12
”يار! دل ۾ نه ڪجانءِ، توکي بهادر شاهه ظفر روڊ تان واپس هيڏانهن ڪيو اٿم“. مون ڊرائيو کي ادب سان چيو. ڇو جو منهنجا به ڪڏهن اهڙا نخرا هوندا آهن، جو ڪن ملڪن جا ٽئڪسي ڊرائيور مون تي ناراض ٿيو پون. خاص ڪري پنهنجي شهر ڪراچيءَ جا، يا مصر، ڪوريا، موزمبق جا...... پر انڊيا جي ٽئڪسي ڊرائيورن سان مونکي ڪڏهن به ماضيءَ ۾ شڪايت نه رهي آهي. ”دهليءَ جو درشن“، ” هلي ڏسجي هندستان“، ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۽ ”بنارس کان برمودا“ ڪتابن ۾ مون هميشه سندن تعريف ڪئي آهي.... ته مناسب ڀاڙو ٿا وٺن، همبل (نوڙت وارا) آهن ۽ ٿورو ٽپ ڏيڻ تي به خوش ٿي ٿا وڃن...... پر سک ۽ پٺاڻ جي مزاج جي پڪ نٿي رهي، ان ڪري مون اڳ ورتو مانس.
”سرڪار! مونکي ڪهڙي تڪليف. توهان چئن ڪلاڪن جي حساب سان پئسن جي ٻولي ڪئي آهي. هي ته ڪلاڪ کان اتي ئي ڪناٽ پليس تي پيا ڦيرايو ۽ منهنجو ڪو پيٽرول خرچ نه پيو ٿئي..... پر جي چوندئو ته آئون ان ڀاڙي ۾ توهان کي راجوري، ڪورال باغ، نجف ڳڙهه، مهرؤلي، ڪالڪاجي، يمنا وهار، پريت وهار، شاهدره به وٺي هلندس“.
سک ٽئڪسي ڊرائيور مونکي ٽيڏي اک سان ڏسندي فلمي هيرو واري ادا سان چيو. مونکي سندس اهو ڊائلاگ ٻڌي خوشي ٿي ڇو جو منهنجو سفر فقط هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ نه هوندو آهي، پر سفرناما لکڻ جي خيال ڪري، ٽئڪسيءَ مان هر هر لهي فوٽو به ڪڍڻا هوندا آهن، ڪنهن عجيب ڊريس ۾ ملبوس يا هونءَ ئي ڪنهن کي اهم ماڻهو سمجهي ان کان سوال جواب به ڪرڻا پوندا آهن، ڪنهن تاريخي ريسٽورنٽ ۾ ويهي چانهه سان گڏ ٿڌا ساهه به کڻڻا پوندا آهن...... ان لاءِ آئون هميشه اهو سوچيندو آهيان ته ڊرائيور چار پئسا ڀلي وڌيڪ وٺي، پر جلديءَ جي باهه نه ٻاري ۽ نه ئي وري ٿوري پريشانيءَ ۾ پائلٽ وانگر بڇڙي شڪل ٺاهي، بلڪه ايئر هوسٽس وانگر منهن تي مرڪ رکي هلي. پوءِ ڀلي هو دل ۾ مون جهڙن بيهودن مسافرن تي مَٺيو هلي. پر هي سک ڊرائيور دل ۾ به پڪ خوش هوندو، جو هن جي ان لاجڪ سان آئون به سهمت هيس ته منهنجي اتي جو اتي ڪناٽ پليس جي آسپاس ڦرڻ ۾ هن جي پيٽرول جو بچاءُ هيو ۽ جنهن علائقي ۾ هو ڪلاڪ کان هلي پيو ۽ اڃان ٽي چار ڪلاڪ هلڻو هئس، اهو دهليءَ جو ڪلفٽن ۽ ڊفينس جهڙو پوش علائقو هيو، جنهن ۾ ٽرئفڪ جئم يا سوڙهن رستن جو مسئلو نه هيو. اڃان به جيڪڏهن کيس ڪياماڙيءَ کان چاڪيواڙي وٺي هلان، جتان پوءِ لالوکيت يا ڀٽائي نگر، جتان پوءِ سهراب ڳوٺ ۽ سرجاني ٽائون وٺي وڃان هان ته پوءِ کيس گاڏي هلائڻ ۾ ڇِتڪُتائي به ٿئي ها ۽ گهڻو فاصلو هلڻ ڪري پيٽرول تي به گهڻو خرچ اچيس ها. ڪٿي لهي چانهه پئي پيتم يا گاڏي واري کان آلو پراٺا وٺي پئي کاڌم ته هن کي به کارايم پئي. هُو Waiting ۾ اڃان به خوش هيو جو نه سندس پيٽرول پئي سڙيو ۽ نه گاڏيءَ جي Wear ۽ tear ٿي. منهنجو ساڻس ٻول پنج ئي ڪلاڪ ٽئڪسي هلائڻ واري خرچ تي هيو ــ چاهي آئون کيس هلڻ لاءِ چوان ها يا هڪ هنڌ بيهڻ لاءِ. مونکي ٽيڪسي ڊرائيورن سان اهڙي قسم جي ڊيل ۾، ڪو ٽينشن ناهي رهندو..... ۽ منهنجي سڄي Concentration سفرنامي لاءِ اهم نقطا ۽ ڳالهيون دماغ ۾ رکڻ تي هوندي آهي. ڪنهن اخبار يا ڪتاب جي پبلشر کان پنهنجن سفرنامن جي بدلي ۾ نه پئسا ٿو وٺان نه ڪتاب. ويندي ”ڪاوش“ اخبار به دڪان تان خريد ڪريان ٿو. ”امت“ جو ايڊيٽر رفيق افغان چوندو آهي ته: ”امت لاءِ ئي اڙدو ڪالم موڪليندو رهه سمجهه ته اها تنهنجي اخبار آهي“، ان کان هاڻ پوسٽ جو خرچ وٺندو آهيان. هو پوسٽ جو خرچ Pay ڪري ٿو. اڳ ۾ ”عبرت“ ۾ لکندو هوس ته ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو ان اخبار جي مالڪ اسد عابد قاضيءَ کان وٺندو هوس. منهنجيون لکڻيون عوام تائين پهچائڻ ۽ مونکي سنڌيءَ جو اديب بنائڻ ۾ هن جي والد محترم قاضي عبدالمجيد عابد جو ۽ اڙدوءَ جو اديب بنائڻ ۾ رفيق افغان صاحب جو هٿ آهي. رفيق مونکي ڳولهي لڌو ۽ اڙدوءَ ۾ لکڻ لاءِ همت وڌائي، ۽ مونکي سمجهايو ته اديب اديب ٿيندو آهي، چاهي هو ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ لکي..... نه ته هن کان اڳ هن ملڪ ۾ (هاڻ جي خبر نه اٿم ته سنڌي اديبن کي ڪيڏو مان ٿو ملي) منهنجي جوانيءَ واري دور ۾ جڏهن مون چاهيو ٿي ته منهنجي به واهه واهه ٿئي، احساس ڏياريو ٿي ويو ته اڙدوءَ جا اديب سيد، پير آهن ۽ اسن سنڌي لکڻ وارا اڇوت..... اسان جا ڪجهه اديب ان وقت فئشن مطابق ڪميونسٽ ٿيا...... شايد هنن کي ان ٿيوريءَ Fascinate ڪيو ته ڪميونزم ۾ برابري آهي..... پر مون ڏٺو ته اتي به سنڌي شاعر ۽ اديب هيٺين درجي جا سمجهيا ٿي ويا......
