الطاف شيخ ڪارنر

واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

”منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟ هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي.“
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامو هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3542
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

3

دهليءَ جي مرڪزي ۽ تجارتي علائقي ”ڪناٽ پليس“ کان ڏکڻ ڏي ويندڙ اهم روڊ جان پاٿ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪو هڪ ٻئي اهم روڊ راج پاٿ کي ڪراس ٿو ڪري. راج پاٿ روڊ انگريزن جي ڏينهن ۾.... يعني 1947ع کان اڳ، انگريزن جي رکيل نالي ”ڪنگ روڊ“ سان سڏبو هو. هن روڊ تي وائسراءِ جو رهائش گاهه ”وائسراءِ هائوس“ هو، جتي هاڻ انڊيا جوصدر رهي ٿو ۽ ان گهر جو نالو ”راشتر پتي ڀون“ آهي. پهرين وڏي لڙائي ۽ ٻي ائنگلو افغان لڙائيءَ ۾ وفات ڪيل فوجين جي ياد ۾ ٺهيل انڊيا گيٽ به هتي آهي. راج پاٿ کي ڪراس ڪرڻ کان اڳ، جان پاٿ جنهن چؤواٽي کي ڪراس ڪري ٿو، ان جي اوڀر ۾ ٻه رستا وڃن ٿا، انهن مان هڪ فيروز شاهه تغلق روڊ آهي، جنهن جو بورڊ ڏسي تغلق گهراڻي جو مشهور حاڪم محمد بن تغلق ياد اچي ويو، جيڪو فيروز شاهه جو سوٽ هو ۽ فيروز شاهه کان اڳ 1324ع کان 1351ع تائين دهليءَ جو سلطان هو. جيئن اڪبر جي عمر ڪوٽ ۾ ڄمڻ ڪري، اسان سنڌ جي ماڻهن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رهي ٿي، تيئن محمد تغلق به ياد رهي ٿو، جنهن جو موت ٺٽي ۾ ٿيو.
هن وقت آئون اها ڳالهه سوچي رهيو آهيان ته تاريخ کان اڻ واقف اسانجي نوجوانن کي ٺٽي جي اهميت جي ڪهڙي خبر. اڄ جي ڪسمپرسيءَ واري ٺٽي کان، اسلام آباد ته ڇا، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان به وڌيڪَ سهڻا، سکيا ستابا شهر آهن. هونءَ ننڍي کنڊ جي ڪيترن شهرن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي انگريزن جي ڏينهن ۾ آباد ٿيا ۽ اسلام آباد وانگر هاڻ جا آباد ٿيل شهر نه آهن. اسان جا ائبٽ آباد، لايل پور، جيڪب آباد، مونٽگيمري، اهڙا ئي شهر آهن. سنگاپور، ڪوالالمپور، پينانگ، ويندي ڪينيا جي گاديءَ وارو شهر نئروبي وغيره انگريزن جي ڏينهن ۾ آباد ٿيا ۽ اهي سڀ ڪي ٻه سؤ سال کن مس پراڻا ٿيندا. اهڙن شهرن جو، توڙي ممبئي ۽ دهليءَ جهڙن شهرن جو، ٺٽي سان ڇا مقابلو؟ انگريز ته ڇا، پورچو گالي (جيڪي انگريزن کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ سال اڳ انڊيا آيا) به جڏهن ننڍي کنڊ ۾ آيا ته ٺٽو آباد هو.
