل راس بانو سان شادي ڪئي ۽ کين هي پٽ اعظم شاهه 1653ع ۾ ڄائو ته اورنگزيب جي عمر 35 سال هئي. هن کي ڪيڏي خوشي ٿي هوندي ۽ هن کي ڪيڏي لاڏڪوڏ سان نپايو هوندؤن. هن کي بهادر شاهه اول (جيڪو ان وقت ڏهن سالن جو هو)، پڻ پيار ڪيو هوندو. بهادر شاهه اول اورنگزيب جي پهرين هندو زال انوراڌا (جيڪا پوءِ بيگم نواب ٻائي جي نالي سان مشهور ٿي) مان هو. 1643ع ۾ جڏهن بهادر شاهه اول ڄائو هو ته ان وقت اورنگزيب جي عمر 25 سال هئي. بهرحال ڪهڙو پيءُ چاهيندو ته سندس پٽ هڪ ٻئي جا خوني ٿين؟! پر تخت ۽ مال ملڪيت جي لالچ ۾ اورنگزيب جي مرڻ بعد سندس هڪ پٽ ٻئي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. پٽن ڌيئن کان وڌيڪ پوٽاڻ ۽ ڏوهٽاڻ پياري لڳندي آهي. بهادر شاهه اول پنهنجي پيءُ جي ٽن پوٽن: بدار، بهادر ۽ شان کي به قتل ڪري ڇڏيو. هن کي اهو ئي ڊپ هو ته متان سندس ويڳي ڀاءَ اعظم شاهه بعد سندس ڪو جوان پٽ تخت ڌڻي ٿئي. بهادر شاهه اول اهو ماڻهو هو، جنهن پنهنجي پيءُ اورنگزيب جي خلاف به ڪيترائي دفعا بغاوت ڪئي ۽ کيس تخت تان لاهي، پاڻ تخت تي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر دفعي هن کي ناڪامي ٿي ۽ سزا طور اورنگزيب کيس ڪيترائي دفعا جيل ۾ به وڌو.
دراصل بهادر شاهه اول بادشاهه ته ٿي ويو پر هو سڪون سان حڪومت ڪري نه سگهيو. هو 1707ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ 1712ع تائين پنج سال حڪومت مس ڪيائين. هو سک ليڊر بندا سنگهه بهادر جي بغاوت کي منهن ڏئي نه سگهيو. بهادر شاهه اول جي قبر دهليءَ ۾ موتي مسجد وٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هندوستان تي صحيح طرح سان مغل سلطنت شهنشاهه اورنگزيب تائين رهي. پونئين حاڪمن ۾ ليڊرشپ جون خاصيتون نه هيون ۽ نه وقت جي ضرورت مطابق قوم ۾ ايڪو پيدا ڪرڻ جون.
1712ع ۾ بهادر شاهه اول جي وفات بعد تخت حاصل ڪرڻ لاءِ سندس ٻن پٽن جهاندار شاهه ۽ عظيم الشان جي وچ ۾ لڙائي لڳي. جنهن ۾ جهاندار شاهه ڀاءُ کي قتل ڪري پاڻ تخت تي ويٺو. هتي اهو به لکندو هلان ته جهاندار شاهه کي 1671ع ۾ سندس ڏاڏي بلخ جو وزير مقرر ڪيو هو ۽ ان کان اڳ (يا شايد ڪجهه سال پوءِ) جهاندار شاهه سنڌ جو صوبيدار به ٿي رهيو. مغل حڪومت ۾ اها هڪ وڏي پوسٽ هئي، جيڪا شهزادن کي ڏني ويندي هئي. ٻين لفظن ۾، ٽوڪ طور، ائين به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ شروع کان صوبيدارن (پوليس) جي هٿن ۾ رهي. دهلي ۽ آگري ۾ ويهي جهاندار شاهه سنڌ جي سک لاءِ ڪهڙي سوچ ويچار ڪئي هوندي، اهو سندس لائيف اسٽائيل مان ئي سمجهي سگهجي ٿو.
مغل شهنشاهه جهاندار شاهه لاءِ چون ٿا ته هن وڏي عياش زندگي گذاري. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، رڳو 19 ڏينهن بعد، جهاندار پنهنجي ڀاءُ عظيم الشان کي قتل ڪري پاڻ ملڪ جو بادشاهه ٿي ويٺو. رعيت مان ڪيترن کي اها ڳالهه نه وڻي. ويندي اوسي پاسي جي پرڳڻن جا نواب راجا ان ڳالهه ۾ خوش نه هئا، جو هنن جي نظرن ۾ هن عياش حاڪم جهاندار کان وري به سندس ڀاءُ عظيم الشان ڏاهو ۽ بهترين ٿي لڳو. پر جهاندار شاهه ڪنهن جي به پرواهه نه پئي ڪئي. هن لاءِ شراب ۽ شباب ئي سڀ ڪجهه هو. جيڪو هن enjoy ڪرڻ چاهيو ٿي. ممڪن بغاوت کي روڪڻ ۽ پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ هو ان وقت جي ترڪيءَ جي ”سلطنت عثمانيا“ جي حاڪم سلطان احمد سوم (ٽئين) ڏي تحفا تحائف موڪلڻ لڳو. اسانجي ننڍي کنڊ (هند سنڌ) جا حاڪم ڌارين وڏين طاقتن جو قرب حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجن تي لئه رکڻ لاءِ انهن ڌارين حاڪمن ڏي سون، هيرن، موتين، گهوڙن ۽ ٻانهن، غلامن جي شڪل ۾ تحفا، ڏن، سوغاتون موڪليندا هئا. يا وري افغانستان، ايران، وچ ايشيا جا غنڊا حاڪم، پنهنجين حڪومتن جو خرچ پکو هلائڻ لاءِ، سنڌ جهڙن ڪمزور رياستن/صوبن تي ڪاهه ڪري، اتي جي حاڪمن کي ڊيڄاري ڌمڪائي، هنن کي هر سال مقرر ڪيل ڏنڊ موڪلڻ لاءِ پابند ڪري ويندا هئا..... ۽ اسانجي حاڪمن کي ڪهڙي پرواهه! اهي اها ئي عيش جي زندگي گذاريندا هئا، تحفن، سوکڙين يا ڏنڊ جا پئسا، غريب عوام مان ڪڍيا ويندا هئا. عوام سک جو ساهه پٽڻ بدران مسڪينيءَ جي حالت ۾ هوندو هيو. مونکي ته اڄ به ڪجهه ڪجهه اهڙو ئي منظرنامون ٿو لڳي، جڏهن آئون ڏسندو آهيان ته اسان جا حاڪم آمريڪا جي صدر، سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ٻين اهڙن سان فوٽو ڪڍرائي، اخبارن ۾ ڇپرائيندا آهن، جيئن اسان عوام مرعوب ٿيون. هو ورلڊ بئنڪ جهڙن ادارن کان قرض کڻي پنهنجي عياشيءَ جي زندگي ته قائم ئي رکن ٿا، اسان عوام لاءِ پٽاٽا ۽ بصر خريد ڪرڻ به پهچ کان ٻاهر نڪريو وڃي. جهاندار شاهه جي درٻار ۾ هر وقت نت نين ڇوڪرين جا ناچ گانا هليا ٿي. تخت تي ويهڻ سان هن هڪ مشهور ناچڻي ڇوڪري لال ڪنور بيگم سان شادي ڪئي، جنهن لاءِ هن جي پڦين ڏاڍو منع ڪيس پر نه مڙيو. ان کان اڳ به هو چار شاديون ڪري چڪو هو، جن مان پهرين ايران جي صفوي گهراڻي جي، گُذاري چُڪي هيس.