ڪناٽ سرڪس واري گول رستي (Ring Road) تان ”بابا کڙڪ سنگهه روڊ“ شروع ٿو ٿئي ته نارٿ ايوينيو واري رائونڊ ابائوٽ (چوراهي) تي وڃي دنگ ٿو ڪري. جتان پوءِ اهو روڊ ٻئي پاسي ”مدر ٽريسا“ جي نالي سان سڏجي ٿو. ان چوراهي کان اڳ جيڪو چوراهو اچي ٿو، اهو ”گول ڊاڪ خانا رائونڊ ابائوٽ“ سڏجي ٿو. هن رائونڊ ابائوٽ کان جيڪو ڏکڻ طرف ”اشوڪ روڊ“ وڃي ٿو، ان سان لڳو لڳ ”گر دوارا بنگال صاحب“ نالي سکن جو هڪ پراڻو ۽ دهليءَ جو مشهور ٽڪاڻو آهي. بابا کڙڪ سنگهه روڊ تي چڙهڻ مهل شروع ۾ کاٻي پاسي هڪ ’انڊين ڪافي‘ ريسٽورنٽ وٽ هن روڊ جو انگريزي هندي ۽ اڙدوءَ ۾ بورڊ تي لکيل نالو پڙهي، ٽئڪسي ڊرائيور کي، فوٽو ڪڍڻ لاءِ، ٽئڪسيءَ کي بيهارڻ لاءِ چيم. آئون ٽئڪسيءَ مان لهي بورڊ جي اڳيان ٿي بيٺس ۽ ارواديپ سنگهه ٽئڪسيءَ ۾ ويٺي ويٺي منهنجا ٻه چار فوٽو ڪڍيا. هن ٽئڪسي ڊرائيور ۾ اها به پلس پوائنٽ هئي ته هو تاريخ جو ڄاڻو هجڻ سان گڏ سٺو فوٽو گرافر پڻ هو. مون کي چيائين: ”توهان ساڳيو ساڳيو فوٽو ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا ڇو ٿا ڪڍرايو؟“.
مون کيس ٻڌايو: ”منهنجي ڪئميرا تمام سادي ۽ ننڍڙي آهي، جنهن ۾ ڪو ڪو فوٽو ٿو سُٺو اچي. ان ڪري ساڳيو ساڳيو فوٽو وري وري ٿو ڪڍان، جيئن من انهن مان ڪو هڪ اڌ سٺو اچي وڃي“. پوءِ مون کيس هڪ چرچو ٻڌايو: ”فيملي پلاننگ ڊپارٽمينٽ جي هڪ آفيسر کي ٻارهن ٻار هئا. ان تي ڪنهن ٽوڪ طور چيس ته توهان ته سڀني کي اها پيا هدايت ڪريو ته ”بچے دو ہی اچهے “.... پر توهان ڇو کڻي ٻارهن پيدا ڪيا آهن؟“.
ان تي هن معصوميت مان وراڻيو: ”ايترا هوندا تڏهن ته انهن مان ٻه سٺا نڪرندا“.
سو منهنجي ڪئميرا جو حال به اهڙو آهي. ٻارهن کن ڪڍڻ تي ئي مس مس وڃي ٻه ٿا سٺا اچن.
ان ڳالهه تان ياد آيو ته انڊيا ۾ برٿ ڪنٽرول تي ڏاڍو زور ڏنو پيو وڃي. عوام جي ڄاڻ ۽ چتاءَ لاءِ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ جتي ڪٿي آدم شماري گهٽائڻ بابت پوسٽر نظر اچن ٿا. هندي ته مونکي نٿي اچي..... يعني لکت ۾..... ڳالهائڻ ۾ ته اڙدو ۽ هندي ساڳي آهي، باقي انگريزيءَ ۾ لکيل پوسٽر ڪافي دلچسپ ۽ ڌيان ڇڪائڻ وارا آهن.... جيئن: ”هم دو، همارے دو“. هڪ هنڌ تي ڪنهن همراهه ان بعد هي لکي ڇڏيو ــ ”جب تک تیسرا نہ هو“.
اهڙيءَ طرح پوسٽرن تي هي جُملا پڙهڻ لاءِ مليا:
• Don’t have more kids than you carry.
• Take care of the children we already have. Don’t increase the population.
• More people = Less open space.
• Two is company, Three a crowd.
• Use a Lid – Have just one kid.
فوٽو ڪڍرائي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺس ته ارواديپ سنگهه پڇيو: ”توهان بابا کڙڪ سنگهه جو ڪڏهن ٻُڌو آهي“.
”نه...... ٻه چار ڏينهن اڳ تائين پڇين ها ته منهنجو اهو ئي ”نه“ ۾ جواب ٻڌين ها. پر هاڻ ڏينهن ٻه ڏينهن اڳ رنجيت سنگهه بابت پڙهي رهيو هوس ته کڙڪ سنگهه بابت ڄاڻ ٿي“. مون وراڻيو مانس.
گذريل ڏهه ٻارهن صديون، ڪا جمهوريت ته نه هئي، جو چونڊيل ميمبرن مان حاڪم چونڊيا وڃن ۽ نه حاڪم آسمان تان لٿا ٿي (جپان جي بادشاهه وانگر جنهن بابت هر هڪ جو اهو ئي اعتقاد هو)..... باقي ملڪن ۾ چاهي يورپ، ناروي، ڊئنمارڪ هجن يا جرمني، روس..... اهڙيءَ طرح ايران، افغانستان يا ننڍي کنڊ ۾...... جيڪو پهلوان مڙس هو ۽ جيترو حرفتي ۽ جنگجو هو اوترو ملڪ جو حصو ان جي حوالي هوندو هو. مغل بادشاهه همت ۽ طاقت وارا هئا ته اتر هندستان ۽ ڏکڻ هندستان جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪري، ڄمائي ويٺا رهيا. پويان بادشاهه جيئن جيئن ڪمزور ٿيندا ويا، ته ڌرتي هنن جي هٿن مان نڪرندي وئي. انهن جو خال ڀرڻ لاءِ مرهٺا، گجراتي، ٻاهران آيل يورپي قومون (انگريز، پوچورگالي، فرينچ) طاقتور ٿينديون ويون ۽ سوين نوابي رياستون ۽ صوبا ٺهي پيا. مهاراجا رنجيت سنگهه 1780ع ۾ ڄائو ته مغل سلطنت جو زوال شروع ٿي چڪو هو. اتر هندوستان ۽ اولهه پاسي (جتي اسانجو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي آهي) ڪيترن حصن ۾ مختلف سک راجائن، نوابن ۽ بادشاهن جي حڪومت هئي ۽ جڏهن رنجيت جوان ٿيو ته مغل بادشاهن جو ويتر حال هيڻو هو.
هي هڪ اک کان ڪاڻو ضرور هو، پر ان کان ڪو انڪار نه ڪندو ته وڏو حرفتي، چالاڪ، دلير ۽ عقلمند هو. ننڍي هوندي وڏي ماتا (Smallpox) ٿي هيس ۽ هڪ اک جو نور هليو ويو هيس. هن ڏهن ٻارهن سک سردارن ۽ راجائن کي ملائي، سکن جي هڪ وڏي طاقت ٺاهي، جنهن کان ٻيا ننڍن پرڳڻن جا هندو ۽ مسلمان راجا ۽ نواب ڇرڪڻ لڳا. بلڪه هن ڪيترن ڪمزور حاڪمن جي راڄ تي حملو ڪري، انهن کي به پاڻ سان ملايو ۽ پاڻ مهاراجا بنجي پنجاب جي تخت تي ويٺو. افغانستان يا هتان هُتان مسلمان جنگجو پنجاب تي حملو ڪرڻ لاءِ ٿي آيا ته انهن کي به هن وڏي مڙسيءَ سان موچڙا هڻي ڀڄائي ٿي ڪڍيو. اٽڪل ڪري انگريزن سان دوستي ڪيائين. ان وقت جو اصول به اهو هو ته ڪمزور کي موچڙو ۽ طاقتور کي سلام.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهاراجا رنجيت سنگهه اڳيون پويون ڪسرون ڪڍڻ لاءِ مسلمانن تي ظلم ڪيا ڪيون پر سندس قوم...... سک، هن حاڪم مان خوش هئا جو هن پنجاب کي ماڊرن بنائي ڇڏيو هو. ماڻهن کي روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ هن ڪيئي ذريعا پيدا ڪيا ۽ دل آزاريون. هن جي خالسا آرمي ۽ حڪومت ۾ سکن کان علاوه هندو، مسلمان ۽ يورپي پڻ هئا. هن ڪيترائي خوبصورت گردوارا ٺهرايا، جيڪي اڄ تائين قائم آهن ۽ ٽوئرسٽ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. هو ”شير پنجاب“ جي لقب سان مشهور هو. 1839ع ۾ وفات بعد سندس وڏو پٽ مهاراجا کڙڪ سنگهه پنجاب جي تخت تي ويٺو. سندس تاجپوشي لاهور واري قلعي ۾ ٿي هئي، جيڪو پوڻا ٽي سؤ سال اڳ مغل بادشاهه اڪبر 1566ع ۾ ٺهرايو هو ۽ جنهن ۾ ڪيتريون ئي اضافي شيون، پوءِ جي مغل حاڪمن، شاهه جهان ۽ اورنگزيب پڻ ٺهرايون. جيئن بادشاهي مسجد، عالمگيري دروازو وغيره. مهاراجا رنجيت سنگهه پنهنجي بادشاهت جي ڏينهن ۾ هن قلعي ۾ پئي رهيو. 1849ع ۾ سکن سان انگريزن جي لڙائي ٿي جنهن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ تي انگريزن لاهور جو قلعو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.
