4
جنهن کان سوال ڪيم تنهن وڏي سوچ ويچار بعد چيو: ”سائين پوسل کان“.
”پوسل کان!؟ ڇا مطلب؟“. مون حيرت مان پڇيو.
”سائين! گپ ۽ گند کان. اسان جا ڪجهه مائٽ اتي رهن ٿا. اهي ٻڌائين ٿا ته ٺٽي ۾ جتي ڪٿي ڪچرو آهي..... مڇر ۽ مکيون آهن...... لوڊ شيڊنگ به ڏاڍي آهي“.
آئون ڪا دير سوچيندو رهيس ته چوي ته سچ ٿو. جيتوڻيڪ اهو ئي حال وزير اعظمن جي شهر لاڙڪاڻي جو به آهي، ته وزير اعلائن جي شهر خيرپور ۽ دادوءَ جو به آهي. بهرحال مون ته ٺٽي بابت ڪجهه ٻيو ئي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ٿي چاهيو. مون اهو ئي سوال هڪ ٻن شاگردن کان به ڪيو. هڪ چيو: ”ٺٽي ۾ هڪ مڇين ڦاسائڻ جي ڍنڍ آهي. اتي ٻيڙيون به هلن ٿيون“.
”ان کان علاوه ٺٽي جي ٻي ڪا ڳالهه؟“. مون پڇيو. سڀ چپ هُئا. جي پر سڀ چپ هُئا. جي ها، اها به صحيح ڳالهه آهي. ٺٽي پاسي هڪ ڇا، ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن: ڪينجهر، هاليجي، سونهري، هڏيرو جهول..... جن مان پهريون ٻه ته ناليواريون آهن، جن تي وقت جا حاڪم شيل شڪار لاءِ آيا ٿي. ٿڌن ملڪن جا پکي سياري ۾ لڏي آيا ٿي، ڍنڍن ۾ مڇيون هيون..... اوسي پاسي جا مهاڻا ۽ رهائشي خوشحال هئا. اڄ هن ماڊرن دؤر ۾ حڪومت ۽ عوام طرفان ڌيان نه ڌرڻ ڪري اهي ڍنڍون گندگيءَ سان ڀربيون وڃن. پاڻيءَ ۾ سخت زهريات ملندي رهي ٿي. مڇيون پاڻمرادو مرنديون رهن ٿيون...... Uncontrolled شڪار ڪري، جيڪا اسان وٽ پکين جي مار مارا ٿئي ٿي، ان پکين ۾ ٽاهه وجهي ڇڏيو آهي ۽ هر سال پکين جو تعداد وڃي گهٽبو..... ڍنڍن ۾ ٽوئرسٽن جي سير لاءِ هلندڙ ٻيڙين ۾ ڪا سيفٽي ناهي. بنان لائيف جئڪيٽن جي ٻيڙين ۾ مسافر سٿيا وڃن ٿا...... اهڙين حالتن ۾ به اسان جو درويش صفت عوام خوش آهي...... ڇو جو کيس خبر ئي ناهي ته پري جي دنيا ته ڇا، پر پاڙيسري ملڪ انڊيا ۽ ايران به هر ڳالهه ۾ Entertainment کان وٺي سيفٽي سڪيورٽيءَ تائين اسان کان گهڻو گهڻو اڳتي آهي.....
هڪ شاگرد ٺٽي لاءِ ٻڌايو ته اتي هڪ خوبصورت مسجد آهي.
”ڪنهن ٺهرائي ۽ ڪڏهن ٺهرائي؟“. مون پڇيو.
”ڪنهن بادشاهه ٺهرائي“. هو نالو نه ٻڌائي سگهيو. ٻئي چيو: ”غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرائي.......“. وغيره وغيره.
”هاءِ ڙي هاءِ منهنجا پيارا ٺٽا!“. مون ڪمري ۾ اچي سوچيو. ”تون جي مون وانگر انسان هجين ها ته پاڻ بابت هي ڳالهيون ٻڌي منهن مٿو پٽين ها“.
ڪهڙو وقت اچي ويو آهي جو بادشاهن ۽ محلن محلاتن جي شهر، تعليمي ادارن ۽ تجارت جي مرڪز، باغ باغيچن ۽ بندر بازارين واري دنيا ۾ مشهور شهر ٺٽي کي اڄ جو نوجوان کپري ۽ سانگهڙ کان به گهٽ ٿو سمجهي.
گهڻو اڳ جڏهن آئون سامونڊي نوڪريءَ ۾ هيس، يعني جهاز هلائي رهيو هيس، ته هڪ دفعي اسان جو جهاز پورچوگال جي بندرگاهه لسبان ۾ لنگر انداز هو. ٻئي ڏينهن لسبان جي هڪ يونيورسٽيءَ جا شاگرد بندرگاهه گهمڻ آيا ته اسانجي جهاز تي به آيا، جيڪو ان وقت جو ماڊرن جهاز هو ۽ ان سال جپان ۾ ٺهيو هو. پورچوگال به انگلئنڊ وانگر تعليمي معاملن ۾ ڪافي اڳيان آهي ۽ سندس ڪي ڪي يونيورسٽيون تيرهين صديءَ کان آهن.
مان انهن ٽيهارو کن پورچوگالي شاگردن کي جهاز گهمائي، چانهه لاءِڊائننگ سئلون ۾ وٺي آيس، جتي ٻين شو پيسن سان گڏ هن جهاز جو ٻه فٽ ڊگهو ماڊل به رکيل هو، جيڪو شپ يارڊ وارن جهاز هئنڊ اوور ڪرڻ مهل مونکي ڏنو هو ۽ مون پنهنجي ڪمري ۾ رکڻ بدران هتي اچي رکيو هو. مون ڏٺو ته يونيورسٽيءَ جا شاگرد ان کي وڏي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيا هئا. چانهه بعد مون هنن شاگردن کي کلندي چيو. ”توهان سڀ پڙهيل ڳڙهيل آهيو. توهان مان ڪو مونکي هڪ شهر بابت ٻڌائي ته هي گفٽ (جهاز جو ماڊل) ان لاءِ آهي“.
”سر! پڇو..... پڇو“. سڀ چوڻ لڳا.
”اهو شهر ٺٽو آهي. مونکي ٻڌايو اهو ڪٿي آهي ۽ پورچوگالين جي حوالي سان ڇو مشهور آهي؟“. مون پڇيو.
هو ڪا دير سُس پُس ڪندا رهيا پر هڪ به جواب ڏئي نه سگهيو. سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن پڙهندو هوس ته اتي موجود يوناني شاگردن کان اڪثر پڇندو هوس: ”يارو! توهان سڀ مون وانگر جهازران آهيو، توهان مان ڪنهن ٺٽي جو نالو ٻڌو آهي؟“
جواب ۾ سڀ ڪياڙي کنهندا هئا.
”ڀلا پٽالا، ديبل يا لاري بندر جو نالو ٻڌو آهي اوهان؟“.
سڀ ٻڌچپ هوندا هئا.
آئون هن وقت به سوچي رهيو آهيان ته ڇا هن شهر ٺٽي جو اوج ۽ نالو هو..... سڄي دنيا ۾ مشهور هو...... آمريڪا جا ٻئي کنڊ، ڪئناڊا سميت، آسٽريليا.... نيوزيلئنڊ جي ته، ويندي مغلن جي حڪومت تائين به خبر نه پئي هئي. سو جيڪا ڪجهه يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا کنڊ تائين محدود دنيا هئي، ان ۾ ٺٽو اڄ جي سنگاپور، هانگ ڪانگ، ممبئي ۽ ڪوالالمپور کان وڌيڪ مشهور هو. هونءَ باءِ دي وي، انهن شهرن جو ته انهن ڏينهن ۾ وجود ئي نه هو. ٺٽي جي مقابلي ۾ اهي شهر ڄڻ ڪالهه جي پئداوار آهن. انڊيا ۾ انگريزن جي داخل ٿيڻ بعد انگريزن اڏرايا.
اهو ٺٽو جيڪو مغلن جي حڪومت کان به اڳ پورچوگال ۾ مشهور هو.... اهو ٺٽو جنهن کي پورچوگالين ٻاريو ساڙيو، ڦريو لٽيو، اهو ٺٽو، جتان پورچوگالين ملايا جي بندرگاهه، ملاڪا روانو ٿي، سڄي ملايا (اڄ جي مغربي ملائيشيا) تي قبضو ڪيو ۽ ان تي ٻه سؤ کن سال حڪومت ڪئي. اڄ جي پڙهيل لکيل پورچوگاليءَ کي ياد ناهي! اهو ٺٽو جتي عيسوي صديءَ کان به 300 کن سال اڳ سڪندر اعظم جي جهازن جو ٻيڙو اچي لنگر انداز ٿيو هو ۽ انهن ڏينهن جي مشهور سوناميءَ ۾ سڪندر اعظم جا جهاز ٻڏي ويا هئا. اهو اڄ جي يوناني نوجوان کي ياد ناهي. اهو ٺٽو، جتي دهليءَ جو هڪ طاقتور سلطان محمد بن تغلق دهليءَ کان هلي آيو هو..... ۽ هو هڪ عام ماڻهو ته نه هو ۽ نه ڪو هو ٺٽي ۾ ڇهارا وڪڻڻ يا بِهه، پٻڻ خريد ڪرڻ پهتو هو، جو اڪيلي سر اچي.... هو طاقتور سلطان هو، جنهن سان گڏ سپاهين ۽ ڪمين ڪاسبين جو هڪ وڏو اٽالو هليو هوندو ۽ ٺٽو، جتي هن جو بخار وگهي موت ٿيو، هڪ اهم شهر ئي ته هوندو، جيئن اڄ ڪلهه اسان لاءِ اسلام آباد آهي. تڏهن ته بادشاهه سلامت هن شهر جي اهم هجڻ ڪري بذات خود دهليءَ کان ٺٽي اچي نڪتو ۽ بعد ۾ بادشاهه ٿيڻ تي هن ٺٽي ۾ هڪ يادگار مسجد ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو..... ۽ جنهن مسجد کي اڄ به دنيا جا ٽوئرسٽ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. پر اڄ ان ٺٽي جي اوج ۽ شان مان کان اسان جو پنهنجو سنڌي نوجوان به واقف ناهي!
دهليءَ جي تجارتي علائقي جي رش مان نڪري، ڪناٽ سرڪس واري گول (Ring) روڊ کان ”جان پاٿ“ روڊ وٺي، ٽئڪسي ڊرائيور ونڊسر سرڪل (چوراهو ــ بلڪ ڇهه راهو) ٽپي رهيو هو ته اوڀر ڏي ويندڙ هڪ روڊ تي لڳل بورڊ تي، ان روڊ جو نالو ”فيروز شاهه تغلق روڊ“ پڙهي، مون کي ان کان اڳ جو حاڪم محمد بن تغلق ياد اچي ويو. پوئين صفحن ۾ ان جي دور حڪومت ۽ رعب تاب، ظلمن ۽ چريائپ بابت ان ڪري لکيو اٿم ته جيئن پڙهندڙ کي ٺٽي شهر جي اهميت جي خبر پوي، جتي محمد بن تغلق جهڙو دٻدٻي وارو سلطان پهتو هو.
ٺٽي جي انهيءَ اوج ۽ اهميت کي ياد ڪري، ٺٽي بابت هتي اڃان به ڪجهه وڌيڪَ سٽون لکان ٿو:
ڪراچيءَ کان 90 ڪلوميٽر اوڀر ۾ هي شهر سنڌ جي ٻين شهرن وانگر سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ئي اڀريو. هاڻ ته اليڪٽرسٽيءَ جي ڪري، ڪٿي به شهر اڏي سگهجي ٿو. جيئن بحريا ٽائون يا ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي وغيره. رڻ پٽن ۽ جابلو علائقن ۾ نوان شهر ٺهي رهيا آهن، جن لاءِ پاڻي، ٽيوب ويلن ذريعي زمين مان ڇڪيو وڃي ٿو، نه ته اڳئين زماني ۾ شهر اتي ٻڌي سگهبو هو، جتان درياهه جو وهڪرو هوندو هو. ڇو جو پاڻيءَ بنان ماڻهوءَ توڙي مال لاءِ جياپو ڏکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ننڍي کنڊ ۾، توڙي مصر، عراق، شام جهڙن ملڪن ۾، آڳاٽا شهر سنڌو ندي، گنگا، برهمپترا، نيل، فرات ۽ دجله ندين جي ڪناري تي نظر اچن ٿا..... يا وري انهن هنڌن تي، جتي گهڻي مينهن وسڻ ڪري پاڻي هر وقت موجود رهيو. جيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾، يا جيئن زم زم جي ڪري مڪو آباد ٿيو.
ٺٽي جي اڳيان اڄ ڪلهه توهان کي سنڌو ندي وهندي نظر نٿي اچي، پر ڪو زمانو هو جو ٺٽو، سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ وڏو ۽ مشغول بندرگاهه هو، جيڪو عيسوي سن کان اڳ پٽالا به سڏيو ويو ٿي. جنهن بابت سڪندر اعظم سان گڏ آيل تاريخ نويسن ذڪر ڪيو آهي. هنن پنهنجن يوناني ڪتابن ۾ هن بندرگاهه جو اشارو پٽالا (Patala) نالي سان ڪيو آهي. زلزلن، رَءُ ۽ لٽ جي ڪري نديون پنهنجو رخ اڪثر بدلائينديون رهن ٿيون. اهڙي طرح اسان جي سنڌو ندي به آهستي آهستي ٺٽي کان پري ٿي وئي.
عرب تاريخدانن اڄ جي ٺٽي کي ”ديبل“ لکيو آهي. جيڪو منصوره جي عرب سلطنت ۾ آيو ٿي. لڳي ٿو ديبل بندر ۽ ٺٽو ٻئي گڏ گڏ هئا. جيئن هالا پراڻا ۽ هالا نوان..... يا وري لنڊن جو ڊهر ۽ ٽلبري بندرگاهه. سنڌو نديءَ جي رخ بدلڻ ڪري ديبل بندرگاهه ويران ٿي ويو ۽ لاري بندر نالي نئين بندرگاهه جنم ورتو.
ٺٽي جو تاريخ ۾ صحيح طرح نالو 1025ع ۾ محمود غزنويءَ جي حوالي سان ظاهر ٿيو، جڏهن هن ان ڏينهن جي هياري عرب حڪومت جي گاديءَ واري شهر منصوره کي تباهه ڪيو ۽ سنڌ تي قبصو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سومرن مزاحمت ڪئي ۽ سنڌ جي هيٺئين حصي تي قبضو ڪري ورتو. جڏهن ته اپر سنڌ تي غزنوين جو قبضو رهيو.
اها ڳالهه لکندي هڪ وائڙو خيال ڌيان ۾ آيو اٿم ته محمود غزنويءَ متعلق تاريخ نويس اهو ذهن نشين ٿا ڪرائين، ته هو پڪو مسلمان هو.هو بت فروش نه پر بت شڪن هو. هن هندن جا بت تباهه ڪرڻ لاءِ سومناٿ مندر تي حملو ڪيو. هل سائين! هوندو.... پر هن سنڌ تي ڇو حملو ڪيو؟ سنڌ ۾ ڇو تباهي آندي؟ ان وقت ته سنڌ تي 300 سالن کان مسلمانن جي حڪومت هئي!..... ڳالهه اها آهي ته ان دؤر ۾ هندو هجن يا مسلمان بادشاهه، جرمني انگلئنڊ جا بادشاهه هجن يا سئيڊن ناروي جا..... سڀني جو ڪم هو اوسي پاسي جي ملڪن ۾ ڦرون ڪري مال آڻڻ.... ڇا نادر شاهه گهٽ ظلم ڪيا؟! سڄي دهلي شهر کي ساڙي ٻاري ڦرلٽ ڪري تخت طائوس تائين ايران کڻي ويو. مسلمان ٿي هزارين مسلمانن جو قتل ڪيائين.... اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو هن کي ظالم ٿا سڏيون پر توهان ايران وڃي ڏسو. مشهد شهر ۾ امام علي رضا جي روضي جي ڀرسان هن جو نه فقط مقبرو آهي، پر سندس ياد ۾ وڏو گهوڙيسوار مجسمو (Statue) آهي. ايراني هن کي هيرو ٿا سمجهن، جو هن اوسي پاسي جي حڪومتن ۽ ماڻهن جي ڀينگ ڪري، مال پنهنجي ملڪ ۾ ٿي آندو ۽ پنهنجي ملڪ کي خوشحال ٿي ڪيو. سو آئون ته چوڌاري دنيا جو جائزو ٿو وٺان ته اڳ ۾ هر ملڪ جي بادشاهه جو اهو ئي ڌنڌو نظر ٿو اچي ــ يعني اوسي پاسي جي ڪمزور حڪومتن جي ڦرلٽ ڪرڻ.
ننڍي کنڊ جي مشهور شاعر امير خسرو (1325ع ـــ 1253ع) به ٺٽي شهر جو نالو پنهنجي هڪ شعر ۾ ڏئي ٺٽي کي مشهوري ڏني....... پاڻ وري به ٺٽي جي ڳالهه ڪريون، جيڪو ماضيءَ ۾ وڏي اوج ۽ شان شوڪت وارو شهر هو. جنهن کان افسوس جو اڄ اسان جو، توڻي ٻاهرين ملڪن جو نوجوان ايترو واقف ناهي.
يارو! سنڌ جي پراڻن ۽ قديم شهرن مان ٺٽو هڪ قديم، تاريخي ۽ هڪ قابل ذڪر شهر آهي. ٺٽي شهر جي قائم ٿيڻ، ان جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻيءَ، رسم رواج، علم ادب تي تاريخي حوالن سان ڪافي تحقيقي مواد ملي ٿو. مون وٽ پنهنجي لائبريري ته ڇا، پنهنجن ڪتابن جو سيٽ به محفوظ ناهي، پر آئون امر جليل، عبدالقادر منگي ۽ ٻين دوستن جي لئبريرين ۾ ڏسان ٿو ته مونکي انهن وٽ يا ڪراچيءَ جي وڏين لئبررين ۾، ٺٽي بابت ڪيترائي ڪتاب (پنهنجن ۽ ڌارين ماڻهن جا لکيل) نظر اچن ٿا. ان تي ڪيترن ئي ماڻهن ڪم ڪيو آهي..... مير محمد بن جلال ٺٽوي، مير علي شير قانع، امير خسرو دهلوي ۽ ادارڪي بيگلاريءَ کان وٺي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪن غير ملڪي مؤرخن، سياحن، جهڙوڪ جنرل هيگ، ميجر راورٽي، هيوز، ايٽڪن، پاٽنجر، مانرڪ، منوڪي، هئملٽن، ڊاڪٽر سورلي تائين.... ڪنهن جو نالو کڻي ڪنهن جو کڻجي. هڪ ڪتاب تازو عبدالقادر منگي صاحب ”ڀنڀور ۽ ديبل“ نالي سان موڪليو آهي، جنهن ۾ هن ڪيترن ڄاڻو، تعليم يافته ۽ کوجنا ڪندڙن جا مضمون سهيڙيا آهن. جن مان ڪجهه ليکڪن جا نالا هن ريت آهن: تاج صحرائي، مريم مجيدي، عزيزه چنا، عبدالله ورياهه، مسرت مرزا، ڊاڪٽر لوئيس فليم، ممتاز راشدي، ولي محمد طاهرزادو، رفيق مغل، شيخ خورشيد حسن، وغيره.
اپر سنڌ جنهن تي غزنوين جو قبضو رهيو، انهن تي نيٺ دهلي سلطنت حاوي ٿي وئي ۽ خلجي گهراڻي جي ٻئي سلطان علاؤ الدين خلجيءَ (جنهن 1296ع کان 1316ع تائين حڪومت ڪئي) پنهنجي دؤر ۾ سومرن تي حملو ڪيو. سندس وڃڻ کان پوءِ غياث الدين تغلق جي ڏينهن ۾، سومرن وري ٺٽي تي قبضو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ اوس پاس ۾ جيڪي ٻيون ذاتيون رهيون پئي، اهي هيون: سما، سهتا، ابڙا، سوڍا، چنا، پنهور، پهوڙ، گجر، ڀٽي، جاڙيجا، ٿهيم، ٽنؤر، راڄڙ، راڄپر، ڪاڇيلا وغيره. انهن سومرن جو ساٿ پئي ڏنو. گجر اڄ به ٺٽي، بدين ۽ ملتان پاسي موجود آهن ۽ مڪاني ٻوليون سنڌي، سرائڪي، پنجابي وغيره ڳالهائن ٿا. انهن ڏينهن ۾ گجر هندو به هئا. هنن جي ڪا وڏي سلطنت نه هئي. سنڌ ۾ به ڪٿي ڪٿي پاڪيٽ (کانچا) هئا، جتي هنن جو زور هو ۽ انهن ۾ دهليءَ جي سلطنت خلاف بغاوت جي بوءِ محسوس ڪري غياث الدين تغلق جي پٽ سلطان محمد بن تغلق وڏي اٽالي سان لوئر سنڌ جو رخ ڪيو. هو ٺٽي ۾ گذاري ويو. جنهن بعد سندس سوٽ فيروز شاهه تغلق دهليءَ جي تخت تي ويٺو. سندس نالي دهليءَ ۾ ونڊسر پليس (ونڊسر چوواٽي) تان اوڀر طرف ”فيروز شاهه تغلق روڊ“ نڪري ٿو. جنهن روڊ جي بورڊ کي ڏسي مونکي تاريخ جون هي ڳالهيون ياد آيون، جن جو سنڌ جي ان وقت جي ”بلي بلي“ شهر ٺٽي سان واسطو آهي.