ڏٺو وڃي ته تخت تاج کي حاصل ڪرڻ لاءِ مغل بادشاهن پنهنجن ويڳن توڙي سڳن ڀائرن کي به قتل ٿي ڪيو، جيئن پيءُ جي مرڻ بعد ان تخت تاج جو ٻيو ڪو حقدار نه نڪري. ڪڏهن ڪڏهن ته هنن پنهنجن ڀائرن سان گڏ انهن جي پٽن کي به قتل ٿي ڪرايو يا سندن اکيون ڪڍرائي، کين انڌو ٿي ڪيو، جيئن ان جي اولاد مان به ڪو حاڪم نه ٿئي. اهو ٻڌي/پڙهي اسان پڙهندڙن کي ئي ڏک ٿئي ٿو. پر ڳالهه اها آهي ته اهو ڏک، اهڙيون ڳالهيون فقط ان وقت جي عوام ئي ٿي محسوس ڪيو. پر جهاندار شاهه جهڙي بادشاهه (جنهن تخت حاصل ڪرڻ لاءِ فقط پنهنجي ڀاءُ عظيم الشان کي قتل ڪيو ۽ جنهن جي هٿن مان عظيم الشان جو پٽ فرخ سيار نڪري ويو) کي پڪ سان ان ڳالهه جو افسوس هوندو ته هن پنهنجي ڀائٽي فرخ سيار کي ڇڏي ڇو ڏنو. ۽ پوءِ..... واقعي جنهن ڳالهه جو هن کي خوف هو، اها ئي ٿي. جهاندار شاهه اڃان سال کن حڪومت مس ڪئي ته سندس ڀائٽيو فرخ سيار پنهنجو لشڪر ٺاهي، پنهنجي پيءُ عظيم الشان جو بدلو وٺڻ لاءِ، جهاندار شاهه تي آگري وٽ حملو ڪيو.
جهاندار شاهه لڙائي کٽڻ جو آسرو نه ڏسي دهليءَ ڀڄي ويو. جتي فرخ سيار جي ماڻهن کيس گرفتار ڪري نئين شهنشاهه (فرخ سيار) جي حوالي ڪيو. فرخ سيار پنهنجي چاچي (جهاندار شاهه) سان گڏ هن جي محبوب راڻي لال ڪنور کي قيد تنهائيءَ جي سزا ڏني. هنن کي مهينو کن اونداهين ڪمري ۾ بند رکڻ بعد، 11 فيبروري 1713ع تي ڳلو گهٽڻ جي ماهرن هٿان مارايو ويو. انهن وقتن ۾ اها به عام ڳالهه هوندي هئي ته دشمنن کي عوام اڳيان قتل نه ڪيو ويندو هو، متان انهن مان ڪجهه کي مقتول لاءِ همدردي هجي ۽ قاتل سان نفرت ٿي پوي. ان ڪري ماڻهن کي اهو ٻڌائي خوش رکيو ويندو هو ته بادشاهه سلامت پنهنجي چاچي يا ڀائٽي ڀاڻيجي جو سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ بدران، هن کي ڪجهه مهينن لاءِ قيد جي سزا ڏني آهي. پوءِ انهن لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ محلات مان ست رڇيون پيون وينديون جيئن درٻاري ۽ عوام ڏسن ته بادشاهه سلامت کي پنهنجي پيءُ، ڀاءُ يا چاچي، ڀائٽي جو ڪيڏو خيال آهي.... پر پوءِ اندران ئي اندران سندس مقرر ڪيل خاص ماڻهو ان کاڌي ۾ زهر ملائيندو ويندو، جيئن کائڻ وارو آهستي آهستي بيمار ٿيندو وڃي ۽ مري وڃي ۽ ماڻهو اهو ئي سمجهن ته هن جو قدرتي موت ٿيو. يا وري ڪجهه ڏينهن بعد ان قيد خاني واري ڪوٺيءَ ۾ نانگ بلائون ڇڏيا ويندا هئا.... يا وري اهڙا ماهر ڳلو گُهٽڻ وارا جلاد (Stranglers) هوندا هئا، جيڪي رسيءَ ذريعي يا هٿن سان ماڻهوءَ جو ساهه منٽن ۾ ڪڍيو ڇڏيندا هئا.