مهاراجا رنجيت سنگهه جي وفات تي، سندس پٽ مهاراجا کڙڪ سنگهه وڏي ڌام ڌوم ۽ رعب تاب سان تخت تي ويٺو، پر ٻوٽو نه ٻاريائين. ڪي ساڍا ٽي مهينا به راجا مس رهيو ته کيس تخت تان لاهي جيل حوالي ڪيو ويو. جتي هن کي کاڌي ذريعي آهستي آهستي زهر ڏنو ويندو رهيو ۽ 13 مهينن بعد 5 نومبر 1840ع تي مري ويو. سندس پٽ نونهال جيڪو لاهور ۾ ڄائو هو، تخت تي ويٺو. پر اهو به هلي نه سگهيو. ان بعد سندس ٻن پٽن: خالصا سنگهه ۽ فتح سنگهه مان هڪ تخت تي ويٺو.... ان بعد يا ان کان اڳ، هن جي ماءُ به شايد راڻي ٿي، پر ڳالهه جو مطلب اهو ته جنهن ڌوم ڌڙڪي سان مهاراجا رنجيت سنگهه ”سک سلطنت“ ٺاهي، اها وڏو عرصو هلي نه سگهي. 1840ع ۾ انگريزن پنهجين حرفتن، اٽڪل بازين ۽ طاقت (ماڊرن بم بارودن) ذريعي پنجاب تي قبضو ڪيو ۽ ٽن سالن بعد 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪيو.
بهرحال مونکي هاڻ خبر پئي هئي ته کڙڪ سنگهه ڪير آهي نه ته اهو نالو اڳ، پنهنجي هم عمر دوست، ٽنڊو ڄام جي عبدالمنان ميمڻ (سبحان، غفران، سلام جو ڀاءُ ۽سراج ميمڻ ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو سوٽ) جي واتان ٻڌندو هيس. منان ۽ آئون جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ ٻارهن سالن جا هئاسين ته ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستي ٿي. اڄ 75 سالن جي ويجهو اچي پهتا آهيون. هن عمر ۾ ڪڏهن بلڊ پريشر جي گوري کائڻي ٿي پوي ۽ ڪڏهن ڊائبٽيز جي ٽيسٽ ٿي ڪرائڻي پوي. ان کان علاوه عينڪ جا شيشا بدلائڻ ۽ ڪئٽرڪ (اکين جي آپريشن) الڳ. ان حساب سان منان صحيح فرمائيندو آهي. جڏهن هن کي مهيني ڏيڍ فون ڪري پڇندو آهيان ته: ”منان! ڪر خبر، ڪهڙو حال اٿئي؟“...... ته جواب ۾ ٽهڪ ڏئي، جوانيءَ جا ڏينهن ياد ڪري چوندو آهي: ”حال ئي نه پڇ......
پہلے کهڑک سنگهہ کے کهڑکنے سے کهڑکتی تهی کهڑکیاں
اب کهڑکیوں کے کهڑکنے سے کهڑکتا ہے کهڑک سنگهہ“
چوي ته سچ ٿو. اهي ڏينهن به گذري ويا، جڏهن جهاز هلائبو هو...... ۽ درٻيلي جي اسانجي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم کان پڇندو هوس ته: ”ڪهڙو حال آهي؟“..... ته جواب ۾ هن جو هميشه هڪڙو Pet جملو هوندو هو: ”بس يار! گروئنگ اولڊر بَٽ نو وائيزر“. (Growing Older But no wiser). ان وقت چاليهه کن سالن جا هئاسين. پر هاڻ اهو جملو به چئي نٿو سگهجي، جو جيترو Grow ٿيڻو هو، اهو ٿي چڪاسين. هاڻ 75 سالن جي ڄمار ۾ ته اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته:“It is a late evening of our life”.
يا شاهه لطيف وارو بيت ورجائجي ته: ”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“.
پر نه..... شاهه لطيف جو ئي هڪ ٻيو بيت بهتر جواب آهي، جيڪو شعر ڪجهه ڏينهن اڳ اسانجي ٽنڊي سومري واري رئيس امداد خان نظاماڻيءَ ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايو ۽ منهنجي خيال ۾ هن عمر ۾ ڪو حال پڇي ته شاهه سائينءَ جو اهو بيت ورجائڻ اڻ وقتائتو نه ٿيندو. چي:
تري ڀڳي ڪِنگري، ٺلها ڦيرا ڏئي
ڏئي نه ڏکو ئي، وڃي ساٿ سلهاڙيو
اڄ ڪلهه ٽيوب ويلن ۽ ڌمڻ وارن نلڪن جي عام ۽ آسان ٿيڻ کانپوءِ خبر ناهي ڳوٺن ۾ نار رهيا آهن يا نه...... جن ۾ درجن کن ٺڪرجون ڪِنگريون ٻڌل هونديون هيون. ڪِنگري سمجهيو ته ڪجهه ننڍي دليءَ يا دکيءَ جهڙي ٿئي ٿي. ڪنگرين جي چين، نار هلائڻ سان کوهه مان پاڻيءَ سان ڀرجي ٻاهر نڪري ٿي. هن بيت ۾ شاهه لطيف بي حال، پوڙهي، ۽ ڪمزور ماڻهوءَ جي تشبيهه تري ڀڳل ڪنگريءَ سان ٿو ڏئي، ترو ڀڳل هجڻ ڪري منجهانئس سڄو پاڻي رستي تي ئي نڪريو وڃي. مٿي پهچڻ تي اها خالي ٿيو وڃي يعني اها ڪنهن ڪم جي نه رهي..... بس رڳو ٻين ڪنگرين سان گڏ ٺلها ڦيرا پئي ڏئي!
”سر! توهان جنهن کڙڪ سنگهه جو نالو وٺو ٿا.....“، ٽئڪسي ڊرائيور اوراديپ سنگهه چيو، ”اهو به اسان جي سِر جو سائين هو.... اهو مهاراجا کڙڪ سنگهه هو. هي روڊ بابا کڙڪ سنگهه جي نالي آهي، جيڪو مهاراجا جي وفات کان 27 سال پوءِ 1867ع ۾ سيالڪوٽ ۾ ڄائو هو ۽ 96 ورهين جي ڄمار ۾ 1963ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ سينٽرل سک ليگ جو صدر هو ۽ انگريز کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ”انڊيا آزاد تحريڪ“ جو سرگرم رڪن هو. هو لاهور جي پنجاب يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي پهرين بئچ مان هو. جن 1889ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي. هن جو پيءُ راءِ بهادر سردار هري سنگهه هڪ امير ٺيڪيدار ۽ ڪارخانيدار هو. انگريزن کان هندوستان آزاد ٿيڻ بعد به بابا کڙڪ سنگهه جون هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن لاءِ وڏيون خدمتون آهن“.