1335ع ڌاري سمن سومرن کان حڪومت حاصل ڪئي ۽ ٺٽي تي سندن ڪنٽرول ٿيو. هو ڏکڻ سنڌ کان اتر طرف بکر (سکر) تائين پنهنجي حڪومت کي وڌائي آيا، پر 1361ع ڌاري دهليءَ جي ان وقت جي سلطان فيروز شاهه تغلق سنڌ تي حملو ڪري سما حاڪمن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آندو.
تاريخن ۾ عام طور ائين لکيل آهي ته ٺٽي جو بنياد سما گهراڻي جي حاڪم، ڄام نظام الدين (ڄام نندي) پندرهين صدي عيسويءَ ۾ وڌو. ڄام نندي جي حڪومت جو زمانو 1460ع کان 1508ع تائين ڄاڻايل َآهي. ڄام نندو هڪ عالم، فاضل ۽ ديندار حاڪم هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڄام نندي کي سنڌ جو ’هارون رشيد‘ سڏيو آهي. سندس زماني ۾ سياحن، واپارين، عالمن ۽ فاضلن کي هر طرح جون سهولتون مليون.
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ٺٽي جو ذڪر امير خسرو دهلويءَ جي ديوان ’تحفته الصغر‘ (1274ع) جي هڪ شعر مان به ملي ٿو.
سروِ چُو تو اُچه و دَر تته نباشَد
گُل مِثلِ رخ خوب تو، البته نَباشَد
(تو جهڙو قدوقامت ۾ نه ڪو اُچ شهر ۾ آهي ۽ نه وري ڪو ٺٽي ۾. تنهنجي خوبصورت چهري جهڙو ڪوئي گل به اُتي نظر نه آيو).
مٿين شهر ۾ ”تته“ لفظ ٺٽي شهر لاءِ آهي. مرزا قليچ بيگ به ان خيال جو اظهار ڪيو آهي ته لفظ ”ٺٽو“، ’تهه تهه‘ لفظ مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”تهه مٿان تهه“. هڪ ٻئي هنڌ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته: ”ٺٽ چون ماڻهن جي گوڙ کي؛ ٺٺ چون خشڪ ميدان کي، شايد انهن مان ٺٽو نالو نڪتو هجي“. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”ٺٽِي، ٺٽ ۽ ٺٽو، اَن بستيءَ کي چوندا، جيڪا درياهه جي ڪنڌيءَ يا ڪناري تي آباد ڪئي ويندي آهي“.
امير خسروءَ جي مٿين شعر مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته تيرهين صدي عيسويءَ ۾ هو ٺٽي به آيو هو. ان زماني ۾ ٺٽو شهر، پنهنجي شان مان جي ڪري ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو هو.
ٺٽي شهر جا سڀ کان آڳاٽا اهڃاڻ ۽ نشان جنرل هيگ (Haig) جي ڪتاب ۾ به ملن ٿا. هو ٺٽي کي ’مينا ننگر‘ ٿو سڏي. هن جي لکت مان ظاهر آهي ته: ”سڪندر اعظم (328 ق.م) پٽالا جي فتح کان پوءِ، مينا ننگر جي حاڪم کي شڪست ڏئي، ڪجهه لشڪر خشڪيءَ رستي روانو ڪيو هو“. جنرل هيگ جي ان بيان مان ثابت ٿو ٿئي ته ٺٽي جو شهر سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ به موجود هو.
بهرحال امير خسروءَ جي شعر مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته ٺٽو، سال 1268ع کان 1272ع تائين، نه فقط آباد ۽ معروف هو، بلڪ ايترو بارونق ۽ سهڻو شهر هو، جو شاعر اتان جي خوبصورت گلن ۽ سروقد سهڻن جي تشبيهه، پنهنجي محبوب جي تعريف ۾ ڪتب آندي آهي. بهرحال ٺٽي جو اهو سمورو احوال، سومرن جي دور ۾ هن شهر جي وجود ۾ هجڻ ۽ جاهه وجلال لاءِ وڏو ثبوت آهي.
سومرن جي زوال وقت سنڌ ۾ ڄامن، سمن جي حڪمراني شروع ٿي. ڄام فيروز الدين انڙ 1350ع ۾ حڪمران بنيو. ٻن سالن جي حڪومت بعد انڙ جي وفات تي علاؤ الدين ڄام جوڻو ۽ سندس ڀائٽيو صدر الدين شاهه ڄام بابينو ثاني 1353ع ۾ سنڌ جا حڪمران بنيا. ان دور ۾ محمد شاهه تغلق پنهنجي باغي غلام ’طغي‘ جي ڳولا ۾ سنڌ طرف ڪاهه ڪئي. محمد شاهه تغلق سونڍا وٽ فوت ٿي ويو. ان ريت تغلقن جو حملو ختم ٿيو. فيروز شاهه تغلق مرحوم بادشاهه جو لاش کڻائي سيوهڻ پهتو. جتي لاش کي امانت طور دفن ڪري، نئون بادشاهه فيروز شاهه تغلق دهليءَ روانو ٿيو. 1365ع ۾ فيرز شاهه ٺٽي تي حملي آور ٿيو، پر کيس سوڀ حاصل نه ٿي. فيروز شاهه ٽن سالن بعد 1368ع ۾ وري سنڌ تي ڪاهي آيو. سيدن ۽ عالمن، وچ ۾ پئي، سمن ۽ تغلقن ۾ ٺاهه ڪرايو. ڄام بابيني ۽ ڄام تماچيءَ کي دهليءَ ۾ نظر بند رکيو ويو. ان سان گڏ ڄام توڳاچيءَ جي حڪومت به پوري ٿي. علاؤ الدين ڄام جوڻو اڪيلي سر (ٻيو ڀيرو) سنڌ جو حڪمران بڻيو. هن 18 سال بادشاهي ڪئي. 1388ع ۾ فيروز تغلق وفات ڪئي. ان بعد دهلي سلطنت ختم ٿيڻ شروع ٿي. دهليءَ ۾ نظر بند ڄام تماچيءَ، ٺٽي پهچي، ٻيهر سنڌ جي حڪومت سنڀالي. سندس چاچي ڄام جوڻي جو دؤر پورو ٿيو. سنڌ جي درويشن ۽ شاعرن ڄام تماچيءَ جي آجيان ڪئي. ان وقت جي شاعر شيخ حماد دعائيه بيت چيو:
جوڻو مَتِ اُوڻو، ڄام تماچي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه پئي، توسين ٺٽو راءَ!
نوري ۽ ڄام تماچيءَ واري داستان جو سورمو به هي ئي حاڪم هو.
ٺٽي کان اڳ ان هنڌ تي ’ديبل‘ نالي شهر ۽ بندرگاهه هو. پر پوءِ ديبل جو نالو 1259ع کان پوءِ، تاريخ جي صفحن تان گم ٿي ويو ۽ 1272ع کان اڳ، ٺٽو اُن (ديبل) جو قائم مقام بڻيو هو. اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ٺٽو ۽ ديبل هڪ ئي وقت موجود هئا. ٺٽي کي اهميت ديبل شهر جي زوال کان پوءِ سگهو ئي ملي.
ماڻهن جي ذهنن تان ديبل جو نالو اڃان لٿو ئي نه هو، ته ٺٽي جي شهرت ۽ ترقي شروع ٿي وئي، جنهن ڪري ماڻهن جي زبان تي ”ديبل ٺٽو“ گڏجي استعمال ٿيڻ لڳا. هتي اهو به لکندو هلان ته تاريخي شاهدين موجب ’ڀنڀور‘ اصل ۾ ’ديبل‘ جو شهر ۽ بندر گاهه هو. هي مقام جنهن کي اسان ڀنڀور سڏيون ٿا، سو عام روايت موجب سسئي ۽ پنهونءَ جي محبت جو ماڳ آهي. اهو مشهور آهي ته سسئي، جنهن کي صندوق ۾ بند ڪري سيوهڻ وٽان درياءَ ۾ وڌو ويو هو، سا هتي سلامت اچي نڪتي ۽ پلي نپني جوان ٿي. پنهون مڪران کان هت آيو. سسئيءَ سان ملاقات ٿيس ۽ آخر شادي ٿيس.
مشهور تاريخي ڪتاب ”چچ نامو“ يا ”فتحنامه سنڌ“ ۾ به ديبل جو ذڪر ملي ٿو، ته راءِ سهاسي بادشاهه جي دؤر ۾ به ديبل موجود هو، جيڪو پنجين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ ٿي گذريو. سڀ کان پهريون حوالو 637ع جو، يعني حضرت عمر رضه جي خلافت جي دؤر جو آهي، جڏهن مسلمانن جو پهريون ٻيڙو ديبل۾ آيو ۽ فتح حاصل ڪيائين. ٻيو حوالو 712ع جو آهي، جڏهن محمد بن قاسم هتي آيو، جنهن قلعي ۽ بندرگاهه کي فتح ڪيو. بهرحال اهو اڃان ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته ڀنڀور ۽ ديبل هڪ ئي هنڌ موجود هئا يا جدا جدا. ديبل مٺي پاڻيءَ جو بندرگاهه هو. يعني درياهه تي هو، يا درياهه جي ڇوڙ واري جڳهه تي کاري پاڻيءَ جو بندرگاهه هو. اڄ انهن شهرن جي جاءِ تي ٺٽو شهر آهي.... ڪجهه پرتي سسئي پنهونءَ جي داستان جي شهر ڀنڀور جا کنڊر آهن، جن تي اسانجي حڪومت طرفان کو جنا جو ڪم هلي رهيو آهي. شاهه لطيف، سسئي پنهونءَ جي حوالي سان، ڀنڀور کي ڪيترن ئي بيتن ۾ ڪم آندو آهي، جيئن:
پنهونءَ سين پريت جو، ڪو جو پيچ پيوم،
ڀنڀي هن ڀنڀور ۾، وهڻ وِهُه ٿيوم،
متيون موٽڻ سنديون، ڪاڪيون! ڪين ڏيوم،
سرتيون! ساهه سندوم، ٿيو حوالي هوت جي.
پاڻ ڀنڀور ۽ ديبل کي ڇڏي، ٺٽي جي ڳالهه ڪيون، جيڪو اڄ به موجود آهي. جيتوڻيڪ سندس ڄام تماچيءَ، ارغونن، ترخانن ۽ مغل بادشاهن جي دؤر واري خوشحالي ۽ شان شوڪت نه رهيا آهن. ائين به نه آهي ته انهن جي ڏينهن ۾ ٺٽو سڪون ۽ خوشحاليءَ ۾ رهيو. ٺٽي سان پنهنجن پروان.... خاص ڪري ڌارين، ظلم به ظلمن جهڙا ڪيا. سومرن جي سنڌ تي 1026ع کان 1350ع تائين اٽڪل ٽي صديون حڪومت رهي. 1054ع ڌاري محمود غزنويءَ سنڌ جي پرسڪون ماحول ۾ تباهي برپا ڪئي ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. ان بعد علاؤ الدين خلجيءَ حملو ڪري سنڌ تي حڪومت ڪئي.
خلجين بعد تغلقن..... جن جو احوال تفصيل سان ڪري آياسين. ڏٺو وڃي ته هي سڀ مسلمان حاڪم هئا ۽ سنڌ ۾ جتي هندو هئا، اتي مسلمانن جي به هنن تباهي ڪٿي ٿي. اسان چئون ٿا ته جپان، سئيڊن، ناروي جهڙا ملڪ صدين کان ترقي ڪري رهيا آهن. اسان وٽ ترقي ٿئي ته آخر ڪيئن ٿئي؟! هڪڙا ڌاريا، ڦورو ڌاڙيل حاڪم ويا پئي، ته ٻيا آيا پئي. جن قتل غارت سان گڏ عوام کي غريب مسڪين پئي بنائي ڇڏيو. 1054ع کان وٺي 1350ع تائين سنڌ غزنوين، خلجين ۽ تغلقن جي حڪومت هيٺ رهي. ڪنهن کي ڪو خيال نه پئي ٿيو..... ۽ ٿئي به ڇو؟ هو ڪهڙا هتي ڄاوا نپنا هئا؟ ڦرلٽ ڪري مال دهليءَ کڻي پئي ويا، يا ايران افغانستان..... پر سوال آهي ته اهي جملا ان وقت جا سنڌي چوندا هوندا.... اڄ جا سنڌي ڪئين ٿا چئي سگهن؟! جڏهن ته هو اکين سان ويٺا ڏسن ته سندن اڄ جا حاڪم جيڪي هتي ڄاوا، اهي به ته هتان جو پئسو کڻي سنڌ کي ڪنگال ڪري، دبئي، لنڊن، اسپين، سئٽزرلينڊ کي پيا خوشحال ڪن ۽ اتي پيا محل بنگلا اڏين..... غريب مڪاني ماڻهو جهوپڙيءَ ۽ گلاس پاڻيءَ لاءِ به پيو سڪي.
1351ع ۾ سنڌ ۾ سمن جي حڪومت ٿي، جيڪا 1520ع تائين هلي. ان ۾ وري به Comparatively سنڌين سک جو ساهه پٽيو ۽ ”نوري ڄام تماچي“ جهڙن عشقيه داستانن جنم ورتو. ڪابل قنڌار کان شاهه بيگ ارغون نازل ٿيو ۽ ان وقت جي حاڪم ڄام فيروز کي شڪست ڏئي، خوشحال ٺٽي جي ڀينگ ڪري ڇڏيائين. ڦرلٽ هڪ طرف، ته شهر کي ٻارڻ ساڙڻ ٻئي طرف..... خبر ناهي ڪهڙي قسم جا مسلمان حاڪم هئا، جن اسان جي ملڪن ۾، ڏني نه ورتي، نه فقط هتي جي حاڪمن کي ماريو ڪُٽيو پئي، پر غريب عوام ۾ به ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ لاءِ انهن کي ڦريو ۽ سندن گهرن کي ساڙيو پئي. ٿورو تصور ڪريو ته ان وقت جي غريب عوام وٽ ڪهڙا ڪمپيوٽر، ڪئميرائون ۽ ڪارون هيون، ڪهڙا ريفريجريٽر، ايئرڪنڊيشن ۽ فرنيچر هئا..... وڌ ۾ وڌ ٻه وڳا ڪپڙن جا ڍڳي، ٻڪري ياٻه چار ڪڪڙيون هيون. هنن حاڪمن اهي به ڦري پئي ورتيون ــ ٻيو هو ٻين جي نياڻين کي قبضي ۾ ڪرڻ...... اسانجي سڀني هندو، مسلمان، سک حاڪمن جون اهي ئي ڪاروايون رهيون. شاهه بيگ ارغون جي 1250ع ۾ حملي ۽ سنڌ فتح ڪرڻ سان سمن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ارغونن جي شروع ٿي. شاهه بيگ ارغون 1520ع کان 1524ع تائين حڪومت ڪئي، ان بعد سندس پٽ شاهه حسين ارغون تخت تي ويٺو، جنهن ڇڪي تاڻي 1554ع تائين حڪومت ڪئي. آخري ڏهاڪو سال ته اهڙو گند ڪيائين (هوندو نشي ۾ ڌت ۽ رنن پويان. پنهنجن درٻارين کي ئي بيزار ڪري وڌو هوندائين) جو سنڌ جي شرفائُن فيصلو ڪري، 1554ع ۾ مرزا محمد عيسيٰ ترخان کي سنڌ جو حاڪم چونڊيو ۽ شاه حسين جو راشن پاڻي بند ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪٿي هو نهري (Irrigation) سسٽم؟!...... ڪٿي هيون اعلي پئماني جون پوکون، ۽ انبن، ڪيلن ۽ صوفي بيرن جا باغ ؟ ڪٿي هيون ڪاٽن جننگ فئڪٽريون ۽ شگر ملون، جن مان ڪمائي ٿئي ۽ حڪومت کي ٽئڪس ملي..... ۽ نه وري برونائي، ڪويت ۽ سعودي عرب وانگر پيٽرول هو، جنهن مان سرڪار (بادشاهه سلامت) جا پنهنجا ۽ حرمن جا خرچ نڪرن. غريب پورهيت: واڍا، رازا، لوهار، ڪمي ڪاسبي، جيڪي ٻه ويلا کائڻ جيترو به مس ڪمائيندا هئا، انهن مان ئي پئسو نچوڙي وقت جي حاڪمن کي پهچايو ويندو هو. ويتر جو حاڪم به ڌاريا هوندا هئا، سو انهن کي مقامي ماڻهن لاءِ ڪهڙو قياس؟! سندن چمچن تاريخن ۽ بايوگرافين ۾ ضرور لکرايو ته بادشاهه سلامت پڪو مسلمان هو. پنج وقت نمازي هو. ٽوپيون ڀري ذاتي خرچ هلائيندو هو...... الا بلا..... يا ڪي وري تاريخدان لکن ٿا ته بادشاهه سلامت/سلطان صاحب فقط ڪافرن جي پويان هو...... وغيره وغيره. ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي. مسلمان، هندو، توڙي سک پارسي، سڄي رعيت موچڙن جي منهن ۾....... جيڪي حاڪمن جي شراب شباب، نشي پتي، راڳ رنگ ۽ ٻين عياشِين جو بندوبست ڪندا هئا، اهي موج مزي ۾ هئا ۽ انهن ۾ هر ڌرم ۽ هر ٻوليءَ جا هئا. اهڙي منظرنامي (Seeneiro) جو مثال توهان کي اڄ جي دؤر ۾ به نظر ايندو. اهو ئي حال مرزا جاني بيگ جو هو. 1558ع ۾ سندس پيءُ مرزا محمد باقيءَ خودڪشي ڪئي (يا الائي ڪنهن ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيس).... بهرحال جي اهو ٿا ڏسو، ته ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيو، ته اهو ان جي پٽ مرزا جاني بيگ کي ٿيو، جنهن پيءُ جي مرڻ تي تاج کڻي پنهنجي مٿي تي رکيو ۽ لوئر سنڌ جو حاڪم ٿيو. هن ڪهڙي حڪومت هلائي..... هن ڪي شير شاهه سوريءَ وانگر رستا ۽ مسافر خانا ته نه ٺهرايا ۽ نه عوام جي ڀلي لاءِ ڪو چڱو ڪم ڪيو ــ ڪري ها ته تاريخ نويس هن کي وڌائي وڌائي پيش ڪن ها. هونءَ به اسان وٽ اهو ئي ڪلچر آهي ته حاڪم، وزير، سردار، وڏيري، ڪاموري، ويندي موچاري جاءِ تي ويٺل ڪلرڪ، پٽيوالي جو ڪم آهي غريبن جي زندگيءَ سان راڱا ڪرڻ ۽ ڳالهه ڳالهه تي کين ڇڙٻون ۽ دڙڪا ڏيڻ ــ ان جو مثال توهان کي اڄ جي سنڌي ڊرامن ۾ نظر ايندو. سو اسان جي ڪيترن مسلمانن پنهنجي ۽ پنهنجي حرم جي بچاءَ لاءِ ڪنهن سٺي سڪيورٽي ۽ سپاهه جو بندوبست نه ٿي ڪيو، وقت جي ضرورت موجب هٿيار پنهوار نه ٿي خريد ڪيا، زور رڳو زالن ۽ ڪنيزن جو نمبر وڌائڻ ۽ ڀنگ، ٺري ۽ شراب تي هو. مرزا جاني بيگ ڪي ٻه چار سال حڪومت به ڪا مس ڪئي ته مغل بادشاهه اڪبر جي لشڪر کيس موچڙا هڻي لاهي ڇڏيو ۽ سنڌ 1599ع کان مغل سلطنت جي قبضي ۾ آئي. ٿي سگهي ٿو ڪنهن تاريخدان مرزا جاني بيگ لاءِ به لکيو هجي ته، تهجد گذار هو، پڪو مسلمان هو، سادو کائيندو هو، سادو پهريندو هو...... پر حقيقت اها آهي ته نشي ۾ ڌت هوندو هو، اڄ جي کريل ٻارن وانگر منجهند تائين ستو پيو هوندو هو. ان جو اندازو توهان هن جي بيماريءَ مان لڳائي سگهو ٿا جنهن وگهي هن جو موت ٿيو. بقول هڪ انگريز ليکڪ جي:
“Jan Beg was defeated by the Mughal forces in 1591. In 1599 he died of delirium tremens”.