جهاندار شاهه کي به مهينو کن دهليءَ جي لال قلعي ۾ نظر بند رکيو ويو، ان بعد جلاد کيس گهٽو ڏئي ماريو ۽ ماڻهن ۾ خوف پئدا ڪرڻ لاءِ، نئين بادشاهه جي حڪم تي، جهاندر شاهه جي سسيءَ کي بانس جي ڏنڊن سان ٻڌي، هاٿيءَ رستي شهر ۾ گهمائندو رهيو. ٻي هاٿيءَ تي سندس ڌڙ رکيو ويو. بهرحال چاچي کان پنهنجي پيءُ جو بدلو وٺي، فرخ سيار مغل سلطنت جو نئون شهنشاهه ٿيو. مغل سلطنت جيڪا هاڻ اڪبر، جهانگير، شاهجهان يا اورنگزيب بادشاهه وارن ڏينهن واري نه رهي هئي. چوڌاري بغاوتون هيون، سلطنت جي فوجي جنرلن ۽ درٻارين جون سازشون هيون ۽ پاڻ حاڪمن ٽوٽي، سست، نشئي ۽ عياش ٿي ئي رهڻ پسند پئي ڪيو.
فرخ سيار به بادشاهه ضرور ٿيو، پر ڇڪي تاڻي ڇهه سال.... تنهن عرصي ۾ به هر وقت وڳوڙ متو رهيو. قدرت جا به ڇا حساب ڪتاب آهن. سندس فوج جي جنرلن (سيد برادران) فرخ سيار جي طرز حڪومت مان بيزار ٿي، سندس سوٽ رفيغ الدرجات کي تخت تي ويهاريو ۽ فرخ سيار جون اکيون ڪڍي کيس ترپوليا ۾ قيد ڪيو ويو. ترپوليا گيٽ ٻه هڪ جهڙا دروازا دهليءَ وٽ، جي ٽي روڊ (گرانڊ ٽرنڪ روڊ) تي آهن، جيڪي هڪ ٻئي کان چوٿائي ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهن. هي دروازا دهليءَ جي ”رانا پرتاپ سنگهه باغ“ ۽ اتر ۾ ”ڳڙمنڊيءَ“ جي وچ ۾ آهن. دهليءَ ۾ توهانجو ڪجهه ڏينهن رهڻ ٿئي ته هي تاريخي دروازا ڏسڻ وٽان آهن ۽ خاص مون جهڙي فوٽو گرافيءَ جي شوقين کي انهن اڳيان بيهي ضرور فوٽو ڪڍرائڻ کپي.
شهنشاهه فرخ سيار جون اکيون ڪڍي کيس هتي ترپوليا ۾ قيد ڪيو ويو. قيد خاني ۾ ساڻس تمام گهڻي سختي ڪئي وئي. هونءَ هھڙن عياش حاڪمن کان فقط شراب ئي پري رکو ته هنن جي حالت خراب ٿيو وڃي. اهي جن کي عطر عنبير واري پاڻيءَ ۾ هڪڙين ٻانهين وهنجاريو ٿئي ته ٻين هنن جي دل پئي وندرائي. اهڙن ماڻهن سان ڇا حالت ٿيندي هوندي، جڏهن هنن کي هڪڙي ئي ڪوٺيءَ ۾ رکيو ويندو هوندو ۽ اتي ئي هنن کي هَنگڻو مُٽڻو پوندو هوندو. قيد وارن ڏينهن ۾ فرخ سيار کي صحيح طرح ماني به نٿي ڏني وئي. کيس ڪڙو ۽ کارو کاڌو ڏنو ٿي ويو ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيڻ کان پرهيز ڪئي ٿي وئي. چون ٿا ته هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ فرخ سيار الله کي ڏاڍو ياد ڪيو ۽ قرآن جون سورون پڙهندو رهيو. اڄ جي دور ۾ به اسان جي ڪنهن حاڪم جي وٺ پڪڙ ٿئي ٿي ته تسبي هن جي هٿ ۾ اچيو وڃي ۽ نمازن جا وقت پڇندو رهي ٿو. بنديخاني مان ڪڍڻ لاءِ فرخ سيار، پهري تي مقرر سپاهين کي وڏي رشوت آڇيندو رهيو ــ هن وٽ يا پٺيان ڪو اهڙو ماڻهو نه هو جنهن وٽ دولت هجي، جيڪا آفر ڪري. البت هو انچارج جيلر کي چوندو رهيو ته هو کيس هن بنديخاني مان ڪڍي، راجا جئسنگهه تائين پهچائيندو ته هو هن کي 7000 سپاهين جي دستي جو ڪمانڊر بنائيندو. جيلر اها رشوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ بادشاهه سلامت..... بلڪ ”سابق“ ۽ ”نااهل بادشاهه“ سلامت کي هڪ ڏينهن ائين گُهٽو ڏئي ماريو ويو جيئن پاڻ پنهنجي شهنشاهه چاچي (جهاندار شاهه) کي مارايو هئائين ــ. هُو 1713ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ 1719ع ۾ کيس ماريو ويو. سندس لاش کي همايون جي مقبري ۾ سندس والد عظيم الشان جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
مون کي دراصل اورنگزيب بادشاهه تائين جو مختصر احوال لکي، يڪدم بهادر شاهه ظفر جو احوال لکڻ جو ارادو هو، جو هي وچ وارا بادشاهه..... فرخ سيار تائين ۽ ان کان پوءِ جا: فريع الدرجات، نيڪوسيار، محمد ابراهيم، محمد شاهه، احمد شاهه، عالمگير دوم، شاهجهان سوم، شاهه عالم دوم وغيره ڪي خاص اهميت وارا نه هئا. مغل سلطنت وئي پئي ڪمزور ٿيندي. هڪ طرف مرهٺا ۽ سک ته ٻئي پاسي انگريز ويا پئي مغلن تي چڙهائي ڪندا ۽ مغل بادشاهه تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن جو ئي قتل ڪرڻ ۾ مشغول عياشين پٺيان ويا پئي خزانا خالي ڪندا ۽ وڌندڙ خرچ لاءِ ويا غريب عوام جي ڀينگ ڪندا. بهادر شاهه ظفر (دوم) جي پيءُ اڪبر شاهه (دوم) جي 1806ع ۾ تخت تي ويهڻ تائين، اٽڪل هڪ صدي هليا.