بابا کڙڪ سنگهه روڊ شروع ٿيڻ سان کاٻي پاسي پراچين هنومان مندر نظر آيو ۽ ان جي ڀرسان ئي هڪ ريسٽورنٽ ”چاٽ ڪارنر“ نالي سان هيو. ان بعد مسجد نظر آئي. جنهن لاءِ منهنجي سک ٽئڪسي ڊرائيور چيو ته هن مسجد جو ڪو نالو ناهي پر بابا کڙڪ سنگهه روڊ تي هجڻ ڪري هيءَ مسجد سڏجي ئي ”مسجد بابا کڙڪ سنگهه“ ٿي. مسجد کان ٿورو اڳيان ’اسٽئڊيم‘ نالي ميٽرو جي اسٽيشن آهي. ٿورو پر ڀرو دهليءَ جو ڪانوينٽ آف جيسزائيڊ ميري اسڪول نظر آيو. هن نالي وارو اسڪول، انگريزن ڪلفٽن ڪراچيءَ به ٺهرايو..... جيڪو ٻن تلوارن واري چوراهي وٽ آهي ۽ جتان بينظير ڀٽو به پڙهي هئي. پر ڪراچيءَ وارو هي جيسزائيڊ ميري اسڪول ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد 1952ع ۾ ٺهيو ۽ هي دهليءَ وارو گرلز اسڪول 1919ع ۾ ٺهيو، جڏهن ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو. ڀر ۾ ڇوڪرن جو اسڪول سينٽ ڪولمبا آهي. دهليءَ جي هن جيسزائيڊ ميري اسڪول ۾ 2000 ڇوڪريون پڙهن ٿيون ۽ نرسريءَ کان ٻارهين تائين ڪلاس آهن. انڊيا ۽ ٻين ملڪن جون ڪيتريون اهم شخصيتون هن اسڪول مان پڙهي چڪيون آهن، جيئن ته برما (ميانمار) جي اَنگ سان سُو، مشهور ڳائڻي ڪويتا ڪرشنا مورٿي، سونيا گانڌيءَ جي ڌيءُ پريا نڪا گانڌي، دهليءَ جي وزير اعليٰ شيلا ڊڪشت، بالي وڊ جي پوڙهي ائڪٽريس شما سيٺ، جيڪا فلمن ۾ گهڻو ڪري امتياڀ بچن جي ماءُ ٿيندي آهي وغيره.
ڪراچيءَ واري جيسزائيڊ ميري اسڪول مان پڙهيل ڇوڪرين مان به ڪيتريون اهم شخصيتون آهن. جيئن بينظير ڀٽو جنهن بابت مٿي لکي آيو آهيان، انساني حقن جي ڪميشن جي صدر عاصما جهانگير، تهمينا جنجوعا، اٽليءَ ۾ پاڪستان جي ننڍي عمر واري فارين منسٽر، سومي علي اداڪاره ۽ سياستدان شرميلا فاروقي وغيره. ڪراچيءَ کان علاوه هي اسڪول ڪوهه مري، لاهور، سيالڪوٽ، شاد باغ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۽ ماريخيل ۾ به آهي.
هونءَ ته انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ سان، جتي ريلوي، پوسٽ، پلين ۽ اريگيشن جو نظام شروع ڪرايو، اتي ڪانوينٽ (مشنري) اسڪول به ٺهرايا. سکر ۾ ڇوڪرين لاءِ انگريزي تعليم جو اسڪول سينٽ ميري 1881ع ۾ ٺهيو. ان کان ويهه سال اڳ 1862ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سينٽ جوزف اسڪول کوليو ويو هو. حيدرآباد جو سينٽ ميري ۽ سينت بونا وينچر اسڪول گهڻو پوءِ 1925ع ڌاري شروع ڪيا ويا. ان بعد 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سينٽ پال کليو. سنڌ ۾، منهنجي خيال ۾، سڀ کان پهريون انگريزن جو کوليل اسڪول سينٽ پئٽرڪ آهي، جيڪو 1861 ۾ کوليو ويو ۽ هن وقت ان کي ڏيڍ سؤ سالن کان مٿي ٿي ويو آهي. هن اسڪول مان اسان جي ملڪ جون ڪيتريون اهم شخصيتون پڙهيون، جهڙڪ: ايوب کهڙو، محمد خان جوڻيجو، ڄام صادق علي، آصف زرداري، مير هزار خان بجاراڻي، نبيل گبول، لال ڪرشن آڏواڻي، پرويز مشرف، جاويد ميانداد، وسيم باري وغيره. هونءَ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهي سڀ اسڪول تن ڏينهن ۾ سرڪاري سڏيا ٿي ويا يعني انگريز سرڪار ٿي هلايا. تڏهن به ۽ اڄ به انهن اسڪولن جي تعليم اعليٰ سڏي وڃي ٿي. اڄ انگريز اسان جي ملڪ ۾ نه آهن. اڄ اسان جي حڪومت اسان جي پنهنجن جي آهي. هئڻ ته ائين کپي ته ملائيشيا، سنگاپور يا هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن وانگر، آزاديءَ بعد پنهنجين حڪومتن کي پنهنجي عوام جو وڌيڪ فڪر محسوس ڪندي، پنهنجن سرڪاري اسڪولن جي تعليم جو معيار بلند رکڻ کپي، پر اسانجي ملڪ جي سرڪاري اسڪولن جو يتيماڻو حال توهان سڀني اڳيان آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ جي حال هجي، ته عوام پرائيويٽ اسڪولن پويان ڇو خرچ ڪري؟ گذريل ٻن ٽن سالن ۾ پاڪستان جي هڪ صوبي خيبر پختونخواهه جي حڪومت پنهنجن سرڪاري اسڪولن کي بهتر بڻايو آهي، ته ڪيئن نه هزارين ٻار..... ويندي سرڪاري ڪامورن، ڪارخانيدارن ۽ وزيرن جا ٻارَ به خانگي اسڪول ڇڏي سرڪاري اسڪولن ۾ پيا اچن. ان معاملي ۾ انڊيا به ڪافي جدوجهد ڪئي آهي. انگريزن جي ڏينهن جي ڪانوينٽ / مشنري اسڪولن جو معيار ته اهو قائم رکندا اچن، پر پنهنجن سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو معيار به ايترو بلند ڪيو اٿن جو ايشيا ۽ آفريڪا جا شاگرد ته انڊيا ۾ پڙهڻ لاءِ اچن ٿا، پر اهي امير انڊين، جيڪي يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهن ٿا، اهي پنهنجا ٻار اتي پڙهائڻ بدران، انڊيا موڪلڻ ۾ وڌيڪ بهتر عاقبت سمجهن ٿا. تعليم سان گڏ انڊيا ۾ هاسٽلن ۽ امن امان جي حالت ايتري سٺي بڻائي وئي آهي جو ٻاهرين ملڪن جا ڇوڪرا ته ڇا ڇوڪريون به انڊيا جي هنن اسڪولن ۾ پڙهڻ لاءِ اچن ٿيون. منهنجي خيال ۾ اسانجي ملڪ جا واسطيدار ادارا ۽ عملدار ان معاملي ۾ پنهنجي پاڙيسري ملڪن: ايران ۽ انڊيا کان سبق وٺڻ جي ڪوشش ڪن ته اسانجي ملڪ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ رهندڙ ٻارن جو مستقبل بهتر ٿي وڃي.
دهليءَ جو بابا کڙڪ سنگهه روڊ ڪناٽ پليس جي ٻاهرين گول رستي (Ring Road) کان نڪري ٿو. اڳيان گول ڊاڪ خانا واري پهرين چوراهي وٽ ئي سکن جو هي وڏو ۽ مشهور گردوارو ”بنگلا صاحب“ آهي. پر هي رستو اڃان به اڳيان هلي هڪ ٻئي چوراهي تي دنگ ڪري ٿو، جيڪو چوراهو ”نارٿ ايوينيو پارڪ رائونڊ بائوٽ“ سڏجي ٿو. ان بعد هن باب کڙڪ سنگهه روڊ جو نالو ”مدر ٽريسا روڊ“ ٿئي ٿو. ان چوراهي (نارٿ ايوينيو پارڪ) وٽ هتي جي مشهور اسپتال ”رام منوهر لوهيا هاسپيٽل“ آهي. اهو به لکندو هلان ته هن چوراهي کان اتر ڏي هڪ ڪُئي جي پڇ جيترو يعني ڊيگهه ۾ ننڍڙو روڊ (ڪراچيءَ جي شاهه عبداللطيف روڊ جهڙو، جيڪو PECH سوسائٽيءَ ۾ آهي) بنگلاديش جي پهرين وزير اعظم شيخ مجيب الرحمان جي نالي سان آهي. مڙئي بنگالين کي خوش ڪرڻ لاءِ، شايد......