اها بيماري ڇا آهي؟ توهان جي ميڊيڪل جا شاگرد نه آهيو، ته ڪنهن ڊاڪٽر کان پڇو.
شراب جي عادي ماڻهوءَ جو جيڪڏهن يڪدم شراب بند ڪبو ته هو ڊيليريم ٽريمينس (Delirium Tremens) جو مريض ٿي پوندو. نه فقط شرابيءَ جو پر ٻئي ڪنهن نشي جي عاديءَ جو به يڪدم نشو بند نه ڪجي. مرزا جاني بيگ به جيسين سنڌ جو حاڪم هو ته ديسي ولائتي شراب پاڻيءَ وانگر پئي مليو. اهي ڪم پورچو گالي ۽ ٻيا يورپي خلاصي ڪندا پئي رهيا ۽ وقت جي حاڪمن کي پنهنجن کان وڌيڪ اهي غير ئي پئي وڻيا، جن هنن لاءِ شراب ۽ شباب جو بندوبست پئي ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن هڪ طرف پئسو پئي ڪمايو ۽ جاسوسي ٻي طرف پئي ڪئي. حاڪمن کي به ڪهڙو فڪر جو پئسو سندن کيسي مان ته نه پئي ويو، غريب عوام کان ئي کسيو ٿي ويو. اسان جي ماڻهن لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ ڏکي ڳالهه نه هجڻ کپي جو هو اڄ به ڏسي رهيا آهن ته حاڪم عوام جي ٽئڪس جو پئسو ڪيئن پنهنجي عياشيءَ تي پيا خرچ ڪن.
بهرحال اڪبر جي حملي بعد مرزا جاني بيگ نه فقط حڪومت کان آجو ڪيو ويو، پر خزاني جا دروازا به هن لاءِ بند ٿي ويا. ان وقت جا حاڪم، وزير، سياستدان اڃان ايڏو هوشيار نه ٿيا هئا جو ڦر جو پئسو فارين بئنڪن ۽ لاڪرن ۾ رکرائين، ولايتن ۾ محل ماڙيون خريد ڪن، فئڪٽريون ۽ ڪارخانا هڻن..... وغيره. انهن ڏينهن ۾ نه هيون بئنڪون ۽ نه ڪارخانا ۽ مِلون. تخت تان لاهڻ بعد حاڪم کي ٻن وڳن ۾ ڪنهن ڪوٺڙيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. پئسو نه هجڻ ڪري شراب ڪٿان آڻي، نشي جي علت پوري ڪيئن ڪري؟! بنا بوتل جي هو ٻن ڏينهن ۾ “Delirium Tremens” جو مريض ٿي پيو. ان بيماريءَ جا مريض ذهني طرح سخت مايوس هڪ طرف ٿين ته ٻئي طرف هنن کي اهڙيون عجيب عجيب شيون ڏسڻ ۾ اچن ۽ آواز محسوس ڪن، جيڪي ٻين کي ڪينَ اچن. جن جو وجود ئي نه هوندو آهي. جسماني طرح هو ڏڪڻي محسوس ڪن، هنن جا هٿ لڏندا رهن، دل جو ڌڙڪو به هيٺ مٿي ٿيندو رهي ۽ جسم پگهر ۾ شل رهي. ان حالت ۾ ڪيترا ته ٽي ڏينهن به جيئرا نه رهيو سگهن. مرزا جاني بيگ ۽ ان جهڙا ٻيا مٽيءَ جي مڻن هيٺان دٻجي ويا..... ڪاش هيڏي طاقت هوندي، حاڪم هوندي، عوام لاءِ ڪجهه ڪري وڃن ها. ٺٽي کي، جيڪا سندن راڄڌاني هئي، ان کي ۽ آسپاس کي سهڻو ڪري وڃن ها، غريب عوام لاءِ روزگار، تعليم ۽ صحت کي ته هڻو کڏ ۾، هنن کي فقط سڪون، امن امان ۽ انصاف مهيا ڪن ها ته اڄ سندن ڳڻ ڳايا وڃن ها..... جڏهن هينري بارٽل فريئر جهڙي هڪ غير مسلم کي ئي اسان ياد ڪيون ٿا، جو هن سنڌ ۾ هڪ ڌاري ٻولي فارسيءَ بدران سنڌي ضروري ڪئي، سنڌي لکڻي ٺهرائي ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻيا سڌارا آندائين..... ته اسان ڇو نه مٿين مسلمان حاڪمن کي به سٺي سوچ سان ياد ڪريون ها. سر هينري فريئر 1815ع ۾ ڄائو ۽ 1884ع ۾ وفات ڪيائين. برٽش راڄ ۾ انڊيا جو 1862ع کان 1867ع تائين گورنر ٿي رهيو ۽ ان کان اڳ 1851ع کان 1859ع تائين، سنڌ جو چيف ڪمشنر ٿي رهيو. ڪراچيءَ ۾ فريئر هال کان سواءِ هڪ روڊ، گهٽي ۽ ٽائون جو نالو هن سان منسوب آهي.
ڳالهه اها آهي ته دنيا ۾ ڪيترا ملڪ، شهر توڙي ادارا آهن، جن جا حاڪم توڙي سربراهه ڌاريا ٿيا، پر هنن حڪومت سان گڏ ان ڌرتيءَ ۽ ان جي رهواسين جي خدمت به ڪئي. پر سنڌ ۽ ان جي ماڻهن سان جيڪا غلامن واري حالت ڪئي وئي، ان جا نفسياتي اثر اڄ به جهڙا قائم هجن..... نه رڳو ڪابل ۽ قنڌار کان آيل بکايل، لالچي ۽ ويڙهاڪ حاڪمن سنڌ کي ڀيليو، پر يورپ کان آيل گورن به پئسي ڏوڪڙ ۽ پاور پويان غريب عوام جي ستياناس ڪري ٿي ڇڏي. جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ مشهور آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا غير قانوني رهندڙ بنگالي، برمي، افغاني وغيره ڏوهن ۾ جوٽيل آهن ۽ هو هٿيارن ۽ نشي جي شين جو ڪاروبار به ڪن ٿا ته چند هزار روپين جي لالچ ۾ ڪنهنجو خون ڪندي به دير نٿا ڪن. اهو ئي حال انهن ڏينهن ۾ يورپين جو هو. ان وقت جو هندوستان ڪيترن ئي ننڍين وڏين سلطنتن جو ملڪ هو. ٻن نوابن، سلطانن، راجائن جي وچ ۾ کٽ پٽ پئي ٿي ته هنن يورپين وٽ وڃي هڪ جو پاسو ٿي ورتو ۽ ٻئي کي شڪست ڏئي فتحياب کان ڌن دولت هڪ طرف، ته حڪومت ڪرڻ لاءِ زمين ٻئي طرف حاصل پئي ڪئي. نه رڳو يورپ ۽ انگلئنڊ جي سپاهين، جهاز رانن اهو ڪم پئي ڪيو، پر ڪيترن بيروزگارن انڊيا اچي پئسي تي قتل ڪرڻ جا ڪم ڪيا. اهڙا ماڻهو مرسنري (Mercenary) سڏجن ٿا. پئسو ڪمائي هنن پنهنجو ٽولو وڏو پئي ڪيو، جن ۾ ڪيترائي لوڪل ماڻهو به شامل پئي ٿيا. اهڙي خونريزي ڪندڙ ٽولي ۾ هڪ مسلمان عورت به هڪ يورپي مرسنريءَ سان شادي ڪري شامل ٿي. جيڪا پوءِ عيسائي ٿي ۽ دهليءَ ۾ سندس ٺهرايل گرجا گهر اڄ به قائم آهي. هن جو ذڪر اڳتي هلي پاڻ ڪنداسين. انهن ڌارين جي انڌير ۽ ظلم جو اندازو، توهان ارغونن ۽ ترخانن جي دور حڪومت جي هن ننڍڙي مثال مان لڳائي سگهو ٿا، ته هن رونق واري شهر ٺٽي ۽ ان جي مقامي ماڻهن سان ڌارين ڇا ته ظلم ڪيا. هنن ڪڏهن به هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهواسين کي پنهنجو نه پئي سمجهيو. هو آيا ٿي، حڪومت ڪيائون ٿي.... نا انصافي ۽ ظلم واري حڪومت..... ۽ ڦرلٽ ڪري، ڌرتيءَ ۽ عوام جي بدتر حالت ٿي ڪيائون. اها ٻي ڳالهه آهي، يا کڻي ايئن چئجي ته اسان جي Irony of Fate (بدقسمتي) اها آهي ته اڄ جيتوڻيڪ اسان جا حاڪم So Called پنهنجا آهن، پر اسان جي وطن ۽ ماڻهن سان اهي ئي حالتون ٿي رهيون آهن ۽ گهڻي ڀاڱي اسان جا حاڪم ڦرلٽ ڪريو ٻاهر پڄيو وڃن. هو پنهنجا ٻار ٻاهر رکن ٿا، گهر گهاٽ ٻاهر ٺاهين ٿا ۽ لٽيل پئسو ٻاهر مني لانڊرنگ ذريعي شفٽ ڪن ٿا.
ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سنڌ سان ٿيل هڪ ظلم جو داستان ٻڌائڻ کان اڳ توهان کي ”فاسٽ فاروڊ“ ۾ ان دور جي مختصر تاريخ ياد ڏياريان:
سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت 1026ع کان 1350ع تائين هلي، جنهن وچ ۾ محمود غزنويءَ ۽ علاؤ الدين خلجيءَ جهڙا ڌاريا حاڪم سنڌ تي حملا ڪري، تباهي مچائيندا رهيا. 1351ع کان سمن جي حڪومت شروع ٿي، جيڪا 1520ع تائين هلي. سمن جي مشهور حاڪم ڄام نظام الدين ٻئي، ٺٽي کي پنهنجي حڪومت جو گاديءَ جو شهر مقرر ڪيو. 1524ع ۾ ارغونن جي حڪومت شروع ٿي، جيڪا شاهه بيگ ارغون قائم ڪئي. هو چنگيز خان جي خاندان مان هو. 1524ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي وفات تي سندس پٽ شاهه حسين ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو. شاهه حسين ارغون 30 سال حاڪم رهيو. ان وقت جي حاڪمن وانگر هن کي به ڪو عوام جي سک ۽ خوشحاليءَ جو اونو ڪو نه هو، بس پنهنجي عياشيءَ ۾ ئي غلطان رهيو. نيٺ سندس درٻار جي عملدارن ئي 1554ع ۾ کيس زوريءَ لاٿو ۽ حڪومت جون واڳون، سندس خاندان جي سلطان محمود ڪوٽا حوالي ڪرڻ بدران، مرزا محمد عيسيٰ ترخان حوالي ڪيون ويون. جيڪو پڻ ترڪ/منگول نسل جو، ڪابل قنڌار کان آيل هو...... يعني سنڌ جي ماڻهن کي ڪو رليف نصيب نه ٿيو. ويتر ارغونن ۽ ترخانن جي پاڻ ۾، حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙهاند ۾ مُئا مقامي ماڻهو. هو ڪنهن جو پاسو کڻي، ڪنهن جو کڻن؟! هر طرف هُو موچڙن جي منهن ۾ هئا...... نه سڪون سان سمهي ٿي سگهيا، نه پورهيو مزوري ڪري ٿي سگهيا هر وقت خوف جي زندگيءَ ۾ پئي رهيا. جنهن جو مثال اڄ ڪلهه جيڪب آباد، گهوٽڪي، ڪشمور پاسي هلندڙ قبيلائي جهڳڙن ۾ هڪ عام ماڻهوءَ جو چئي سگهو ٿا...... انهن علائقن ۾ غريب ماڻهو نه سڪون سان ٻني ٻارو ڪري ٿا سگهن نه ٻچا ٻار پڙهائي ٿا سگهن.
هاڻ ڇا هو، جو سنڌ جي حڪومت ۾ جيڪي ارغون ترخان ڪرتا ڌرتا هئا، جن جي هلندي پُڄندي هُئي، تن شاهه حسين ارغون کي تخت تان لاهي، ترخانن جي ليڊر مرزا محمد عيسيٰ کي بادشاهه چونڊيو. شاهه حسين ارغون کي اولاد ته نه هو، پر سندس ڀائٽي/ڀاڻيجي سلطان محمود ڪوڪا (جنهن پاڻ کي شاهه حسين جو وارث پئي سمجهيو) کي به نه چونڊيو ويو. ظاهر آهي ان جا افعال به صحيح نه هوندا. ان تي هو بيحد بگڙي پيو ته تخت جو وارث آئون آهيان، ويهاريو ٻئي کي پيو وڃي..... هو به صحيح هو جو بادشاهت ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. پيءُ جي مرڻ بعد سندس پٽ.... پوءِ ڀلي کڻي اهو ڪهڙو به چريو کريو يا چرسي موالي ڇو نه هجي، بادشاهه سلامت ٿيو وڃي. پٽ ناهي ته ڌيءَ ”رضيه سلطانا“ ٿيو وڃي يا وري ڀائٽيو ڀاڻيجو..... اسانجي ننڍي کنڊ (سنڌ سميت) تي به ائين حاڪمن راڄ ڪيو.... ۽ اها ڳالهه اسانجي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهڙو ته ناسور ڪري وئي آهي، جو اڄ جي جمهوريت واري دؤر ۾ به جيڪو ملڪ جو حاڪم ووٽ ذريعي چونڊيو وڃي ٿو اهو پاڻ کي عوامي نمائندو ۽ عوام جي خدمت ڪندڙ سمجهڻ بدران، ارغون، ترخان يا خلجي، مغل گهراڻي جو بادشاهه ٿو سمجهي ۽ هو ان ئي ڪوشش ۾ رهي ٿو ته هميشه لاءِ حاڪم رهي ۽ سندس لهڻ يا مرڻ بعد سندس پٽ يا ڌيءُ ان عُهدي جا وارث ٿين.
بهرحال پاڻ اچون ارغونن، ترخانن جي دؤر تي جنهن ۾ سنڌ جي خوب لتاڙ ٿي. عوام لاءِ ارغون به ظالم، ته ترخان به ظالم. نئين بادشاهه مرزا محمد عيسيٰ ترخان جي چونڊ تي جڏهن لٿل بادشاهه جي وارث سلطان محمود ڪوڪا (ياد رهي ته هي اهو سلطان محمود غزنوي سومناٿ مندر وارو ناهي، جيڪو 971ع ۾ ڄائو ۽ 1030ع ۾ وفات ڪيائين، جنهن 1010ع ۾ سنڌ کي پنهنجي راڄ ۾ ملايو ۽ اهو دور به سنڌ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ ظلم جو دور هو) ترخان بادشاهه مرزا محمد عيسيٰ کي چئلينج ڪيو. عيسيٰ خان ترخان، حڪومت وڃڻ جي ڊپ کان، پنهنجا سفارتڪار پورچورگالين ڏي، بئسين موڪليا ته هو اچي هن جي مدد ڪن ۽ تخت ۽ تاج قائم ڪرائي ڏين ته کين ٺٽي تائين پهچڻ جو، ۽ سلطان محمود ڪوڪا جي حوارين سان مقابلو ڪرڻ جو اجورو ڏنو ويندو.
هاڻ ان ڳالهه مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته پاور (حڪومت ۾ رهڻ) جي ڇا بک هئي، جو ڌارين کي گهرايو پئي ويو ۽ پوءِ اهي ڌاريا ئي، پهريان هڪ ڌر کي پوءِ ٻي ڌر کي موچڙا هڻي، پاڻ مالڪ بڻجي ٿي ويٺا. ان تناظر ۾ ٿورو اڄ ڏسو ته ڇا اسانجي حاڪمن ڪو سبق سکيو آهي؟ پاور لاءِ اڄ به آمريڪا، انگلئنڊ، سعودي عرب، قطر جهڙن طاقتور ۽ امير ملڪن جي حاڪمن وٽ گيسيون پاتيون وڃن ٿيو.
ننڍي کنڊ ۾ انگريز پوءِ آيا، پر پورچوگالي انهن کان سؤ سال کن اڳ انڊيا پهتا، جڏهن واسڪوڊاگاما 1498ع ۾ سمنڊ رستي انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ (جيڪو ڪوزهي ڪور به سڏجي ٿو) ۾ پهتو. اهو بندرگاهه مصالحن جي واپار جي ڪري دنيا ۾ مشهو ر هو ۽ يورپي، مصالحن پٺيان چريا هئا. جنهن جو سربستو احوال پنهنجي ڪتاب ”تاريخ جو سفر“ ۾ ڪري چڪو آهيان. بهرحال پورچوگالي آهستي آهستي ڄمائي ويٺا. سندن پهريون وائسراءِ ڪوچين ۾ رهيو. 1510ع کان پوءِ پورچوگالين پنهنجو گاديءَ جو هنڌ ڪوچين مان شفٽ ڪري گوا ۾ ڪيو. هونءَ اهو پڙهي ان ڳالهه جو اندازو لڳايو ته پورچوگالي انڊيا ۾ مغل سلطنت کان به اڳ ڄمي ويا. پورچوگالين پنهنجي راڄ ڌاني گوا ۾ ڪئي. ان کان به 16 سال پوءِ 1526ع ۾ بابر هندوستان ۾ مغل سلطنت قائم ڪئي. پورچوگالين نه فقط ڪو چين ۽ گوا ۾، پر اوسي پاسي جي اهم شهرن، خاص ڪري مالابار ڪناري تي موجود ننڍن ننڍن بندرگاهن تي قبضو ڪري ورتو ۽ انهن ۾ هنن جي فوج پئي رهي. فوج ۾ آفيسر پورچوگالي هئا، باقي سپاهين ۾ ڪجهه سندن پورچورگالي ۽ ٻيا يورپي، باقي مڪاني ماڻهو هئا. اسان جي ننڍي کنڊ جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. جن ۾ پورچوگالين توڙي انگريزن ۽ ٻين ڌارين حاڪمن کان فائدا وٺڻ لاءِ، اسان جي عام ماڻهن توڙي نوابن، سردارن، ڀوتارن، انهن جي چاڪري ڪري، پنهنجن ئي ماڻهن جو خون وهائڻ ۾ مدد ڪئي.
مرزا محمد عيسيٰ ترخان جا ماڻهو پورچوگالين کان مدد وٺڻ لاءِ جنهن شهر “Bassein” ۾ آيا اهو شهر وسائي (Vasai) سڏجي ٿو ۽ مهاراشٽرا رياسٽ جي ضلعي ٿاڻي ضلعي ۾ آهي..... بلڪ هاڻ وڌيڪ ضلعا ٿيڻ ڪري، وسائي شهر پلغار ضلعي ۾ آهي. جيئن اسانجو شهر هالا پهرين حيدرآباد ضلعي ۾ هو، هاڻ مٽياري ضلعي ۾ آهي. ٿاڻي/پلغار ضلعي جا ٻيا مشهور شهر نوي (نئين) ممبئي، ڪلياڻ، دومبي وِلي، شاهپور ۽ بادلپور وغيره آهن ــ منهنجو به باءِ روڊ ممبئي کان پوني ايندي ويندي وقت نوي ممبئي، ڪلياڻ ۽ وسائي (Bassein) ۾ ترسڻ ٿيو.
بهرحال سنڌ جي ٿيڻ واري حاڪم مرزا محمد عيسيٰ ترخان جي آڇ تي پورچوگالي ڏاڍا خوش ٿيا. هنن جو ٻيو ڪم ئي ڪهڙو. پڙهندڙ اهو تصور ڪن ته جيئن هند سنڌ جي حاڪمن پنهنجا محل محلات ٺهرائڻ لاءِ ايران، سمرقند، بخارا مان رازا، واڍا ۽ ٻيا مستري گهرايا ٿي، تيئن پنهنجي جهيڙن، سلطنتون حاصل ڪرڻ يا احتجاج ڪندڙ غريب رعيت کي موچڙا مارون هڻائڻ لاءِ، اسان جي حاڪمن، يورپين جي مدد ٿي ورتي، جن وٽ ان وقت جا طاقتور ۽ ماڊرن هٿيار هئا. پاڻيءَ جا جهاز ۽ گن بوٽون هيون. ان معاملي ۾ ايشيا جا ٻيا ملڪ به گهٽ نه هئا. برونائي سلطنت ۾ گوڙ ڪندڙ عوام، ڌاڙيلن، سامونڊي قزاقن وغيره کي منهن ڏيڻ لاءِ، ان وقت جي سلطان، هڪ انگريزي غنڊي جيمس بروڪ کان 1841ع ۾ مدد ورتي. جنهن وٽ هڪ پاڻيءَ جو جهاز هو، جنهن ۾ بندوقون فٽ ٿيل هيون. هيءَ ڳالهه سرچارلس نيپئير جي سنڌ فتح ڪرڻ کان ٻه سال اڳ جي آهي.