مغل شهنشاهه فرخ سيار (ڄم 1683ع، وفات 1719ع) جو احوال هتي ان ڪري ڏنو اٿم جو انگريزن صحيح معنيٰ ۾ هندوستان تي قبضو هن بادشاهه جي ڏينهن ۾ شروع ڪيو. 1717ع ۾ هن بادشاهه، انگريز جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي بنا ڪنهن ڊيوٽيءَ (ٽئڪس ۽ ڍل) جي بنگال (انڊيا) ۾ واپار جي سهولتن جو فرمان جاري ڪيو.
دراصل انگريز انڊيا تي چڱو خاصو ديرو، پڙ ڏاڏي تڙ ڏاڏي شهنشاهه جهانگير جي ڏينهن کان ئي ڄمائي ويٺا هئا. انگلئنڊ جي بادشاهه جيمس اول (1566ع ــ 1625ع) انگلئنڊ تي 1603ع کان 1625ع مرڻ) تائين حڪومت ڪئي، سندس حڪم تي انگريز سفارتڪار ۽ تعليم يافته آفيسر سر ٿامس رو (Sir Thomas Roe) 1612ع ۾ انڊيا پهچي، جهانگير بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو هو ۽ انگلئنڊ جي بادشاهه طرفان موڪليل تحفا مغل بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪري، هن کي انگريزن سان واپاري معاهدو (Commercial Treaty) ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو هيائين، جنهن ۾ چيو ويو هو ته انگريزن کي انڊيا جي شهر سورت ۽ ٻين علائقن ۾ رهائش ۽ ڪارخانا هڻڻ جون سهولتون مهيا ڪرڻ جا حق ڏنا وڃن. جهانگير بادشاهه جيڪو انگلئنڊ جي بادشاهه طرفان مليل ٺڙڪو تحفا ڏسي ٺري رهيو هو، تنهن کي سفارتڪار سر ٿامس رو چيو ته انهن سهولتن ملڻ جي بدلي ۾ هو (انگريز) بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ وقت بوقت عمدا تحفا ۽ يورپ جي مارڪيٽ جون شيون پيش ڪندا رهندا.
سائين! سر ٿامس رو جو مشن واهه جو ڪامياب ويو. برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ انڊيا ۾ پير ڄمائڻ شروع ڪيا ۽ هنن ستن سال اندر 1619ع ڌاري سورت شهر ۾ (جيڪو بندرگاهه به هو) پنهنجي پهرين فئڪٽري لڳائي...... ان بعد 1639ع ۾ مدراس ۽ ٻين هنڌن تي فئڪٽريون لڳايون. 1634ع ۾ شاهجهان بادشاهه ته پنهنجي مهمان نوازي ۽ سخاوت جو مظاهرو ڪندي انگريزن کي ڇڏي ڏنو، ته ڀلي سڄي بنگال ۾ پنهنجو واپار قائم رکن. مغل بادشاهن جون هي ڳالهيون سوچي حيرت ٿي ٿئي ته هونءَ ته هو وڏا پهلوان مڙس هئا، پاڻ کي وڏو عقلمند ۽ ڏاهو ٿي سمجهيائون ۽ سندن هر ڳالهه تي نظر هئي.... پر خبر ناهي ڇو آفريڪا کنڊ جي شيدي بادشاهن وانگر هنن کي به انگريزن چند تحفن ۽ شراب جي بوتلن تي اڪن ڇڪن ڪري ڇڏيو ــ ان جو اندازو جهانگير جي ان پهرين خط مان ئي پئجي سگهي ٿو، جيڪو هن انگريز سفارتڪار سر ٿا مس رو هٿان انگلئنڊ جي بادشاهه جيمس اول ڏي موڪليو. اهو خط ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ڊاڪيومينٽ اڄ به انگلينڊ جي لئبررين، عجائب گهرن، ۽ اهم جاين تي موجود آهن ۽ جن کي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ پڙهي سگهن ٿا.
”.....حضور والا جي پيار جي موٽ ۾ مون پنهنجي سلطنت جي سڀني بندرگاهن ڏي احڪامات جاري ڪري ڇڏيا آهن ته انگريز قوم جي هر ماڻهوءَ کي منهنجي دوست بادشاهه جي رعيت جو ماڻهو سمجهي آڌر ڀاءُ ڪيو وڃي. هنن کي فل آزادي آهي ته هنن کي جيڪي وڻي اسان جي ملڪ ۾ وڪرو ڪن، اسان جي ملڪ مان خريد ڪن ۽ پنهنجي ملڪ کڻي وڃن. پنهنجي پيار ۽ دوستيءَ جو يقين ڏيارڻ لاءِ، آئون خواهش ڪندس ته يوئر ميجسٽي جهازن ۾ ايندڙ پنهنجن واپارين کي حڪم صادر ڪندي ته هو مون لاءِ خاص خاص تحفا آڻيندا رهن. جن سان آئون محلات سينگاري سگهان ۽ مون ڏي آئندي به خط موڪلڻ جو قرب ڪندا رهندا، جيئن مونکي يوئر مئجسٽيءَ جي صحت ۽ خوشحاليءَ جي خبر پوندي رهي ۽ پنهنجي هيءَ دوستي دائم قائم رهي.......“.
نور الدين سليم جهانگير .
ڏٺو وڃي ته ان وقت کان وٺي اسانجي حاڪمن کي اهو خيال نه رهيو آهي ته ڌارين ملڪن جي حاڪمن کان اهو معلوم ڪن ته رعيت کي ڪيئن خوشحال ڪجي، رعيت جي تعليم ۽ صحت لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺجن.... هنن کي رڳو پنهنجي ننڍڙي سوچ مطابق پنهنجي ذاتي حاصلات جو فڪر رهيو آهي. اڄ جي دؤر ۾ به اسانجي حاڪمن کي آمريڪا يا انگلئنڊ ۾ پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ ۽ پراپرٽي ٺاهڻ جو فڪر لڳو پيو آهي..... پنهنجي اولاد کي ولايت ۾ پڙهائڻ ۽ هنن جي شهريت حاصل ڪرڻ جو اونو لڳو پيو آهي. انهن هم وطنن جو فڪر ناهي، جيڪي بک ۽ بيروزگاريءَ کان بيزار ٿي، جان جو کم ۾ وجهي، ڌارين ملڪن ۾ نوڪريءَ جي تلاش ۾ آيا، ته جيئن پرديس ۾ رهي، پورهيو ڪري، پئسو پنهنجن ٻچن کي موڪلي سگهن، پر غلط طريقن سان اچڻ ڪري هو ڏوهاري بڻجي ويا. اڄ ملائيشيا، سعودي عرب، دبئيءَ جي جيلن کان وٺي اسپين، يونان ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جا جيل اسان جي ماڻهن سان ڀريا پيا آهن..... پر آهي ڪو ڪنهن کي به انهن جو فڪر؟!!