هڪ هزار کان مٿي بسترن واري هيءَ رام منوهر لوهيا اسپتال دراصل انگريز راڄ ۾ انگريزن 1932ع ۾ ”ولنگڊن هاسپيٽل“ جي نالي سان ٺهرائي. سر ولنگڊن 1931ع کان 1936ع تائين انڊيا جو ٻاويهون وائسراءِ ۽ گورنر ٿي رهيو هو. سکر جي لائيڊپل جي منظوري به هن ڏني هئي. دهليءَ جي ڪورو نوشن پارڪ جي براري روڊ تي هن جي ياد ۾ لڳل مجسمو اڄ به موجود آهي. هونءَ مونکي لڳي ٿو ته انڊيا وارا هن کي گهڻو پسند نٿا ڪن، جو هن جي ڏينهن ۾ هندوستان جي هلندڙ تحريڪن ۾ هن ڪيترائي ڪانگريس ليڊر قيد ڪرايا هئا. شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس نالي واري هيءَ ولنگڊن اسپتال، انڊيا کي آزادي ملڻ بعد 1970ع کان، انڊيا جي آزاديءَ جي متوالي ۽ سياستدان رام منوهر لوهيا جي نالي سان سڏجڻ لڳي آهي. 30 ايڪڙن تي پکڙيل اسپتال دهليءَ جي سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ باوقار اسپتال سمجهي وڃي ٿي، جنهن ۾ ساليانو 12 لک کن OPD مريض اچن ٿا، جن مان 46 هزار مريض داخل ڪيا وڃن ٿا. هن اسپتال ۾ هر سال اٽڪل ڏهه هزار سي ٽي اسڪئن، ٻه هزار MRI اسڪئن، ٻه لک ايڪس ري، 30 لک لئبارٽري ٽيسٽ، 25 هزار الٽرا سائونڊ اسڪئن، نوهزار ميجر ۽ چاليهه هزار ننڍيون آپريشنون ٿين ٿيون.
رام منوهر لوهيا هڪ قابل ماڻهو هو، جنهن جا نه فقط پنهنجا ڪيترائي ڪتاب آهن پر هن تي ۽ هن جي سياست تي ٻين به لکيا آهن. اهي ڪتاب مون کي به ممبئي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ سندن يونيورسٽيءَ جي نهرو لئبرريءَ ۾ ڏيکاريا، جتي مونکي حيرت ٿي ته اسانجي سنڌي اديبن جي ڪتابن جا به سڄا سڄا Set رکيل نظر آيا. رام منوهر جا گهٽ ۾ گهٽ هي ڪتاب اسان جي پوليٽيڪل سائنس جي شاگردن کي ضرور پڙهڻ کپن:
• The Caste System.
• Guilty Men of India’s Partition.
• Marx, Gandhi & Socialism.
• Collect works of Dr. Lohia.
هن ڪتاب جا نو واليوم آهن.
رام منوهر لوهيا 1910ع ۾ اتر پرديش ۾ ڄائو. هن بنارس يونيورسٽيءَ مان انٽر ڪرڻ بعد، ڪلڪتا يونيورسٽيءَ جي وديا ساگر ڪاليج مان B.A ڪئي ۽ ان بعد هن اڄ واري همبولٽ يونيورسٽي آف برلن مان تعليم حاصل ڪئي. Ph.D ۾ “Salt Taxation in India” جي موضوع تي ٿيسز لکيائين. پاڻ انگريزن خلاف ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڏوهه ۾ لاهور واري قلعي ۾، جيا پرڪاش نارائڻ سان گڏ ٻه سال قيد جي سزا پڻ ڪاٽيائين. سندس سياسي جدوجهد متعلق گيرش مشرا ۽ برج ڪمار جو لکيل ڪتاب: “Ram Manohar Lohia: The Man & his Ism” پڙهڻ جوڳو آهي.
توهان مان ڪنهن جو دهليءَ اچڻ ٿئي ۽ ڪناٽ پليس وٽ پهچي، هن بابا کڙڪ سنگهه روڊ تي مٿئين اسپتال تائين اچڻ ٿئي ته هڪ نظر اتي موجود اڪشارا ٿيٽر تي ضرور وجھجو، يا ان جي اڳيان بيهي فوٽو ضرور ڪڍرائجو، جو منهنجي نظر ۾ هي هڪ اهم ۽ تاريخي ٿيٽر آهي. هي ٿيٽر 1972ع ۾ گوپال شرمان نالي ملڪ جي مشهور ڊرامانويس، شاعر، موسيقي ساز، ٿيٽر ۽ ٽيلويزن ڊائريڪٽر ٺهرايو هو. سندس زال جلابالا وديا جيڪا اڃان جيئري آهي ۽ اسانجي ملڪ جي مشهور اديب امر جليل جي هم عمر آهي، انڊيا جي مٿاهين درجي جي اسٽيج ائڪٽريس مڃي وڃي ٿي. هوءَ راماين ۾ اداڪاريءَ بعد گهڻي مشهور ٿي. اهو ڊرامو انگريزيءَ ۾ “The Epic” جي نالي سان پڻ ٺهيو ۽ انڊيا جو هي واحد ڊرامو (Play) آهي، جيڪو براڊوي، نيويارڪ ۾ هليو هو.
جلا بالا 1936ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي هئي. سندس پيءُ سريش وائديا انڊين صحافي، ليکڪ ۽ آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ هو ۽ ماءُ مئد (Madge) اڌ انگريز اڌ اطالوي هئي. جلا بالا بنيادي تعليم لنڊن مان حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم ممبئيءَ جي ڪُئين ميري اسڪول مان ورتي. هن دهلي يونيورسٽيءَ مان انگلش آنرز ۾ ڊگري حاصل ڪئي، جنهن ۾ هن ٽيون نمبر کنيون. هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ ئي هئي ته ڊرامن ۾ حصو ورتائين ۽ تعليم ختم ڪرڻ بعد نيو دهليءَ مان نڪرندڙ رسالي “Link Magazine” ۾ جرنلسٽ طور ڪم ڪيائين.
پاڻ گردوارا بنگلا صاحب جي ڳالهه پئي ڪئي. جيڪو ڪناٽ سرڪس وارو چوراهو ڇڏڻ بعد پهرين چوراهي ’گول ڊاڪ خانا‘ رائونڊ ابائوٽ وٽ آهي. سندس هڪ پاسي بابا کڙڪ سنگهه روڊ آهي ته پاسي کان اشوڪا روڊ آهي. پنهنجي سک ٽئڪسي ڊرائيور سان گڏ آئون، هن گردواري ۾ پهتس. هن کان اڳ به مون ڪيترن ئي ملڪن ۾ سکن جا ٽڪاڻا ڏٺا آهن. خاص ڪري ملائيشيا جي شهرن ملاڪا ۽ ڪئلالمپور وارا. ملائيشيا ۾ هڪ سؤ کان به مٿي سکن جا گردوارا آهن. 40 ته رڳو پيراق رياست ۾ آهن، جتي سکن جي تمام وڏي آدمشماري رهي ٿي. سکن جي گهڻائي انگريزن جي راڄ ۾ ملائيشيا ۾ آئي، جڏهن انگريزن جو ننڍي کنڊ توڙي ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) ۽ سنگاپور تي راڄ هو. سکن انگريزن جي فوج ۽ پوليس کان علاوه چوڪيدار ۽ ڌنار طور به ڪم ڪيو ٿي. هندوستان ۽ بعد ۾ ملايا کي آزادي ملڻ بعد ڪيترا سک توڙي مسلمان (پنجابي، پٺاڻ) پنهنجن نون آزاد ملڪن، انڊيا ۽ پاڪستان ڏي موٽي ويا، پر ڪيترائي غربت سبب، ڀاڙو نه هجڻ ڪري، يا مڪاني عورتن سان شادي ڪرڻ ڪري ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ٽِڪي پيا، جتي عبادت لاءِ هنن پنهنجا گردوارا ٺهرايا.
دهليءَ جو هي گردوارو پهرين هڪ رهائش جو بنگلو هو، ان ڪري هن جو نالو گردوارو بنگلا صاحب پئجي ويو. منهنجي سک ٽئڪسي ڊرائيور ارواديپ سنگهه ٽڪاڻي وٽ پهچي اُها ڳالهه مون ٻُڌائي.