جيمس بروڪ، بورنيو ٻيٽ تي پهچي، برونائيءَ جي سلطان جي مدد ڪئي ۽ هن کي تخت ـــ ڌڻي بڻايو ۽ ڦڏو ڪندڙ ۽ سلطان کي نه برداشت ڪندڙ ملئي مسلمان ماڻهن کي مارڪٽ ڪري ۽ کين قتل ڪري بغاوت کي ٻنجو ڏنو. تخت حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ برونائيءَ جي سلطان، انگريز غنڊي جيمس بروڪ کي سڄي سراواڪ رياست ڏئي ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ برونائيءَ جي سلطنت ۾ برونائي، صباح ۽ سراواڪ رياستون آيون ٿي (صباح ۽ سراواڪ رياستون اڄڪلهه ملائيشيا جو حصو آهن ۽ ”ايسٽ ملائيشيا“ سڏجن ٿيون). جيمس بروڪ کي برونائيءَ جي ملئي سلطان طرفان نه فقط هيڏي ساري رياست عطا ڪئي وئي، پر هن کي ”راجا“ جو به خطاب ڏنو ويو. هو ۽ هن جا پويان ”راجا“.... بلڪه انگريز هجڻ ڪري ”سفيد راجا“ سڏبا هئا. سراواڪ تي سفيد راجائن (White Rajahs) جو راڄ 1841ع کان وٺي 1946ع تائين رهيو. اهو به لکندو هلان ته اڳتي هلي هنن سفيد راجائن انڊيا جي برطانيا راڄ جي حاڪمن سان ملي برونائي سلطانن سان اهڙيون تعديون ڪيون، جو هنن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. اهو ئي ڪم انگريزن توڙي ٻين يورپين، انڊيا، سري لنڪا، ملايا، انڊونيشيا، هانگ ڪانگ، چين ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ ڪيو.
سنڌ جي ترخان حاڪم جي سڏ تي ”پيڊرو باريتو“ نالي پورچوگالي ڪمانڊر 700 ماڻهن جو سپاهه 28 جهازن ۾ چاڙهي، انڊيا جي شهر وسائيءَ کان ٺٽي پهتو.... پر ان دوران مرزا محمد عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود ڪوڪا ارغوني منگول جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، ته عيسيٰ ترخان هيٺين سنڌ جو حاڪم ٿي رهندو، جنهن جو ٺٽو گاديءَ جو شهر رهندو ۽ سلطان محمود ڪوڪا اپر سنڌ جو حاڪم ٿيندو ۽ بکر (سکر) سندس گادي ٿيندي.
وسائيءَ کان جڏهن پورچوگالين جا جهاز ٺٽي يا ڀرواري بندرگاهه ديبل اچي لنگر انداز ٿيا ته ٺٽي جي گورنر هنن کي چيو ته پارٽين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي ۽ هاڻ لڙائيءَ جي ضرورت ناهي. وڌ ۾ وڌ توهان کي هتي پهچڻ ۽ موٽڻ جي سفر جو خرچ پکو ڏينداسين. ان ڳالهه پورچوگالين کي تپائي ڇڏيو ۽ پوءِ جيڪا هنن ٺٽي شهر جي غريب عوام جي مارا ماري ڪئي ۽ ٺٽي شهر جون عمارتون ٻاريون ساڙيون..... ان ظلم جي ڪري اهو سال 1555ع، سنڌ جي تاريخ ۾ ڪارو سال ٿو سڏجي ۽ پورچوگالين جي هن عام ڪوس کي ننديو وڃي ٿو، جنهن ۾ اٺ ڏينهن قتل عام هلندو رهيو ۽ 8000 کان مٿي مقامي سنڌي ذبح ڪيا ويا ۽ ڪيترا لولا لنگڙا ٿي پيا..... پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ان جي عوام سان ڇا ظلم ٿيندا رهيا آهن.... يعني هن ڌرتيءَ تي حڪومت ڪرڻ وارا به ڌاريا ڪٺور دل پئي آيا ته . وري انهن حاڪمن جي جهيڙن کي نبيرڻ لاءِ ٻيا وڏا ظالم پئي گهرايا، جن اچي مقامي آباديءَ کي نيست ونابود ٿي ڪيو.
ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيان ٿو ته ڇا اها انهن لڳاتارن خوفن جي سائڪي آهي، جيڪا اڄ به اسان جي ماڻهوءَ تي حاوي آهي؟! ۽ ڇا اهو حاڪماڻو ۽ انگريزن جي ڏينهن وارو بيورو ڪريٽن جو ڪلچر آهي، جنهن کي اڄ به اسان جو حاڪم، توڙي بيورو ڪريٽ فالو ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو.... انگريز، پورچوگالي، ارغون، افغاني، ابدالي، غزنوي وغيره ته هئا ڌارين ملڪن جا، پر اڄ اسان جي پنهنجي ديس جي حاڪمن، ڪامورن ۽ ڀوتارن جي ايڏي ڪٺور دل ڇو آهي، جو هنن کي پنهنجن جو ڪهڪاءُ ئي نٿو ٿئي؟!
ائين ناهي ته پورچوگالين ٺٽي تي اهو پهريون ۽ آخري حملو ڪيو. ننڍي ننڍي پئماني تي يورپين ۽ ٻين جون ڦرلٽون هلنديون پئي رهيون. جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته اسان وٽ ايشيا ۾ توڙي يورپ ۽ آفريڪا ۾، ڪم سڄو ڦرلٽ تي پئي هليو. طاقتور ڪمزور جو مال پئي ڦٻايو. مال غنيمت حاصل ڪرڻ لاءِ لڙائيون جوٽيون پئي ويون، ملڪ ۾ ڏڪاري حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڙي جي سلطنتن تي حملو ڪري حاصل ڪيل مال پنهنجي ملڪ آندو پئي ويو..... ويندي قزاقيءَ (سامونڊي ڌاڙن) ذريعي جهازن تي موجود مال پنهنجو ڪيو پئي ويو.
ٺٽي تي پورچوگالين جو هڪ اهڙو ئي حملو مشهور آهي، جيڪو 1568ع ۾ پورچوگالي ائڊمرل فرنائو مينڊيس پنٽو جي سربراهيءَ ۾ ٺٽي جي ڀرسان موجود بندرگاهه تي ڪيو ويو. اتي ان وقت ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه جا ڪجهه بحري جهاز لنگر انداز هئا. انهن کي پنهنجو ڪرڻ يا تباهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پورچوگالين ديبل بندرگاهه کي گهڻي انداز ۾ تباهه ڪري ڇڏيو. ان بعد ديبل ۽ ان جي آس پاس مغل سلطنت جا توبچي رکيا ويا، جيئن بندرگاهه حفاظت ۾ رهي ۽ پورچوگالي يا ڪا ٻي قوم حملو نه ڪري. ڳالهه ڇا هئي، جو اسان وٽ هند سنڌ جي گهڻي ڀاڱي حاڪمن، وزيرن ، مشيرن، درٻارين جو سڄو زور هوندو هو، عياش زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي حاڪم بادشاهه سلامت يا ان طرفان مقرر ڪيل گورنر/وزير جي تعريف ڪرڻ تي. هوڏانهن يورپين وٽ وقت جي ضرورت موجب هٿيار هئا، پاڻيءَ جا جهاز هئا. توڙي کڻي ان وقت پيٽرول ۽ انجڻ ايجاد نه ٿي هئي ــ اهي ئي اسان جهڙا چپوئن تي يا سڙهن تي هلندڙ جهاز هئا، پر يورپي انهن ڪاٺ جي ٻيڙن تي توبون ۽ بندوقون فِٽ ڪري داداگير بڻجي پئي هليا ۽ انهن جي ٺڪائن يا بارود جي سڙڻ اسان جي حاڪمن کي ڏڪائي پئي رکيو. اسانجي حاڪمن انهن يورپين کان ان قسم جي ٽيڪنالاجيءَ کي حاصل ڪرڻ (خريد ڪرڻ يا جاسوسن ذريعي چوري ڪري پاڻ ڪتب آڻڻ) نٿي چاهيو. هنن کي يورپي ولائتي شراب پئي مليو، بس ان ۾ خوش هئا ــ ان کان علاوه ناچ رنگ جي محفلن ۽ شعرو شاعريءَ ۾ اهڙا مشغول رهيا، جو هنن جو ٻين ڳالهين ڏي ڌيان ئي نٿي ويو. ڪنهن مڪاني نواب يا راجا سان لڙائيءَ جو امڪان پئي ٿيو ته هنن يڪدم يورپين کان مدد پئي گهري. جيئن عراق ڪويت تي حملو ڪيو ۽ ان تي سعودي عرب کي عراق مان خطرو ٿيو ته اجهو ٿو عراق سعودي عرب کي به پنهنجي قبضي ۾ ڪري، ته سعودي آمريڪا کي بچاءَ لاءِ ليلڙائڻ لڳو. آمريڪا پنهنجا فوجي ۽ مدي خارج راڪيٽ ميزائيل ساڙي في الحال عراق کي ”شٽ اپ“ ڪري ڇڏيو، پر سعودي عرب ڏي پنهنجي خرچ جو ايڏو وڏو چٺو موڪلي ڏنو، جو سعودي عرب وارا ان خرچ جون اڃان ويٺا قسطون ڀرين.
پونئين صفحن ۾ مون، پورچوگالي امير البحر فرنائون مينڊيس پنٽو جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن 1568ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ٺٽي جي بندرگاهه ديبل ۾ پنهنجو فليٽ آڻي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي بيٺل جهازن تي حملو ڪيو، ان جو مختصر احوال هتي لکندس، جيئن پڙهندڙن کي ان دؤر جي ڪجهه ڳالهين جي معلومات/Idea ٿئي ــ بقول اسانجي اديب دوست پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي اسان جي ملڪ جو، خاص ڪري سنڌ جو نوجوان، تاريخ کان ڏاڍو اڻ واقف آهي.
پندرهين صديءَ ۾ يورپي قومن جو آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن تي قبضو شروع ٿيو. هنن اسپين ۽ پورچوگال مان مسلمانن کي به ڀڄائي ڪڍيو. جن يورپ جي ان حصي تي 700 سالَ حڪومت ڪئي. جڏهن عربن اسپين تي قبضو ڪيو ته هو ڊسيپلينڊ هئا. عربن کي علم حاصل ڪرڻ جو ايڏو شوق هو، جو هنن يوناني ۽ رومن جا ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايا. اهي انگريزن، جرمنن، فرينچن، پورچوگالين ۽ ٻين يورپين کي ڪم آيا.... هنن عربن جي ميڊيسن، ائسٽارانامي، مئٿيمئٽڪس مان فائدو ورتو. پر پوءِ اهي عرب حاڪم اڳتي هلي اهڙا ته سست ۽ عياش ٿي ويا، جو پنهنجي بچاءَ لاءِ جهڙيون تهڙيون بندوقون ۽ بم باروڊ به ايجاد ڪري نه سگهيا ۽ هوڏانهن يورپي اهڙا تيز ٿي ويا جو آخر هنن کي ڀڄائي ڪڍيائون...... ”ٽَيم ٽَيم ڪي بات هي“. ساڳيو حال اسان جي ننڍي کنڊ جي حاڪمن جو هو. يورپي نه فقط بارود بندوقون ٺاهي ويا، پر اهڙا مضبوط جهاز ۽ نيويگيشن جي ڄاڻ حاصل ڪري ويا جو ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ وارو سمنڊ ڪراس ڪري انڊيا کان اچي نڪتا. پهرين پورچوگالي ۽ پوءِ سؤ کن سال رکي انگريز، ڊچ ۽ ٻيا يورپي، بابي جو مال سمجهي، ويا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪندا. اتان سون، چاندي، عاج، کلن، مصالحن سان جهاز ڀري، ويا پنهنجن ملڪن کي امير ڪندا. آمريڪا به انهن ئي ڏينهن ۾ لڌو ويو، جڏهن پورچوگال جو واسڪوڊاگاما پهريون دفعو سمنڊ جو رستو ڳولي انڊيا پهتو. يورپ جي ماڻهن کي هن ڦرلٽ مان مزو اچي ويو. هڪ طرف يورپ جي ملڪن جا بادشاهه ۽ راڻيون جهاز ٺهرائڻ ۽ ماڻهو موڪلڻ ۾ پئسو لڳائڻ لڳا، ته ٻي طرف عام بزنيس مين ايسٽ انڊيا جهڙيون ڪمپنيون ٺاهي، آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن مان مال ميڙڻ لڳا. پنهنجين حرفتن ۽ اٽڪلن سان مقامي راجائن، نوابن ۽ حاڪمن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڪمزور ڪري پوءِ انهن کي پنهنجو مطيع ٿي ڪيائون يا شرابخوريءَ جهڙين عادتن ۾ سندن دماغ ڦيرائي ٿي ڇڏيائون.
يورپ جي ملڪن ۾ جيڪو گهر کان رٺو ٿي، يا جنهن کان پڙهيو نٿي ٿيو، سو انڊيا ڏي ايندڙ ڪنهن جهاز ۾ چڙهي ٿي پيو ۽ انڊيا نه ته، رستي ۾ آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه تي، يا اڳتي سلون (سري لنڪا)، ملائيشيا، انڊونيشيا يا چين جي ڪنهن بندرگاهه تي لهي ٿي پيو. سواءِ سيام (ٿائلينڊ) جي، هر ملڪ يورپ جي ڪنهن ملڪ جي بيٺڪ هو. انگريزن جي ڪنهن بيٺڪ انڊيا، ملايا، برما ۾ ڪو فرينچ ڇوڪرو اچي ٿي ويو ته ان کي به ڪا نه ڪا نوڪري ملي ٿي وئي. ڪلارڪي نه ته بندوق کڻي هلي سپاهي ٿي..... انگريزن جي سوچ مطابق هو مقامي ماڻهن (جن کي هنن “Native” ۽ ”ديسي“ سڏيو ٿي) کان ته وري به وفادار رهندو.... ۽ جي هو انگريز آهي ته اهو ڪلارڪ کان ڪامورو، خلاصيءَ مان ڪئپٽن ۽ ائڊمرل چند سالن ۾ ٿي پئي ويو پئي . اها حقيقت هئي. انگلئنڊ جا ڪيترا نوجوان جي نه پڙهي سگهيا ۽ نه ڪا نوڪري ڪري سگهيا، اهي به بندرگاهه ۾ اچي، ڪنهن جهاز تي ’روم بئاء‘ جي حيثيت سان چڙهي پئي پيا، جن کي انڊيا يا ملايا تائين جي مفت سفر لاءِ سڄي واٽ جهاز جا تختا صاف ڪرڻا ٿي پيا، بورچيءَ جي مدد ڪرڻي ٿي پئي، ڀاڄيون ڪٽڻ ۽ ٿانوَ ڌوئڻ سان گڏ جهاز وارن لاءِ ماني پهچائڻي ٿي پئي. ڪڏهن ته اهي روم بئاء منزل اچڻ تي..... يعني ڪوچين، ڪولمبو، گوا اچڻ تي لهڻ بدران جهاز تي ئي نوڪري ڪندا پئي رهيا ۽ روم بئاء مان خلاصي، خلاصيءَ مان ڪئپٽن ۽ ڪئپٽن مان ائڊمرل ٿِي پئي ويا...... اها حقيقت آهي. اهڙا ڪيترائي روم بئاء جهاز تي رهي رهي جهاز هلائڻ ۽ جنگ ڪرڻ سکي ويا ۽ ائڊمرل ٿي ويا، جن مان هڪ ته ائڊمرل نيلسن آهي، جنهن جو مجسمو توهان کي لنڊن ۾ نظر اچي ٿو. ڪيترائي ته پڙهي لکي برطانيا راڄ جا اعليٰ عملدار ٿي ويا. ڪي ته ڪڏهن وڏا آفيسر ٿيا ته ڪڏهن مڪاني ماڻهن جي موچڙن ۾ مارجي به ويا، دشمن سان جنگ ۾ قيدي به ٿي ويا...... وغيره وغيره.
اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ هي پورچوگالي فرنائو مينڊاس پنٽو به آهي. جنهن جي زندگيءَ مان پڙهندڙن کي Idea ٿي سگهندو ته انهن ڏينهن ۾ حاڪم قوم جي ماڻهن جي، ڇا عياشي ۽ موج مزا هئا ۽ اسان جهڙن ملڪن جي ديسي (Native) ماڻهن جي ڇا غلاميءَ واري حالت هئي. پنٽو پورچوگاليءَ جي ڪهاڻي ان ڪري به چونڊي اٿم جو هو اسان وانگر جهازران هو ۽ ليکڪ به. هن جي پورچوگالي ٻوليءَ ۾ لکيل آتم ڪهاڻي ۽ سفرنامو “Peregrinacao” (جيڪو سندس مرڻ بعد 1614ع ۾ ڇپيو) جو هاڻ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ڇپيو آهي. سڀ کان پهرين هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ “Pilgrimage” جي نالي سان ڇپيو. انهن ڏينهن ۾ جهاز هلائڻ ڪو مسئلو نه هو جو ان وقت انجڻيون وغيره ايجاد نه ٿيون هيون. ڪاٺ جا ٻيڙا هوندا هئا، جيڪي ڪپڙي جي سڙهن تي پئي هليا.... يعني هوا جي زور تي، يا چپوئن ذريعي. اهو ڪم غلامن يا ديسي ماڻهن کان ورتو ويندو هيو. رستو ڳولڻ جا، يعني Navigational اوزار بنهه نه هئا. وڌ ۾ وڌ ناس جي دٻيءَ جيترا قطب نما هئا، جن مان اتر طرف جي خبر پوندي هُئي.... بس سڄو ڪم ڪجهه عقل تي ته ڪجهه تجربي ۽ ڌُڪن تي پئي هليو. رستي جي ڄاڻ سان گڏ هوا جي رخ جي معلومات تمام ضروري سمجهي ويندي هئي، جو جهاز ڪئپٽن جي مرضيءَ تي نه پر هوائن جي زور ۽ رخ مطابق پئي هليا. سمنڊ جي اونهائي يا سمنڊ اندر ڪا ٽڪري هئي، ته ان جي ڪا خبر نه ٿي پئي ۽ جهاز ان سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي ويا ۽ جهاز ۾ موجود ماڻهو ٻڏي پئي ويا يا بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڇولين جي زور تي ڪنهن ٻيٽ (جيڪڏهن ويجهو هوندو هو، ته) جي ڪناري تي اچي پئي سٽيا ــ يعني زندگي اڄ جي سامونڊي زندگيءَ کان تمام ڏکي هئي، پر جيڪي ڪامياب پئي ٿيا انهن پنهنجن ملڪن جي حاڪمن کان وڏا وڏا انعام اڪرام حاصل پئي ڪيا يا نون ڳوليل ٻيٽن جا مالڪ ٿي پئي ويٺا. ڪي ته اهڙن ٻيٽن تي به پئي پهتا جتي جا رهواسي اڻ سڌريل ۽ آدم خور هئا، جن هنن گورن يورپين کي ڪچو يا ٽاڊن تي پچائي کائي پئي ڇڏيو. بهرحال هن پنٽو پورچوگاليءَ جي ڪهاڻيءَ کي ان ڪري چونڊيو اٿم جو هن جو به نه فقط مون وانگر جهازرانيءَ ۽ لکڻ سان تعلق هو، پر مڪلي ۽ ملاڪا سان به تعلق هو. منهنجي والد گل محمد شيخ جي ٺٽي ۾ نوڪري (ڊپٽي ڪمشنري) هجڻ ڪري، منهنجو مڪليءَ تي رهڻ ٿيو. ساڳي وقت ٺٽي جهڙي، ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ منهنجي نوڪري هجڻ ڪري اتي به ڪافي سال رهائش ٿي. ٺٽي جي بندرگاهه ديبل ۾ انگريزن، عربن، ترڪن ۽ چينين جا جهاز ايندا رهندا هُئا. ٺٽي جي بندرگاهه تي حملو ڪرڻ کان اڳ هن جهازران فرنائو پنٽو جو ديبل ۾ ٽريڊنگ لاءِ جهاز وٺي اچڻ ٿيندو رهيو هو. هي يورپي جهازران ڪڏهن جاوا، سماترا ملاڪا، سلون ۽ انڊيا کان مصالحن ۽ ٻين سامانن سان جهاز ڀري پنهنجي ملڪ انگلئنڊ، پورچوگال، هالينڊ، فرانس وغيره هليا ٿي ويا ته ڪڏهن ننڍن جهازن ۾ اوڀر کان يا اولهه کان سامان کڻي ٺٽي، ڪولمبو يا ملاڪا پئي پهتا ٿي، جتي ٻين جهازرانن ۽ واپارين سان سامان جي ڏي وٺ پئي ٿي. ڪيترن جهازن جا ناکئا پاڻ ئي نيويگيٽر هئا ته پاڻ ئي جهازن جا مالڪ، ته پاڻ ئي واپاري ــ يعني هو ”ٿري ان ون“ هئا. جن لاءِ شاهه لطيف ”وڻجارو“ لفظ استعمال ڪيو آهي. بهرحال فرنائو پنٽوءَ پورچوگال راڄ ۾ نه فقط گوا، مالوڪو ٻيٽن تي پر ملاڪا ۾ به نوڪري ڪئي. جيئن انگريز سرفريئر بارٽل سنڌ جو 1851ع کان 1859ع تائين ڪمشنر ٿي رهيو ته 1862ع کان 1867ع تائين بمبئي (ممبئي) جو گورنر ۽ ان بعد 1877ع کان 1880ع تائين سائوٿ آفريڪا جو هاءِ ڪمشنر ٿي رهيو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي انگريز ۽ پورچوگالي جتي انڊيا ۾ رهيا، اتي ملايا (ملائيشيا) ۽ ٻين ملڪن ۾ به رهيا. ملايا ۾ پورچوگالين جو راڄ رهيو. انڊيا جي هڪ حصي گوا ۾ پورچوگالين جو راڄ رهيو، باقي حصن ۾ انگريزن جو. ملاڪا ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ انهن نالن جا روڊ، پليون ۽ مارڪيٽون ڏسي حيرت ٿيندي آهي، جيڪي انڊيا، هانگ ڪانگ ۽ مڪائو ۾ نظر اچن ٿا.... ويندي اسانجي ملڪ ۾ به. ملاڪا ۾ رهڻ ۽ تاريخ جو مطالعو ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته پورچوگالي پنٽو ملاڪا ۾ به رهيو. سندس ڀاءُ ته پورچوگالين جي ملاڪا جي ملئي ماڻهن سان پهرين جنگ ۾ مارجي ويو هو. ملاڪا ۾ رهڻ دوران اتي جي سٽي لئبرريءَ ۾ مونکي ڪيترن ئي پورچوگالي ليکڪن جا لکيل ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل نظر آيا، جن ۾ فرنائو پنٽو جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين جي ڪتاب “Pilgrimage” جا ڪجهه حصا پڙهڻ لاءِ مليا. ملاڪا ۾ ته شهر جي هڪ حصي ۾ اڄ به پورچوگالي ڪلچر ۽ ان وقت جي پورچوگالي ڳالهائڻ وارا نظر اچن ٿا.