فڪر ته جهانگير بادشاهه کي به نه هو. ولائتي تحفا.... جن مان اڄ به اسانجي گهڻي ڀاڱي حاڪمن جي دلپسند شئي ولائتي شراب آهي، ۽ انهيءَ شراب جي رشوت پٺيان انگريز ويا هندوستان ۾ پير ڄمائيندا. ”الله ڀلو ڪري هن مغل شهنشاهه فرخ سيار جو .....“ انگريز پَڪَ سان ائين ئي چوندا هوندا. فرخ سيار جي هيٺين حصي Groin ۾ سوڄ ۽ سور ٿي پيو. درٻار جي شاهي حڪيمن جي ڦڪين ستين جڏهن اثر نه ڪيو ته بادشاهه سلامت سخت پريشان ٿي ويو. هيءَ سن 1715ع جي ڳالهه آهي. شهنشاهه فرخ سيار 1713ع ۾ پنهنجي چاچي شهنشاهه جهاندار شاهه کي قتل ڪري، اڃان هاڻ تخت ۽ تاج جو مزو وٺڻ شروع ئي مس ڪيو ته هن بيماريءَ کيس ڊيڄاري ڇڏيو. هن ايترو جلد مرن به نٿي چاهيو.... اڃان ته هن کي پنهنجي دلپسند محبوبا سان شادي ڪرڻي هئي. شهزادا ته ننڍي هوندي ئي شادي ڪندا آهن، هن ٽيهن ورهين جو ٿي ڪري اڃان شادي نه ڪئي هئا ڇا؟ هو اڃان شهزادو هو ته هن جي پهرين شادي فخر النساءِ بيگم سان ٿي هئي. فخر النساء جي ماءُ هڪ اهم عورت هئي، جيڪا ايران جي صفوي گهراڻي جي معصوم خان صفويءَ جي ڌيءَ هئي. هن سان جڏهن فخر النساءِ جي پيءُ مير محمد تقيءَ شادي ٿي ڪئي ته ان جي بدلي ۾ هن ايران جو مزنداران صوبو معصوم خان صفويءَ جي حوالي ڪيو هو. شهنشاهه ٿيڻ بعد هن هڪ هندو ڇوڪري، مهاراجا اجيت سنگهه جي ڌيءَ ٻائي اندرا ڪَنوار سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ائين ته هن جي وڌيڪ ٻن سالن بعد هڪ ٽين ڇوڪريءَ سان به شادي ٿي. هيءَ پڻ هندو ڇوڪري، ٻائي ڀوپ ديويءَ نالي، ڪشوار جي راجا جيا سنگهه جي ڌيءُ هئي.
انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا جيڪي انگريز انڊيا ۾ رهيا پئي، انهن جي علاج لاءِ هنن جا انگريز ڊاڪٽر هئا. انهن ۾ هڪ وليم هئملٽن به هو . جنهن جي پوسٽنگ ڪلڪتي ۾ هئي. بادشاهه سلامت جي علاج لاءِ انگريزن کي منٿ ميڙ ڪئي وئي. هنن جي ته ڄڻ الله ٻڌي. درٻار ۾ ڊاڪٽر وليم اچي حاضر ٿيو ۽ هن بادشاهه سلامت جي Groin جي سوڄ جو علاج ڪيو. بادشاهه سلامت صحيح ٿي ويو. اڃان مهينو کن مس گذريو ته بادشاهه کي فسچولا (ڦٽ) ۾ شديد سور ٿي پيو. ڊاڪٽر وليم ان جو به علاج ڪيو. جنهن بعد مهينو آرام ڪري بادشاهه صاحب هندو شهزادي ٻائي اندرا سان شادي ڪئي ــ اها شادي بادشاهه جي بيماريءَ ۽ علاج سبب ملتوي ٿي رهي هئي. بهرحال ڊاڪٽر هئملٽن جي ته لئي ٿي وئي. هن کي شاديءَ جي تحفي ۾ هڪ ڀلو هاٿي، هڪ گهوڙو، پنج هزار روپيا، ٻه ڊائمنڊ جون منڊيون، هيرن جو هار، سونن ٻيڙن جو سيٽ ۽ ڊاڪٽر صاحب جي تپاس ۽ آپريشن جي سڀني اوزارن جا سونا ماڊل ڏنا ويا. هند سنڌ توڙي لنڊن ۾ سڀني بادشاهه سلامت جي واکاڻ ڪئي ته وڏو سخي مرد آهي پر پڪ سان اڄ جي غريب عوام وانگر، تن ڏينهن جو غريب عوام به سوچيندو هوندو ته بادشاهه سلامت ڊاڪٽر کي ڪو پاڻ پورهيو ڪري ڪمايل پئسو ته نه ڏنو .... عوام کان ئي ٽئڪس، ڍل ۽ ٻين طريقن سان ڦريل پئسي تي هن سخاوت ڪئي. اهو ته رڳو کيس شاديءَ جو تحفو ڏنو ويو جيڪو هن قبول ڪيو، پر اهو تحفو ان جي مقابلي ۾ ڪجهه نه هو، جيڪو ڊاڪٽر هئملٽن کي علاج ڪرڻ جي بدلي ۾ شهنشاهه فرخ سيار ڏنو، پر انگريز ڊاڪٽر قبول نه ڪيو. صحتمند ٿيڻ تي مغل شهنشاهه حڪم ڏنو ته خزاني جا در کوليا وڃن ۽ ڊاڪٽر کي سندس تور جيترو سون ڏنو وڃي.