سک ڊرائيور ٻڌايو ته هي انڊيا جي راجا جئه سنگهه جو ”جئسگهپورا محل“ نالي بنگلو هو. راجا جئه سنگهه (1667ع – 1611ع) مغل سلطنت جو سينئر جنرل هو، جنهن کي مغل بادشاهه ’مرزا راجا‘ سڏيندا هئا. ان کان علاوه جئه سنگهه امبر (جيڪا پوءِ جئپور سڏڻ ۾ آئي) بادشاهت جو حاڪم به هو. هن جي ڌيءَ اورنگزيب بادشاهه جي پٽ بهادر شاهه اول (جنهن 1707ع کان 1712ع تائين بادشاهت ڪئي) جي زال هئي.
”اسان جو اٺون سک گرو، گرو هرڪش 1664ع ۾ جڏهن دهليءَ آيو هو، ته هو هن بنگلي ۾ اچي رهيو هو“. سک ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو.
سکن جا ڏهه گرو ٿيا. گرو هرڪشن (1664ع-1656ع) سندن اٺون گرو هو. هي ننڍي عمر ۾، اڃان پنجن سالن جو هو ته سندس پيءُ گروهري راءِ جي وفات تي، سن 1661ع ۾ گرو ٿيو. اڍائي سال کن گرو رهيو ته ماتا ٿيڻ ڪري 1664ع ۾ گذاري ويو. هي اهو ئي سال آهي، جنهن ۾ هو دهليءَ ۾ جئه سنگهه جي هن بنگلي ۾ اچي رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ دهليءَ ۾ ڪالرا ۽ ماتا جي وبا پکڙيل هئي. گرو هرڪشن بيمارن جي ٽهل ٽڪور ڪندو رهيو ۽ هن بنگلي ۾ موجود کوهه مان صاف پاڻي ڀري ضرورتمندن کي پياريندو رهيو. مريضن جي خدمت ڪندي ڪندي ماڳهين هن کي به ماتا ٿي پئي، جنهن وگهي هن 30 مارچ 1664ع تي وفات ڪئي.
گردواري ۾ ٺهيل پاڻيءَ جي نادي ڏيکاريندي سک ڊرائيور ٻڌايو ته: ”هيءَ نادي راجا جئه سنگهه بعد ۾ ان کوهه مٿان ٺهرائي، جنهن مان اسانجي اٺين گرؤَ پاڻي ڪڍي مريض کي پياريو ٿي“.
هن کوهه جي پاڻيءَ کي سک پوتر ۽ طرياق سمجهن ٿا. ڏورانهن شهرن ۽ ملڪن کان ايندڙ سک واپسيءَ تي سوکڙيءَ ۽ شفا طور هن پاڻيءَ سان بوتلون ڀري وڃن ٿا. جيئن هردوار وٽ وهندڙ گنگا نديءَ جو پاڻي بيمارين جي علاج لاءِ هندو ياتري کڻي وڃن ٿا.
سکن جي گردواري واري ڪامپليڪس ۾ هائر سيڪنڊري اسڪول، بابا ٻهگل ميوزيم، هڪ لئبريري ۽ اسپتال به آهي. سکن جي ڪيترن ئي گردوارن ۾ هڪ عدد هاسٽل به ٿئي ٿي، جتي ٻاهران آيل مفت يا معمولي مسواڙ تي رات گذاري سگهن ٿا. اها هاسٽل ”ياتري نيواس“ سڏجي ٿي. هن گردواري ۾ به هڪ ٽريولرس هاسٽل آهي. هر روز تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن ٿا..... پوءِ ڪي عبادت ۽ عقيدت خاطر ته ڪي اسان جهڙا فوٽو ڪڍڻ لاءِ. انهن جي ڪارن جي پارڪنگ لاءِ گهڻ ماڙ پارڪنگ جاءِ آهي. گردواري ۾ هميشه لنگر جو بندوبست هوندو آهي. هن گردواري جو نه فقط لنگر هال وڏو آهي، پر ايئرڪنڊيشنڊ پڻ. گردواري ۾ گهڙڻ لاءِ هڪ ته بوٽ ٻاهر لاهڻو پوي ٿو ۽ ٻيو مٿو ڍڪڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. ڪا ٽوپي يا پڳڙي نه هجڻ جي صورت ۾ توهان کي داخلا واري گيت تي رومال ڏنو وڃي ٿو. لنگر جو بندوبست گردواري جي انتظاميا ڪري ٿي، پر پوڄا پاٽ لاءِ ايندڙ پڻ پاڻ سان کاڌو آڻين ٿا. ملاڪا شهر جتي مون وڏو عرصو گذاريو، اتي جا سنڌي هندو تامل هندن جي مندرن ۾ وڃڻ بدران گهڻو ڪري سکن جي مندر ۾ ايندا هئا ۽ پاڻ سان گهڻو ڪري سنڌي اسٽائيل واري کيرڻي ٺاهي ايندا هئا. هتي پڻ مونکي هڪ فئملي سنڌي ڳالهائيندي ملي وئي. اهو معلوم ٿيڻ تي ته منهنجو واسطو پڙهائڻ ۽ لکڻ سان آهي، هنن مونکي چيو ته آئون هينئر جو هينئر بڪا نيروالا ريسٽورنٽ / مٺائي ۽ نمڪو جي دڪان تي ضرور وڃان، جتي منهنجي ملاقات انڊيا جي هڪ سنڌي اديب پروفيسر ڍولڻ راهيءَ سان ٿي سگهي ٿي. ”هو هينئر هينئر اسان کي هتي ڇڏي مٺائي وٺڻ ۽ چانهه پيئڻ لاءِ ”بيڪا نيروالا“ پئي ويو“. هنن ٻڌايو.
اسان به ان وقت گردواري مان نڪري رهيا هئاسين ۽ بيڪا نيروالا جو نالو ٻڌي مونکي به مٺائي وٺڻ جو شوق ٿيو. بيڪا نيروالا کان نه فقط انڊيا جا، پر ٻاهر جي ملڪن جا ماڻهو به مٺائي ۽ نمڪين شين جي حوالي سان واقف آهن. جيئن اسان وٽ بامبي بيڪريءَ کان...... بيڪانير راجستان جو شهر آهي، جنهن جو ذڪر شاهه لطيف به پنهنجي بيتَ ۾ ڪيو آهي ته:
ڪَنهِين جُنبِي جيلسمِيرتان، ڏٺا بيڪانِير بَڪارَ
ڪَنهِين ڀُڄُ ڀڄائِيو، ڪَنهِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ
ڪَنهِين اَچي اَمر ڪوٽَ تان، وَسايو وَلهارَ
1950ع ۾ بيڪانير شهر ۾ ڪنهن مٺائيءَ ۽ نمڪو جو دڪان کوليو. جنهن جي مٺائي ۽ نمڪو ايڏو ته مشهور ٿيا جو ٻين شهرن جا ماڻهو هن بيڪانيرواري مٺائيءَ جي فرمائش ڪرڻ لڳا. پوءِ ته هن دڪان جي مالڪن ڪمپني ٺاهي. جنهن جو نالو ئي رکيائون ”بيڪا نيروالا“ ۽ ان نالي سان انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مٺائيءَ جا دڪان ۽ ريسٽورنٽون ٺاهيائون، جن تي ويهي ماڻهو چانهه يا ڪوڪا ڪولا سان گڏ مٺائي، دهي بڙا، چاٽ، گول گپا ۽ پڪوڙن ۽ نمڪ پارن جهڙيون شيون کائي سگهن.