ٺٽي جو سوچجي ٿو ته پورچو گالين، انگريزن کان ته اڳ، پر مغل سلطنت کان به اڳ جو آباد هو. مغل سلطنت جو اورنگزيب، شاهجهان وغيره ته ٺٽي ايندا رهيا، پر بابر جنهن 1526ع ۾ انڊيا ۾ مغل حڪومت قائم ڪئي، ان کان اڳ جي حاڪمن جي ڏينهن ۾ به ٺٽو نه فقط ننڍي کنڊ جو، پر دنيا جو مشهور ۽ هر ڳالهه ۾ خوشحال شهر هو. انهن ڏينهن ۾ دنيا فقط يورپ جي هيٺين (ڏاکڻي)، ايشيا ۽ آفريڪا جي مٿين حصي تائين محدود هئي. يورپ جي اُترَين ٿڌن علائقن ۾ ڪنهن کان ٿي ويو جو ٿي آيا، آفريڪا جو صحرا بيابان لتاڙي، هيٺ ڏکڻ ڏي وڃڻ ڪنهن کان ٿي پڳو. ماڻهن کي اها ئي خبر نٿي پئي ته نيل ندي ڪٿان ٿي نڪري يا ڪليمنجارو جهڙو آفريڪا ۾ ڪو جبل به آهي...... جتي برف پوي ٿي. ٺٽو خوشحال هو، تڏهن ته دهليءَ جي سلطان محمد تغلق کي اوڏانهن وڃڻو ٿي پيو. سنڌ جي حاڪمن ان کي گاديءَ جو شهر ٺاهيو..... انهن ڄامشوري ۽ ڪوٽڙيءَ کي ڇو نٿي گاديءَ جو شهر ٺاهيو؟ ان ڪري جو انهن شهرن جو تڏهن وجود ئي نه هو. انگريزن جي اريگيشن سسٽم، پليون ٺاهڻ، آگبوٽ ۽ ريل گاڏيون هلائڻ ڪري اهڙن شهرن جو نالو ٿيو..... معنيٰ چوڏهين صديءَ کان به آڳاٽو مشهور شهر هو. آمريڪائون وغيره سڀ پوءِ دريافت ۽ ڊيولپ ٿيون آهن.
دهليءَ جي سلطان محمد بن تغلق ۽ سندس گهراڻي جي سلطنت تي ٻه اکر لکندو هلان، ته ترڪ انڊين نسل جي هن گهراڻي دهلي سلطنت تي 1320ع کان 1413ع تائين حڪومت ڪئي ــ انهن ڏينهن ۾ بابر بادشاهه جهڙا ڄاوا به ڪو نه هئا، پورچوگالين ۽ انگريزن کان خواب ۾ به ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ ڪراس نٿي ٿيو ۽ نه کين اها سُڌ به هئي ته يورپ کان انڊيا پهچڻ جو خشڪيءَ کان علاوه ڪو سامونڊي رستو به آهي. هوائي جهاز ته اڃان ايجاد نه ٿيا هئا. وڌ ۾ وڌ ماڻهو لغڙ اڏائي گد گد ٿيندا هئا.
محمد بن تغلق 1324ع کان 1351ع تائين دهليءَ جو سلطان رهيو. تغلق گهراڻي جو بنياد محمد بن تغلق جي پيءُ غياث الدين تغلق 1320ع ۾ دهليءَ جي تخت تي قبضو ڪرڻ بعد رکيو. هن گهراڻي اٽڪل هڪ صدي، 1413ع تائين حڪومت ڪئي. 1325ع ۾ غياث الدين تغلق جي اوچتي موت بعد، سندس وڏو پٽ محمد بن تغلق، دهليءَ جي تخت تي ويٺو. ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته، تخت تي ويهڻ جي لالچ ۾ محمد بن تغلق پنهنجي پيءُ کي ماريو هو. ٿي به سگهي ٿو. تخت ۽ تاج جي چڪر ۾..... يا ٻين لفظن ۾ پاور جي بک ۾ پيءُ جو پٽ کي، پٽ جو پيءُ کي، يا ڀائرن ڀائٽين کي مارڻ، انڌي ڪرڻ، اغوا ڪرڻ جي ڪهاڻين سان هند سنڌ توڙي دنيا جي تاريخ ڀري پئي آهي. خود غياث الدين تغلق پاڻ دهليءَ جو تخت هٿ ڪيئن ڪيو؟ غياث الدين تغلق جو پيءُ ترڪ نسل جو غلام هو ۽ ماءُ انڊيا جي هندو هئي. خلجي گهراڻي جي راڄ ۾ غياث الدين ديپالپور جو گورنر هو. ديپالپور اسان واري پنجاب جي اوڪاڙا ضلعي ۾ آهي.خلجي گهراڻي جي حاڪم علاؤ الدين خلجيءَ جي 1316ع ۾ وفات تي، هن جي پٽ مبارڪ خلجيءَ کي تخت تي ويهڻو هو، پرخسرو خان نالي هڪ فوجي، علاؤالدين جي پٽ جو قتل ڪري، پاڻ دهليءَ جو سلطان ٿي ويٺو ۽ خلجي گهراڻي جو خاتمو آندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته خسرو خان هلي نه سگهيو.