ڊاڪٽر هٿ ادب جا ٻڌي ان کي قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي. شهنشاهه هند وائڙو ٿي ويو ۽ هن وڏي دل سان ڊاڪٽر کي چيو ته جيڪڏهن هي گهٽ ٿو سمجهين ته تون پاڻ پنهنجي وات سان ٻڌاءِ ته توکي ڇا کپي.
ڊاڪٽر وراڻيو ته هن کي پنهنجي لاءِ ڪجهه نه کپي. هن کي پنهنجي لاءِ ڪمپني (برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني) طرفان ملندڙ معمولي پگهار ئي ڪافي آهي. شهنشاهه طرفان فقط سندس ڪمپنيءَ لاءِ وڌيڪ سهولتون ڏنيون وڃن.
بادشاهه سلامت انهن پيش ڪيل سهولتن جي لسٽ جي ان ئي وقت منظوري ڏني ۽ فرمان جاري ڪيو ته ڪمپنيءَ پٽيشن ۾ جن سهولتن جي گهر ڪئي آهي انهن جي پورائي ڪئي وڃي. پوءِ ته بس فرمان جاري ٿيڻ جي دير هئي، ڪمپنيءَ کي سندس حوالي ٿيل ٽن ڳوٺن؛ سوتنو تي، گوبنداپور ۽ ڪلڪتو (اڄ وارو انڊيا جو وڏي ۾ وڏو شهر، جيڪو 1715ع ۾ هڪ ڳوٺڙو هو) جي چوڌاري موجود 38 ٻين ڳوٺن جي خريداريءَ جي اجازت پڻ ملي وئي. سڄي بنگال ۾ بنا ڪنهن ٽئڪس ڏيڻ جي واپار جي موڪل ڏني وئي. دراصل مغل بادشاهه جي هن فرمان جاري ڪرڻ تي ئي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي اڳتي هلي سڄي بنگال کي ۽ ان بعد سڄي هندوستان تي قبضو ڪرڻ جو موقعو ملي ويو .
اڄ جو تاريخ جو شاگرد پڪ سان اهو سوچيندو هوندو ته هڪ انگريز سرجن کي پنهنجو ملڪ ۽ قوم ڪيڏي پياري هئي. هن پنهنجي ذاتي فائدي بدران پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جو فائدو ڪيو. هئڻ ته هيئن کتو ٿي ته انگريز جيڪي جهانگير بادشاهه جي ڏينهن کان انڊيا ۾ رهي رهيا هئا ۽ اسان جي ماڻهن کان ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ ۾ هوشيار هئا، مغل بادشاهه انهن تي انڊيا ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتالون کولڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ها ته جيئن نه فقط عوام لاءِ نه پرسندن لاءِ به فائدو ٿئي ها. پر عوام جي لاءِ ان قسم جي بهتريءَ جو نه جهانگير کي خيال آيو ۽ نه ان بعد شاهه جهان، اورنگزيب يا ٻين مغل بادشاهن کي آيو ۽ هاڻ فرخ سيار پنهنجي علاج خاطر انگريزن کي ڍائي ڇڏيو، پر کيس اهو خيال ڪڏهن به نه آيو ته هيڏي فائدي جي بدلي ۾ انگريزن جي ڪمپني هر سال، ڪجهه هندستانين کي پنهنجي ملڪ انگلئنڊ موڪلي، ميڊيڪل جي ڄاڻ ڏئي ته جيئن اهي به سٺا ڊاڪٽر ۽ سرجن ٿي هندوستان اچي عوام ۽ سندن (حاڪمن) جي خدمت ڪن. لڳي ٿو ته ان معاملي ۾ اسان جا مسلمان حاڪم اڄ ڏينهن تائين ڪورا آهن..... سواءِ هڪ ٻن جي. ملائيشيا جي مهاتير محمد کي جڏهن دل ۾ تڪليف ٿي ۽ کيس انگلئنڊ يا آسٽريليا وڃي علاج ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته هن اهو ئي چيو ته آئون پنهنجي ملڪ جي اسپتال ۾ ئي علاج ڪرائيندس، جتي منهنجي عوام ڪرائي ٿي. پنهنجي ملڪ ۾ آپريشن ڪرائڻ بعد هن ان فيلڊ ۾ به اسپتالن ۽ پنهنجي ملڪ جي ڊاڪٽرن جو معيار ايترو وڌايو، جو اڄ دنيا ۾ دل جي آپريشن جي ڪري جيڪي ٽي ملڪ مشهور آهن، انهن ۾ ملائيشيا هڪ آهي. ان اسپتال ۾ اسانجي ڳوٺ جي هڪ دل جي سرجن جو احوال پنهنجي ملائيشيا واري سفرنامي ”هليو آ، هليو آ، ملائيشيا“ يا ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۾ ڪري چڪو آهيان.