ديبل تي سورهين صديءَ ۾ حملو ڪرڻ وارو پورچوگالي ڪمانڊر فرنائو پنٽو پنهنجي آتم ڪٿا “Pilgrimage” ۾ لکي ٿو ته هن 1509ع ۾ پورچوگال جي هڪ غريب ڳوٺاڻي جي گهر۾ جنم ورتو. کيس ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀيڻيون هيون، جن مان هڪ ڀاءُ الوارو (Alvaro) ملاڪا ۾ ڪافي سال رهيو، جنهن جي ثابتي هن جي 1551ع ۾ ملاڪا مان لکيل خطن مان ملي ٿي. جتي 1557ع ۾ سندس موت ٿيو.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي لکندو هلان ته ملاڪا جيڪو اڄ ڪلهه ملائيشيا جي هڪ رياست ۽ ان جي گاديءَ واري شهر جو نالو آهي، پنڌرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ ٺٽي وانگر تاريخي شهر هو ۽ سڄي ملئي سلطنت جي گاديءَ وارو شهر ۽ مصروف بندرگاهه هو، جتان چين، انڊيا، عربستان ۽ آفريڪا ڏي ايندڙ ويندڙ جهازن جو لنگهه ٿيندو هو. ٺٽي وانگر ملاڪا به ان وقت جي دنيا ۾ تجارت ۽ خوشحاليءَ سبب مشهور شهر هو. اڄ جي گاديءَ واري شهر ڪئالالمپور ۽ پينانگ جهڙن ماڊرن شهرن جو ان وقت نه وجود هو ۽ نه ڪنهن جي خواب خيال ۾ هئا. اهي شهر ته پورچوگالين جي ملاڪا ۾ 130 سال حڪومت (1511ع کان 1641ع) بعد ۽ ڊچن جي 183 سال حڪومت (1641ع کان 1824ع) بعد، جڏهن انگريزن جي ملاڪا سلطنت تي حڪومت ٿي..... ته انهن ڏينهن ۾ ڪئالالمپور، پينانگ ۽ سنگاپور جهڙن شهرن جنم ورتو. اسپين ۽ پورچوگال جڏهن عرب مسلمانن مان جان ڇڏائي ۽ جهاز ۽ بندوقون بارود ٺاهڻ ۾ قابل ٿيا، ته هنن هاڻ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪمزور ملڪن تي قبضو ڪري، انهن کان مال ملڪيت ڦري، پنهنجن ملڪن ۾ خوشحالي آڻڻ چاهي. هنن کي ٺٽي جي ديبل يا ملبار ڪناري جي ڪوچين يا ملاڪا سلطنت جي بندرگاهه ملاڪا جي سونهن ۽ خوشحاليءَ جون خبرون ته پيون پئي، جو خشڪيءَ رستي ايندڙ ويندڙ مسافرن ان جو ذڪر ڪيو پئي.... خاص ڪري مارڪو پولو (1324ع-1254ع) ۽ ابن بطوطه (1369ع-1304ع) جي سفرنامن مان.... پر کين يورپ کان انڊيا يا ملاڪا تائين، سامونڊي رستي جي خبر نه ٿي پئي. ان معاملي ۾ پورچوگال وارا خوش نصيب چئبا، جن جو جهازران وسڪوڊاگاما 1498ع ۾ نه فقط ڏکڻ آفريڪا جو هيٺيون سمنڊ ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ ٽپي ويو، پر ڪوچين (انڊيا جي بندرگاهه) تائين پهچڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو ۽ هنن (پورچوگالين) بندوق ۽ بارود جي زور تي گوا تي قبضو ڪري ورتو.
پورچوگال جي بادشاهه مئنيوئل پهرين (1521ع-1469ع) جنهن جي حڪومت 1495ع کان 1521ع تائين هلي، ملائڪا جي خوشحاليءَ جو ٻڌي پنهنجن سفارتڪارن کي 1509ع ۾ ملاڪا موڪليو. ملاڪا جي سلطان محمود پهرين ته هنن کي عزتون ڏنيون پر پوءِ سگهو ئي هنن جي نيتن ۾ خلل ڏسي ورتو.... ويتر ملاڪا نديءَ جي ڪناري تي رهندڙ انڊيا جي گجراتي واپارين سلطان کي خبردار ڪيو ته انهن گورن کان بچي رهجانءِ جو انهن انڊيا اچي، اُتي به پهرين مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، پوءِ واپار جو بهانو ڪري، سڄي گوا رياست تي قبضو ڪيو. ان تي ملاڪا سلطنت جي سلطان هنن پورچوگالين کي ڀڄائي ڪڍيو. ان تي پورچوگال جي بادشاهه مئنيوئل پهرين ملاڪا سلطنت تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حڪم جي پوئواري ڪرڻ لاءِ 1511ع ۾ افونسو ڊي البقريق نالي پورچوگالي نيول ڪمانڊر سترهن يا ارڙهن جهازن ۾ 1200 کن سپاهي گوا مان کڻي ملاڪا پهتو. انهن ۾ سڀ پورچوگالي نه هئا. آفيسر ۽ جهازران کڻي اهي هئا، باقي خلاصي ۽ سپاهي مڪاني ملباري، گواني ۾ ٺٽي جا سنڌي هُئا. جن پورچوگالين وٽ ڪم پئي ڪيو. جيئن ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ انگريزن جي مدد لاءِ سک گورکن سان گڏ پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه جا مسلمان به هئا. 40 ڏينهن ويڙهه هلندي رهي. اسانجي مسلمان حاڪمن وانگر ملئي سلطانن وٽ به پنهنجي بچاءَ لاءِ يا ٻئي سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪو خاص بندوبست نه هو. کين شڪست آئي. ملاڪا سلطنت تي پورچوگالين جو قبضو ٿي ويو ۽ ملاڪا جو سلطان (بادشاهه) محمود ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. پوءِ پورچوگالين ٺاهي ٺوڪي هن ريجن تي حڪومت ڪئي، جيڪو ملايا سڏيو ٿي ويو ۽ هاڻ اهو ملايا مغربي ملائيشيا آهي. ملاڪا بندرگاهه جنهن سنهي ڳچي سمنڊ Malacca Straits ۾ آهي، اهو ڳچي سمنڊ، هندي وڏي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ کي ڳنڍي ٿو. چين ۽ جپان ڏي ويندڙ جهاز ۽ عربستان، انڊيا، آفريڪا ڏي موٽندڙ جهاز، هن سنهي سامونڊي درياهه (ڳچي سمنڊ) مان لنگهن ٿا. جن تي هاڻ سڄو ڪنٽرول پورچوگالين جي ٿي ويو. افونسو (Afonso de Albuquerque) (1453ع ـــ 1515ع) جيڪو پوءِ انڊيا جو گورنر ۽ گوا جو ڊيوڪ ٿيو، ڪجهه مهينا ملاڪا ۾ رهي ملاڪا ۾ پورچوگالين جي حفاظت لاءِ هڪ قلعو ٺهرايو، جيئن ملاڪا جا ملئي يا ڀروارن ٻيٽن ۽ رياستن جا مسلمان حاڪم حملو ڪن ته سندس ماڻهن جو بچاءُ رهي سگهي. بعد ۾ ڊچن، انگريزن، سيمين (ٿائي حاڪمن) ۽ ٻين جي حملن ۽ بدلجندڙ موسمن ۾، 500 سال پراڻو هي قلعو ته ڊهي ويو، پر اڄ به هن جي هڪ ڀت ۽ دروازو ٽوئرسٽن جي ڏسڻ لاءِ اصلي حالت ۾ رکيو ويو آهي. ملاڪا شهر ۾ جتي ڊچن ۽ انگريزن جي دور جون ڳاڙهي رنگ جون عمارتون آهن، اتي ئي هن قلعي جو بچيل حصو آهي. ڌارين ملڪن جا سياح ملاڪا ۾ پورچوگالين جو اهو علائقو “Portuguese Settlement” پڻ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا، جنهن جون گهٽيون، گهر، دڪان، ريسٽورنٽون، لسبن (پورچوگال) جو ڏيکُ ڏين ٿيون ۽ اُتي رهندڙ ملئين ۽ پورچوگيزن جو مڪس اولاد اڄ به ان دور (سورهين صديءَ) واري پوچوگالي ٻولي ڳالهائي ٿو.
پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو لکندو هلان ته اسان وٽ ننڍي کنڊ توڙي هيڏانهن ملائيشيا ڏي، عربن، افريڪين، چينين، گجراتين، بنگالين جي اچ وڃ ته لڳي پئي هئي، پر يورپ جا پهريان گورا پورچوگالي هئا، جيڪي اسان ڏي (يعني ايشيا جي ملڪن ۾) آيا ــ انگريز وغيره گهٽ ۾ گهٽ سؤ سالن بعد آيا. جيئن اڄ ڪلهه اسان ڪو به گورو ڏسون ٿا ته يڪدم چئون ٿا ته اسان هڪ انگريز کي ڏٺو. اهڙيءَ طرح اسان وٽ ٺٽي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ سالن تائين پورچوگالين کان علاوه ڪو ٻيو يورپي نظر ايندو هو ته ديبل ۽ ٺٽي جا ماڻهو هن کي به پورچوگالي سمجهندا هئا. مغل بادشاهه بابر جڏهن 1526ع ۾ انڊيا جي حڪومت جو واڳون سنڀاليون ته هن گوا، سورت ۽ ملبار ڪناري جي شهرن ۾ گورن کي ڏسي، سندن باري ۾ پڇيو، جنهن تي هن کي ٻڌايو ويو ته هي پورچوگالي آهن ۽ پاءُ صديءَ (25 سالن) کان هتي آهن. ديبل بندرگاهن ۾ پورچوگالي جهازرانن ۽ واپارين جي اچڻ ڪري مڪاني سنڌي واپاري ۽ پورهيت ڀڳل سڳل پورچوگالي ڳالهائڻ لڳا هئا، جيئن پورچوگالين سان ڪاروبار هلائي سگهن. مونکي ياد آهي سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون جهاز هلائڻ شروع ڪيا ۽ اسانجو جهاز مختلف ملڪن مان سفر ڪري ڪراچي بندرگاهه پهچندو هو ته هر جهاز وانگر اسانجي جهاز اڳيان به مڪراني ۽ ڪڇي پنهنجيون گهوڙا گاڏيون ڪاهي اچي بيهندا هئا. جيئن شام جو موڪل مهل اسان کي ڪياماڙي، بولٽن مارڪيٽ يا صدر شاپنگ لاءِ وٺي هلن. آئون ڏسندو هوس، هو اسان جونئرن کي لفٽ ئي نه ڪرائيندا هئا، پر جيئن ئي اسانجا گورا آفيسر جهاز جي ڏاڪڻ تان لهندا هئا ته هي مڪراني ۽ ڪڇي بگين وارا کين ورائي ويندا هئا ۽ ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ هنن کي پنهنجين گهوڙا گاڏين ۾ ويهڻ لاءِ زور ڀريندا هئا. ان وقت جي گورن جهازرانن ۽ ڪڇين جا ڳالهايل جملا هن وقت به ڪنن ۾ ٻري رهيا آهن. گورا ٽانگي وارن کان پڇندا هئا:
”واٽ مني ڪياماڙي گوز؟“.
ٽانگي وارا جواب ڏيندا هئا: ”سر! ٽُو آنا ڪَمس، ٽو آنا گوز“.
گورا جهازران نه فقط وڏو ڀاڙو ڏيندا هين پر ٽِپ به. ان ڪري هو اسان جهڙن پنهنجن ماڻهن کي پڇندا ئي ڪو نه هئا. اسان پنڌ ڪري بندرگاهه مان ٻاهر نڪري ڪنهن اڻ سينگاريل بگيءَ ۾ ويهي ڪياماڙيءَ جي نگينا سئنيما ۾ فلم ڏسڻ ۽ پٺاڻ جي هوٽل تي ڪڙهائي کائڻ ايندا هئاسين. ڳالهه اها آهي ته پورچوگالي کڻي ڌاريا ۽ غير مذهب جا هئا، پر ان وقت جا اسانجي ٺٽي، ديبل جا هندو توڙي مسلمان واپاري ۽ انهن ڪاٺ جي جهازن کي تيل جو مک ڏيڻ وارا، ڪلا ۽ ڪوڪا ٺوڪڻ وارا، ڦاٽل سڙهن کي سبڻ وارا يا سڙهن تي لٿل ’سي گل‘ پکين جو وٺيون ڌوئڻ وارا ڪمي ڪاسبي، هنن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ هنن جي اڳيان پويان ڦرندا هُئا ۽ هنن سان پورچوگالي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ــ جيئن اڄ ڪلهه وچ ايشيا جي ملڪن کان ايندڙ ٽوئرسٽن سان صدر جا عاج، پٿر ۽ ٽامي جي سووينئرن وارا ۽ غاليچن جا دڪاندار روسي، ترڪمنستاني ۽ ازبڪي ٻولين ۾ ڳالهائين ٿا.
ان وقت جي پورچوگالين ٺٽي ۽ انڊيا جي شهرن ۾ جتي عيسائيت جي تبليغ ڪئي اتي پنهنجي ڌرم جا عبادت گهر به ٺاهيا. پورچوگالي ان کي گرجا سڏيندا هئا ۽ پنهنجي پنڊت کي پادري سڏيندا هئا.... ڏسو اڄ تائين اسان وٽ سنڌ ۾ توڙي ايشيا ۾ ملئي زبان مان گرجا ۽ پادري اچي ويا آهن. جتيوڻيڪ بعد ۽ انگريز آيا ۽ اهي گرجا کي چرچ سڏيندا هئا ۽ پادريءَ کي پريسٽ.... پر اهي لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ نه آيا ــ اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن تعليمي ادارا کوليا ۽ انگريزيءَ جا لفظ اسان جي سنڌي، اڙدو، بنگالي، تامل ۽ ملائيشيا جي ملئيءَ ۾ تمام گهڻا اچي ويا. پورچوگاليءَ جا به ڪافي لفظ اسان جي ۽ ملئي ٻوليءَ ۾ عام آهن.... پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اسانکي ڄاڻ ناهي ته اهي پورچوگالي لفظ آهن...... جيئن هي ڪجهه ملئي لفظ اصل ۾ پورچوگالي ٻولين جا آهن، جن مان ڪجهه ته اسان وٽ به استعمال ٿين ٿا. جيئن ته: الماري (ڪٻٽ)، بالدي (باردي)، بولا (بال)، ڪيريٽا (ڪار)، ليلانگ (نيلام)، ٽئالا (ٽئال)، ٽانڪي (حوض)، سپاتو (چئمپل)، روڊا (ڦيٿو)، ڦيتا (ڦيٿ، ٽيپ)، ناناس (انناس)، منگو (هفتو)، ليمائو (ليمون)، بومبا (فائربرگيڊ)، گارپو (ڪانٽوڇري) وغيره.... سڀ پورچوگالي لفظ آهن، جيڪي ان وقت کان ملئي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ملائيشن کي به خبر ناهي ته اهي در اصل پورچوگالي لفظ آهن. جيڪي 1511ع کان پوءِ سندن ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن. اهڙي طرح ڪيترائي اسان جا سنڌي لفظ دراصل پورچوگالي آهن، جنهن بابت تفصيل سان پنهنجي سفرنامي”برونائي کان برازيل“ ۾ لکي چڪو آهيان. برازيل دنيا جو اهو ملڪ آهي جتي پورچوگالي ڳالهائي وڃي ٿي.
پاڻ پورچوگالي پنٽوءَ جي ڪهاڻيءَ تي اچون، جنهن جي سربراهيءَ ۾ پورچوگالي جهازن ديبل بندرگاهه ۾ لنگرانداز ٿيل، سلطنت عثمانيه جي جهازن تي حملو ڪيو ۽ ويندي ويندي بندرگاهه کي به نقصان پهچايو. پنٽو 1509ع ۾ هڪ بيحد غريب ڳوٺاڻي جي گهر ۾ ڄائو. سندس مستقبل بهتر بنائڻ جي خيال کان سندس هڪ چاچو 1521ع ۾ کيسن پورچوگال جي گاديءَ واري شهر لسبن (Lisbon) ۾ وٺي آيو. اتي هن کي هڪ شاهي خاندان جي هڪ اميرزاديءَ جي گهر ۾ ڇنڊ ڦوڪ جو ڪم ملي ويو. هي اهو دور هو جو پورچوگال جهازرانيءَ ۽ جهاز سازيءَ ۾ دنيا ۾ مشهور هو. نوان نوان جهاز پئي ٺهيا ۽ پنهنجن ۽ ڀروارن يورپي ملڪن، اسپين، اٽلي، فرانس وغيره جي ناکئن کي وڏن پگهارن تي يا ٺيڪي تي آفريڪا، ايشيا ۽ آمريڪا پئي موڪليو ويو. ناکئن (Navigators) کان علاوه جهازن تي مختلف ڪم ڪندڙ واڍن، بورچين، رساڇڪڻ وارن ۽ سڙهه سبڻ ۽ سڌا ڪرڻ وارن جي، هڪ طرف کوٽ لڳي پئي هئي، ته ٻئي طرف بي هنر ۽ اڻ پڙهيل ڇوڪرن جي به ضرورت پئجندي پئي رهي، جن جو ڪم صفائي ڪرڻ، پاڻيءَ جا پمپ ڌمڻ ۽ خلاصين کي ماني کارائڻ هيو. انهن ڏينهن ۾ نه سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ جون مشينيون هيون نه اليڪٽرسٽي ۽ پمپ، جيڪي سمنڊ مان کارو پاڻي يا جهاز جي هيٺين ٽئنڪ مان پاڻي ڇڪي مٿي اوور هيڊ ٽئنڪن ۾ پهچائين ۽ جن مان Gravity ذريعي خلاصين ۽ ناکئن جي استعمال لاءِ نلڪن مان نڪري. جهاز تي کنيل ”شپ بئاء“ بالٽين ذريعي پاڻي مٿي کڻي ويندا هئا. يا هئنڊ پمپ ذريعي سمنڊ جو پاڻي ڇڪي مٿي پهچايو ٿي ويو. جيڪو کارو پاڻي هار وير ۽ وهنجڻ لاءِ ڪم ٿي آيو. ڪناري جي بيروزگاريءَ کان جهاز جي نوڪريءَ ۾ سٺو پگهار هو، دنيا گهمڻ جو ائڊوينچر به هو. آفريڪا ۽ ايشيا جا سڀ ملڪ گورن جي هٿ ۾ هئا. ڪو بيروزگار، ڪنگلو، جاهل به انڊيا، ملايا، سري لنڪا، موزمبق وغيره پهتو ٿي، ته اتي جي نوابن، راجائن، سلطانن به هن جي اڳيان جهڪي جهڪي، کين سر سر چئي پئي سڏيو. ڇا ته شان هئا گورن جا! هر گورو اسانجي ماڻهوءَ لاءِ پير مرشد هو. اهو ئي سبب هو جو اهڙي عياشيءَ لاءِ هر يورپيءَ (جيڪو پنهنجي گهر ۾ ڏکيو هو) ايشيا يا آفريڪا جو رخ رکيو ٿي. پورچوگالي پنٽو ڇوڪرو به لسبن ۾ اميرزاديءَ جي گهر ۾ 18 مهينا کن ڪم ڪرڻ بعد نوڪري ڇڏي، سڌو بندرگاهه ۾ هليو آيو. هڪ مال بردار جهاز لنگر کڻي رهيو هو. هنن کي خود ڪم وارن ڇوڪرن جي ضرورت هئي، سو هنن پنٽوءَ کي ڏاڪڻ چڙهڻ لاءِ چيو ۽ جهاز روانو ٿيو. اهو اڃان اوسي پاسي جي سمنڊ ۾ ئي هو ته ٽئين ڏينهن فرينچ قزاقن جهاز تي قبضو ڪري جهاز تي موجود ماڻهن کي ڪناري ويجهو ڦٽو ڪري ڇڏيو. پنٽو پنڌ ڪري ويجهي شهر ۾ پهتو، جيڪو سندس ئي ملڪ جو سيتوبل شهر هو. اتي چار سال مختلف نوڪريون ڪرڻ بعد هن کي پورچوگال جي بادشاهه (جان ٻئي) جي هڪ ويجهي مائٽ وٽ نوڪري ملي وئي. پنٽوءَ اتي ڪجهه سال نوڪري ڪئي. جيتوڻيڪ هُو اتي بيحد خوش هو پر هن حساب لڳايو ته ان نوڪريءَ ۾ ڪو وڌڻ ويجهڻ ناهي. اهو سوچي هن اها نوڪري به ڇڏي ڏني. هن هڪ دفعو وري جهاز جي نوڪري اختياري ڪري انڊيا وڃڻ ٿي چاهيو. سو هن هڪ دفعو وري بندرگاهه جو رخ ڪيو ۽ آرماداس (Portuguese India Armadas) جي نوڪري حاصل ڪئي. ان وقت هن جي عمر 28 سال هئي. ”آرماداس“ لفظ ”آرمادا“ جو جمع آهي. آرمادا (Armada) پورچوگالي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”جهازن جو فليٽ“ آهي ــ يعني ”فلو ٽيلا“ يا ”جهڳٽو“. پورچوگالين جي ملائيشيا ۾ 130 سال حڪومت هجڻ ڪري ٻين لفظن سان گڏ هي لفظ ”آرمادا“ به ملئي ۽ انڊونيشي ٻولين ۾ اچي ويو آهي.