ڪجهه سالن بعد 1320ع ۾ ”حوض خاص“ واري لڙائيءَ ۾ شڪست کائڻ تي ديپالپور جي گورنر غازي ملڪ هن کي گرفتار ڪري، سندس سر سسيءَ کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ غياث الدين جي نالي سان دهليءَ جو سلطان ٿيو ۽ تغلق گهراڻي جو بنياد رکيو. خسرو خان، خلجي گهراڻي جي فوج جو هندو جنرل هو، جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو هو. تخت تي ويهڻ بعد غياث الدين تغلق دهليءَ کان 6 ڪلو ميٽر پري ڏکڻ ۾ نئون شهر ”تغلق آباد“ ٻڌرايو. اتي هن هڪ مضبوط قلعو اڏرايو، جيئن منگولن جي حملن کان محفوظ رهي سگهي. هتي اهو به لکندو هلان ته غياث الدين تغلق جي دور حڪومت ۾، سنڌ جي سومرا قبيلي دهلي سلطنت خلاف بغاوت ڪئي ۽ ٺٽي تي قبضو ڪري ورتو. سيوهڻ ۽ بکر (سنڌ) ۾ غياث الدين تغلق جو ڪنٽرول رهيو، جتي هن پنهنجا گورنر مقرر ڪيا.
محمد بن تغلق لاءِ چون ٿا ته علاج ۽ دوائن جي هن کي وڏي ڄاڻ هئي ۽ ڪيترين ئي ٻولين کان واقف هو. جيئن فارسي، عربي، ترڪش ۽ سنسڪرت وغيره. پاڻ 1324ع کان وٺي 1351ع ۾ مرڻ تائين، دهلي سلطنت تي حڪومت ڪيائين. هونءَ ته تغلق گهراڻي به ظلمن ۽ ناانصافيءَ جي بازار گرم رکي پر محمد بن تغلق لاءِ مشهور آهي ته هن ڪجهه چڱا ڪم به ڪيا ۽ سندس دور حڪومت وري به ٻين کان بهتر رهيو. خاص ڪري 1330ع کان 1335ع وارا پنج ڇهه سال وڏي اوج وارا چيا وڃن ٿا. جن ۾ موراڪو جو مشهور سياح ابن بطوطا به هن جي درٻار ۾ آيو هو ۽ هن پنهنجي سفر نامي ۾ تغلق گهراڻي جي راڄ بابت ڪافي لکيو آهي.
ابن بطوطا افغانستان جي جابلو علائقن کان ٿيندو 1334ع ۾ انڊيا پهتو. رستي تي هن کي خبر پئي ته سلطان محمد بن تغلق اها ڳالهه ٿو پسند ڪري ته هن وٽ جيڪي مهمان اچن ٿا اهي هن لاءِ تحفا کڻي اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ان جي بدلي ۾ پاڻ به مهمانن کي ٻيڻا ٽيڻا تحفا ڏئي ٿو. ان ڪري ابن بطوطا محمد بن تغلق سان ملڻ وقت اٺ، 30 کن گهوڙا، تيرڪمان، غلام ۽ ٻيون شيون تحفي ۾ ڏنيون. موٽَ ۾ محمد بن تغلق ابن بطوطا کي ٻه هزار چانديءَ جا دينار، فرنيچر سان سينگاريل گهر ۽ جج جي نوڪري ڏني، جنهن لاءِ ساليانو پگهار پنج هزار چانديءَ جا سڪا مقرر ڪيو ويو، پر ان لاءِ ابن بطوطا کي چيو ويو ته اهو پگهار دهليءَ جي ڀرسان ٻن هندو ڳوٺن تي مقرر ڪيل ٽئڪس مان حاصل ڪجانءِ.
ابن بطوطا دهليءَ ۾ چڱا سال رهيو ۽ هن قطب مينار ۽ ان سان لاڳو ’مسجد قوت السلام‘ جو احوال لکيو آهي. هن دهليءَ جي ڏڪار بابت به لکيو آهي، جيڪو هن جي پهچڻ کان سال رکي پوءِ 1335ع کان وٺي ست سال هليو، جنهن ۾ هزارن پٺيان هزار ماڻهو مرندا ويا، پر سلطان محمد تغلق باغين کي چٿڻ لاءِ ويو هنن مٿان حملا ڪندو. هن نه هندن کي ٿي ڇڏيو نه مسلمانن کي. اهو ڪو هفتو خالي نٿي ويو جنهن ۾ مسلمانن جو رت نه ٿي وهيو ۽ محلات اڳيان وهندڙ واهن ۾ ماڻهن جي لاشن جا عضوا نٿي نظر آيا. هن جي حڪم تي هن جي ڇاڙتن زندهه ماڻهن کي ڪپي ٻه اڌ ٿي ڪيو، سندن جسم تان کل ٿي لاٿي، مترڪن سان مٿا ٿي ڦاڙيا ۽ سندن لاشن کي بانس جي ڏنڊن تي پئي ٽنگيو، جيئن ٻين جي دلين ۾ خوف پئدا ٿئي ۽ عبرت حاصل ڪن ته هن سلطان خلاف ٻڙڪ به ڪڇڻي ناهي. هاٿين جي نيشن (Tusks) ۾ خنجر ٻڌي آکاڙي ۾ قيدين مٿان ڇڏيو ٿي ويو،. جيئن اهي جانور قيدين کي چيري ڦاڙي پنهنجي وزني جسم سان لتاڙي ماري ڇڏين.....
