الطاف شيخ ڪارنر

واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

”منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟ هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي.“
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامو هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3542
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

5

پاڻ واپس دهليءَ جي ڪناٽ پليس جي ڳالهه ڪريون، جيڪو دهليءَ جو مرڪزي ۽ خوبصورت علائقو آهي. منهنجي سک ٽئڪسي ڊرائيور (جيڪو منهنجي لاءِ گائيڊ به هو)، مونکي ڪناٽ پليس جي چوڌاري، آخري گول ڇَليدار روڊ ”ڪناٽ سرڪس“ تان مختلف طرفن ڏي ٻاهر ڦٽندڙ رستن مان هڪ ”جان پاٿ“ روڊ تي آڻي، ونڊسر چوواٽي تي اچي ترسايو، جتان کاٻي پاسي فيروز شاهه روڊ پڻ نڪري ٿو ۽ جنهن روڊ جو نالو پڙهي تغلق سلطنت ۽ ٺٽي وغيره جون ڳالهيون ياد اچي ويون ۽ ڪجهه صفحا ڪارا ڪري ويٺو آهيان.
”سرڪار ڪيڏانهن هلون، پهرين ڇا گهمڻ چاهيندئو؟“.
ٽئڪسي ڊرائيور پڇيو.
”اهو ئي سوچيان پيو......“. مون چيو.
”توهان تعليمي درسگاهن جي ڳالهه ڪئي، ان ڪري هن پاسي جو رخ ڪيم“. ٽئڪسي ڊرائيور پنجابي اسٽائيل هنديءَ ۾ مون سان پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو ۽ گهمڻ جوڳيون جايون ٻڌايون.
”توهان شايد مولانا ابوڪلام آزاد ميڊيڪل ڪاليج يا ليڊي ارون ڪاليج ڏسڻ چاهيو. اهي ٻئي هتي ئي آهن. ٿورو هيٺ ڀرو امبيڊڪر يونيورسٽي آهي ۽ ان جي ئي ويجهو ليڊي هارڊنگ ميڊيڪل ڪاليج آهي......“.
سک ٽئڪسي ڊرائيور ٻين به ٻن ٽن تعليمي درسگاهن جا نالا ورتا ۽ آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته هتي دهليءَ ۾.... ۽ ويندي انڊيا جي ٻين شهرن ۾ ڪيترائي ته ناليرا ۽ آڳاٽا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين آهن ۽ انهن سان گڏ ممبئي، ڪلڪتي، پوني، بڙودا وانگر دهلي به ماڊرن ۽ اعليٰ اسپتالن سان ڀريو پيو آهي. جن ۾ سرڪاري به آهن ته خانگي به..... ۽ ويندي خيراتي به. ڪي انهن امير انڊينس ٺهرائيون آهن، جيڪي ولايت ۾ رهن ٿا ۽ اتي ڪاروبار اٿن، ته ڪي انهن مخير (Philanthropists) پارسي، گجراتي، سنڌي هندن ۽ عيسائين ٺهرايون آهن، جيڪي هتي انڊيا ۾ رهن ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾ انگريزن جو راڄ 1843ع ۾ ٿيو. ان کان پوءِ هنن ڪجهه ”ڪانوينٽ“ اسڪول ۽ ”ڊو“ جهڙا ميڊيڪل ڪاليج ٺهرايا ۽ هونءَ به هو ان وقت دهلي، بمبئي، ڪلڪتي پاسي چڱي طرح Settle هئا. هنن جي سنڌ جهڙي هڪ ڏورانهين/ڪنڊائتي علائقي سان اهڙي دلچسپي نه هئي. ڪلڪتي، دهليءَ ۽ بمبئيءَ پاسي ته هو وڏي عرصي کان رهيا پيا هئا. سو ظاهر آهي ته هنن اتي ئي گهڻا تعليمي ادارا ٺهرايا.
منهنجي خيال ۾ ان ۾ رڳو برطانيا راڄ، يعني انگريزن جو هٿ نٿو چئي سگهجي پر ان جو ڪريڊٽ ادارن (تعليم، صحت، ريلوي، وغيره جي کاتن) کي به ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو. ڇو ته اسان وٽ جيڪي ٿورا گهڻا انگريزن ۽ بعد ۾ پارسين جا ٺهرايل اسڪول ڪاليج آهن..... ايڇيسن کان ماما پارسي، ڪانوينٽ اسڪولن کان NED، انهن ۾ معيار ۽ ڊسپلين کي بهتر بنائڻ بدران خراب ڪيو ويو. ڪاپي ڪلچر ۽ بورڊ ۽ يونيورسٽين جي امتحانن ۾ رشوت ۽ جعلي ڊگرين جي وڪري جي ڪري اسان جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي ۽ اهو ئي حال صحت جي ادارن جو به آهي. انڊيا جي اسپتالن ۾ ڪيترائي پاڪستاني مريض نظر اچن ٿا، جن جو چوڻ آهي ته سندن علاج پاڪستان ۾ ناممڪن هو يا تمام مهانگو آهي..... ۽ اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن کي انڊيا اسان خلاف exploit ڪري ٿي.
نه رڳو انڊيا پر اسان جا پاڪستاني ڪارخانيدار ۽ بزنيس مين، جن جو يورپ، آمريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ ڪاروبار آهي، اهي پنهنجين فئڪٽرين توڙي آفيسن ۾ اهو چئي انڊينس کي ترجيح ڏين ٿا ته اتي جا نوجوان نه فقط تعليم يافته آهن، پر پنهنجي فيلڊ جي بهتر ڄاڻ رکن ٿا ۽ انڊيا جو لئبر، هنر مند ۽ پنهنجي ڪم جو ماهر آهي ۽ بهتر Output ڏئي ٿو.
ڪجهه سال اڳ ممبئي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏسي اهو سوچيو هيم ته ممبئي اسان کي کوکر اپار کان ويجهي آهي ۽ اِتي ٽرين ذريعي پهچڻ سستو آهي. ڇو نه اسان جا شاگرد ۽ پروفيسر ننڍن ٽولن ۾ هر مهيني ممبئي يونيورسٽيءَ جي ڪنهن هاسٽل يا گيسٽ هائوس ۾ هفتو کن رهي ممبئي يونيورسٽيءَ جي نظام کي ڏسن ته اتي جا شاگرد ۽ پروفيسر تعليم لاءِ ڪيئن پاڻ پتوڙين ٿا. مون سنڌ يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وائيس چانسلر سائين مظهر الحق صديقي صاحب کي به ڪافي حد تائين مطمئن ڪيو هو، پر پوءِ ماڳهين هن صاحب جي ئي نوڪري ختم ڪئي وئي. اڄ ڪلهه سياسي طرح انڊيا سان سٺا تعلقات نه آهن نه ته اسان جا شاگرد ۽ تعليمي ادارا به ڏسي سگهن ٿا. ائين ته سکڻ ۽ سمجهڻ خاطر، ملائيشيا۽ سنگاپور به وڃي سگهن ٿا، پر اوڏانهن باءِ ايئر وڃڻ جي ڪري ڀاڙو گهڻو ٿو ٿئي ۽ هوٽلن ۾ رهائش ۽ کاڌو پيتو به مهانگو آهي. ان خيال کان ايران بهتر آهي جو باءِ بس وڃي سگهجي ٿو ۽ اتي ٻين ملڪن، ويندي پاڪستان جي مقابلي ۾ به کاڌو پيتو سستو ۽ صحتمند آهي. آخر ڪو زمانو هو جو ايران، عرب ملڪن، ملائيشيا ۽ سري لنڪا جهڙن ملڪن جا شاگرد اسان وٽ آيا ٿي، جو اسان وٽ بهتر نظام هو ۽ هاڻ اسان هنن کان سکي پاڻ سڌاري سگهون ٿا/پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر بنائي سگهون ٿا. سچ ته انڊيا، ملائيشيا، سنگاپور توڙي آفريڪا جي ڪنهن ملڪ (ممباسا، نئروبي جهڙن شهرن) ۾ اتي جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويندو آهيان ته پاڻ کي ڏاڍو بي چين محسوس ڪندو آهيان ته هھڙا ملڪ جيڪي اسان جي ملڪ کان گهڻو گهڻو پٺتي هئا، اڄ تعليم، صحت، قاعدي قانون ۽ ٻين ڳالهين ۾ اسان کان ڪيڏو اڳيان نڪري ويا آهن..... يا کڻي چئجي ته اسان ڪيترو پٺتي رهجي ويا آهيون! خبر ناهي ڇا ٿيو، اسان کان ڪهڙيون ڪوتا هيون ٿيون.....!
”سر! مولانا آزاد ميڊيڪل ڪاليج سامهون آهي. چئو ته اندر هلون.....؟“. منهنجي سک ٽئڪسي ڊرائيور مونکي خاموش ڏسي مونکان هڪ دفعو وري پڇيو. ”نه..... اتفاق سان آئون ٽيون ڏينهن ان جي ڊين سان ملڻ ويو هوس ۽ ڪاليج جو به سير ڪري آيس“.
دراصل ملائيشيا جي، منهنجي هڪ ملئي دوست جي، ڊاڪٽر پٽ کي، جڏهن خبر پئي، ته آئون دهليءَ وڃي رهيو آهيان، ته هن مونکي سندس پروفيشن سان واسطو رکندڙ هڪ ڪتاب “Principle of Pediatrics & Neonatal Emergencies” دهليءَ مان آڻڻ لاءِ چيو هو.
”اهو ڪتاب انڊيا ۾ ضرور ملي ويندو جو ان جو آٿر ڊاڪٽر سڌارٿا رامجي نالي انڊين آهي“. منهنجي ملئي دوست جي پٽ چيو. ”جي دڪان ۾ نه ملي ته ڪنهن پراڻن ڪتابن جي مارڪيٽ مان کڻي ڳولجو“.
”توهان فڪر ئي نه ڪيو. ٻئي ڪنهن هنڌ وڃان يا نه وڃان پر هر شهر ۾ پراڻن ڪتابن جي مارڪيٽ ۾ ضرور ويندو آهيان“. مون هن کي دلداري ڏني.