”بيڪانيروالا “ جون اهي شيون ايڏيون ته مشهور ٿيون، جو انهن جا پئڪ ٿيل دٻا آمريڪا ۽ يورپ جي شهرن ۾ به نظر اچڻ لڳا..... جتي جتي به انڊيا، نيپال، پاڪستان ۽ بنگلاديش جا ماڻهو رهيا ٿي. هاڻ ته هن ڪمپنيءَ پنهنجي مٺائيءَ جا ڪارخانا ڪيترن ئي ملڪن ۾ کوليا آهن، جيئن تازي تيار ڪيل مٺائي دڪانن ۽ هوٽلن تي سپلاءِ ٿي سگهي. انهن ۾ دبئي، لنڊن، آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ شامل آهن. بيڪانيروالا کان علاوه ڪمپنيءَ پنهنجين شين کي ٻيا برانڊ نالا پڻ ڏنا آهن، جهڙوڪ بِڪانو، بِڪانو چاٽ ڪيفي ۽ آنگن. هي مضمون لکڻ وقت ڪمپنيءَ جي مالڪ شام سندر اگروال جي حوالي سان خبر پڙهي اٿم ته هنن تازو آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ 200 ڪروڙ رپين جو بيڪانيروالا فوڊ بزنيس شروع ڪيو آهي. اسانجي ملڪ ۾ به 1950ع ڌاري ٻه مٺائي ٺاهڻ وارا مشهور هئا. هڪ ”عبدالحنان“ ۽ ٻيو ”احمد“. ٻنهي جا نه فقط چين شاپ هئا پر ٻنهي جون پئڪ دٻن ۾ مٺايون..... خاص ڪري سوهن حلوو ۽ حبشي حلوو، نه فقط ويسٽ پاڪستان ۾ پر ايسٽ پاڪستان ۾ به مشهور هو. اسان جڏهن چٽگانگ (هاڻ بنگلا ديش) ۾ پڙهندا هئاسين، ته عبدالحنان جو حلوو ان وقت ايوب خان طرفان ٺهيل نئين مارڪيٽ ”بپن بتني“ مان وٺڻ ويندا هئاسين. پوءِ جهازن جي نوڪري شروع ڪئيسين ته ڪيترن ئي اوسي پاسي جي ملڪن ۾، اسانجي پاڪستانين جي دڪانن تان ملندو هو. هڪ ڏينهن خبر پئي ته هاڻ اهو پاڪستان ۾ به نٿو ملي. ڇو ڀلا؟ ماڻهن ٻڌايو ته انهن مٺائين وارن مٺائيءَ ۾ سٺو تيل استعمال ڪرڻ بدران گريز استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پڪڙ جي پيا ــ يعني هنن جي مٺائي ٺاهڻ تي بندش لڳي وئي. ڏانهن جو قول آهي ته:
“Success is step by step…….”
يعني ڪاميابيءَ تائين پهچڻ لاءِ هڪ هڪ ڏاڪو ڪري چڙهڻو پوي ٿو پر افسوس جو اسان جا ڪيترا واپاري هڪ رات ۾ امير ٿيڻ جي شوق ۾ پنهنجي تباهي آڻيو ڇڏين. جلد ۽ گهڻو پئسو ڪمائڻ جي لالچ ۾ هو سادا Ingredients استعمال ڪري شئي جو سواد ۽ معيار ڪيرايو ڇڏين. 1911ع ۾ حيدرآباد ۾ پهلراج گنگا رام ٿڌاڻيءَ هڪ بنگلي ۾ ”بامبي بيڪري“ نالي دڪان کوليو هو. اڄ هن کي هڪ سؤ سالن کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي، ماڻهو هن بيڪريءَ جي ڪيڪن پٺيان چريا آهن. ڪيترن بيڪرين وارن ان قسم جا ڪيڪ بسڪيٽ ٺاهيا پر هلي نه سگهيا. هر ڪو چوندو هو ته ٿڌاڻي فئمليءَ وٽ ڪيڪ بسڪيٽ ٺاهڻ جي ڪا Secret ترڪيب آهي، جيڪا هو ڪنهن کي ٻڌائڻ نٿا چاهن. مون اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ، ان جي مالڪ ڪمار (جيڪو 2010ع ۾ گذاري ويو) کان جڏهن ان متعلق پڇيو ته هن چيو ته هنن وٽ ڪا لڪلreceipe ناهي ۽ نه هو ماڻهن کان لڪي ٺاهين ٿا. ”دراصل هر هڪ اسان جهڙا ڪيڪ بسڪٽ ٺاهي سگهي ٿو پر ان لاءِ هنن کي اسان وانگر هر شئي، اٽو، مکڻ وغيره اعليٰ Quality جو استعمال ڪرڻو پوندو. اسان اعليٰ معيار سان گڏ قيمت مناسب رکون ٿا. اسانجي مال جو گهڻو وڪرو ٿيڻ ڪري اسان کي چار پئسا فائدو ٿيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ گهٽ وڪري ۾ بچت ٿيڻ مشڪل آهي“. ڪُمارَ مون کي ٻُڌايو هو. اسان وٽ ماڻهو ٿوري وڪري ۾ گهڻو فائدو حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ سستي قسم جو گيهه، مکڻ ۽ ٻيو مال استعمال ڪن ٿا، جنهن ڪري تيار ٿيل شئي ۾ اهو سواد ۽ سڳنڌ نٿو رهي.
بهرحال اسان گردوارا بنگلا صاحب تان بيڪا نيروالا تي آياسين، جيڪو پنجن منٽن جي پنڌ تي آهي. اتي اسان جي انڊيا جي مشهور سنڌي اديب پروفيسر ڍولڻ مورواڻيءَ سان ملاقات ٿي. سندن تخلص ”راهي“ آهي. ان ڪري ادبي دنيا ۾ هو ”ڍولڻ راهيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي. راهيءَ ٻڌايو ته هنن جي وڏن جو ڳوٺ ٽنڊو بهاول خان هو. ورهاڱي وقت سندس والد شري تيرٿ داس اجمير ۾ ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ هو. ڍولڻ راهي 6 جولاءِ 1949ع تي اجمير ۾ ڄائو. پاڻ بامبي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ M.A ۽ B.Ed ڪيائين. ”انهن ڏينهن ۾ بامبي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ رام پنجواڻي هو. هيرو شيوڪاڻي، پوپٽي ويراننداڻي، چندرا آڏواڻي ۽ رام شرما منهنجا پروفيسر هئا“. راهيءَ ٻُڌايو.
ڍولڻ راهيءَ گرئجوئيشن بعد اجمير ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو. جتان هو سال 2009ع ۾ رٽائرڊ ٿيو آهي. سندس ڇپيل ڪتاب ڪجهه هن ريت آهن:
• نيڻن اوتيو نينهن ــ 1979ع
• عڪس ۽ پڙدا ـــ 1985ع
• ڏات جون ڏياٽيون ــ 1987ع
• مور پنکي پالا ــ 1995ع
• انڌيرو روشن ٿئي ــ 2003ع
• استري تنهنجا روپ ــ 2006ع
• مان آرسي تنهنجي ــ 2013ع
انهن پنهنجن ڪتابن کان علاوه ڍولڻ راهيءَ ڪيترائي ڪتاب ترجمو به ڪيا آهن. جيئن ”مٺو پاڻي، کارو پاڻي“..... جيڪو جيا جادواڻيءَ جي هندي ناول جو ترجمو آهي. جيا جادواڻي 1959ع ۾ ڄائي ۽ هن هندي لٽريچر ۽ سئڪالاجيءَ ۾ ايم اي ڪئي. هوءَ اڄ ڪلهه انڊيا جي مشهور شاعره، افسانانويس ۽ ناول نويس آهي. کيس هن سال انڊيا جو هڪ وڏو ادبي ايوارڊ به مليو آهي، جيڪو سندس ان ناول تي آهي، جيڪو ڍولڻ راهيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڍولڻ جو اهو سنڌي ترجمو نه فقط انڊيا ۾ پر هتي ڪراچيءَ ۾ پڻ رکيل مورائيءَ ڇپرايو آهي. مزي جي ڳالهه اها ته جيا جادواڻيءَ هن هندي ناول جو نالو ”ميٺا پاني کارا پاني“ رکڻ بدران سنڌي نالو ”مٺو پاڻي کارو پاڻي“ رکيو آهي. هن 272 صفحن جي ناول ۾ جيا جادواڻيءَ سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تاريخ لکي آهي. جيا جي هن هندي ناول جو رڪارڊ آهي ته هڪ سال اندر ان جا ٽي ايڊيشن ڇپيا. جيا جادواڻيءَ جا ٻيا به ڪيترائي هندي ناول ۽ افسانن جا مجموعا مشهور آهن، جيئن:
• اندر کے پانیوں میں کوئی سپنا کا نپتا ہے
• اسی سے پوچهو
• کچهہ نہ کچهہ چهوٹ جاتا ہے
• اٹهاتا ہے ایک مٹهی
• همیں ہے عشق مستانا
سندس هڪ ناول جو نالو آهي ”تتوامسي“ (Tattwamasic). ڍولڻ راهيءَ کان پڇيم:”اهو هندي/اڙدو جو ڪهڙو لفظ آهي؟ مون کي ته بلڪل سمجهه ۾ نه پيو اچي!“
”اهو دراصل اسانجي سنسڪرت جي پوڄا مان آهي“. ڍولڻ ٻڌايو. ”پهرين سٽ آهي ته: اهم برهما اسي..... يعني مان برهم آهيان ــ حق آهيان. ان جي ٻي سٽ آهي: تت توم اسي..... يعني پر تون به اهو ئي آهين، سو جيا جادواڻيءَ ’تت توم اسي‘ کي ملائي پنهنجي ناول جو نالو ”تتوام اسي“ رکيو آهي“.