اهو سڄو احوال ابن بطوطا جي سفرنامي “Travel Memoirs” جي باب “Delhi1334-1341” ۾ ملي ٿو.
هن سفرنامي ۾ هڪ ٻئي هنڌ “Chapter 25 Rihla (Delhi)” ۾ ابن بطوطا ٻڌائي ٿو ته محمد بن تغلق ڪنهن کي به قتل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار ٿي رهيو.هن وڏن توڙي ننڍن ڏوهن تان وڏيون وڏيون سزائون پئي ڏنيون. هن ان جو خيال نه ٿي رکيو ته آيا اڳلو عادي مجرم آهي يا هن کان اهو ڪم ڀل چڪ يا معصوميت ۾ ٿي ويو آهي، هو واقعي چور ٺڳ آهي يا پڙهيل ڳڙهيل عالمِ دين. هر روز سوين ماڻهو، گهڻو ڪري شڪ جي بنياد تي، گرفتار ڪيا ٿي ويا. هنن کي هٿڪڙيون لڳايون تي ويون ٿي يا پيرن ۾ زنجير ٻڌا ٿي ويا ۽ ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ٿي ويا. ڪن کي ڦاهي ڏني ٿي وئي، ڪن اگهاڙو ڪري گهليو ٿي ويو، ته ڪن کي ڏنڊن سان ڪٽيو ٿي ويو. بغاوت ڪرڻ جي شڪ ۾ مولوين ۽ دين جي خدمت ڪندڙ عالمن کي به نه ٿي بخشيو ويو. مثال طور ابن بطوطا ان وقت جي عالم شيخ شناب الدين بابت لکي ٿو ته هن کي ذهني ۽ جسماني طرح تڙپائي ماريو ويو. جيل ۾ قيد شيخ شناب الدين احتجاج طور جڏهن چوڏهن ڏينهن ماني نه کاڌي ته سلطان محمد تغلق ڪاوڙ ۾ اچي سپاهين کي حڪم ڏنو ته مولوي صاحب کي انسان جي ڪرفتي پاڻيءَ ۾ ملائي زوريءَ کارائي وڃي. سپاهين هن کي پٺيءَ ڀر ليٽائي، زوريءَ وات کولرائي پنهنجي سلطان جي حڪم جي پوئواري ڪئي، پر ان تي به سلطان جو غصو گهٽ نه ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن شيخ صاحب جو تلوار سان سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.
ابن بطوطا لکي ٿو ته سلطان جا ڪامورا هر وقت، کانئس به، بخشش جي نالي تي رشوت گهرندا ئي ٿي رهيا ۽ انعام اڪرام ۾، سلطان جيڪو کيس ڏيندو هو، ان جو ڏهه سيڪڙو ڪورٽ جا درٻاري رکي ڇڏيندا هئا. آخري ڏينهن ۾ هڪ صوفي درويش سان دوستي رکڻ تي تغلق گهراڻي جا شاهي عملدار ابن بطوطا کي شڪ جي نگاهن سان ڏسڻ لڳا. ابن بطوطا ۽ صوفي درويش کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ابن بطوطا کي هندوستان ڇڏڻ لاءِ چيو ويو. صوفي درويش جي ڏاڙهيءَ جا وار هڪ هڪ ڪري پٽيا ويا. ان کان پوءِ هن کي دهليءَ مان ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن کي وري درٻار ۾ گهرايو ويو، پَر هن جي انڪار ڪرڻ تي هن کي وري گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس سخت جسماني اذيتون ڏيڻ بعد تلوار سان سندس گردن ڪٽي وئي.