ڪاٺ ۽ سڙهن تي هلندڙ هي جهاز پورچوگال جي بندرگاهن کان ٽولن ۾ مختلف ملڪن ڏي روانا ٿيندا هئا. هر سال جهازن جو هڪ ٽولو انڊيا به ويو ٿي ۽ انڊيا ويندڙ جهازن جو هي ٽولو ”پورچوگيز انڊيا آرماداس“يا ٺلهو ”آرماداس“ سڏبو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪَل تي هلندڙ جهاز ته هئا ئي ڪو نه. ٻاڦ تي، ۽ بعد ۾ ڊيزل انجڻ تي هلندڙ جهاز ته گهڻو گهڻو پوءِ ايجاد ٿيا. انهن ڏينهن ۾ ڪپڙي جي سڙهن وارا جهاز هئا، جيڪي هوا جي زور تي هليا ٿي. ايتريقدر جو سمنڊ تي جي ڪنهن ڏينهن هوا بند پئي ٿي وئي ته جهاز هڪ ئي هنڌ بيٺو ٿي رهيو..... ماڳهين، جيڪڏهن سامهون جون ڇوليون هونديون هيو ته جهاز پٺتي ڌڪجي ويندو هو. ان دور ۾ نه رڳو منزل جو رستو ڄاڻڻ ضروري هو، پر ان منزل تائين رستي تي لڳندڙ هوائن جي رخ جي ڄاڻ به ضروري هئي. پهريون يورپي، پورچوگال جو، واسڪو ڊاگاماهو، جنهن انڊيا پهچڻ جو رستو ڳولي ورتو، ۽ جيسين ٻين يورپين کي خبر پوي، پورچوگالي سؤ سال کين اڪيلي سر ان جو فائدو وٺندا رهيا ۽ انڊيا ۽ انڊونيشيا جي مصالحن ۽ ٻئي مال مان خوب ڪمايائون.
واسڪو ڊاگاما به پهريون دفعو جڏهن هي ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ ڪراس ڪيو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ته وڏي مشڪل آسان ٿي وئي.... اهو سمنڊ ٽپڻ بعد، هو سمجهي ويو ته انڊيا سامهون آهي، يعني اتر اوڀر ڏي آهي، پر هو پهريون دفعو اڪيلي سر وڃي نٿي سگهيو، جو هو هوائن جي رخ کان اڻ ڄاڻ هو. پوءِ هن آفريڪا جو ڪنارو وٺي ممباسا ۽ ميلندي بندرگاهن ۾ اچي لنگر ڪيرايو. هو ڪنهن اهڙي سونهين جي ڳولا ۾ هو، جيڪو هن جي انڊيا پهچڻ ۾ رهنمائي ڪري. آخر هڪ همراهه (ڪن جو چوڻ آهي ته اهو گجراتي هو) واسڪو جو ساٿ ڏنو ۽ کين ڪجهه عرصي لاءِ ترسائي رکيو. پوءِ جڏهن چؤماسي (Monsoon) جون هوائون، جهازن کي انڊيا طرف ڌڪي وٺي هلڻ لاءِ، لڳڻ شروع ٿيون، ته هو واسڪو جي جهازن کي ڪو چين وٺي آيو.
هي چؤماسي جون هوائون به خوب آهن، جيڪي اونهاري ۾ ڏکڻ اولهه کان لڳن ٿيون، وري سياري ۾ اهي يڪدم ابتيون ٿيو وڃن ۽ اتر اوڀر کان لڳڻ شروع ٿين ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته قدرت طرفان هي نظام نه هجي ها، هي هوائون فقط هڪ طرف لڳنديون رهن ها، يا سري کان هجڻ ئي نه ها ته اسان جو عرب، آفريڪا، سلون، جاوا، سماترا، ملايا يا ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ئي نه ٿئي ها. انجڻ وارا جهاز ته هاڻ ڏيڍ صديءَ کان شروع ٿيا آهن، نه ته سڪندر اعظم جي ڏينهن کان وٺي سڄي دنيا ۾ سڙهن وارا، هوا جي رخ تي هلندڙ جهاز هئا.
سياري جون هوائون لڳڻ سان جهاز عرب ملڪن هيٺ ڏکڻ ڏي ديبل (ٺٽي) ۽ اڃان به هيٺ، لنڪا تائين پهتا ٿي ۽ پوءِ اتي پهچي ، ڪاروبار ڪري، واپس موٽڻ لاءِ چؤماسي هوائن جي رخ ابتي ٿيڻ جو انتظار ٿي ڪيائون. هوائن جي لڳڻ سان هنن لنگر کنيان ٿي ۽ وطن موٽڻ شروع ٿي ڪيو. ان ڪم ۾، ڪنهن مهينو ٻه به دير ٿي ڪئي، ته هو چؤماسي جي هوائن مان فائدو وٺڻ جهڙو نه ٿي رهيو ۽ هن کي وري يڪو سال انتظار ڪرڻو ٿي پيو.
اهڙيءَ طرح پورچوگالين جا جهاز به هر سال پنهنجي بندرگاهه مان اهڙن ڏينهن ۾ لنگر کڻندا هئا، جيئن مئي جون ڌاري ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ ڪراس ڪري سگهن ۽ اتر اوڀر ڏي لڳندڙ چؤماسي جي هوائن جي زور تي ڪوچين، گوا، ٺٽي ڪراچيءَ پهچي وڃن. گوا وغيره مان وري آڪٽوبر نومبرڌاري نڪرندا هئا، جيئن سياري جون چؤماسي جون هوائون سندن جهازن کي ڏکڻ آفريڪا ڏي ڇڪي اچن ۽ پوءِ اتان ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ جو سمنڊ ٽپي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پهچي، اتي لڳندڙ ٽريڊونڊس (Trade Winds) جو فائدو وٺي، مٿي پورچوگال ۽ انگلئنڊ پهچي وڃن. جنهن نموني سان هندي وڏي سمنڊ ۾ ان وقت جي سڙهن وارن جهازن جو هلڻ چؤماسي (Monsoon) وارين هوائن مطابق ٿيو ٿي، تيئن ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ لڳندڙ هوائون هيون، جيڪي “Trade Winds” سڏجن ٿيون ۽ جيڪي جهازن کي اڳتي هلڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، جن جي آڌار يورپ ۽ مغربي آفريڪا جو واپار (Trade) هليو ٿي. ان ڪري انهن هوائن جو نالو ”ٽريڊ ونڊس“ پيو. توهان کي حيرت ٿيندي ته اسان وٽ لڳندڙ هوائون.... يعني هندي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ لڳندڙ هوائون، جن کي اسان چؤماسي جون هوائون سڏيون ٿا، انهن جو انگريزي نالو “Monsoon” در اصل پورچوگالي لفظ “Moncao” تان ورتل آهي. پورچوگالين کانپوءِ انڊيا، سريلنڪا ۽ ملايا (ملائيشيا) ۾ ڊچ آيا، اهي پڻ هنن هوائن کي “Monsun” سڏيندا هئا، جن کان پوءِ انگريز ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ جو سمنڊ ڪراس ڪري انڊيا پهتا ۽ اهي هنن هوائن کي “Monsoon” سڏڻ لڳا. ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته جيئن ته عرب جهازران هندي سمنڊ ۾ پورچوگالين ۽ انگريزن کان به ڪَئين صديون اڳ جهاز هلائي رهيا هئا، انهن جي لفظ ’موسم‘ مان هنن يورپين ’مون سون‘ لفظ ٺاهيو.
پاڻ پورچوگالي جهازران فرنائو پنٽوءَ جي ڳالهه پئي ڪئي، جنهن ٺٽي جي ديبل بندرگاهه ۾ ترڪيءَ جي عثمانيا سلطنت جي لنگر انداز ٿيل جهازن تي 1568ع ۾ حملو ڪيو، جنهن ان وقت جي انهن ڳالهين، ۽ پنهنجي سامونڊي سفرن جو احوال، پنهنجي مادري ٻولي پورچوگاليءَ ۾ “Peregrinacao” نالي ڪتاب ۾ لکيو. جنهن جي انگريزي ترجمي واري ڪتاب جو نالو “Pilgrimage” آهي.
فرنائو پنٽوءَ پورچوگال کان انڊيا ويندڙ جهازن “Armadas” تي ڪافي سال نوڪري ڪئي. سڙهن جي زور تي هلندڙ هي ڪاٺ جا جهاز مال بردار هجڻ سان گڏ، فوجي نوعيت جا پڻ هئا. يعني انهن تي بندوقون ۽ بارود اڇلائڻ لاءِ لوهي غليلون لڳل هيون. جيئن رستي تي يورپ يا آفريڪا، ايشيا جي نيوي، يا وري ڪي چور، ڌاڙيل، قزاق، وچ سمنڊ ۾ حملو ڪن ته انهن جو مقابلو ڪري سگهجي.
پورچوگال حڪومت جا انڊيا ڏانهن ويندڙ هي جهاز (فليٽ يعني Armadas) پورچوگال جي بندرگاهه لسبن، اويئرو (Aveiro)، Setubal (جيڪو عربن جي ڏينهن ۾ شطوبر سڏبو هو)، يا Algarve (الغرب) علائقي جي بندرگاهه eixoes Portor مان انڊيا لاءِ نڪرندا هئا. اهي پهرين انڊيا جي بندرگاهه ڪو چين ۾ يا گوا ۾ اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. انهن بندرگاهن ۾ سامان لاهي پوءِ بحراحمر (Red Sea) ۽ ايراني ناز جي بندرگاهن ڏي، يا وري جاوا، سماترا، سيام (ٿائلئنڊ) ۽ چين ڏي هليا ويندا هئا. يورپ کان آندل سامان اتي لاهي، پوءِ اتان جو سامان (گهڻو ڪري مختلف مصالحا) کڻي واپس گوا (انڊيا) ايندا هئا ۽ پوءِ اتان، يا ڊائريڪٽ جاوا، سماترا کان، پنهنجي وطن پورچوگال هليا ويندا هئا.
پنٽو جي آتم ڪٿا مان معلوم ٿئي ٿو ته هن پورچوگيز آرمڊا جي جهازن تي پهريون سفر 1537ع ۾ ڪيو. 11 مارچ تي هن جي جهاز، پورچوگال جو بندرگاهه لسبن ڇڏيو (هونءَ تاريخون لکڻ پڙهندڙن لاءِ اجايو مونجهارو پيدا ٿيون ڪن. ان ڪري آئون ڪوشش ڪري Avoid ڪندو آهيان. پر هن هنڌ تاريخون ان ڪري ٿو لکان، جيئن پڙهندڙن کي ٿورو Idea ٿي سگهي ته اڄ جي ماڊرن ۽ انجڻ وارن جهازن ۾ جڏهن اسانکي لسبن يا اسپين جي بندرگاهه بارسلونا کان بمبئي پهچڻ ۾ 15 کان ويهه ڏينهن ٿا لڳن، جن مان هڪ يا ٻه ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن ساهه پٽڻ ۽ سامان کڻڻ لاءِ موپوتو يا ممباسا ترسڻو پوي ٿو، ته به اهو هڪ ڊگهو سفر سمجهيو وڃي ٿو ۽ جي رستي تي هڪ اڌ ڏينهن طوفان يا خراب سمنڊ ملي ٿو ته بيزار ڪريو ڇڏي ۽ سامونڊي نوڪريءَ مان دل کٽي ٿيو پوي. اتي هنن ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ سوار ٿيندڙن جو ڇا حال ٿيندو هوندو، ۽ هنن کي ان معمولي سفر ڪاٽڻ لاءِ ڪيترا نه ڏينهن لڳندا هوندا ۽ هنن کي کاڌي پيتي ۽ مٺي پاڻيءَ جا ڪيڏا مسئلا ٿيندا هوندا). پنٽوءَ جو اهو ڪاٺ جو سڙهن تي هلندڙ، ان وقت جو ماڊرن جهاز گوا جي ڀرسان بندرگاهه دِيو (Diu) ۾ 5 سيپٽمبر تي پهتو..... يعني پورن ڇهن مهينن بعد! رستي تي هو آفريڪا جي اوڀر واري ملڪ موزمبق ۾ ضرور ترسيا هئا. جيڪي کڻي ٻه هفتا يا مهينو سمجهجن، ته به سمنڊ تي هنن پنج مهينا ته فل گذاريا! آفريڪا جي ان ڪناري تي ٻيا ملڪ ته انگريزن ۽ ٻين يورپي ملڪن جي هٿ ۾ هئا، پر موزمبق 1505ع کان پورچوگالين جي قبضي ۾ اچي ويو ــ يعني واسڪو ڊاگاما جي هندي وڏي سمنڊ ۾ پهچڻ جو رستو ڳولڻ بعد ڇهن ست سالن ۾ پورچوگالي موزمبق ۽ گوا جا مالڪ ٿي ويا ۽ پوءِ 1535ع ۾ يعني پنٽوءَ جي پهچڻ کان ٻه سال اڳ گوا جي ڀرواري ٻيٽ تي به پورچوگالين قبضو ڪري ان تي مندر (Cathedral) ۽ پنهنجي بچاءِ لاءِ مضبوط قلعو ٺاهي ڇڏيو. اهي ٻئي شيون اڄ به دِيو ٻيٽ جي ديو بندرگاهه ۾ موجود آهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته پورچوگالين انڊيا جي هنن علائقن تي في الحال قبضو ته ڪري ورتو هو، پر اهي علائقا سڀ ان وقت جي وڏي ۽ طاقتور سلطنت عثمانيا جي گهيري هيٺ هئا. ان وقت سلطنت عثمانيا (Ottoman Empire) جو سلطان هڪ طاقتور حاڪم سلطان سليمان اول هو. جيڪو ”قانوني سلطان سليمان“ يعني ”قانون ڏيندڙ“ به سڏيو ٿي ويو. مغرب ۾ هي بادشاهه “Suleiman the Magnificent” جي نالي سان مشهور هو. پاڻ سلطنت عثمانيا جو ڏهون ۽ سڀ کان گهڻو عرصو (1520ع کان 1566ع ۾ مرڻ تائين) بادشاهه ٿي رهيو. سلطنت عثمانيا جنهن کي اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ”خلافت عثمانيا“ به سڏيو ٿي ويو، سن 1299ع کان 1922ع تائين، يعني سوا ڇهه صديون رهي. هيءَ هڪ مسلمان سلطنت هئي، جنهن جا حڪمران ترڪ هئا. پنهنجي عروج جي ڏينهن ۾..... خاص ڪري سلطان سليمان اول جي ڏينهن ۾ ڏکڻ اوڀر يورپ، وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) ۽ اتر آفريڪا جو گهڻو حصو هن جي نگرانيءَ هيٺ هو. هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر (Strait of Gibraltar)، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ (Caspian Sea) ۽ ايراني نار (Persian Gulf) تائين، ۽ اتر ۾ آسٽريا جي سرحدن سلوواڪيا ۽ ڪريميا (هاڻوڪو يوڪرين) سان ۽ ڏکڻ ۾ سوڊان، صوماليا تائين ڦهليل هيون. ٻين يورپي قومن وانگر پورچوگالين جون به سلطنت عثمانيا جي ترڪن تي باهيون هيون، جو انڊيا، ايراني نار جي ملڪن يا آفريڪا جي ملڪن ۾ سلطنت عثمانيا جي شان ۽ دٻدٻي هجڻ ڪري، هنن کي اتي قبضا ۽ ڦرون ڪرڻ ۾ دقت پئي ٿي. پورچوگالين چاهيو ٿي ته سلطنت عثمانيا ڪمزور ٿئي ته هنن جا موج مزا ٿين ۽ جتي جتي هنن کي موقعو لڳو ٿي، هنن سلطنت عثمانيه کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. ان ئي سلسلي جي اها به ڪڙي هئي جو پورچوگالين کي جڏهن خبر پئي ته سلطنت عثمانيا جا ڪجهه جهاز ديبل بندرگاهه ۾ لنگر انداز آهن ته هنن گوا کان فرنائو پنٽوءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پورچوگالي جهازن جو جٿو موڪليو، جنهن ٺٽي پهچي نه فقط ترڪن جي جهازن تي حملو ڪيو، پر ديبل بندرگاهه کي به وڏو نقصان پهچايو. بهرحال اهو آپريشن بعد ۾ ٿيو هيو. ان کان اڳ هن پنٽوءَ ۽ سندس ساٿين ترڪن جا موچڙا به کاڌا ۽ پنهنجا جهاز به وڃايا هئا. ٿيو هيئن جو پنٽوءَ کي ٻين سان گڏ، هڪ اهم مشن تي، گوا کان اٿوپيا ٿيندو بحر احمر (Red Sea) وڃڻو پيو. انهن ڏينهن ۾ اڃان ٽيليفون ريڊيو ته ايجاد نه ٿيو هو پر مورس ڪوڊ سٽم به نه هو. ڏکين هنڌن تي نياپو پهچائڻ لاءِ ڪبوترن جو استعمال ٿيندو هو يا سپاهين جو ٽولو روانو ٿيندو هو. پورچوگالي فقط انڊيا جي گوا تي قبضو ڪري اتي سڪون سان ويهڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن هٿ پير به هڻڻ لڳا ته پاڻ وڻائڻ خاطر مختلف اثر رسوخ رکندڙ طاقتور ماڻهن جا ڪم به ڪرڻ لڳا هئا.
آفريڪا جي اتر اوڀر وارن ملڪن اٿوپيا، اتيرا ۽ جبوتي وغيره تي سلطنت عثمانيا وارن جو ڪنٽرول پئي هليو ۽ اهي عثمانيا سلطنت جي حاڪمن کان ڊپ ۾ پئي رهيا. انهن کي همت ڏيارڻ ۽ پنهنجي لئي رکڻ لاءِ پورچوگال جي بادشاهه پنهنجا پورچوگالي اٿوپيا جي راڻي ايليني (Eleni) جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا، جيڪا اريترا (Eritrea) جي ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري واري شهر مصوع (Massawa) جي جابلو علائقي ۾ ٺهيل قلعي ۾ پئي رهي. سندس مڙس زارا يعقوب بادشاهه هو ۽ هاڻ سندس پٽ جي حڪومت هئي.