.....سو ان معاملي ۾ ملائيشيا يا وري سعودي عرب جهڙي ڪنهن ملڪ جو عوام، کڻي ڀاڳن وارو هجي، جنهن جا حاڪم عوام جي تعليم، صحت ۽ روزگار جهڙين شين جو سوچين ٿا، نه ته اسان جي ڪيترن ملڪن جا مسلمان حاڪم اهو ئي سوچين ٿا ته غريب عوام وڃي ڌوڙ پائي، انهن کي ڀلي سرڪاري اسپتالن ۾ دواجي نالي ۾ ڳاڙهو پاڻي به نه ملي، پر سندن علاج سرڪاري خرچ تي ولايت جي مهانگين اسپتالن ۾ ٿيڻ کپي. غريب عوام حادثن ۽ بمن وگهي لولو لنگڙو ٿي وڃي، هو ڀلي رستي تي زخمن جو تاب نه جهلي رت ڳاڙي مري وڃي، پيٽ واريون عورتون ڊاڪٽرن يا دوائن جي نه هجڻ ڪري ڀلي اسپتالن جي ٻاهران روڊ تي تڙپي تڙپي مري وڃن، پر سندن معمولي ٿڌ يا کنگهه جو علاج يا نارمل چيڪ اپ به سرڪاري خرچ تي ولايت جي مهانگين اسپتالن ۾ ٿيڻ کپي. اسانجي حاڪمن کي آخر پرواهه به ڇو ٿئي. سندن پنهنجي خرچ تي ته علاج نٿو ٿئي جو کين تڪليف ٿئي ...... هر ڳالهه ۾ عوام جو ٽئڪس ذريعي ڏنل پئسو استعمال ٿو ٿئي، جيڪو دراصل عوام جي ڀلي لاءِ ڪم اچڻ کپي. پر هتي ته سائين هر دؤر ۾ ”مال مفت دل بيرحم“ وارو حساب لڳو پيو آهي...... ۽ آئون، خاص ڪري مسلمان حاڪمن کي ان ڪري ٿو Mention ڪيان، جو هنن کي اسلامي تعليمات هجڻ ڪري، غريب عوام جو وڌيڪ خيال ڪرڻ کپي. آخر مسلمانن ۾ اهڙا به ته حاڪم هئا، جن چيو ٿي ته دجلا نديءَ جي ڪناري تي ڪو ڪتو به بک کان پاهه ٿي مرندو ته ان جو ذميوار هو پاڻ کي سمجهندا. پر اسان جا اڄ جا مسلمان حاڪم يا تاريخ ۾ گهڻي ڀاڱي مسلمان حاڪم، ڪهڙي قسم جا مسلمان هئا، جن شراب به پيتا ٿي، چئن کان وڌيڪ شاديون به ڪيون ٿي ۽ غريب عوام جو پئسو به لٽيو ٿي! هنن کي هر وقت پنهنجي مرڻ جو ڊپ ٿيندو رهيو آهي. عوام ڀلي لولو لنگڙو ٿي پيو هلي....... عوام وٽ پئناڊال جون گوريون خريد ڪرڻ لاءِ به ڀلي پئسو نه هجي، پر پاڻ بادشاهه سلامت جن سدا حيات ۽ صحتمند هجن جيئن هو عيش جي زندگي گذاري سگهن.
اسان اڄ جا ننڍي کنڊ جا مسلمان، خبر ناهي ڪنهن جون غلط سلط تاريخون پڙهي، رڳو ان ڳالهه تي پيا ٺرون، ته هندوستان تي هيترا هيترا سال مغل ۽ ٻين مسلمانن جي حڪومت رهي. انهن مسلمان حاڪمن مان، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، باقي ٻين عوام سان ڇا ڪيو ان جي پاڻَ کي سُڌ نه سماءُ.
هنن So Called مسلمانن افغانستان، وچ ايشيا ۽ ٻين ڌارين ڏيهن کان اچي هند سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ اصل ديس واسين، هندو توڙي مسلمان عوام سان ڪهڙو سلوڪ رکيائون، ان جي اسانکي نه خبر نه چار. بس اسان ان ۾ خوش آهيون ته هندستان تي اسانجي مسلمانن حڪومت ڪئي. توڙي جو اهي ڌارين ملڪن کان آيل هئا. هنن ترڪ، فارسي ۽ ٻيون ڌاريون ٻوليون ڳالهايون ٿي، پر اسان انهن کي بهتر حاڪم سمجهون ٿا، جو اهي مسلمان هئا ــ جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته هندي، ڪشميري، پنجابي، گجراتي، سنڌي ڳالهائڻ وارن هندن توڙي مسلمانن جي حالت خراب هئي. کين ٻه ويلا کائڻ لاءِ نه هو. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن جي عوام جو ويلو ڪو چاشني، برياني، ڪڙهائي، ڪواب يا مئڪڊو نالڊ ۽ KFC جو فاسٽ فوڊ نه، پر ٺهلو ڍوڍو، ڇڊي ڏڌ سان هو، يااڀري سڀري دال ياڪچي بصر سان هو ــ پر ان وقت جي عوام لاءِ اهو حاصل ڪرڻ به محال هو. حاڪمن ملڪ جي مال ملڪيت ڦري سٺين موسمن ۽ معدنيات سان ڀريل ننڍي کنڊ جي ڀينگ ڪري ڇڏي. غريب لاءِ بافتي جو وڳو ۽ ڪڻڪ جو اڻ مکيل ڊڳڙ به عيد. هوڏانهن حاڪمن وٽ ست رڇيون پئي هليون، ريشم ۽ ڪيمخواب جا وڳا ۽ عطر عنبير هئا. يارو! ان وقت جي حاڪمن (مسلمانن توڙي هندن) جو خواب ڪو عوام جي خدمت ۽ ملڪ کي خوش حال ڪرڻ نه هو ۽ نه ئي مذهب جي پرچار هو. هنن جو مقصد فقط ڦرلٽ ۽ عياشي هو، شراب ۽ شباب هو، زالن ۽ ڪنيزائن سان حرم ڀرڻ هو. پاور/حڪومت ۽ تخت تاج حاصل ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجن ڀائرن جو به قتل ڪري ٿي ڇڏيو، کين انڌو ڪري ٿي ڇڏيو، پوڙهن پيئرن کي قيد خانن ۾ بند ڪري ٿي ڇڏيو، پنهنجي فئوريٽ زال جي پٽ کي ولي عهد بنائڻ لاءِ ٻئي اولاد کي ڏيهه بدر ڪري ٿي ڇڏيو..... عورتن ۽ شراب جي چڪر ۾ هنن ڪاهون ٿي ڪيون. هاڻ ٻڌايو، اهي حاڪم، جن کي پنهنجي رت جي رشتن جو خيال نٿي ٿيو، اهي عوام جو ڇا خيال ڪندا هوندا ۽ اهڙن جڏا ڪم ڪرڻ وارن کي ڇا اسلام جي پوئواري ڪندڙ چئي سگهجي ٿو؟ ها سندن نالا ضرور مسلمانن وارا هئا. اڄ، جي ان دؤر جي ماڻهن کي قبرن مان اٿاري پڇڻ ممڪن هجي ته اهي سچيون ٻڌائين. پر سائين! ڪوڙيون تعريفون ۽ ڪُوڙي تواريخ لکڻ وارن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن، جن پئي لکيو آهي ته هُو وڏا انصاف پسند هئا. محل جي ٻاهران انصاف جو گهنڊ لڳائي ڇڏيو هئائون ته جيئن غريب غربو آڌيءَ رات جو به انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ان گهنڊ جو رسو اچي ڇڪي. بادشاهه سلامت شاهي خزاني مان پئسو کڻڻ بدران ٽوپيون ڀري ۽ هٿ سان قرآن لکي، پنهنجو ذاتي خرچ پورو ڪندو هو.... وغيره.