آئون جڏهن غلامن جي وڪري جي ڳالهه ڪندو آهيان، ته ان ڪاروبار ۾ نه فقط آمريڪن، يورپين ۽ آفريڪا جي سردارن ڀوتارن حصو ورتو پر اسان جي ننڍي کنڊ جي حاڪمن، ترڪن ۽ عرب دنيا جي مسلمانن به حصو ورتو. ان تي ڪجهه دوست اعتراض ڪندا آهن ته اهو ڪم مسلمان حاڪم نه ڪندا هوندا. بهرحال اهو الڳ بحث آهي..... گذريل وقت جي هندوستاني حاڪمن ۽ اميا، عباسي ۽ ٻين گهراڻن جي خليفن ۽ حاڪمن ڇا ڇا ته غير اسلامي ڪم پئي ڪيا ۽ عوام لوڙيو پئي. حاڪمن رڳو تاريخ لکندڙن کي خوش ڪري پنهنجي تعريف پئي لکرائي. جيئن اڄ ڪلهه جا حاڪم ٽي وي ائنڪرن ۽ صحافين کي مال کارائي، پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن تي پڙدو ڏياريو ويٺا آهن.
هتي رڳو تغلق گهراڻي کي ٿو ڏسجي ته غياث الدين تغلق کان محمد بن تغلق (۽ فيرز شاه تغلق) جي ڏينهن ۾ به، نه رڳو غلامن جو وڪرو قائم رهيو، پر انهن سلطانن ان مارڪيٽ کي Patronized به پئي ڪيو. اوسي پاسي جي هر ننڍي حڪومت تي چڙهائي پئي ڪئي وئي. مقصد مال غنيمت ۽ غلام هٿ ڪرڻ هوندو هو. هي مارڪيٽون، جن ۾ چوپايي مال ۽ مڪاني هندوستاني ۽ ڌارين ملڪن جي غلامن جو وڪرو ٿيندو هو، ’النخخاص‘ عربي نالي سان سڏيون وينديون هيون. تغلق گهراڻي جي دور حڪومت ۾ ته هي مارڪيٽون وڏي اوج ۾ هيون. جن جو ذڪر نه فقط يورپي ۽ چيني تاريخدان ڪن ٿا، پر اسان وارو مسلمان سياح ابن بطوطا ۽ سندس شامي مسلمان همعمر تاريخدان العمري به ڪري ٿو.
ابن بطوطا موراڪو جي شهر طنج (Tangier) ۾ 1304ع ۾ ڄائو ۽ العمري (شهاب الدين ابو العباس احمد بن فضل العمري) دمشق ۾ 1300ع ۾ ڄائو. سندس والد مملوڪ سلطنت ۾ ڪاتب هو. العمري تمام گهڻو لکيو آهي ۽ سندس ڪتاب ۽ صلاحون، مصر ۽ شام جي انهن علائقن ۾ پڙهايا ٿي ويا، جتي مملوڪن جي حڪومت هئي. العمري پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1349ع ۾ گذاري ويو ۽ ابنِ بطوطا 64 سالن جي ڄمار ۾ 1368ع ۾ وفات ڪئي. ٻنهي ڄڻن پنهنجي يادگيرين ۾ دهليءَ جي غلامن جي مارڪيٽ جو احوال لکيو آهي. العماري لکي ٿو ته:
”سلطان محمد بن تغلق کي هر وقت ڪافرن سان جنگ جوٽڻ جو جنون رهي ٿو. هن کي هر وقت مال لٽڻ ۽ غلام بنائڻ جي لوڙَ لڳي رهي ٿي. دهليءَ ۾ هر روز هزارين غلامن جو سستي اگهه تي وڪرو ٿئي ٿو. ڀر وارين سلطنتن سان جنگين ۾ قابو ڪيل، ايترا ته قيدي غلام بنائي کين وڪرو ڪيو ٿو وڃي جو دهليءَ ۾ غلامن جو اگهه بنهه ڪري پيو آهي......“.
(شهاب الدين العمريءَ جي ڪتاب ”مسلڪ الابصار“ تان)
ابنِ بطوطا به پنهنجي عربي ڪتاب ”الرحلة“ (جنهن جي انگريزي ترجمي جو نالو “The Travels” آهي) ۾ لکي ٿو ته هن وٽ ٻه غلام ڇوڪريون هيون، جن مان هن کي هڪ هڪ ٻار به ٿيو. هڪ يونان جي غلام ڇوڪري هئي، ٻي هن دهلي سلطنت ۾ رهڻ دوران دهليءَ جي مارڪيٽ مان خريد ڪئي هئي. ان کان علاوه هن انڊيا جي هڪ مسلمان گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان شادي پڻ ڪئي هئي، جنهن مان هن کي هڪ ڌيءَ هئي. ابن بطوطا ان باب ۾ اهو به لکيو آهي ته سلطان محمد تغلق جڏهن به پنهنجا سفارتڪار ٻين ملڪن جي حاڪمن خاص ڪري چين ملڪ ڏي موڪليا ٿي، ته انهن ڏي ٻين تحفن سان گڏ غلام ڇوڪرا ۽ غلام ڇوڪريون به موڪليون ٿي.....