سچ ته اهو آهي ته دهليءَ جي وڏي پراڻن ڪتابن جي ”سنڊي مارڪيٽ“ جيڪا لال قلعي جي ويجهو، آصف علي روڊ تي، دريا گنج واري علائقي ۾ لڳي ٿي، ان جي مقابلي جي مارڪيٽ مونکي دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ نظر نه آئي! هيءَ مارڪيٽ جڏهن آچر ڏينهن دڪان بند ٿيڻ ٿا، ته ڪراچيءَ ۾ آچر ڏينهن لڳندڙ ڪتابن جي مارڪيٽ وانگر، فوٽ پاٿ تي لڳي ٿي. هيءَ آصف علي روڊ کان شروع ٿئي ٿي ته نيتا جي سڀاش مارگ (شاهراهه) تائين هلي وڃي ٿي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ سوا ڪلو ميٽر کن ٿيندي. يارو! ڇا ته ڪتابن جي ورائٽي ۽ تعداد آهي..... شعرو شاعريءَ جي ڪتابن کان وٺي ناول، افسانن ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب، ڪارٽونن ۽ ترجمن جا ڪتاب، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جا ڪتاب..... ميل کن فٽ پاٿ ڪتابن سان ڀريل رهي ٿو. اسانجا اهي اديب جيڪي ادبي دعوتن ۾ يا گهمڻ خاطر دهليءَ وڃن ٿا ۽ هنن کي ڪتابن جي چاهت آهي، هو آچر ڏينهن دهليءَ جي هن علائقي دريا گنج ۾ ضرور وڃن. هو معمولي اگهه تي، پنهنجا دلپسند ۽ قيمتي ڪتاب، جيڪي اميزان وارن وٽ به موجود نه هجن ۽ نه ڪنهن لئبرريءَ ۾..... اهي هتان حاصل ڪري سگهن ٿا. هاڻ ته دهلي شهر ۾ ميٽرو ريل گاڏي هلي ٿي. ان ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ، ويندي لي مارڪيٽ، چاڪيواڙي، بغدادي جهڙن دهليءَ جي ڳتيل ۽ رش وارن علائقن ۾ به آسانيءَ سان گهٽ ڀاڙي ۾ پهچي سگهجي ٿو. دهليءَ ۾ توهان جي رهائش کڻي ڪٿي به هجي، توهان پنهنجي ويجهو ميٽرو اسٽيشن تان گاڏيءَ ۾ چڙهو ۽ چاندني چوڪ يا چوري بازار اسٽيشن تي لهي پوءِ اتان رڪشا (جيڪا ماڻهو ڇڪي ٿو) يا آٽو (پاڻ واري موٽر سائيڪل واري رڪشا) ذريعي هن مارڪيٽ ۾ پهچي سگهو ٿا.
ڪتابن جون هھڙيون فوٽ پاٿ واريون مارڪيٽون دهليءَ ۾ ٻيون به آهن. خاص ڪري پتلي گلي مارڪيٽ، جيڪا جامع مسجد جي ڀرسان واري ”نئي سڙڪ“ روڊ جي فوٽ پاٿ تي آهي، جنهن جي ڀرسان کاٽو شيام مندر ۽ سکن جو سين گنج صاحب ٽڪاڻو به آهي. دهليءَ جي هيءَ نئي سڙڪ هڪ ويڪرو روڊ آهي، جيڪو انگريزن جي ڏينهن جو ٺهيل آهي، جيئن ڪراچيءَ جي موتن داس ۽ بولٽن مارڪيٽ اڳيان وهندڙ بندر روڊ (ايم اي جناج روڊ) ۽ ان ئي وانگر ٻماڙ عمارتون آهن، جن جي گرائونڊ فلور تي ڪتابن جا دڪان آهن.
ائين ممبئي وڃڻ وارا ڪتابن جا شوقين اتي جي آچر بازار مان ڪتاب خريد ڪري سگهن ٿا، جيڪا فورٽ واري علائقي ۾ لڳي ٿي. توهان چرچ گيٽ يا CST اسٽيشن تي لهي، پنڌ، رڪشا يا بس ۾ فورٽ ايريا ۾ لهي، هن مارڪيٽ ۾ پهچي سگهو ٿا. جيڪا فلورا فائونٽين (ڦوهاري واري چوڪ) سان بلڪل لڳو لڳ آهي.
مونکي ملئي دوست جي ڊاڪٽر پٽ لاءِ گهربل ڪتابن “Principle of Paediatric & Neonatal Emergencies” ته هڪ عام ميڊيڪل بڪ شاپ تان ملي سگهيو ٿي، پر پوءِ آچر بازار مان 300 روپين ۾ ملي ويو. مونکي حيرت ٿي ٿئي ته انڊيا ۾ ڪتابن جو اگهه شروع کان ڪيڏو گهٽ رهيو آهي ۽ ان سان شاگردن کي وڏو فائدو ٿئي. اڄ ڪلهه جي مونکي خبر ناهي پر اسان جي ڏينهن ۾ B.E (انجنيئرنگ) جا ڪيترا ڪتاب انڊين ليکڪن جا انڊيا جا ڇپيل هوندا هئا جيڪي پوءِ اسان جي پبلشرن ڪاپي رائيٽ جو خيال نه ڪندي، اسان جي ملڪ ۾ ڇپيا ــ جيڪي سٺي پرنٽ ۽ سٺي پني جي نه هجڻ جي باوجود، انڊين ايڊيشنن کان مهانگا مليا ٿي. اهڙيءَ طرح ملائيشيا ۽ سنگاپور جا شاگرد به ڪيترا ئي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين ٽيڪنيڪل سبجيڪٽن جا ڪتاب انڊين ليکڪن جا، انڊيا ۾ ڇپيل گهرائين ٿا. مٿيون ڪتاب 817 صفحن جو آهي. نئين جي قيمت گهڻي آهي پر تڏهن به هھڙي پروفيشنل ڪتاب جي 1200 روپيا قيمت ڪا گهڻي ناهي. هھڙيون فوٽ پاٿ واريون ڪتابن جون سستيون مارڪيٽون، جتي 1200 روپين وارو ڪتاب 300 ۾ ملي وڃي، انڊيا جي شاگردن لاءِ وڏو سک بڻيل آهن.
مٿيون ڳالهيون وچ ۾ ان ڪري شروع ڪيم جو نوان ڪتاب وڪڻن واري دڪاندار جنهن 1200 ۾ نئون ڪتاب ٿي وڪيو، تنهن ٻڌايو ته هن ڪتاب جو ليکڪ سڌارٿ رامجي سامهون واري ميڊيڪل ڪاليج (هن مولانا آزاد ميڊيڪل ڪاليج MAMC ڏي اشارو ڪري چيو) ۾ پروفيسر ۽ ڊين آهي. هونءَ به آئون مولانا آزاد جي نالي ڪاليج هجڻ ڪري، هن ڪاليج کي ڏسڻ جو خواهشمند هوس. مولانا آزاد جي نالي مون رڳو ٻڌو هو ته ڪلڪتي ۾ يونيورسٽي آهي، جنهن جو پهريون نالو ”ويسٽ بينگال يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي“ هو، پر هاڻ دهليءَ جو هي ”مولانا ابوالڪلام آزاد ميڊيڪل ڪاليج“ گهمڻ تي معلوم ٿيو ته مولانا صاحب جي انڊيا وارن چڱي عزت افزائي ڪئي آهي. جنهن جو هو لائق به آهي. ائين ته اسان وٽ مولانا دين محمد وفائي به وڏو قابل ماڻهو ٿي گذريو آهي، جنهن انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي، پر هن جي نالي اسان وٽ نه ڪا اسپتال آهي ۽ نه يونيورسٽي. بس آرٽس ڪائونسل جي مين گيٽ وارو روڊ هن نالي آهي جنهن جي ڊيگهه هڪ ميل به مس ٿيندي.
MAMC يعني مولانا آزاد ميڊيڪل ڪاليج (هيءَ ائين آهي جيئن ڄامشورو واري لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس، يونيورسٽي ٿيڻ کان اڳ سالها سال LMC يعني لياقت ميڊيڪل ڪاليج سڏبي هئي) گهمڻ بعد خبر پئي ته مولانا ابوالڪلام آزاد نالي انڊيا ۾ روڊ، پارڪ ۽ پليون وغيره ته آهن پر ڪيترائي اهم تعليمي ادرا پڻ آهن. جيئن ڀوپال شهر ۾ ”مولانا آزاد نئشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“، حيدرآباد دکن ۾ ”مولانا آزاد نئشنل اڙدو يونيورسٽي“ ۽ ساڳئي نالي واري يونيورسٽي نئي ممبئي جي علائقي واشيءَ (Vashi) ۾ پڻ آهي.
دهليءَ جي MAMC ۾ منهنجي هڪ ٻن پروفيسرن ۽ ڪجهه شاگردن سان ڪئنٽين ۾ ملاقات ٿي. ڪيترائي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا شاگرد به هئا. مون چونڊي چونڊي ملئي شاگردن سان به ڳالهايو، جن ۾ هڪ نزينگانو جي هڪ ڇوڪري به هئي. ڪو زمانو هو جڏهن اسان به شاگرد هئاسين، ويندي منهنجي ملائيشيا ۾ نوڪريءَ دوران، لڳ ڀڳ 1990ع تائين، ملائيشيا ۾ تعليمي ادارن جي کوٽ هجڻ ڪري، ملائيشيا جا شاگرد ميڊيڪل، انجنيئرنگ، نيوي، مرچنٽ نيوي ۽ ٻين سبجيڪٽن لاءِ سنگاپور ۽ اسان ڏي، انڊيا ۽ پاڪستان آيا ٿي. پر گذريل ٽيهارو سالن ۾ ملائيشيا تعليمي معيار ۾ اڳيان اڳيان ٿي ويو ۽ دنيا جون مشهور يونيورسٽيون ۽ پروفيشنل ڪاليج (جن ۾ ڪجهه ٺڳ قسم جا، رڳو فيون حاصل ڪرڻ وارا ادارا پڻ آهن) هتي قائم ٿيا. مون ملائشيا جي شاگردن کان سندن انڊيا ۾ اچي تعليم حاصل ڪرڻ جو پڇيو ۽ پنهنجي حيرت جو اظهار ڪيو. هنن اهو ئي سبب ٻڌايو ته انڊيا ۾ تعليم جو معيار ملائيشيا کان به بهتر آهي، پراڻا تعليمي ادارا آهن، جن ۾ قابل پروفيسر پڙهائين ٿا، جن جا لکيل ڪتاب اسان وٽ به (يعني ملائيشيا ۾ به) قدر جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا، داخلا ۽ ٽيوشن فيون گهٽ آهن، هاسٽلن ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي تي خرچ گهٽ آهي..... وغيره. هڪ افغاني ڇوڪريءَ کان جڏهن پڇيم ته تون ته هيڏو پري اچڻ بدران پشاور يا لاهور جي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺين ها ته هن وراڻيو ته هتي (يعني دهليءَ ۾) امن امان جي حالت تمام بهتر آهي ۽ عورتون آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهن ٿيون.
هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سٺي پڙهائيءَ سان گڏ شاگرد/شاگردياڻين جي رهائش لاءِ هاسٽلون ۽ کاڌي پيتي لاءِ سٺيون ميسون آهن. ايتريقدر جو امير انڊين بزنيس مين ۽ سفارتڪار جيڪي يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ رهن ٿا، اهي به پنهنجا ٻار تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا، جتي هو هاسٽلن ۾ رهن ٿا. مون پوني، بنارس ۽ ممبئيءَ جي اعليٰ تعليمي درسگاهن ۾ ان قسم جا ڪيترائي اسٽوڊنٽس ڏٺا. جن بابت احوال پنهنجن سفرنامن ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۾ لکي چڪو آهيان.
هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾، جيڪو مختلف ملڪن جي تعليمي معيارن کان واقف هجي، مون کي هر وقت اهو خيال ايندو آهي ته، ڪاش انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڦڏا نه هجن ها، ته اسان جي شاگردن لاءِ (جيڪي ملائيشيا ۽ چين جهڙن ڏورانهن ملڪن ۾ تعليم لاءِ وڃن ٿا) انڊيا بهتر رهي ها ــ جيڪو هڪ پاڙيسري ملڪ آهي، جتي ڳري هوائي خرچ بدران بسن يا ٽرين رستي به پهچي سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻيو پاڙيسري ملڪ ايران آهي، جتي تعليمي معيار بلند آهي ۽ کاڌي پيتي ۽ رهائش جي سستائيءَ سان گڏ، اُتي انڊيا کان به بهتر امن امان جي صورتحال آهي، پر اتي انگريزيءَ بدران فقط فارسي ٻولي هلي ٿي.
دهليءَ ۾ هجڻ ڪري ۽ مولانا آزاد جي نالي جي ڪري به، هتان لنگهندي وقت، هن ڪاليج ڏسڻ جي خواهش ٿي. هتي جي پروفيسرن شاگردن کان خبر پئي ته 122 ايڪڙن تي پکڙيل هي ڪاليج، تعليمي معيار ۾ ملڪ جون ٽيون نمبر ڪاليج آهي. ساڻس چار اسپتالون ڳنڍيل آهن.
لوڪ نايڪ اسپتال، جي بي پئنٽ انسٽيٽيوٽ آف پوسٽ گرئجوئيٽ ميڊيڪل ايڊيوڪيشن ائنڊ ريسرچ، مولانا آزاد انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل سائنسز، ۽ گرو نانڪ آءِ سينٽر.
MAMC نه فقط اعليٰ تعليم جي ڪري هاڪارو آهي، پر ان ۾ مريضن لاءِ 2800 بسترا آهي، 47 آپريشن ٿيٽر آهن، جن ۾ روز آپريشنون ٿين ٿيون ۽ روزانو ايندڙ آئوٽ ڊور پئشنٽس جو تعدادست کان اٺ هزارن تائين چيو وڃي ٿو.
ڪاليج ۾ هر سال 300 کن شاگرد MBBS لاءِ داخلا وٺن ٿا ۽ 245 پوسٽ گرئجوئيٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ڪن ٿا. 426 فئڪلٽي ميمبر آهن ۽ 810 ريزيڊنٽ ڊاڪٽر آهن. ان مان اسانجو ميڊيڪل سان تعلق رکندڙ شاگرد ۽ ڊاڪٽر اندازو لڳائي سگهي ٿو ته MAMC ڪيتري پئماني جي ڪاليج آهي.
هن ميڊيڪل ڪاليج جو يقينن سنڌ صوبي جي ڊو ميڊيڪل ڪاليج، (جيڪو هاڻ DUHS جي نالي سان ”ڊو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز“ آهي)، مقابلو ڪري سگهي ٿي. ڊو ڪاليج (يا يونيورسٽي) پاڪستان ٿيڻ کان ڪجهه سال اڳ شروع ٿي، جنهن جو بنياد 1945ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي گورنر سرهگ ڊو (Sir Hugh Dow) رکيو. لڳي ٿو هي انگريز، سنڌ جي ڪمشنر (1859ع ـــ 1851ع) سر هينري بارٽل فريئر وانگر سٺو ماڻهو هو ــ يعني هن ٻين جي ڀيٽ ۾ سنڌ ڌرتي ۽ اتي جي ماڻهن لاءِ سٺا ڪم ڪيا، تڏهن ته هن جو فريئر وانگر نالو قائم رکيو ويو آهي، نه ته ميڪلوڊ روڊ ۽ ايلفنسٽن اسٽريٽ وانگر آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ زيب النساءِ اسٽريٽ ٿي وڃي ها.
سر هگ ڊو (ڄم 1886ع، وفات 1978ع) ڪاموري (سول سرونٽ) جي حيثيت ۾ انگريز راڄ ۾ انگلئنڊ کان برٽش انڊيا آيو. هو 1941ع کان 1946ع تائين سنڌ جو ٻيو گورنر ٿي رهيو. ان بعد هو انڊيا جي صوبي بهار جو گورنر ٿيو. اتي سال کن رهڻ بعد انڊيا کي آزادي ملي. انگريز حاڪم پنهنجي وطن انگلئنڊ هليا ويا. هن کي انگلئنڊ طرفان اسرائيل جو قونصل جنرل ڪري يروشلم (دنيا جي پراڻي شهر بيت المقدس) ۾ رکيو ويو.
مٿئين گورنر ’ڊو‘ کان اڳ سنڌ جو پهريون گورنر سر لانسلاٽ گرهام (Sir Lancelot Graham) 1936ع کان 1941ع تائين رهيو، پر منهنجي خيال ۾ ڪراچيءَ ۾ يا سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ هن گورنر جي نالي ڪو روڊ، پارڪ، پاڙو، هال، اسڪول نظر نٿو اچي. جيئن برگيڊئر جنرل جان جئڪب جي نالي ”جيڪب آباد“ ٿيو ته اڄ تائين اهو شهر جيڪب آباد ئي سڏيو وڃي ٿو. جان جئڪب 1812ع ۾ انگلئنڊ ۾ ڄائو ۽ 46 ورهن جي ڄمار ۾، 1858ع ۾، جيڪب آباد ۾ گذاري ويو. اتي ئي سندس قبر آهي. جان جيڪب ايسٽ انديا ڪمپنيءَ ۾ فوجي آفيسر ۽ عمارت سازيءَ جو انجنيئر هو. هن جي 1847ع ۾ جڏهن سنڌ جي بارڊر تي پوسٽنگ ٿي ته هن جيڪب آباد ۾ (جيڪو ان وقت خانڳڙهه نالي هڪ ويران ڳوٺ هو. جتي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جو راڄ هو. چوڌاري رهندڙ غريب ماڻهن لاءِ نه امن امان هو نه روزگار. پيئڻ لاءِ پاڻي به نه هو) هن هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو. سخت قاعدي قانون ۽ انصاف ذريعي هن ڏوهن جي دنيا ختم ڪري ڇڏي. ماڻهو سک جو ساهه کڻڻ لڳا. پڙهيل ڳڙهيل توڙي هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، هندو توڙي مسلمان، جيڪب جي عزت ڪرڻ لڳا. ڪيترن کي ته سندس صحيح نالو به اچارڻ نٿي آيو ۽ کيس ”جيڪم صاحب“ سڏيندا هئا ۽ اڄ به اسان جا ڳوٺاڻا جيڪب آباد کي ”جيڪم باد“ سڏين ٿا.
جان جيڪب انجنيئر ۽ عمارت سازيءَ جو ماهر ته هو، هُن هِن ڳوٺ (خانڳڙهه) کي ٺاهڻ شروع ڪيو. ڳوٺ جي آسپاس پڪن رستن جو ڄار وڇائي ڇڏيائين....... يعني ان وقت جا پڪين سرن وارا رستا. ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي پهچائڻ لاءِ هن هڪ وڏو تالاب کوٽرايو، جنهن ۾ ڪئنال ذريعي سنڌو نديءَ مان پاڻي پهچرايو ــ جان جئڪب جو سڀ کان وڏو ڪم بگهاڙي ڪئنال کوٽرائڻ هو جيڪو گڊو بئراج کان شروع ٿئي ٿو ۽ سڄي ضلعي مان ڦري ٿو، ۽ جنهن ذريعي هزارين ايڪڙ غير آباد زمينون آباد ٿيڻ لڳيون ۽ هزارين ماڻهو خوشحال ٿي ويا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين انگريزن وانگر جان جئڪب جون وفاداريون پنهنجي انگريز سرڪار سان هيون، پر هن جا جذباتي ڳانڍاپا مقامي ماڻهن سان هئا. هن هتي جي ماڻهن ۽ انهن جي ڌرتيءَ کي خوشحال ڏسڻ پئي چاهيو..... هيءَ هڪ اهڙي خاصيت آهي، جيڪا برٽش راڄ يا ان کان اڳ اسان جي ننڍي کنڊ جي مسلمان حاڪمن مان ڪنهن ۾ ورلي هئي. سچ ته اهو آهي ته اڄ جي جمهوريت جي دؤر ۾ پنهنجن هم وطني مسلمانن ۾ به ورلي آهي. جيتوڻيڪ هي اسانجا چونڊيل ميمبر جهانگير، اورنگزيب يا جان جئڪب وانگر بادشاهه يا حاڪم نه آهن، پر اسان جي خدمت ڪرڻ جا وعدا ڪري، اسان جي ووٽن تي اسان جا نمائندا ٿي آيا آهن.
بهرحال جان جئڪب جي سُٺن ڪمن جي ڪري هن جي نالي وارو شهر جئڪب آباد، اڄ به هن جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.... نه ته ڪيترائي مانٽگوميري ۽ لايل پور جهڙا شهر ساهيوال ۽ فيصل آباد ٿي ويا.
بهرحال سنڌ جي پهرين گورنر سر لانسلاٽ گرهام نالي مونکي ته سنڌ ۾ ڪو پارڪ يا روڊ رستو نٿو سجهي. ٿي سگهي ٿو هجي، جنهن جو نالو آزادي ملڻ بعد بدلايو ويو هجي. ٿي سگهي ٿو سرلانسلاٽ گورنر ڊو ۽ فريئر وانگر سنڌ ۾ چڱا ڪم نه ڪيا هجن. هونءَ ايترو پڙهيو اٿم ته هن سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري جون وڏيون ڪوششون ڪيون. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو والد محترم سر شاهنواز ڀٽو هن جو خاص صلاحڪار (Principle Adviser) هو. سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ هن نوشهري فيروز جي اهم شخصيت دين محمد قاضيءَ جي فرزند خان بهادر غلام نبي قاضي (ڄم 1884ع وفات 1955ع) کي مقرر ڪيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي باني علامه آءِ آءِ (امداد علي امام علي) قاضيءَ جو ويجهو مائٽ هو.