فرنائو پنٽو ۽ ٻيا پورچوگالي، راڻي ايلينيءَ جي پورچوگالي گارڊن کي، آندل نياپو پهچائي، مصوع بندرگاهه مان پنهنجا جهازي هاڪاري، بحر احمر لتاڙي رهيا هئا، ته سامهون ترڪن جا جنگي جهاز اچي ويا، جن سان پورچوگالين جا جهاز مقابلو ڪري نه سگهيا. سڀ جهاز قبضي هيٺ اچي ويا ۽ انهن تي سوار عملو گرفتار ٿي ويو جن کي ترڪ جهازرانن غلام بڻائي، اڳيان ايندڙ يمن جي بندرگاهه موخا (Mocha) ۾ وڪڻي ڇڏيو. يمن جا بندرگاهه عدن ۽ حودئدا، اوڻهين صديءَ ۾ انگريزن جي راڄ ۾ مشهور ٿيا، نه ته ان کان اڳ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ ’موخا‘ يمن جي گاديءَ واري شهر صنعا جو اهم ترين بندرگاهه هو. جيئن ديبل سنڌ جي گادي واري شهر ٺٽي جو هو. هي بندرگاهه (Mocha) پندرهينءَ کان ارڙهين صديءَ تائين ڪافيءَ جي وڪري کان به مشهور هو ــ سمجهو ته دنيا ۾ موخا، ڪافيءَ جي وڏي مارڪيٽ هئي. انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هو برازيل ....... آمريڪا جي ئي ڪنهن کي خبر نه هئي. بعد ۾ ته اوس پاس جي آفريڪي ۽ يورپي ملڪن جي ڪافي به هلڻ لڳي، پر ان هوندي به المخابين (المخا صنعائي) پنهنجي خاص خوشبوءِ، هڳاءَ، ذائقي ۽ رنگ جي ڪري وڌيڪ پسند ٿيڻ لڳي. هڪ دفعي اسانجو جهاز عدن ۾ هو ته صنعا ۽ موخا به گهمڻ وياسين. جتي مون جڏهن ڪافيءَ جو فصل ڏسڻ چاهيو ته مقامي ماڻهن ٻڌايو ته موخا ڪافيءَ جا بين (Beans) هتي موخا ۾ نٿا پوکجن پر يمن جي اندروني علائقي ۾ پوکيا وڃن ٿا. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ بمبئي ۽ پينانگ وانگر عدن بندرگاهه ڪجهه به نه هو، سو هيءَ ڪافي موخا (Mocha) بندرگاهه تان ٻين ملڪن ڏي رواني پئي ٿي ۽ يورپ جي هر ملڪ جي ڪافي پيئڻ وارن شوقينن جي وات تي اهو هوندو هو ته هيءَ ڪافي موخا کان آئي آهي. بهرحال اسان وارو پورچوگالي پنٽو موخا جي ڪافي مارڪيٽ ۾ هڪ يوناني مسلمان وٽ وڪامي ويو.
پنٽو پنهنجي سوانح حيات “Pilgrimage” ۾ لکي ٿو ته هن جو يوناني مسلمان مالڪ ڏاڍو ظالم هو ۽ هن کي ايڏو ته تنگ ڪيائين جو هن مجبور ٿي مالڪ کي خودڪشيءَ جي ڌمڪي ڏني. مسلمان مالڪ ڏٺو ته سندس غلام ماڳهين مري ٿو، سو چار پئسا ڪمائڻ لاءِ هن پنٽوءَ کي هڪ يهودي واپاريءَ کي ٽيهن دُڪيتن ۾ وڪڻي ڇڏيو. اهي 30 دُڪيت به يهوديءَ ڪئش ڏيڻ بدران، انهن جي قيمت جي کجور ڏني.
انهن ڏينهن ۾ يورپ پاسي سفر ۽ تجارت ۾ ناڻو دڪيت (Ducat) پئي هليو. دڪيت، سون، چاندي ۽ ٻين ڌاتن جا سڪا هُئا، جن جي خريداري طاقت (Value) ان ۾ استعمال ٿيل ڌاتوءَ ۽ ان جي ساک مطابق هئي. سون مان ٺهيل سڪو گهڻن دڪيتن جو سمجهيو ٿي ويو انهن ۾ به اٽليءَ جي شهر وينس جا سونا دڪيت وڌيڪ ٿي هليا ۽ هر ملڪ ۾ واپارين جلد قبول ٿي ڪيا. جيئن اڄ ڪلهه جي مختلف ڪرنسيءَ ۾ انگلئيڊ جا پائونڊ ۽ آمريڪا ڊالر وڌيڪ هلن ٿا.
نئين مالڪ يهودي سوداگر سان گڏ پنٽو انهن ڏينهن جي خشڪيءَ واري رستي (جنهن تان اٺن جا قافلا لنگهيا ٿي) ايراني نار جي ڪمرشل مارڪيٽ واري شهر هرمز ۾ پهتو، جتي پورچوگالين جو قلعو ۽ اثر رسوخ هو. پورچوگال جي بادشاهه مئنيوئل اول جي حڪم تي هرمز ۾ موجود پورچوگالي انتظاميا يهودي سوداگر کي هن جي گهربل رقم 300 دڪيت ڏئي پنٽوء کي آزاد ڪرايو. ان بعد پورچوگال جي بادشاهه جي حڪم موجب فرنائو پنٽوءَ کي هڪ ته هرمز ٻيٽ تي پورچوگالين جي ٺهيل قلعي جو ڪئپٽن بنايو ويو ۽ ساڳي وقت هندوستان سان واسطو رکندڙ ڪنهن به قسم جي فساد يا مسئلي جو فيصلو ڏيڻ لاءِ پنٽوءَ کي پورچوگال جي بادشاهه جو خاص مئجسٽريٽ بنايو ويو. انهن ڏينهن ۾ توڙي بعد ۾ به ڪيترن شهرن جي سار سنڀال لهڻ ۽ ماڻهن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ واري انچارج کي ”ڪئپٽن“ سڏيو ٿي ويو. ملائيشيا وارن سفرنامن ۾، ڪئالالمپور شهر مٿان مقرر ڪيل اهڙي چيني ڪئپٽن جو ذڪر ڪيو اٿم.
پورچوگال جو بادشاهه مئنيوئل اول جيڪو 1469ع ۾ ڄائو ۽ پيءُ جي مرڻ بعد 26 سالن جي ڄمار ۾ سن 1495ع کان، مرڻ (سن 1521ع تائين) هڪ ننڍڙي ملڪ جو بادشاهه ٿي رهيو پر هن پنهنجي دور ۾ ڏورانهن ڏيهن جي ڌرتيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. هن جي ڏينهن ۾ سندس ماڻهو واسڪوڊاگاما 1498ع ۾ سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ جو گس ڳوليو ۽ آفريڪا ۾ موزمبق ۽ انڊيا ۾ گوا تي قبضو ڪيو ــ سندس موڪليل هڪ ٻئي جهازران پيڊروءَ، سن 1500ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جو ملڪ برازيل ڳوليو ۽ ان تي قبضو ڪيو. 1505ع ۾ پورچوگالي فرانسڪو ڊي المائيڊا انڊيا جو پهريون وائسراءِ مقرر ٿيو. ائڊمرل افونسو ڊي البقرق ذريعي سڄي هندي وڏي سمنڊ ۽ ايراني نار ۾ جهازن جي آمدرفت تي هڪ هٽي (monopoly) لڳرائي. مجال آهي جو ڪنهن ملڪ جو جهاز پورچوگالين جي اجازت بنان هيڏانهن هوڏانهن وڃي سگهي. ٿورو تصور ڪريو، جن پورچوگالين 1489ع تائين ڪيپ آف گڊ هوپ جو سمنڊ ٽپڻ لاءِ ٻاٿون پئي کاڌيون، ۽ پوءِ مس مس اهو ٽپي پهريون دفعو 1499ع ۾ هندي سمنڊ ۾ داخل ٿي ڪو چين (انڊيا جي ڪناري) بندرگاهه ۾ پهتا، انهن 15 سالن اندر گوا، موزمبق، ملاڪا، عدن ۽ هرمز جهڙن خاص ملڪن ۽ بندرگاهن تي قبضو ڪري، ڏکڻ آفريڪا کان ملايا تائين ۽ اتر ۾ ايراني نار تائين، سڄي هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جي ٽرئفڪ کي پنهنجي حڪم هيٺ آڻي ڇڏيو. انگريز ۽ ٻين يورپي قومن کي هن پاسي جو رستو ڳولڻ ۽ داخل ٿيڻ ۾ سؤ کن سال لڳي ويا. تيسين هڪ ننڍڙي آدمشماري ۽ ننڍڙي ايراضيءَ واري ملڪ پورچوگال جي بادشاهه، انهن غير ۽ ڏورانهن علائقن جي ڌرتي ۽ سمنڊن تي قبضو ڪيو، جتي صدين کان عربن، ايرانين، هندوستانين، ملئين، بنگالين، سنڌين ۽ چينين جي پئي هلي ـــ برازيل جو ته کڻي ڪو ڌڻي سائين نه هو ۽ اتي جا ماڻهو ايڏا اڻ سڌريل ۽ ڪمزور هئا. جن کي پورچوگالين جلدي ماري ڪٽي چپ ڪرائي ڇڏيو ۽ سڄو برازيل (دنيا جو پنجون نمبر وڏو ملڪ) پورچوگال جو ٿي ويو. ٿورو سوچيو ته ملاڪا تي قبضو ڪرڻ بعد ڪنهن جو جهاز ڪيئن چين وڃي سگهي؟ يا چينين جا جهاز ڪيئن انڊيا يا آفريڪا پهچي سگهن؟! جو انهن سڀني جو لنگهه ملاڪا اڳيان هو، جنهن تي پورچوگالين جو قبضو ٿي ويو هو.
پورچوگالي ڪمانڊر الفونسوڊي البقرق جيئن ئي 1511ع ۾ ملاڪا فتح ڪئي، ته پنهجي ماڻهن جي سلامتيءَ لاءِ اتي هڪ قلعو ٺاهيو. هرمز ٻيٽ تي به ساڳي ائڊمرل افونسو حملو ڪيو، ان بعد 1515ع ۾ اتي به قلعو ٺاهيو. ان قلعي جو ڪئپٽن پورچوگالي پنٽوءَ کي بنايو ويو. ملاڪا وارو قلعو ته بعد ۾ ڌارين حڪومتن ڊاهي رکيو. اڄ هن جي فقط هڪ ڀت ۽ دروازو موجود آهي، جنهن کي دنيا جا ٽوئرسٽ ڏسڻ اچن ٿا. هرمز پاسي پورچوگالين جون ٺهرايل ٻيون عمارتون ته سڀ ڊهي ويون پر هي ڳاڙهين سرن وارو قلعو جنهن کي پورچوگالي ۽ ٻيا يورپي “The fort of our Lady Conception” سڏين ٿا، اڄ به موجود آهي.
پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته پورچوگالين ايران جي علائقي هرمز کي 1507ع ڌاري پنهنجي قبضي ۾ آندو. ان بعد ڪيترين ئي حڪومتن پورچوگالين کي هرمز مان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ويا. صفوي سلطنت جي بادشاهه عباس اول، انڊيا ۾ حڪومت ڪندڙ انگريزن سان ملي، 1622ع ۾ پورچوگالين کي هرمز ۽ ايراني نار واري علائقي مان ڀڄائي ڪڍيو.
ڏٺو وڃي ته ان دؤر جو ايران جو صفوي گهراڻي جو شهنشاهه شاهه عباس اول ــ جنهن کي ايراني شاهه عباس بزرگ به سڏين ٿا، هڪ مضبوط، دلير ۽ گهڻن گڻن وارو بادشاهه هو. پاڻ، کانئس اڳ واري ايران جي بادشاهه، شاهه محمد خدا بنده جو ٽيو نمبر پٽ هو.
ايران تي صفوي گهراڻي جي حڪومت ٻن صدين کان مٿي سن 1501ع کان 1736ع تائين هلي. شاهه عباس اول هن گهراڻي جو پنجون حاڪم هو ۽ 1588ع کان 1629ع تائين 41 سال ايران تي حڪومت ڪيائين. هن پنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ وڃايل علائقا مغلن ۽ پورچوگالين کان واپس حاصل ڪيا. هن جي ڏينهن ۾ صفوي سلطنت عروج تي رهي ۽ ڪيترائي ملڪ هنن جي هٿ ۾ رهيا. جيئن، ايران، آذر بائيجان، بحرين، آرمينيا، جارجيا، عراق، ڪويت، افغانستان ۽ ڪجهه حصا ترڪي، شام، اڄ واري پاڪستان، ترڪمنستان ۽ ازبڪستان جا.
شاهه عباس پنهنجي گاديءَ جو شهر قازون مان بدلائي اصفهان ڪيو ۽ هن جي ڏينهن ۾ اصفهان ۾ اهي اهي عمارتون، روڊ رستا، پارڪ، باغيچا، مسجدون ۽ مدرسا ٺهيا، جو اصفهان ”نصف جهان“ سڏجڻ لڳو. يورپ جي ملڪن جا شهزادا، شهزاديون، راڻيون ۽ بادشاهه به ڏسڻ لاءِ اصفهان هلي پئي آيا. اصفهان جي آقا نور مسجد، مسجد جارچي، مسجد شيخ لطف الله ۽ شاهي محل، هن بادشاهه شاهه عباس جي ڏينهن ۾ ٺهيا. مشهور سفرناما نگار رابرٽ بائرن، جنهن هن علائقي جو اٺ مهينا ٽوئر ڪري پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته:
“Isfahan was among those rare places, like Athens or Rome which are the common refreshing of humanity”.
هڪ ٻئي انگريز پنهنجي سفرنامي ۾ اصفهان لاءِ لکيو آهي ته:
“On entering the city’s historic centre it is hard not to agree with the famous 16th century Persian maxim, “Esfahan nasfe-e Jahan’ (Isfahan is half the world)”.
شاهه عباس اول جي ڏينهن ۾ شيعا اسلام ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ مشهور ٿيو ۽ ايران جو سرڪاري مذهب مقرر ڪيو ويو. شاهه عباس ٻين صفوي بادشاهن وانگر پڙهيل ڳڙهيل ۽ آرٽ ۽ عمارتسازيءَ کي پسند ڪرڻ وارو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن جا ايران ۽ ان جي عوام لاءِ ڪم، جتي تعريف جوڳا آهن، اتي اهو پڙهي افسوس ٿو ٿئي ته حڪومت/پاور اهڙي خراب شئي آهي، جنهن لاءِ پٽ پيءُ کي ۽ پيءُ پٽ کي به قتل ڪريو ڇڏي. پنهنجي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ شاهه عباس اول کي اچي شڪ ٿيو ته هن جا پٽ سندس حڪومت جي خلاف ٿي پيا آهن ۽ هو هن کي تخت تان لاهي پاڻ ٿا ويهڻ چاهين. هن ٻنهي پٽن: شهزادي سلطان محمود مرزا ۽ شهزادي امام قلي امان الله مرزا جون اکيون ڪڍرائي کين انڌو ڪري ڇڏيو.
شاهه عباس کي علي الاعلان ڇهه زالون هيون. جن مان ياخان بيگم جو اڳ ۾ سندس پٽ شهزادي محمد باقر مرزا سان مڱڻو ٿيو، هو پر شاهه عباس آخر تائين هن شاديءَ ۾ رڪاوٽ وڌي ۽ 1602ع ۾ پاڻ هن سان شادي ڪئي، پر هوءَ ان ئي سال گذاري وئي. گستاخي معاف ته بادشاهن جون هي ڳالهيون ان ڪري پيو لکان جيئن پڙهندڙن کي احساس ٿئي ته مسلمان حاڪم هجڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو هو تهجد گذار هو ۽ هن هر هڪ سان انصاف ٿي ڪيو، عوام کي سکيو ٿي رکيو. مسلمان حاڪم هو ته گهٽ ۾ گهٽ مسلمانن لاءِ وڏو سڪون ۽ خوشحالي هئي..... هرگز نه. هنن حضرت عمر وانگر نه پئي محسوس ڪيو ته دجلا نديءَ جي ڪناري تي ڪو ڪتو به بک وگهي مري ويو ته ان لاءِ وقت جو حاڪم ئي جوابدار هوندو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ڪيترائي مسلمان حاڪم نيڪ ۽ انصاف پسند به ٿيا، پر گهڻائيءَ لاءِ هر حال ۾ حڪومت ۽ پاور کي حاصل ڪرڻ زندگيءَ جو مقصد رهيو. پاور حاصل ڪرڻ لاءِ ڀلي پنهنجي پٽ، پيءُ يا ڀائرن کي به ماري ڇڏجي، انڌو ڪري ڇڏجي، قيد خاني ۾ بند ڪري ڇڏجي. ان کان علاوه ورلي ڪنهن حاڪم کي عوام جي ڏک ۽ غم جو فڪر پئي رهيو، نه ته هنن جو سڄو زور پنهنجي عياشيءَ جي زندگي گذارڻ تي هو، جنهن لاءِ هنن هروقت شراب ۽ شباب حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. اسان کڻي ٻٽاڪ هڻون يا ڪوڙو فخر محسوس ڪيون ته انڊيا تي مسلمانن (مغلن، خلجين، لوڌين ۽ ٻين) حڪومت ڪئي..... بلڪ اسان ان ۾ ئي خوش ته اسان جا هم مذهب حاڪم هئا.... پر اهو به سوچيو ته ان وقت عوام جي حالت ڇا هئي..... ٻه ويلا کائڻ لاءِ نه هين، پيرن ۾ چمپل نه هين....... توهان ڊاڪٽر مبارڪ جهڙن حقيقت پسند تاريخ جي ڄاڻن جا مضمون پڙهي ڏسو.... رڳو ان ۾ خوش نه ٿيو ته اسانجا پنهنجا هئا. ٿورو تصور ڪريو، اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي کن پوءِ اسانجا سنڌي مسلمان اڄ جي دؤر بابت خوش ٿي اهو چون ته سنڌ جا حاڪم اسانجا هم وطن، هم زبان، هم مذهب، پاڪستان جا سنڌي مسلمان هئا ته ان ۾ ٺرڻ جي ڪهڙي ڳالهه هوندو.... ڪو اڄ جي دؤر جي سنڌ جي شهرن، تعليم، صحت، روزگار بابت به ته سوچي ته سنڌ جي عوام سان ڇا ويڌن آهي ــ پنجاب ۽ خيبرپختون خواهه جهڙو حال به نه آهي. بهرحال ڪنهن سچ چيو آهي ته پاور (حڪومت ۾ رهڻ) وڏو نشو آهي، جنهن لاءِ حاڪم عوام ته ڇا پنهنجا عزيز به قربان ڪريو ڇڏي.
شاهه عباس اول جنهن جو مٿي ذڪر ڪيوسين، بنا ڪنهن شڪ جي سٺن حاڪمن مان چئي سگهجي ٿو، جنهن گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ملڪ ايران، (خاص ڪري اصفهان) کي خوش حال ڪري ڇڏيو..... پر يارو! شاهه عباس جهڙي سٺي مسلمان بادشاهه، ٿوري شڪ تي، ته متان سندس پٽ هن کان حڪومت نه کسن، پنهنجن پُٽن کي انڌو ڪري ڇڏيو. مسجدون سو ٺهرائين، پر آيا خدا جو خوف به هوس يا نه؟ ڇو جو جي هن قرآن معنيٰ سان پڙهيو هجي ها ته ائين مارا ماري ۽ ظلم نه ڪري ها. شراب ۽ عورتون رکڻ ته ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه هئي. هن نيڪ بادشاهه کي به چار زالون ته آفيشلي هيون، ان کان علاوه ڪنيزن ۽ غلام ڇوڪرن جو ڌڻ.