بهرحال ادب جي شوقينن کي جيا جادواڻيءَ جي ناولن ۽ شاعريءَ جو ترجمو پڙهڻ ۾ ضرور مزو ايندو. ڍولڻ راهيءَ سان گڏ موجود سندس دوست ڪنهيي شواڻيءَ ٻڌايو ته جيا جا ڪجهه ناول انگريزيءَ ۾ هنن نالن سان ترجمو ٿي چڪا آهن:
• No Body Else
• Such woman
• No Sea
ڪنهيو شواڻي ڀوپال ۾ رهي ٿو ۽ سنڌيءَ جو سٺو شاعر آهي. سندس چوڻ تي ڍولڻ راهيءَ هڪ مزاحيه شعر ٻڌايو، جيڪو بنيادي طرح الهاس نگر جي شاعر ايشور مفلس جو آهي، پر ان کي ڍولڻ راهيءَ وڌايو ۽ وڌيڪ مزاحيه بڻايو آهي. ايشور مفلس گذاري چڪو آهي. هن ٿوري شاعري ڪئي پر تمام بهترين ڪئي اٿس. سندس هي شعر جنهن جو base کڻي ڍولڻ نئون تيار ڪيو آهي، 50 سال اڳ جو آهي.
مهمان
جڏهن ڪنهن جي در تي ٿو مهمان پهچي
چڱو خاصو گهر کي ٿو نقصان پهچي
هو قسمت سان ڪنهن جي گهر اڪيلو وڃي ٿو
جي سگهرو وڃي ٿو ته پاسا ڀڃي ٿو
آيو منهنجي مامي جي سالي جو سالو
چاڙهي آيو گهر تي عليڳڙهه جو تالو
وٺي پاڻ سان آيو ڏيلي جو ڏيلو
چُوهڙ، چندران، چمن، چيتو، چيلو
ستون ماءُ جي هنج ۾ اٺون پيٽ ۾ هو
جو اچڻو دنيا ۾ ايندڙ ڄيٺ ۾ هو
اچڻ سان چيائين: ڪهڙو حال آهي؟
منهنجو نالو بجلاڻي خوشحال آهي
ٽنڊي ٺوڙهي ۾ هيڊماستر هيس مان
ورهاڱي کان پوءِ آگري ۾ رهيس مان
ٻڌو هوندو شايد اوهان منهنجو نالو
مان آهيان اوهانجي ئي سالي جو سالو
سڃاڻان نه مان پنهنجا پورا ناناڻا
تڏهن به چيم ها! توهان کي سڃاڻان
ڀلي آيا جي آيا گهر آهي توهانجو
لمبو ۽ ڏکيڙو سفر آهي توهانجو
سڄي گهر لاءِ ته پوءِ آزار ٿي پيو
منهنجو ڪمرو ٻارن سان ٽمٽار ٿي پيو
هئا هنڌ نه پورا، نه پوريون فراسيون
اهو سوچي ٿي مونکي آيون اٻاسيون
تڏهن به هن ڪاڪي کي ڪو خيال نه آيو
اسان پنهنجو هنڌ رڌڻي ۾ وڇايو
پوءِ ڪاڪي جي کونگهرن جو آواز آيو
رڙيون، منهنجو بيبو، بچايو بچايو
اسر جي وڃي ٿوري ننڊ آئي
صبح جو اٿي ڪاڪي مند جي ٻڌائي
چيائين چئو ڪنوار کي چانهه ڪاڙهي
تري پوريون ۽ پاپڙ، پٽاٽا اوٻاري
مانيءَ سان اسان کي مٺو به آ گهربو
هجي گهر ۾ رٻڙي يا انبن جو مربو
منجهند جو مڇي يا چڪن ئي گهرايو
هجي چاٽ چهري ٻيو تيوڻ ٺهرايو
ڪيو ڪاڪي اهڙو مها تنگ گهر کي
خبر ان جي مونکي ۽ ٻيو ايشور کي
رهيا چار مهينا ۽ پوءِ موڪل ورتائون
ويندي ويندي ٽي وي ۽ ريڊيو ڀڳائون
نوان ٽوال پنج، ٽي وهاڻا کڻي ويا
لونگ، مرچ ڪارا ۽ ڌاڻا کڻي ويا
گهگهي گلاس کنيائون، باندر ڇاپ منجن
ٻيو لوٽو کنيائون، چئي الک نرنجن
گنجيون به کڻي ويا، ڪڇا به کڻي ويا
بشرٽون، پجاما اڇا به کڻي ويا
دريون در ڀڃي ويا، ڪري ويا ڪٻاڙو
اسانکي ڇڏيو پر اُچائي ويا پاڙو
ڇڏيائون نه ببلوءَ جو جانسن پائوڊر
منهنجي زال جون چار ڪوٽيون ۽ ٻه برئزر
ٿيا حال هيڻا، مليا سور ٻيڻا
ڪري ڀينگ گهر جي هليا ويا ڪميڻا
سڄي گهر جي اهڙي ته حالت ڪري ويا
موهن جي دڙي جهڙي صورت ڪري ويا
ٿيو ان کان پوءِ ڇا ۽ ڇا ٿي سگهي ٿو؟
سو گهر ٻار وارو ئي سمجهي سگهي ٿو
ڍولڻ راهيءَ جو سُر ۾ مٿيون مزاحيه غزل ٻڌي مونکي ماسٽر چندر ياد اچي ويو، جڏهن 1980ع واري ڏهاڪي جي شروع واري سال ۾، هو ڪئالالمپور (ملائيشيا) آيو هو، جتي سنڌين طرفان محفل سجائي وئي هئي ۽ ماستر چندر پنهنجي مزاحيه انداز ۾ شعر ۽ ڳالهيون ٻڌايون هيون.
هتي اهو به لکندو هلان ته ڍولڻ راهيءَ ”شيام“ جي شاعري پڻ هنديءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي. پاڻ سٺو راڳي به آهي ۽ سندس راڳَ جون ڪئسٽون هتان جي سنڌي ڪٽنبن ۾ تمام مشهور آهن، جيئن ته:
• چيٽي چنڊ جي سوکڙي
• ڪنور جي قرباني
• مور لاڏو
• شاهاڻي شادي
• ڀڳتن جو ڀڳواڻ
کيس ڪيترائي ادبي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
پروفيسر ڍولڻ راهي مورواڻيءَ ٻڌايو ته هو اجمير جي پراگتي نگر ۾ فلورينس اپارٽمينٽس ۾ رهي ٿو ۽ سندس ٽيليفون نمبر 0091-94-6886-8812 آهي. پروفيسر ڍولڻ منهنجا ڪيترائي سفرناما پڙهيا هئا. هو منهنجي تعريف ۽ وڌيڪ لکڻ لاءِ همت افزائي ڪندو رهيو. مون پڻ جيا جادواڻيءَ جي ناولن ۽ سندس ترجمي جي واکاڻ ڪئي ته اهي هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيا آهن، ان جو مطلب اهو ئي ٿيو ته پڙهڻ وارن ان کي پسند ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن جا ڪتاب سنڌ جي اديب رکيل مورائيءَ جي معرفت ڇپجن ٿا. جنهن کان آئون ڪراچيءَ پهچي انهن ڪتابن جي ڪاپي حاصل ڪري سگهان ٿو. هن منهنجي خبر ناهي جيا جادواڻيءَ سان ڪهڙن لفظن ۾ تعريف ڪئي، جو ڪراچيءَ پهچڻ تي جيا پاڻ مونکي خط لکيو ۽ منهنجي چوڻ تي پنهنجي تصوير ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپرايل بايو ڊيٽا موڪلي. هوءَ اڄ ڪلهه ڇتيس ڳڙهه رياست جي رائپور شهر ۾ رهي ٿي ۽ سندس فون نمبر 00-91-982794-7480 آهي.