خان بهادر غلام نبي قاضي صاحب جو اولاد، ٻه پٽ اي جي اين (آفتاب غلام نبي) قاضي ۽ جسٽس بشير غلام نبي قاضي ۽ ٻه ڌيئرون، خاڪي ۽ عائشه (ممتاز قاضي ۽ احمد حسين قاضيءَ جون زالون) به اهم عهدن تي رهي چڪيون آهن. خان بهادر غلام نبي قاضيءَ جي ڏوهٽاڻ ۽ پوٽاڻ جون ڪجهه مشهور شخصيتون آهن: طارق قاضي، فاروق قاضي جوڻيجو، رفيق قاضي، خالد قاضي، صفيه قاضي، نيلوفر قاضي قريشي، شهناز قاضي، نصير قاضي، صفدر قاضي، سلميٰ قاضي بوزدار، سهيل قاضي، منصور قاضي، اسميٰ قاضي، غلام نبي قاضي وغيره.
هونءَ به سنڌو درياهه جي ٻئي پار به پاٽ شهر جا قاضي، انصاري، جوڻيجا ۽ قريشي انگريزن جي ڏينهن کان گهڻو پڙهيل ڳڙهيل هئا. ائين ته هندو هر شهر جا پڙهيل هئا، پر مسلمانن ۾ مٿين ذاتين سميت شڪارپور جي سومرن ۽ شيخن ۾ انگريزي تعليم گهڻو اڳ کان عام ٿي وئي هئي.
1939ع ۾ خانبهادر غلام نبي قاضيءَ جي رٽائرمينٽ تي گورنر لانسلاٽ گرهام هن جي جاءِ تي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب کي مقرر ڪيو. مٿين گورنر جي اها به ڳالهه لکندو هلان ته ڪراچيءَ جي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جو بنيادي پٿر هن سن 1940ع ۾ رکيو. ٿي سگهي ٿو اهو سنگ مر مر جو پٿر اڃان موجود هجي، جنهن تي هن جو نالو ضرور نظر ايندو. هن جو پٽ ڊئوڊ امورس گرهام BBC جي اڪسٽرنل سروس جو براڊڪاسٽر ٿيو، جنهن پاڪستان ۽ هندوستان جي آزاديءَ وارن ڏينهن 14 آگسٽ ۽ 15 آگسٽ جو احوال ڪراچي ۽ دهليءَ مان اچي براڊڪاسٽ ڪيو. گورنر جو پوٽو ڪرسٽافر گرهام اڄ ڪلهه انگلئنڊ جو انفارميشن ڪمشنر آهي.
ڳالهه مان ڳالهه نڪتي ته اسان اچي سنڌ کان نڪتا آهيون. پاڻ دهليءَ جي ميڊيڪل ڪاليج MAMC جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اها جڏهن 1958ع ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد نالي کولي وئي ته ان وقت هن سان فقط هڪ اسپتال ”ارون هاسپيٽل“ لاڳاپيل هئي، جيڪا هاڻ ”لوڪ نائڪ اسپتال“ سڏجي ٿي. يعني انڊيا ۾ به جتي هنن کي ڳالهه نه وڻي آهي، اتي انگريزن ۽ مسلمان حاڪمن جي دؤر جا نالا مَٽائي، اڄ جي سياستدانن، حاڪمن، شاعرن، اديبن کي خوش ڪرڻ يا خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ انهن جا نالا رکيا آهن. جيئن گنگا، جمنا ۽ سراسوتي ندين جي سنگم وارو تاريخي شهر الله آباد هاڻ پريياگ سڏجي ٿو. چون ٿا الله آباد جو نالو، ڪورو حاڪمن جي ڏينهن ۾ ”ڪائوشامبي“ هو. ان بعد مغل بادشاهه هن جو نالو ”الاهه آباد“ رکيو، جيڪو انگريز راڄ ۾ ”الله آباد“ ڪيو ويو. هاڻ وري ”پريياگ“ سڏجي ٿو.
اڄ ڪلهه انڊيا جو وزير اعظم نريندرا مودي، هن شهر دهليءَ جي ”اڪبر روڊ“ جو نالو ”رانا پرتاب سنگهه“ رکڻ جو اعلان ڪندو رهي ٿو. هو سستي شهرت خاطر اهو ئي چاهي ٿو ته هندن کي خوش ڪجي، جو اڪبر مسلمان هو ۽ ٻاهران آيو هو. پر ڏسان پيو ته ڪيترائي پڙهيل لکيل هندو ان ڳالهه کي پسند نه پياڪن. ان وقت جا حاڪم، اڪبر هجي يا پرتاب سنگهه، هنن جو ڪو جهيڙو دين ڌرم تي هو ڇا؟ آئون تاريخ جو ڪو گهڻو ڄاڻو نه آهيان، پر جيڪا ٿوري گهڻي تاريخ مون پڙهي آهي ۽ ماضيءَ جي بادشاهن، حاڪمن، جنگجو پهلوانن توڙي وائيڪنگ ۽ سنڌ جي قزاقن جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ پڙهيون آهن ته هنن جي هڪ ٻئي سان جنگ مذهب تان نه، پر مال ملڪيت حاصل ڪرڻ ۽ ٻين جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ پاڻ کي طاقتور بنائن لاءِ هئي. وائيڪنگ کي سڄو يورپ ڦورو ۽ ڌاڙيل سڏي ٿو، پر هنن جي ملڪ ناروي جا ماڻهو هنن کي شريف ۽ همدرد سڏن ٿا. جيئن نادر شاهه، جنهن ننڍي کنڊ ۾ ڇا ته ظلم ڪيا، پر ايران هن کي هيرو ٿو سمجهي. ڇو جو هو هتان هتان مال ڦري ايران کڻي ٿي آيو. هن دهليءَ ۾ قتل عام پئي ڪيو ۽ گهر پئي ساڙيائين ته هن اهو ٿي ڏٺو ڇا ته ڪير مسلمان آهي ۽ ڪير هندو؟
مغل بادشاهه اڪبر ۽ ميوار جي هندو راجا مهاراڻا پرتاب سنگهه جي سپاهين جي لڙائي 1576ع ۾ راجستان ۾ ”هلدي گهاٽيءَ“ ۾ لڳي. جنهن ۾ اڪبر جي سوڀ ٿي. جيتوڻيڪ پرتاب سنگهه قتل ٿيڻ کان بچي ويو ۽ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڇا ان لڙائيءَ کي مسلمانن ۽ هندن جي مذهب خاطر لڙائي چئي سگهون ٿا؟
اهي جن ٿوري گهڻي به تاريخ پڙهي هوندي، انهن جي ياداشت لاءِ لکندو هلان ته هن هلدي گهاٽي (Haldi Ghatti) لڙائيءَ ۾ هڪ طرف اڪبر جو لشڪر هو، ته ٻئي طرف رانا پرتاب سنگهه جو. اڪبر پاڻ موجود نه هو، سندس سپهه سالار هو..... جنهن لشڪر کي Lead ٿي ڪيو .... ۽ اهو ڪير هو؟ اهو هو هندو ”راجا مانسنگهه اول“. اڪبر جو وفادار ۽ مک جنرل پرڌان سينا. مانسنگهه (ڄم 1550ع، وفات 1614ع) امبر جو راجپوت راجا هو. امبر جيڪو پوءِ جئپور سڏيو ويو. مانسنگهه نه فقط اڪبر جو وفادار ۽ Trusted جنرل هو، پر سندس نَوَ رتنن مان هڪ رتن هو. هن جي ڌيءَ منورراما ٻائيءَ سان شاهه جهان جي وڏي پٽ (اورنگزيب جي ڀاءُ) دارا شڪوهه شادي ڪئي ۽ هوڏانهن هندو راجا رانا پرتاب سنگهه جي لشڪر جو فوجي جنرل ڪير هو؟ اهو هڪ هندو نه پر مسلمان، بهادر سپاهي، حڪيم خان سُوري هو. پاڻ شير شاهه سوريءَ جي خاندان مان هڪ پٺاڻ هو ۽ هن افغان سپاهين جي لشڪر جي اڳواڻي پئي ڪئي. هو شروع کان رانا پرتاب سنگهه سان گڏ ۽ وفادار ٿي رهيو. هلدي گهاٽيءَ جي لڙائيءَ ۾ هو وڏي دليريءَ سان وڙهيو پر اڪبر، يعني راجا مانسنگهه جي لشڪر جو مقابلو ڪري نه سگهيو. راجا پرتاب سنگهه جان بچائي ڀڄي ويو پر سندس هي سالار حڪيم خان سوري بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي مارجي ويو ــ ڪي تاريخدان لکن ٿا ته شهيد ٿي ويو! خبر ناهي ڪهڙي حساب سان ”شهيد“ سڏجي ٿو...... هلدي گهاٽيءَ جي لڙائي ڪا اسلام خاطر ته نه هئي. ٻنهي پاسي هندو به هئا ته مسلمان به ۽ هيءَ لڙائي بادشاهن جي هئي..... وڌيڪ زمين ۽ مال حاصل ڪرڻ لاءِ. اڪبر بادشاهه پاران نه رڳو مانسنگهه جنرل (سالار) هو پر ٻيا به هندو سالار هئا، جن مان جڳن ناٿ ڪاڇوا ۽ ماڌو سنگهه مشهور آهن، جن هندو سپاهين جي لشڪر جي اڳواڻي ٿي ڪئي. راجا پرتاب سنگهه جي فوج جي سالار حڪيم خان سوريءَ جي مرڻ بعد سندس لاش هلدي گهاٽي (راجستان) مان لاهور آندو ويو. سندس قبر لاهور ۾ ئي آهي.
ممبئيءَ جي هوائي اڏي توڙي وڏي ريلوي اسٽيشن جو نالو مرهٺي حڪم شيوا جي نالي آهي. ويندي ’بڙا پائو‘ (سئنڊوچ) جو نالو به ”شيوا جي بڙا پاؤ“ رکيو ويو آهي. اڄ ڪلهه ووٽ حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ مهاراشٽرا رياست جي مرهٺي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ مودي صاحب شيواجيءَ جي تعريف ۾ چئي رهيو هو ته ”شيواجيءَ مغل بادشاهه عالمگير جو خزانو لٽڻ لاءِ سورت تي حملو ڪيو“. ڳالهه اها آهي ته مغلن جو خزانو سورت ۾ نه پر دهليءَ ۾ هو ۽ هيءَ سورت واري لڙائي، جيڪا 1664ع ۾ لڳي، ڪا هندو مسلمانن جي نه هئي. ايتري قدر جو سورت تي حملو ڪرڻ کان اڳ شيواجيءَ پنهنجي لشڪر کي چٽيءَ طرح هي ٽي هدايتون ڏنيون ته:
• حضرت بابا جي درگاهه کي ڪو نقصان رسڻ نه کپي. منهنجي طرفان اوچي چادر پيش ڪجو.
• فادر ائمبروز پنٽو جي آشرم جو خيال رکجو.
• حملي دوران ڪنهن جي به هٿ ۾ هن جي دين ڌرم جو ڪو پوتر ڪتاب ڏسو ته ان جو نالو هرگز نه وٺجو ــ ان جو اپمان نه ڪجو.
هڪ ٻي ڳالهه ته شيواجيءَ جي فوج ۾ ٻارهن جنرل هئا، جيڪي سڀ مسلمان هئا. هنن جي لڙائي مغلن جي مقرر ڪيل ڪمانڊر عنايت خان سان هئي. شيواجيءَ جو اهم جاسوس جنهن شيواجيءَ جي افضل خان کان جان بچائي، اهو به رستم جمال نالي مسلمان هو. بهرحال مرهٺن جي فتح ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مغلن جي ڏينهن جي هن خوبصورت ۽ خوشحال شهر سورت جي شيواجيءَ جي لشڪر ڀينگ ڪري ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ سورت ۾ موجود هڪ انگريز، جيمس گرانٽ لکي ٿو ته مرهٺا سورت شهر جي ماڻهن کي ڇهه ڏينهن ڦريندا رهيا ۽ اڌ کان وڌيڪ شهر کي ساڙي ڇڏيائون. مودي صاحب کي معلوم هجي ته هيءَ مذهب جي بنياد تي جنگ نه هئي، جو لٽ مار ڪرڻ وارا، يعني شيواجيءَ جي لشڪر ۾ هندو به هئا ته مسلمان به.... ۽ سورت شهر جا رهاڪو، جن جو قتل ٿيو ۽ جن جا گهر ساڙيا ويا، انهن ۾ به هندو به هئا ته مسلمان به. هنن فقط هڪ هندو سيٺ ويرجي وهرا کي ڇڏيو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو وڏو سخي مرد (Philanthropist) هو ۽ هندن توڙي مسلمانن کي وڏي خير خيرات ڏيندو هو. هڪ فرينچ سياح فرئنڪوس (Franco is Bernier) جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Travels in Mughal India” موجب شيواجيءَ جي هنن مرهٺي ۽ مسلمان سپاهين پورچوگالين، فرينچن ۽ انگريز واپارين ۽ عملدارن جو البت نالو نه ورتو. هي قصو مغل شهنشاهه عالمگير (ڄم 1618ع) جي ڏينهن جو آهي، جنهن جي حڪومت 1658ع کان 1707ع تائين رهي هئي.
لارڊ ارون جيتوڻيڪ برٽش انڊيا جو 1925ع کان 1934ع تائين وائسراءِ رهيو..... ۽ وائسراءِ، گورنر ۽ ڪمشنر اهڙا عهدا آهن، جن ۾ پاور ۽ پئسو هٿ ۾ هجڻ ڪري، عوام لاءِ سٺا ڪم ڪري، فريئر ۽ جان جئڪب وانگر هميشه پنهنجو نالو پئدا ڪري سگهجي ٿو، پر افسوس جو لارڊ ارون جي اعليٰ عهدي (وائسراءِ) واري نو سال نوڪري، سياسي ۽ مذهبي هنگامن ۾ ئي گذري. لارڊ ارون (ايڊورڊ فريڊرڪ لنڊلي وڊ) 1881ع ۾ انگلئنڊ ۾ ڄائو ۽ 1959ع ۾ وفات ڪيائين. انگلئنڊ جو هڪ سينئر سياستدان هو. سياست ۾ هو ايترو ته مقبول هو جو 1937ع کان 1940ع واري انگلئنڊ جي وزير اعظم نيولي چئمبرلين، جڏهن وقت کان اڳ استعيفا ڏني ته هر هڪ هن (لارڊ ارون) جي حق ۾ خيال جو اظهار ڪيو، پر هن پاڻ اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته جيئن ته جنگ (ورلڊوار) هلي رهي آهي، سو اهڙين حالتن ۾ ونسٽن چرچل ملڪ لاءِ سٺو وزير اعظم ثابت ٿيندو. بهرحال اهي ڳالهيون انڊيا ۾ وائسراءِ رهي، انگلئنڊ موٽڻ بعد جون آهن. 1926ع ۾، انگلئنڊ جي بادشاهه جارج پنجين هن (لارڊ ارون) کي سياڻو سمجهي، انڊيا ان اميد تي موڪليو، ته هو اتي وڃي ائنگلو انڊين تعلقات بهتر بڻائي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ ۾ ٺاپر آڻي. پر لارڊ ارون جي حڪومت ويتر گوڙ فساد وڌائي ڇڏيو. هن ڪانگريس جي سڀني ليڊرن کي جيل اندر ڪري، فقط گانڌيءَ سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيو پر ڪاميابي نصيب نه ٿيس. پوءِ ايمرجنسي پاور استعمال ڪري گانڌيءَ کي به گرفتار ڪرايائين ۽ پبلڪ جلسن ۽ گڏجاڻين تي پابندي هنئين وئي. مخالفت ڪندڙ باغي سياستدانن کي دٻائڻ ۽ مارڪٽ ڪرڻ ۾ لالا لجپت راءِ به قتل ٿي ويو، جنهن ڪري انڊيا ۾ وڏو گوڙ مچي ويو. لالالجپت راءِ هندن توڙي مسلمانن لاءِ دلپسند شخصيت هو. پاڻ 1865ع ۾ پنجاب ۾ ڄائو. پنجابي ٻوليءَ جو ليکڪ هجڻ کان علاوه هو آزادي تحريڪ جو متوالو ليڊر هو. 1928ع ۾ مٿس ٿيل حملي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ ٻئي ڏينهن وفات ڪيائين. حيدرآباد جو لجپت روڊ هن جي نالي آهي. گهٽ ۾ گهٽ گذريل صديءَ تائين ته هو.... هاڻ ته ڪيترائي سال ٿي ويا آهن حيدرآباد ويندي ۽ انهن روڊن تان هلندي. لاهور جي 1500 بسترن واري ’گلاب ديوي چيسٽ اسپتال‘ 1934ع ۾ هن جي ماءُ گلاب ديويءَ جي ياد ۾ ٺهرائي وئي، جيڪا سلهه وگهي گذاري وئي هئي. ان وقت جي مشهور لڪشمي انشورنس ڪمپنيءَ جو باني پڻ پاڻ هو ۽ ڪراچيءَ جي لڪشمي بلڊنگ پڻ لالا لجپت راءِ ٺهرائي هئي، جنهن تي هن وقت به سندس نالي وارو ڌاتوءَ جو پليق (بورڊ) لڳل آهي. اهڙيءَ طرح انڊيا ۾ ته لالا لجپت راءِ نالي ڪيترائي اسڪول، ڪاليج ۽ روڊ رستا آهن. بهرحال انگريز وائسراءِ لارڊ ارون کي ننڍي کنڊ جا ماڻهو ڪو پيار يا عزت جي نگاهه سان نٿا ڏسن. شايد اهو ئي سبب هجي جو سندس نالي هلندڙ اسپتال تان سندس نالو ڊاهي، هندوستان جي آزادي تحريڪ جي هڪ ٻئي متوالي سياسي ليڊر لوڪ نايڪ (جيا پرڪاش نارائڻ) جو نالو ان اسپتال تي رکيو ويو آهي. البت لارڊ ارون جي زال ڊوروٿيءَ جي سرپرستيءَ ۾، 1931ع ۾ دهليءَ ۾ ٺهرايل ”وومين ڪاليج“ جو نالو اڄ به ”ليڊي ارون وومين ڪاليج“ قائم آهي.
هن وائسراءِ، لارڊ ارون کي مشهور جپاني ناول نويس اِشي گورو (Kazuo Ishiguro) پنهنجي انعام يافته انگريزي ناول “The Remains of the Day” ۾ واهه جو پيش ڪيو آهي. ان ناول تي ساڳي نالي سان 1993ع ۾ فلم به ٺهي هئي، جنهن ۾ لارڊ ارون جو پارٽ ان وقت جي مشهور اداڪار پيٽر (Peter Eyre) ادا ڪيو آهي. ان کان علاوه لارڊ ارون (جنهن جو خطاب وائڪائونٽ هئلي فيڪس به هو) کي انگريزي فلم ’گانڌي‘ ۾ به ڏيکاريو ويو آهي. هڪ ٻي انگريزي فلم، جنهن ۾ لارڊ ارون ڏيکاريو ويو آهي، اها آهي “The Legend of Bhagat Singh” جنهن ۾ سندس رول اسرائيلي ائڪٽر گِل الان (Gil Alon) سرانجام ڏنو آهي. ڀڳت سنگهه لالا لجپت راءِ جو دوست هو، جنهن لجپت راءِ جي قتل تي عهد ڪيو ته هو انگريزن کان ان جو بدلو وٺندو. هن هڪ ٽولو ٺاهي پلاننگ ڪئي، پر غلطيءَ ۾ هنن هڪ انگريز پوليس سپرنٽنڊنٽ کي ماري رکيو ــ اها ڪهاڻي مان پنهنجي انڊيا جي سفرنامي ’هلي ڏسجي هندوستان‘ ۽ ’بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾‘ لکي چڪو آهيان.
هتي اسانجي يونيورسٽين جي انگريزي لٽريچر جي شاگردن لاءِ اهو لکندو هلان ته هنن کي ڌارين ملڪن جي انگريزي ليکڪن جا ناول پڙهڻ جو شوق آهي ته هو نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ جپاني ليکڪ، برطانيا جي شهري ڪازوئو اشيگورو جا ناول ۽ افسانا ضرور پڙهن. هو مونکان ڏهه سال کن ننڍو ٿيندو ۽ اڄ ڪلهه لنڊن ۾ رهي ٿو. 1954ع ۾ جپان جي شهر ناگا ساڪيءَ ۾ ڄائو ۽ ڇهن سالن جو هو ته 1960ع ۾ هن جي فئملي انگلئنڊ هلي آئي ۽ هن انگلئنڊ جي يونيورسٽين مان انگريزي ادب ۽ فلاسافيءَ ۾ B.A ۽ ‏M.A ڪئي. سندس مٿئين ناول کان علاه هڪ ٻيو پڙهڻ جوڳو ناول “Never Let Me Go” آهي، جيڪو سال 2005ع جو ’بيسٽ بڪ آف ييئر‘ قرار ڏنو ويو. ان کان علاوه 2015ع ۾ ڇپيل سندس ناول “The Buried Giant” به گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. اِشِيگورو انگئنڊ ۾ ضرور رهيو ۽ انگريزي پڙهيو، پر جپانين جي پاڙي ۾ رهڻ ڪري، هن تي جپاني ڪلچر جو به اثر آهي. سندس لکڻين ۾ پنهنجو سواد ۽ اثر آهي. نوبل پرائيز ملڻ واري فنڪشن ۾ هن جي تعارف واري Citation جي بقول:

“Kazuo Ishiguro in novels of great emotional force, has uncovered the abyss beneath our illusory sense of Connection with the world”.

ان ڏينهن جڏهن مولانا آزاد ميڊيڪل ڪاليج ڏسڻ آيو هوس، ته منهنجو ٽئڪسي ڊرائيور، هي سک ارواديپ سنگهه نه هو، پر دهليءَ جي ڀرسان واري شهر گرگائون جو منير راجپوت نالي هڪ مسلمان هو. هن ٻڌايو هو ته هو اڙدوءَ جو شاگرد رهيو آهي ۽ هن دهليءَ جي ڪنهن ڪاليج مان B.A ڪرڻ بعد هن ئي شهر ۾ ٽئڪسي هلائڻ شروع ڪئي آهي، جو اڄ ڪلهه Ph.D ڪرڻ بعد به نوڪريون ڪٿي آهن؟!! ان ڪري ئي روزگار خاطر هو گذريل ٽن سالن کان ٽئڪسي هلائيندو اچي. ”دهليءَ ۾ ڪيترائي امير رهن ٿا. دهلي هڪ تاريخي شهر آهي ۽ روزانو هزارين ٽوئرسٽ انڊيا ۽ ولايت کان هتي جون تاريخي شيون ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪوئي پڙهيل ڳڙهيل ٽئڪسي ڊرائيور آهي ۽ گائيڊ جي به ڊيوٽي ڏئي ٿو، يعني هو انهن کي تاريخي جاين جي پسمنظر بابت ٻڌائي ٿو، ته مسافر خوش ٿي ڀاڙي کان علاوه سٺي ٽپ به ڏين ٿا، ته چانهه پاڻي يا ماني به کارائين ٿا“. مُنير ٻُڌايو هو.
هن وڌيڪَ ٻڌايو هو ته هن جو ڳوٺ ”گرگائون“ جيڪو دهليءَ کان فقط 20 ميلن جي فاصلي تي آهي، دراصل پنجاب رياست ۾ رهيو آهي، پر هاڻ پنجاب جو ڪجهه حصو ڪٽي، هريانا رياست ٺاهڻ تي، اهو هريانا رياست ۾ اچي ويو آهي. ”مادري ٻولي اسانجي پنجابي نه پر ’ميواتي‘ آهي، جيڪا اڙدو/هنديءَ سان ڪافي ملي ٿي اها ٻولي ڳالهائڻ وارا گجرات ۾ به ڪيئي رهن ٿا“. منير ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو.
مولانا آزاد ميڊيڪل ڪاليج گهمي، ڪاليج جي ڀرسان واري پارڪنگ ۾ آيس، جتي منهنجو هي ٽئڪسي ڊرائيور انتظار ڪري رهيو هو. ”سر! اڙدو شاعريءَ سان اوهان جي دلچسپي آهي؟“. ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ ٽئڪسي ڊرائيور منير مونکان سوال ڪيو.
”شاعريءَ کان نه واقف آهيان ۽ نه دلچسپي اٿم. پر ڪيترن مشهور شاعرن جا سٺا سٺا شعر ياد اٿم ۽ اهي بيحد پسند ڪيان ٿو“. مون ٻڌايو مانس. ”سٺن مان مراد اهي شعر آهن، جيڪي سليس اڙدو، سنڌي يا انگريزي، پنجابي، بنگالي، ملئي ٻولين ۾ هجن ۽ منهنجي سمجهه ۽ دل ودماغ ۾ آئڙي سگهيا هجن“.
”سر! اڙدوءَ جي شاعر مومن خان ”مومن“ کان جي واقف هجو ته هن جي قبر اها سامهون اٿوَ“. هن پارڪنگ لاٽ جي هڪ پاسي اشارو ڪندي چيو. جن اسڪولن ڪاليجن ۾ مان پڙهيس، اتي انهن ڏينهن ۾ اڙدو نالي ماتر پڙهائي ويندي هُئي ۽ اسان مان گهڻن مئٽرڪ ۾ اڙدوءَ بدران جاگرافي، ڊرائنگ ۽ ووڊ ورڪ جهڙا سبجيڪٽ کنيان پر ڪاليج ۾ ٿيندڙ بيت بازيءَ جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ ڪري، جيڪي پسند جا شعر ياد ڪيا هئم، ان ۾ مومن جا به ڪافي شعر هئا. ريڊيو ۽ بعد ۾ ٽي وي ايجاد ٿيڻ تي ٽي ويءَ تي ايندڙ مومن جا غزل اسان سڀ ڪلاس ميٽ وڏي شوق سان ٻڌندا هئاسين:
وه جو ہم میں تم میں قرار تها
تمہیں یاد ہو کہ نہ یاد ہو