ابنِ بطوطا ۽ العمريءَ کي اتي ٿا ڇڏيون..... اسانجي مسلمان توڙي انگريز راڄ ۾ انگريزن کي هند سنڌ ۾ گاديءَ جو هنڌ بدلائڻ جو به وڏو خفو رهيو آهي. 1843ع ۾ انگريزن جو سنڌ تي قبضو ٿيو ته پهريون ڪم اهو ڪيائون ته ميرن جي گاديءَ واري شهر کي ڇڏي، ٻئي بهتر شهر جي ڳولا ڪيائون. انگريز ٿڌي ملڪ جا، سڄي سنڌ ۾ اونهاري ۾ سخت گرمي، ڌوڙ ۽ آرڙيون..... آخر اوس پاس جو جائزو وٺي ڪراچيءَ جي چونڊ ڪيائون جتي سمنڊ جي ڪري ٽاڪ منجهند جي وقت به ايتري گرمي نٿي ٿئي. سيارو به مزيدار رهي ٿو. هوڏانهن انڊيا ۾ سياري ۾ ته دهلي بهتر رهي ٿي، پر اونهاري جي گرميءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ گرميءَ جا اهي ڪجهه مهينا دهليءَ جون سڀ آفيسون ۽ ڪامورا ڪلرڪ شملي پهچي ٿي ويا. هوڏانهن ڏکڻ ۾ به، سياري ۾، بمبئيءَ ۾ سرڪاري آفيسن ڪم ٿي ڪيو ته اونهاري ۾ اهي پوني شفٽ پئي ٿيون. پوني جيتوڻيڪ ممبئيءَ جي ڀرسان ئي آهي، پر ٽڪرين تي، مٿاهين Altitude تي هجڻ ڪري، اتي ممبئيءَ کان وڌيڪ ٿڌڪار رهي ٿي.
گاديءَ جا هنڌ سنڌ جي حاڪمن ته تبديل ڪيا، پر انگريزن کان اڳ جي حاڪمن مغلن ۽ ٻين به ڪيا. انهن مان هڪ محمد بن تغلق به آهي. جنهن موسم جي خيالن کان نه، پر منگولن جي خيال کان، گاديءَ جو هنڌُ، اتر انڊيا جي شهر دهليءَ کان پري ڏکڻ ۾، اڄ جي رياست مهاراشٽرا جي شهر دولت آباد ۾ رکيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اتر کان افغانستان جا جبل لتاڙي منگول ۽ ٻيا ايندا ٿي رهيا. ويندي بابر به ڪٿان آيو. انڊيا جي ڀرسان برما، ٿائلئنڊ، ملايا ۽ ٻئي پاسي سري لنڪا، مالديپ ۽ آفريڪا جا به ملڪ آهن، پر اتان ڪو به بکيو، بدمعاش، ڦورو لٽيرو دهليءَ تي حڪومت ڪرڻ يا لُٽَ ڦر ڪرڻ لاءِ نه آيو. نادر شاهه به اتر کان ايران افغانستان اچي دهليءَ کي ساڙيو، ٻاريو ۽ ڦريو، ته محمود غزنوي به افغانستان کان آيو. سنڌ ۾ به ائين ٿيندو رهيو. تڏهن ته سنڌ ۾ اها چوڻي مشهور ٿي ته ”سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو“ ۽”گهوڙا ڙي گهوڙا“ وارو محاورو پڻ جڙيو ــ حملو ڪندڙ ظالم گهوڙن تي چڙهي آيا ٿي ۽ گهوڙن جي ٽاپ ٻڌندڙن، رڙيون ڪري ٻين کي خبردار پئي ڪيو ته ”گهوڙا ڙي گهوڙا“.... يعني اچن پيا حملو ڪرڻ وارا.