شاهه عباس اول جي صفوي درٻار ۾ گارسيا (Garcia de Silva Figueroa ) نالي جيڪو اسپين جو سفير هو، پنهنجين يادگيرين ۽ پنهنجي ملڪ جي حاڪم کي لکيل خطن ذريعي موڪليل ڄاڻ ۾ لکي ٿو، ته هي صفوي بادشاهه ترڪ ٻولي تمام سٺي ڳالهائي ٿو ۽ ساڳي وقت هو فارسي به سٺي ڄاڻي ٿو، جو اها ڪورٽ ۽ انتظاميا جي ٻولي آهي. انهن ٻن ٻولين کان علاوه هن کي جارجوي (گرجي) ٻولي ڳالهائيندي به ٻڌو ويو آهي، جيڪا ٻولي هن بنا ڪنهن شڪ جي پنهنجين گرجستاني (Georgean) سهڻين ڪنيزن (Concubines) ۽ غلامن کان سکي آهي. جارجيا، جنهن کي اسان سنڌي گرجستان سڏيون ٿا، اسان وٽ هن ملڪ جي مرزا قليچ بيگ جي ڪري به وڏي اهميت آهي جو هن جا وڏا گرجستان جا هئا. هِي ايشيا ۽ مشرقي يورپ جي ميلاپ وٽ قفقاز واري علائقي ۾ هڪ خوبصورت ملڪ آهي، جنهن جي اولهه ۾ بحراسود (Black Sea)، اتر ۾ روس، ڏکڻ ۾ ترڪي، آرمينا ۽ آزربائيجان آهن. تبليسي سندس وڏو شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ آهي. هي ملڪ وڏو عرصو مختلف وڏين سلطنتن جي چنبن ۾ رهيو، جن ۾، منگول، سلطنت عثمانيا ۽ مختلف ايراني خانداني حڪومتون شامل آهن. جن مان صفوي سلطنت به هڪ هئي.
بهرحال پاڻ پنٽو پورچوگاليءَ جي ڪهاڻيءَ تي اچون، جيڪا هن پنهنجي آتم ڪٿا “The Pilgrimage” ۾ لکي آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي، ته هن ٺٽي جي بندرگاهه ديبل تي 1568ع ۾ بيٺل سلطنت عثمانيا جي جهازن تي حملو ڪيو ۽ ان سان گڏ ديبل بندرگاهه کي به تباهه ڪيو. پنٽو پنهنجي ڪهاڻيءَ (يادگيرين) ۾ لکي ٿو ته پورچوگال جي بادشاهه رقم ڏئي کيس هورمز (ايران) ۾ خاص مئجسٽريٽ مقرر ڪيو. ڪجهه ڏينهن اتي رهڻ بعد گوا (انڊيا) ڏي ويندڙ هڪ پورچوگالي مالبردار جهاز ذريعي هُو گوا پهتو. جنهن تي پورچوگال جو قبضو هُيو ۽ اُتي پورچوگالي وائسراءِ رهيو پئي. ان وقت پورچوگالين جو نيول فليٽ، يعني جنگي جهازن جو ٻيڙو، مغل سلطنت جي حڪومت هيٺ ديبل بندرگاهه ڏي وڃي رهيو هو. پنٽو جي گوا پهچڻ تي هن کي به ان ٻيڙي تي رکيو ويو. پنٽو لکي ٿو ته ٺٽي جي ان حملي ۾ هن شريڪ ٿيڻ نٿي چاهيو، پر مجبورن حڪم جي پوئواري ڪرڻي پيس ۽ ان قسم جون چڪريون سلطنت عثمانيا، ايران جي صفوي حڪومتن، پورچوگالين ۽ مغلن جي وچ ۾ هلنديون ٿي رهيون. جيئن صفوي شهنشاهه شاهه عباس اول، انگريزن کان بحري جهازن جي مدد وٺي هو رمز (ايران) مان پورچوگالين کي ڀڄائي ڪڍيو، پورچولين کي جيئن ئي وجهه لڳو ته هنن گوا کان ديبل (ٺٽي) پهچي، اتي بيٺل سلطنت عثمانيا جي جهازن کي نقصان پهچايو. ان سان گڏ ديبل بندرگاهه کي به تباهه ڪري ڇڏيو. ڏٺو وڃي ته مغلن، ترخانن، ارغونن، پورچوگالين ۽ ٻين ڌارين حاڪمن جي حڪومت ۽ ڦرلٽ ۾ تباهه سنڌ ۽ ان جا ماڻهو ئي ٿيندا پئي رهيا.
پورچوگالي پنٽوءَ کي ڪجهه عرصو گوا ۾ رکڻ بعد، ملاڪا موڪليو ويو، جيئن هو اوسي پاسي جي ننڍين سلطنتن کي سماترا جي مسلمانن خلاف ڀڙڪائي رکي، جيڪي پورچوگال کي ملاڪا سلطنت جو ڪاروبار هلائڻ ۾ رنڊڪون وجهي رهيا هئا. 1569ع ۾ پنٽوءَ کي جاسوسن ذريعي خبر پئي ته سلطنت عثمانيا جو جنگي جهازن جو ٻيڙو هڪ قابل ترڪ ائڊمرل حضر رئيس (Kurtoglu Hizir Reis) جي اڳواڻيءَ ۾ سماترا ٻيٽ جي وڏي بندرگاهه آچيح (Acheh) ۾ اچي لنگر انداز ٿيو آهي.
پڙهندڙ نقشي ۾ ملائيشيا کي ڏسندا ته پوءِ ئي هي ڳالهيون وڌيڪ سمجهي ۽ enjoy ڪري سگهندا. نقشي ۾ ڏسبو ته اسان جي پاڪستان، ان بعد انڊيا ۽ بنگلاديش کانپوءِ برما ۽ ٿائلئنڊ (جيڪو انهن ڏينهن ۾ سيام سڏيو ٿي ويو) آهن. ٿائلئنڊ، جتي ڏکڻ ۾ ختم ٿئي ٿو، اتان مغربي ملائيشيا (جيڪو اڳ ۾ ملايا نالي سان هو) آهي. جتي اهو ختم ٿئي ٿو، اتي ٻن ميلن جي فاصلي تي سنگاپور ٻيٽ آهي. پاڪستان، انڊيا، برما، ٿائلئنڊ جي هيٺان (ڏکڻ ۾) ته سمنڊ (هندي وڏو سمنڊ/انڊين اوشن)آهي، پر ملائيشيا (ملايا) جي هيٺان هڪ سنهي سامونڊي وهڪري آبنائي (جنهن کي انگريزيءَ ۾ Malacca Straits ٿو سڏجي) بعد تقريبن ملايا جيڏو سماترا نالي ٻيٽ آهي. سماترا ۽ ان جهڙا ٻيا ٻيٽ جاوا (جتي اسانجا سنڌي واپاري ويا پئي ۽ جن جو ذڪر شاهه لطيف به ڪيو آهي ته جيڪي ويا جاوا سي ٿي ويا سدائين ساوا)، بالي (جيڪو انڊيا بعد ٻيو ملڪ آهي جتي جو سرڪاري ڌرم هندو ڌرم آهي) ۽ ٻيا ٻيٽ ملوڪ وغيره انڊونيشيا جا آهن.
ملاڪا آبنائي جو نالو ملاڪا شهر تان پيو، جنهن شهر جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ مون ڏهاڪو کن سال پڙهايو. هيءَ آبناءِ/ڳچي سمنڊ (Malacca Strait)، سنڌو نديءَ جي پيٽ کان به سوڙهي آهي. ايتري قدر جو ملاڪا ۾ هن ڳچي سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل اسان جي مئرين اڪيڊميءَ مان صاف موسم ۾ سماترا ٻيٽ جا جبل نظر اچن ٿا. پورچوگالين جي ملاڪا شهر تي قبضي ٿيڻ بعد سڄي آبناءِ وارو لنگهه هنن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو، جو چين ۽ جپان ڏي ويندڙ جهاز توڙي ٻئي پاسي انڊيا، آفريڪا ۽ عرب ملڪن ڏي ويندڙ جهاز هتان ئي لنگهيا پئي. ها البت پورچوگالين کي سماترا ٻيٽ ۽ ان جي اردگرد ٻيٽن جي مسلمان ملئي حاڪمن جي ننڍين ننڍين حڪومتن کان رنڊڪون ۽ پريشانيون رهيون ٿي. خاص ڪري آچيح وارن کان. ساڳي وقت پورچوگالي به آچيح وارن کي پنهنجن ان وقت جي ماڊرن جهازن سان ڊيڄاريندا ٿي رهيا، جن تي بندوقون ۽ بارود لڳل ٿي رهيا.
آبنائي جهڙا به ڪيترائي شهر نظر اچن ٿا، پر اهي سڀ ٻه اڍائي صديون اڳ وجود ۾ آيا، نه ته ماضيءَ ۾ ملايا جي سرزمين تي ملاڪا شهر ۽ بندرگاهه تجارتي ۽ وڏو شهر هو ۽ ٻئي پاسي سماترا ٻيٽ تي اچيح بندرگاهه..... نڪوباز ۽ انڊامان ٻيٽن وٽان لنگهڻ بعد جيئن ئي آبنائي ملاڪا جي منهن وٽ ٿو پهچجي، ته ساڄي پاسي سماترا ٻيٽ جي شروعات وٽ اچيح آهي. انڊونيشيا جي ٻيٽن تي اسلام اچڻ کان اڳ پهرين آچيح جا ماڻهو مسلمان ٿيا ان ڪري آچيح اڄ به ”آچيح دارالاسلام“ سڏيو وڃي ٿو.
پورچوگالين جي دخل اندازين ڪري آچيح صوبي جي حاڪم سلطان علاؤالدين ڪنهن ٻي طاقت کان مدد حاصل ڪرڻ جو سوچيو. 1565ع ۾ هن سلطنت عثمانيا سان ڳانڍاپو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان وقت جي عثمانيا سلطان سليمان کان پورچوگالين جي زوراوريءَ خلاف مدد گهري. سليمان جي ٻي سال 1566ع ۾ وفات ٿيڻَ ڪري، هن جي پٽ ”سلطان سليم ٻئي“ پنهنجو بهترين ائڊمرل حظر رئيس (جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي)، آچيح موڪليو. ائڊمرل حظر (Kurtoglu Hizir) 22 جنگي جهازن سان عدن، جبوتي، مسقط، هورمز، ديبل، سورت (انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ۽ بمبئي بندر گاهن جو وجود ئي نه هو)، جانجيرا (راڄ جي ممبئي بندرگاهه کان ٿورو هيٺ، مهارا شٽرا جي رتنا گري ضلعي ۾ هي بندرگاهه هو) ۽ لنڪا (راڄ وارو سري لنڪا) مان ٿيندو، آچيح پهتو. هن ٻيڙي جي جاسوسن جڏهن ملاڪا ۾ موجود پنٽوءَ کي خبر پهچائي ته هو پنهنجي حڪومت جا جنگي جهاز تيار ڪري آچيح تي حملي ڪرڻ جو سوچڻ لڳو. جيئن ان کان اڳ هو سلطنت عثمانيا جي جهازن تي ديبل ۾ ڪري چڪو هو. پر ترڪ ائڊمرل کي به پورچوگالين جي ان پروگرام جي خبر پئجي وئي. هن پنهنجي ترڪ سلطان کي اطلاح ڪيو، جنهن پورچوگال جي بادشاهه کي چتاءُ موڪليو ته آچيح ترڪ سلطنت عثمانيا جي سرحدن جو حصو بڻجي چڪو آهي، ان ڪري مٿس ڪنهن به قسم جو حملو، سلطنت عثمانيا تي حملي برابر سمجهيو ويندو. اهو ٻڌي ملاڪا ۾ رهندڙ پورچوگالي جهازرانن آچيح تي حملو ڪرڻ جهڙو جوکم کڻڻ بدران، چُپڙي ڪري پنهنجن جهازن کي ڪِلن سان ٻڌي ڇڏيو.
آچيح ان وقت کان 1904ع تائين سلطنت عثمانيا جي آشيرواد هيٺ رهيو، پر آهستي آهستي ڊچ انڊونيشيا تي حاوي ٿيندا ويا ۽ سلطنت عثمانيا جو آخري ڏينهن ۾ زوال وارو حال اهڙو ئي رهيو، جهڙو مغل سلطنت جو، يا اسپين جي مسلمان حاڪمن جو. ڊچ سڄي انڊونيشيا (آچيح سميت) جا حاڪم ٿي ويا. اڄ آچيح ۾ ڊچن جي گرجا گهرن (Churches) ۾ لڳل گهنڊن تي سلطنت عثمانيا جون مهرون ڏسي، اهي ڏينهن ٿا ياد اچن، جڏهن آچيح بندرگاهه جي بچاءَ لاءِ سلطنت عثمانيا طرفان توبون (Canons) لڳل هيون، پر پوءِ جيئن ئي آچيح ڊچن جي قبضي ۾ آيو ته هنن انهن توبن جو ڌاتو ڳاري پنهنجي پکيڙيل عيسائي مذهب جي گرجا گهرن لاءِ گهنڊ ٺاهي ڇڏيا، جن جي ديدار لاءِ اڄ به ٽوئرسٽ اچن ٿا.
يورپ جي قومن، خاص ڪري پورچوگالين ۽ ان بعد ڊچن، انگريزن ۽ فرينچن، آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جو رخ ڪيو. هنن جو اهم مقصد انهن ملڪن مان مصالحي، عاج، ٽامي، پتل ۽ ٻين قيمتي شين (جن جي سندن ملڪن (يورپ) ۾ سخت ڊمانڊ هئي). سان جهاز ڀري، يورپ موڪلڻ هو. ٻيو مقصد انهن ملڪن تي قبضو ڪري انهن کي پنهنجي ڪالوني ٺاهڻ هو. جنهن لاءِ کين مڪاني ماڻهن کي ماري ڪٽي يا انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڪمزور ڪرڻو هو، جيئن هو هنن ڌارين يورپين کي ڀڄائي نه ڪڍن. اچيح تي حملو ڪئنسل ٿيڻ تي پنٽوءَ کي ٽريڊنگ جهاز ڪاهي، پٽاني وڃڻ جو حڪم ٿيو. انهن ڏينهن ۾ پٽاني اتر ملائيشيا جي هڪ رياست هئي، پر بعد ۾، اڄ ڏينهن تائين پٽاني، حاديا، سونگلڪلا وغيره ٿائلئنڊ ۾ آهن. جيتوڻيڪ انهن علائقن ۾ ٿائيءَ سان گڏ اڄ به ملئي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ مسلمانن جي گهڻائي آهي. توهان کي ڪراچيءَ جي مدرسن ۾ جيڪي ٿائلئنڊ جا شاگرد ملن ٿا، انهن مان گهڻا انهن مٿين ٽن ٿائي شهرن جا آهن. پٽانيءَ مان سامان سان جهاز ڀرائي، پنٽو ملاڪا پئي موٽيو ته سندس بدبختي آئي ۽ رستي تي قذاق ڦري آيس، سڀ سامان کسي کيس ويجهي ڪناري تي ڦٽو ڪري ويا. حيرت جي ڳالهه اها آهي جو اڄ آٽوميٽڪ هٿيارن ۽ تيز رفتار نيويءَ جي جهازن جي باوجود انهن علائقن ۾ اڄ به قذاقي (Piracy) جام هلي ٿي. هن واردات بعد پنٽو پٽانيءَ ڏي رخ ڪرڻ بدران ’ڏکڻ چيني سمنڊ‘ جي بندرگاهن ۾ ٽريڊنگ ڪندو رهيو.
پنٽو پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته هن هڪ دفعي ’هئانگ هائي‘ سمنڊ ذريعي چين ۾ داخل ٿي، جهاز تي موجود سپاهين سان گڏ، چين جي شهنشاهه جي مقبري تي حملو ڪيو. ”هئانگ هائي“ سمنڊ کي مغرب ۾ “Yellow Sea” سڏيو وڃي ٿو ۽ اسان وٽ سندس فارسي نالو ”دريائي زرد“ ۽ عربي نالو ”بحيره اصغر“ مشهور آهي ــ ٻنهي جي ساڳي معنيٰ ”پيلو سمنڊ“ آهي. دراصل چين جي گوبي رڻ پٽ تان جيڪي ريتيءَ جا طوفان اچن ٿا، ان جا پيلا ذرڙا، سمنڊ مٿان پکڙجڻ ڪري سمنڊ جو رنگ هئڊو نظر اچي ٿو.
پنٽو چين ۾ مٿين دادگيري ڪرڻ بعد موٽيو پئي ته سامونڊي طوفان ۾ سندس جهاز سمنڊ هيٺ موجود ٽڪرين سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. سندس جان ته بچي وئي، پر چينين کيس گرفتار ڪري ورتو ۽ کيس چين جي وڏي ڀت تي هڪ سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي. پنٽوءَ اڃان اها سزا پوري ئي نه ڪئي هئي، جو ان دوران تاتارين چين جي ان حصي تي حملو ڪيو ۽ ٻين سان گڏ هو پنٽوءَ کي به کنڀي کڻي ويا. هو هن کي پنهنجن ٻيڙن ۾ ڏکڻ طرف (جتي اڄ ڪلهه ڪمبوڊيا ۽ ويٽنام آهي) کڻي پئي ويا ته پنٽوءَ هڪ رات پري کان ڪو جهاز ايندو ڏسي، ٻن ساٿين سان گڏ سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو. ايندڙ جهاز هنن کي ٻڏڻ کان ضرور بچائي ورتو، پر خبر پيئي ته اهو قذاقن جو جهاز هو، جيڪي سمنڊ تي ڦرون ڪري رهيا هئا. سمنڊ سخت خراب هو، طوفاني هوائون لڳي رهيون هيون. قذاقن هنن ٽنهي کي پنهنجي جهاز ۾ چاڙهي پورهئي ۾ لڳائي ڇڏيو ته هو سندن ٻيڙيءَ ۾ داخل ٿي ويل پاڻيءَ کي باردين ذريعي ٻاهر ڪڍن. سخت طوفان جي ڪري هنن جي ٻيڙيءَ جا سڙهه ۽ کوها به ٽٽي پيا هئا ۽ جهاز هوا جي رخ ۽ ڇولين جي رحم ڪرم تي توائي حالت ۾ اتر طرف رڳڙبو ويو ۽ جپان جي هڪ ٻيٽ تانيگا شيما تي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. هي ٻيٽ جپان جي چئن وڏن ٻيٽن مان ڏکڻ واري ٻيٽ ڪيوشو جي ويجهو آهي. پنٽو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته جپان جي ڌرتيءَ تي هُو پهريون يورپي باشندو هو. اهو ان ڪري جو ان وقت تائين، بلڪ پوءِ به، وڏي عرصي تائين، جپانين پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌارين کي گهڙڻ کان روڪي رکيو هو.
جپان ۾رهڻ دوران هن جپان ۽ پنهنجي ملڪ پورچوگال جي وچ ۾ تجارت قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن جپانين کي هڪ يورپي قسم جي بندوق “Arquebus” جنهن کي ايراني ”تفنگ شمخال“ سڏين ٿا، سان متعارف ڪرايو. هن قسم جي بندوق بعد ۾ جپانين ٺاهي، جنهن جو نالو ان ٻيٽ ”تانيگاشيما“ سان منسوب ڪيو ويو، جتي پنٽوءَ جو جهاز لڙهي آيو هو.
جپان بعد پنٽو موٽي ملاڪا آيو، جتان هو ٻين مهمن ۾ به حصو وٺندو رهيو. ڪٿي ڪامياب ٿيو ٿي، ته ڪٿي سندس جهاز ٻڏي يا لڙهي به ويو ٿي. ٻين يورپين وانگر هن جي مهم جوين جو مقصد به چَٺ سان يا لَٺ سان، مقامي ماڻهن ۽ انهن جي ڌرتيءَ تان ڦرلٽ ڪري مال پنهنجي ملڪ موڪلڻ هيو. هھڙن ماڻهن کي اسان ڀلي گاريون ڏيندا رهون، جو هنن ڏوراهن ملڪن کان اچي اسان جو سک چين چت ڪيو ۽ اسان جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو، پر هو نادر شاهه، هلاڪو خان يا سلطان محمود غزنويءَ وانگر پنهنجي ملڪ ۾ هيرو تصور ڪيا وڃن ٿا.
پورچوگال ملڪ جي گاديءَ وار شهر ۽ بندرگاهه لسبن ۾ اسانجو جهاز لنگر انداز ٿيڻ تي، اسان ۽ ٻين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽ اڪثر المدا (Almada) شهر به هليا وڃون ٿا، جيڪو لسبن وٽان وهندڙ پورچوگال ۽ اسپين جي سڀ کان وڏي ندي تاقوس (Tagus) جي ٻئي ڪناري تي آهي. اها ندي عربن جي حڪومت ۾ ’نهرتاجہ‘ جي نالي سان مشهور هئي. لسبن شهر جو هي خوبصورت حصو المدا، جنهن جي رهاڪو ڳائڻي ”سارا تواريس“ دنيا ۾ مشهور آهي، ان شهر ۾ مٿئين پورچوگالي همراهه فرنائو پنٽوءَ جي ياد ۾ سندس نالي سان، هاءِ اسڪول آهي، جيڪو 1965ع ۾ ٺهيو هو. پنٽوءَ جي ياد ۾ 2011ع ۾ سندس 500 هين سالگرهه جي ياد ۾ ٻه يورو سڪا جاري ڪيا ويا هئا. ان کان علاوه پنٽوءَ جي ياد قائم رکڻ لاءِ مريخ (Mercury) سياري جي هڪ گهٻ (Crater) جو نالو، 1978ع ۾، “Mendes Pinto” رکيو ويو.