کبهی ہم میں تم میں بهی چاہ تهی
کبهی ہم سے تم سے بهی راہ تهی
کبهی ہم بهی تم بهی تهے آشنا
تمہیں یاد ہو کہ نہ یاد ہو

جسے آپ گنتے تهے آشنا
جسے آپ کہتے تهے باوفا
میں وہی ہوں ”مومن“ مبتلا
تمہیں یاد ہو کہ نہ یاد ہو

اهو غزل اڄ به ڪڏهن ڪڏهن جهونگاريون ٿا. مومن خان ’مومن‘ سن 1800ع ۾ دهليءَ جي هڪ ڪشميري فئمليءَ ۾ ڄائو، جيڪي مغل سلطنت ۾ ائڊمنسٽريٽر ۽ حڪيم هئا. مومن پاڻ به طب جو ڄاڻو هو ۽ ’حڪيم صاحب‘ سڏيو ٿي ويو. ان کان علاه هو ٻين به ڪيترن ڳالهين جو ماهر هو. جيئن ته مئٿس، جيو مئنسي، علم نجوم (Astrology)، شطرنج، ميوزڪ وغيره ــــ هو تيمورلنگ جي پوٽي الغ بيگ وانگر پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻهو هو. ننڍي کنڊ جي روايتي شاعرن وانگر هر وقت وار وکريل، اداسي (Melancholy) موڊ ۾ رهڻ وارو ۽ الڪوحلڪ (نشي ۾) نٿي رهيو. مرزا غالب ۽ ذوق جو همعصر هو. هو ٽئي عمر ۾ کڻي هڪ ٻئي کان گهٽ وڌ هئا، پر دؤر هڪڙي ۾ ئي هئا. جيئن سمجهو ته اسانجا سنڌي شاعر ادل سومرو، اياز گل ۽ احسان دانش آهن يا اسان جون شاعرائون سحر امداد، امر سنڌو ۽ ربينا ابڙو......... جيڪي عمر ۾ هڪ ٻئي کان ڪافي ننڍيون وڏيون آهن، پر آهن هن دور ۾ ۽ گڏ هلنديون چلنديون رهن ٿيون. پوءِ هنن جا هڪ ٻئي جي سوچن/خيالن سان اختلاف به ٿي سگهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ مرزا غالب ۽ مومن خان ”مومن“ لاءِ ته چيو وڃي ٿو ته هو هڪ ٻئي جا سخت مخالف/حريف هئا. پر چون ٿا، ته مومن جو هڪ شعر:
تو میرے پاس ہوتے ہو گویا
جب کوئی دوسرا نہیں ہوتا

مرزا غالب کي اهڙو ته وڻي ويو جو هن ان شعر جي بدلي ۾ مومن کي پنهنجو سڄو ديوان آفر ٿي ڪيو. اها ڳالهه مومن جي قبر تي مونسان گرگائون واري مسلمان ٽئڪسي ڊرائيور به ڪئي. ڳالهه ڪري پوءِ منهنجي منهن ڏي ڏسي، هُنَ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو.
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو مانس. ”اها ڳالهه ته مون به پڙهي آهي“.
”سر! ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪريو“. ٽئڪسي ڊرائيور چيو. ”ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو؟ چاچي غالب جون مومن تي باهيون هونديون هيون. هن مڙيئي ٽوڪ طور اهو ڦٽاڪو ڇڏيو هو“.
بهرحال آئون مڃڻ لاءِ تيار نه آهيان. منهنجو مطلب آهي ٽئڪسي ڊرائيور جي ڳالهه..... منهنجي خيال ۾ ائين به ٿي سگهي ٿو. مون کي پنهنجو تجربو آهي ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسانجو دوست ڊاڪٽر تنوير عباسي اسانجي هڪ ٻئي دوست ۽ سندس ڳوٺائي شوڪت جماڻيءَ وٽ مانچسٽر گهمڻ آيو. جتي جي ڀرواري بندرگاهه لورپول ۾ اسانجو جهاز مهينو کن بيٺل هو. تنوير سان ٿيندڙ ملاقاتن ۾ آئون هن تي زور ڀريندو رهيس ته هو رڳو شاعري ٿو ڪري، هاڻ هن سفر بابت هڪ سفرنامو به کڻي لکي. هو ”نه“ ڪندو رهيو.... پر پوءِ ٻن ٽن سالن بعد سندس سفرنامو ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ شايع ٿيو. تنوير جو هي سفرنامو جيڪو هن جو پهريون سفرنامو هو، ۽ هن بلڪل آزاد نموني سان لکي ورتو، مون کي تمام گهڻو وڻيو. اڄ به چوان ٿو ته هن واهه جو لکيو آهي. خيرپور ۾ مون ساڻس ان جي تعريف ڪئي ته چوڻ لڳو: ”نه يار! اسان مڙيئي تُنهنجا سفرناما پڙهي پڙهي کڻي لکيو آهي“. مون چيو مانس ۽ اها منهنجي دل جي ڳالهه هئي، ته: ”منهنجا سفرناما (جيڪي ان وقت پنج ڇهه ڇپجي چڪا هئا) تنهنجي هن سفرنامي اڳيان ڪجهه نه آهن. ڪاش اهو ممڪن هجي ته تنهنجو هي سفرنامو منهنجي نالي ٿي وڃي ۽ ان جي بدلي ۾ تون منهنجا هيستائين ڇپيل سمورا سفرناما پنهنجي نالي ڪري ڇڏ“.
سو يارو! مرزا غالب ۽ مومن جا اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ممڪن آهي ته هن کي مومن جي هن شعر اهڙو ڪِلڪ ڪيو هجي، جو هن ان شعر جي بدلي ۾ پنهنجي شاعريءَ جو سڄو ديوان هن کي آفر ٿي ڪيو.
مومن جي ان شعر جون شروع واريون ٻه سٽون آهن:

تم ہمارے کسی طرح نہ ہوئے
ورنہ دنیا میں کیا نہیں ہوتا

ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هر مهيني ٿيندڙ بيت بازي کٽڻ لاءِ جتي ٻين اڙدو ۽ سنڌي شاعرن جا شعر ياد ڪياسين، اتي مومن جا به ڪيترائي ياد ٿي ويا هئا. جن مان هڪ ٻه هن وقت به زبان تي اچي رهيا آهن:

عمر ساری تو کاٹی عشق بتاں میں ”مومن“
آخری وقت میں کیا خاکَ مسلمان ہوگئے

مومن جا هڪ ٻه ٻيا به خوبصورت شعر آهن، جيڪي اسان بيت بازيءَ ۾ وڏي چاهه سان ٻڌائي، ٻڌندڙن کان داد وصول ڪندا هئاسين:

اس غیرتِ ناهید کی ہر تان ہے دیپک
شعلہ سا لپک جائے ہے آواز تو دیکهو

هڪ ٻيو آهي:
شب جو مسجد میں جا پهنسے ”مومن“
رات کاٹی خدا خدا کر کے

يا وري:
اس نقشِ پاکے سجدے نے کیا کیا کیا ذلیل
میں کوچہ رقیب میں بهی سر کے بل گیا

جنهن دؤر ۾ مومن مشهوري حاصل ڪئي، اهو مغليه دؤر جي زوال جو زمانو هو. جاگيردار طبقو عيش عشرت ۾ مست هو. مومن به ان ئي رنگ ۾ رڱيل هو. پر پوءِ پيريءَ ۾ هن کي توبهه تائب ٿيڻ جو خيال آيو. هو پاڻ چوي ٿو:

عمر ساری تو کٹی عشق بتاں میں ”مومن“
آخری عمر میں کیا خاک مسلماں ہوں گے

مومن لاءِ لاءِ اهو مشهور آهي ته هو Astrologer (نجومي) به هو ۽ هن کي پنهنجي موت جي اڳواٽ خبر پئجي وئي ــ بهرحال منهنجو عقل ته ان کي نٿو مڃي پر ماڻهو چون ٿا ته هن پنهنجي شعر ”دست و بازو“ ۾ اهو اشارو ڏئي ڇڏيو هو ته هن جو موت هڏ گڏ ڀڄڻ سان ٿيندو. 1851ع ۾ هن وفات ڪئي. هو ڏاڪڻ تان ڪري پيو ۽ ٽنگ ٻانهن ڀڄڻ ڪري سندس موت ٿيو.
بهرحال مولانا ابوالڪلام آزاد جي نالي سان هي ميڊيڪل ڪاليج هجڻ ڪري، آئون هن ڪاليج ۾ گهڙي آيو هوس. هن ڪاليج جا ٻه شاگرد اسان وٽ پاڪستان ۾ به ڪجهه سال اڳ تائين مشهور هئا، جو ان وقت اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه خاص آپريشنون نٿي ٿيون ۽ اسان جا مريض انڊيا ۾ هنن سرجنن وٽ آيا ٿي. هڪ سرجن سائومترا راوت جيڪو دهليءَ جي سرگنگا رام هاسپيٽل ۾ جيري (Liver Transplant) جون آپريشنون ڪري ٿو ۽ ٻيو اکين جي ماڻڪيءَ جو ماهر (Cornea Specialist Ophthalmologist) ڊاڪٽر ونداناجئن جيڪو اڄ ڪلهه آدتيا جيوت آءِ هاسپيٽل ۾ ڊين آهي.
مولانا آزاد ميڊيڪل ڪاليج مان نڪرڻ تي ڀر واري ڪار پارڪنگ (جتي منهنجي ان ڏينهن واري مسلمان ٽئڪسي ڊرائيور منير راجپوت پنهنجي ٽئڪسي پارڪ ڪئي هئي) وٽ ئي اڙدوءَ جي شاعر جو مقبرو ڏسي، سندس ڪجهه مٿيان شعر ياد اچي ويا.
مولانا ابوالڪلام آزاد سان منهنجو ڪو ٻيو واسطو يا تعلق نه رهيو آهي، بس ننڍا هئاسين، يعني اڄ کان سٺ پنجهٺ سال اڳ، ته منهنجو والد گل محمد شيخ (جيڪو هالا جي ٻين دوستن ڊاڪٽر اشرف متقي، نور محمد شيخ وغيره سان گڏ خاڪسار تحريڪ ۾ رهيو) مونکي ان وقت جا فوٽو به ڏيکاريندو هو (جنهن مان هڪ هن وقت به موجود اٿم ۽ ٿي سگهي ٿو هي ڪتاب ڇپڻ وقت پبلشر هي فوٽو پڻ ڇپي). مولانا ابوالڪلام آزاد جو خاڪسار تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ جي حوالي سان اسان جي گهر جي ڀاتين ۽ مائٽن ۾ تمام گهڻو ذڪر هلندو هو ۽ اسان ٻار به ٻڌندار رهندا هئاسين. مولانا آزاد جو هڪ اڙدو ڪتاب ”غبار خاطر“ پڻ منهنجي والد جي ننڍڙي لئبرريءَ ۾ هوندو هو، جنهن کي هو وڏي چاهه سان پڙهندو هو. گهڻو پوءِ، مئٽرڪ يا فرسٽ ييئر کان پوءِ اهو ڪتاب ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي لئبرريءَ مان وٺي مون به ڪجهه پڙهيو هو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مولانا ابوالڪلام آزاد مولانا سيد ابوالڪلام غلام محي الدين احمد آزاد) هڪ وڏو اسڪالر، عالم ۽ انڊين نئشنل ڪانگريس جو هڪ سينئر مسلمان ليڊر ٿي گذريو آهي. هُو ڪيترين ٻولين (اڙدو، هندي، فارسي، بنگالي، عربي ۽ انگريزيءَ) جو ڄاڻو هيو. هن کي مائٽن ننڍي هوندي ئي مختلف فقهن (حنفي، مالڪي، شافعي، حنبلي)، شريعت، مئٿس، فلسفي، دنيا جي تواريخ ۽ سائنس جي تعليم ڏني. آزاديءَ بعد هن انڊيا ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو ۽ هو آزاد انڊيا جو پهريون تعليم جو وزير ٿيو. هن انڊيا ۾ تعليم جي سڌاري ۽ تعليمي ادارن جي واڌاري لاءِ ايڏي ته جاکوڙ ڪئي جو هن جي انهن خدمتن جي ڪري انڊيا سرڪار، هن جي ڄم جي تاريخ ”يارهين نومبر“ تي، سڄي انڊيا ۾ ”نئشنل ايڊيوڪيشن ڊي“ ملهائي ٿي.
مولانا آزاد 1888ع ۾ مڪي شريف ۾ ڄائو، جو هن جا والدين 1857ع واري بلوي بعد مڪي لڏي ويا هئا. 1890ع ۾ آزاد پنهنجي فئمليءَ سان گڏ ڪلڪتي اچي رهيو. مولانا آزاد جا اڙدو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب آهن. “India Wins Freedom” سندس آٽو بايوگرافي آهي. تذڪره، ترجمان القرآن، ۽ سڀني کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب ”غبار خاطر“، ۽ ٻيا ڪتابَ سندس سُڃاڻپ آهن. ڪتاب ”غبار خاطر“ 1942ع کان 1946ع واري دور ۾ لکيو ويو، جڏهن انگريزن هن کي مهراشٽرا رياست جي احمدنگر قلعي ۾ قيد رکيو. هو آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽيءَ جي صدارت ڪرڻ لاءِ بمبئي (ممبئي) وڃي رهيو هو ته برٽش راڄ جي پوليس هن کي گرفتار ڪري چار سال جيل ۾ رکيو.
ڪتاب ’غبار خاطر‘ جيل مان مولانا آزاد جي لکيل 24 خطن جو مجموعو آهي، جيڪي هن پنهنجي دوست مولانا حبيب الرحمان خان شيروانيءَ کي لکيا. هي خط شيروانيءَ تائين پهچي نه سگهيا، جو جيل مان ڪو ڪاغذ پٽ ٻاهر موڪلڻ تي سختي هئي. آزاد ٿيڻ بعد مولانا آزاد جي هڪ ٻئي دوست اجمل خان اهي خط ڇپرايا.
بنيادي طرح هي ڪتاب اڙدوءَ ۾ لکيل آهي پر مولانا صاحب هن ۾ سوين فارسي ۽ عربيءَ جا شعر استعمال ڪيا آهن. اهو ان ڪري جو مولانا صاحب جنهن فئمليءَ ۾ پرورش حاصل ڪئي، اتي اڙدوءَ کان وڌيڪ فارسي ۽ عربي ڳالهائي ويندي هئي. اهو اڪثر چيو ٿو وڃي ته مولانا آزاد جو ڪتاب ”انڊيا ونس فريڊم“ سندس سياسي زندگيءَ بابت آهي ۽ ”غبار خاطر“ ۾ سندس سماجي ۽ روحاني ڳالهيون آهن. جو اهر لال نهرو هن کي هميشه ”مير ڪاروان“ جي خطاب سان ياد ڪندو هو ۽ مولانا لاءِ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:
“He is very brave & gallant gentleman, a finished product of the culture that, in these days, pertains to few.”

مهاتما گانڌي مولانا آزاد کي هميشه وڏن ماڻهن جي ڳڻپ ۾ آڻيندو هو. هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:

“Maulana Azad is a person of the caliber of Plato, Aristotle and Pythagorus……”

انگريزي فلم ”گانڌي“ ۾ مولانا آزاد جو ڪردار ويرندرا رازدان ادا ڪيو آهي. مولانا آزاد 1958ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مقبرو دهليءَ جي جامع مسجد ڀرسان آهي.