اهو تصور ڪري ئي کل ٿي اچي ته اڄ کان صدي ڏيڍ بعد ..... سمجهو ته 2200ع ڌاري اسان جي ملڪ يا اسان جي صوبي جا ٻار، اڄ جي دؤر بابت تواريخ پڙهي خوش ٿيندا ته سنڌ جي حالت خوشحال هئي..... حاڪم نه رڳو مسلمان هئا پر اسان جي مادري ٻولي ڳالهائڻ وارا اسان جي ڌرتيءَ جا ڄاوا هئا..... وغيره ۽ ڪاش اهو ممڪن هجي ته 2200ع ۾ سنڌ جي ڪنهن شهر جي قبرستان مان اڄ واري دؤر جي دفنايل مردن کي جياري پڇيو وڃي، ته بابا! اها حقيقت هئي يا نه؟ تواريخ ته هيئن ٿي لکي ته توهانجا پنهنجا چونڊيل ڌرتيءَ ڄاوا هئا، جن کي عوام جي خوشحاليءَ جو وڏو فڪر هو ۽ هنن جمهوريت کي زندهه رکڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا. منهنجي خيال ۾ پڇڻ واري کي اهي مردا گهروڙي بجو ڏيندا ته اسانجو اندر ساڙڻ لاءِ اسان کي ڇو قبرن مان اٿاريو ويو آهي؟!
فرخ سيار کي اهو به خوف هو ته هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان نئين شادي ڪئي اٿم، ڪٿي وري بستري حوالي نه ٿيان. اڄ ڪلهه، جڏهن هي لکي رهيو آهيان، پاڪستان جي مختلف ٽي وي چئنلن تان ملڪ جو وزير خزانا جيڪو مني لانڊرنگ يا ڪرپشن جي ٻين ڪيسن ۾ ملڪ جي وڏي ڪورٽ ۾ گهربل آهي ۽ هر دفعي شنوائي تي حاضر نه ٿيڻ ڪري هن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو ناقابل ضمانت وارنٽ نڪتل آهي..... ان کي انگلئنڊ جي هڪ وڏي خانگي اسپتال جي ڪمري ۾ مريضن وارا ڪپڙا پائي ليٽيل پيو ڏيکاريو وڃي ته هو ٻن هفتن کان سخت بيمار آهي ۽ چري پري به نٿو سگهي. ائنڪر حضرات ۽ ٽاڪ شوز ۾ گهرايل تجزيا نگار خوب ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيا آهن ته هو سزا جي ڊپ کان بيماريءَ جو بهانو بنايون ويٺو آهي..... ۽ ڪيترا اهو به ٻڌائين پيا ته اڃان ڪجهه هفتا اڳ ئي ته هن پارٽيءَ جي هڪ اهم نوجوان ورڪر عورت سان لڪ ڇپ ۾ شادي ڪئي آهي. جي اهڙو بيمار هو ته ننڍي نيٽيءَ سان شادي ڇو ڪيائين؟
بهرحال فرخ سيار ضرور اهو ئي سوچيو هوندو ته جي هو وري بيمار ٿي پيو ته جو ڌپور جي مهاراجا اجيت سنگهه جي ننڍي نيٽي ڌيءُ ٻائي انڌرا ضرور گاريون ڏيندي ته: ”ماريا! اهڙو ئي ختم هئين ته مون سان شادي ڪري، منهنجي زندگي ڇو برباد ڪيئي؟“.
شهنشاهه فرخ سيار انگريز ڊاڪٽر کي واپس ڪلڪتي پنهنجي ڪمپنيءَ جي هيڊڪوارٽر ۾ وڃڻ کان ڏاڍو روڪيو.... کيس منٿون ميڙون ۽ وڏي پگهار جي آڇ ڪيائين، ته هو دهليءَ ۾ سندس ذاتي معالج ٿي رهي. پر ڊاڪٽر هئملٽن جي دل قبول نٿي ڪيو. بادشاهه سلامت جي گهڻي زور ڀرڻ تي آخر هئملٽن هن سان وعدو ڪيو ته في الحال هو يورپ وڃي رهيو آهي. پنهنجي وطن جو چڪر هڻي جڏهن موٽندو، ته هن جو ذاتي فزيشن ٿي رهندو. بادشاهه کان موڪلائي هو نوڪريءَ جو باقي مدو مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪلڪتي پهتو. پر يورپ وڃڻ کان اڳ 1717ع ۾ هن جو ڪلڪتي ۾ ئي موت ٿيو. هن کي ڪلڪتي جي سينٽ جان گرجا گهر جي ڀرسان ئي دفن ڪيو ويو. سندس قبر مٿان لڳل ڪتبي تي لکيل سٽون مغل بادشاهه فرخ سيار جي بيماري “Malignant Distemper” جي علاج جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿيون. سرجن هئملٽن جي قبر ۽ ان تي رکيل هي ڪتبو اڄ به موجود آهي. ان ڪتبي تي هي سٽون لکيل آهن:

Under this stone lyes interred
The body of
“William Hamilton, Surgeon,
Who departed this life 4 December 1717
His memory ought to be dear to his
Nation for the credit he gain’d the English
Incurring Ferruseeker, the present
Kind of Indostan, of a
Maligant Distemper, by which he
Made his own Name famous at the
Court of that Great Monarch;
And without doublt will perpetuate
His memory, as well in Great Britain
As all other Nations of Europe”.