هونءَ اهو آهي ته تغلق گهراڻي جي هٿ ۾، نه فقط دهلي يعني اتر انڊيا جو علائقو هو، پر هيٺ ڏکڻ وارو به، جتي محمد بن تغلق پنهنجي پيءُ غياث الدين تغلق جي دور حڪومت ۾ رهي چڪو هو. 1324ع ۾ تخت تي ويهڻ سان محمد بن تغلق پنهنجي گادي ڏکڻ ۾ ڪرڻ جو سوچيو، جتي جون زمينون به سرسبز هيون ۽ جتي منگولن کان به پري رهي سگهيو ٿي. ٽن سالن بعد 1327ع ۾ محمد بن تغلق پنهنجي گادي دهليءَ کان دولت آباد شفٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
دولت آباد شهر اورنگ آباد کان ڏهن ميلن جي فاصلي تي مهاراشترا رياست ۾ آهي. جنهن رياست ۾ ممبئي، پوني، مهاڀليشور، ناشڪ ۽ سولاپور جهڙا شهر آهن. کنڊالا، لونا والا وانگر دولت آباد به اڄ ڪلهه ٽوئرسٽ اسپاٽ آهي. هن جو اصل نالو ديواگري هو. دولت آباد جي چوڌاري جيڪي ٽڪريون آهن، انهن تي هندن جو يقين آهي ته شِو ديوتا رهيو هو. ان ڪري هن شهر جو نالو ”ديوگري“ رکيو ويو. جنهن جي معني آهي ”ديوتا جون ٽڪريون“. ممبئي کان اورنگ آباد آسانيءَ سان اچي سگهجي ٿو ۽ اورنگ آباد کان اِلورا، غارن واري شهر ڏي ويندي، دولت آباد نئشنل هاءِ وي تي ٿو اچي.
بهرحال سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ڪلهه ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ تيز رفتار ريل گاڏيون، بسون، موٽر ڪارون ۽ ويندي هوائي جهاز آهن، پر اڄ کان ست سؤ سال اڳ 1327ع ۾، جڏهن محمد بن تغلق دهليءَ جي ماڻهن لاءِ حڪم جاري ڪيو ته دهلي شهر ڇڏي، پنهنجو سامان کڻي دولت آباد پهچي وڃو، ته هنن جون وايون بتال ٿي ويون هونديون. انهن ڏينهن ۾ سفر ۽ سامان ڍوئڻ لاءِ ته بيل گاڏيون ئي هونديون هيون، جن کي اسان 58ع-1957ع ۾ ميرپورخاص کان ٽنڊوالهيار تائين هلندي ڏٺو...... جڏهن پيٽارو ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جي عمارت ٺهي رهي هئي ۽ اسان عارضي طرح ٻه سال ميرپور خاص ۾ پڙهياسين. دهليءَ جي ماڻهن کي هيءَ لڏپلاڻ بلڪل نه وڻي.... ۽ فاصلو به ته ڏسو ! ممبئيءَ کان اورنگ آباد بس ۾ ويو هوس، 6 ڪلاڪ لڳا هئا ۽ فاصلو 350 کن ڪلو ميٽر آهي..... دهليءَ کان ممبئي ڏيڍ هزار ڪلو ميٽر آهي. ٽرين ۾ 23 ڪلاڪ لڳا هئا. سو اڄ کان 700 سال اڳ ڍڳي گاڏين ۾ اهو سفر طئي ڪرڻ سو به ٻچن ٻارن ۽ گهر جي پوڙهن ڀاتين سان، ڪا سولي ڳالهه نه هئي. پر محمد بن تغلق جي حڪمن ۽ ظلمن کان به هر ڪو واقف هو. ان بابت ابنِ بطوطا به لکي ٿو ته: ”ماڻهن کي سامان سوڌو دهلي ڇڏڻ لاءِ زور ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن سان به نرمي نه ڪئي وئي“. ابن بطوطا جيتوڻيڪ ان لڏپلاڻ بعد دهليءَ ۾ آيو هو، پر ان کٽراڳ جون ڪهاڻيون هر هڪ جي زبان تي تازيون هيون.
محمد بن تغلق جي ان شاهي حڪم ۽ خردماغيءَ بابت هڪ ٻيو مسلمان تاريخ نويس ۽ سياسي مغڪر باراني (سڄو نالو ضياءُ الدين باراني) لکي ٿو ته محمد بن تغلق جي کوپڙيءَ ۾ جيڪي آيو ٿي، اهو هن ڪيو ٿي. دهليءَ مان راڄ ڌاني شفٽ ڪرڻ ۾ ڪهڙا فائدا ۽ نقصان رسندا، هن اهو به نه سوچيو. بس هر هڪ کي دهلي خالي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. دهليءَ جو شهر، جيڪو گذريل 170 کان 180 سالن ۾ خوشحال ٿي ويو هو ۽ جنهن جي بهتري ۽ خوشحاليءَ سان هاڻ بغداد ۽ قاهرو به مقابلو ڪري نٿي سگهيا، ان جي هن چريي سلطان ڀينگ ڪري ڇڏي. لڏپلاڻ جي ڪري سڄو دهلي ويران ٿي ويو..... منجهس ڪو بني بشر نه رهيو.... ڪو ٻلو ڪتو به نه رهيو“.
ضياالدين باراني 1285ع ۾ ڄائو ۽ 1357ع ۾ وفات ڪيائين. محمد بن تغلق ۽ فيروز شاهه تغلق جي دور حڪومت ۾ هنن جي درٻار جو سياسي مفڪر ٿي رهيو. جيڪا ”تاريخ فيروز شاهي“ لکي اٿائين، اها غياث الدين بلبن کان فيروز شاهه تغلق تائين جو مڪمل دور آهي، ”فتوا جهانداري“ ۾ هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ ذات پات جي چڪرن بابت لکيو آهي. بارانيءَ، سلطان محمد تغلق جو سترهن سال ساٿ ڏنو. انهيءَ دوران هن جي امير خسرؤَ سان ويجهڙائي رهي. بارانيءَ جي قبر دهليءَ ۾ نظام الدين اولياء جي درگاهه جي اڱڻ ۾ امير خسروءَ جي مقبري جي ڀر ۾ آهي. پاڻ امير خسروءَ کان 32 سال ننڍو هو. امير خسرو (سڄو نالو ابوالحسن يمين الدين خسرو) 1253ع ۾ ڄائو ۽ 1325ع ۾ وفات ڪيائين. سندس اردو ۽ فارسيءَ ۾ شاعري مشهور آهي. خاص ڪري قواليون. ان ڪري کيس ”قوالين جو ابو“ سڏجي ٿو. اسان به ننڍي هوندي کان مختلف ڳائڻن جي واتان، فلمي ۽ غير فلمي قواليون ٻڌاندا اچون:
• ڇا تلڪ سڀ ڇيني ري موسي نينان ملاڪي
• بهت ڪٺن هي ڊگر پنگهٽ ڪي
• ڪيسي مين ڀر لائون مڌوا سي مٽڪي....
• امان ميري بابا ڪو ڀيجو ري، ڪه ساون آيا
بيٽي تيرا بابا تو بوڙها ري، ڪه ساون آيا
• سب سکيون مين چادر ميري ميلي
• نظام الدين اوليا ڪو ڪوئي سمجهائي
• من تو شدم تو شدي من تن شدم توجان شدي .......
• ڪاهي ڪو بياهي بديس ري بابل ......
• پيغام صبا لائي هي گلزار نبي سي
آيا هي بلاوا مجهي دربارِ نبي سي
امير خسروءَ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا.
پاڻ محمد بن تغلق جي ڳالهه پئي ڪئي. هن سلطان لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جي صوفي ازم ۾ ڪا دلچسپي نه هئي، پر تنهن هوندي به هن صوفي درويشن جي عزت ڪئي ٿي، دهليءَ ۾ نظام الدين درگاهه تي نظام الدين اولياءَ جو مقبرو هن ٺهرايو. هر انگريز، يوناني توڙي اسان جي ديسي حاڪم وانگر محمد بن تغلق جا ظلم ۽ چريائپ هڪ طرف (جن جو ذڪر ابن بطوطا، باراني، ۽ ٻين ڪيو آهي) پر هر دور ۾ ڪي اهڙا چمچا ۽ خوشامدي تاريخدان به رهيا آهن (جيئن اڄ ڪلهه ٽي وي جا ائنڪر ۽ ڪالم نويس جن جو ڪم خوشامد ڪرڻ آهي)....... سو اهڙن ئي خوشامدڙين جي لکيل تاريخ مطابق محمد بن تغلق لاءِ اهو به پڙهڻ ۾ اچي ٿو ته هو پڪو مسلمان هو، پنج وقتو نمازي هو، ملڪ ۾ اسلامي نظام آڻڻ جو سوچيندو هو (باقي چين ۽ ٻين ملڪن جي حاڪمن ڏي رنون موڪليندو هو) رمضان جا سڀ ۽ شوال جا پنج ڇهه روزا رکندو هو...... وغيره وغيره. هڪ انگريز ليکڪ اسٽئنلي لين پول ته پنهنجي ڪتاب “Medieval India” ۾ سندس ايتر يقدر خوشامد ڪئي آهي:
“He was perfect in the humanities of his day, a keen student of Persian poetry…… a master of style, supremely eloquent in an age of rhetoric, a philosopher trained in logic and Greek metaphysics, with whom scholars feared to argue, a mathematician and lover of Science.”