7
انڊيا ۾ 1857ع واري بلوي دوران 22 سيپٽمبر تي انگريزن جي سولجر ڪئپٽن وليم هڊسن، شهنشاهه جي جان بخشي ڪرڻ جي شرط تي کيس گرفتار ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن هو بادشاهه جي خاندان جي سورهن ڀاتين کي همايون جي مقبري تان گرفتار ڪري پنهنجن سؤ سپاهين جي سڪيورٽيءَ ۾ قلعي ڏي روانو ٿي رهيو هو ته هن کي هن خوني دروازي وٽ اطلاع مليو ته شاهي گهراڻي جي قيدين (عورتن، مردن، ٻارن ٻچن) کي ڇڏائڻ لاءِ مسلمانن جو وڏو لشڪر اچي رهيو آهي. هن يڪدم مٿين ٽن شهزادن (بهادر شاهه جي ٻن پٽن ۽ هڪ پوٽي) کي گاڏيءَ مان ڪڍي، اگهاڙو ڪري، پستول سان ماري، سندن سر ڌڙ کان ڌار ڪيا. ان بعد گاڏيءَ ۾ داخل ٿي پنهنجي تلوار سان باقي ڀاتين عورتن ۽ ٻارن سميت سڀني کي قتل ڪيو.
اڳئين دفعي، جڏهن ڪنڊيارو جي ڪلاس ميٽ اوڏن جي شاديءَ تي دهليءَ ۾ رهيو هوس ۽ روڊ تي هن خوني دروازي (جنهن کي لال دروازو يعني ڳاڙهو دروازو به سڏجي ٿو) وٽ فوٽو ڪڍي رهيو هوس، ته اتي موجود هڪ گائيڊ هن خوني دروازي بابت مٿيون احوال ٻڌائيندي اسان جهڙن ٽوئرسٽن کي چيو ته مغل سلطنت جي آخري شهنشاهه هند بهادر شاهه ظفر جي شهزادن جي قتل کان اڳ به هي دروازو بدنام هو، جتي ٻيا به ان قسم جا واقعا ٿي چڪا آهن. هن انهن مان ڪجهه هن ريت ٻڌايا:
• مغل شهنشاهه جهانگير، جيڪو پنهنجي پيءُ اڪبر اعظم جي وفات تي تخت ۽ تاج جو والي وارث ٿيو، اڪبر بادشاهه جي نورتنن مان ڪجهه سندس مخالفت ڪئي هئي. تخت تي ويهڻ سان جهانگير هڪ رتن عبدالرحيم خان خانا جي ٻن پٽن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سندن لاش هِنَ ئي دروازي وٽ ٽنگرائي ڇڏيا. جن جي سڙڻ جي ڌپ پري پري تائين پکڙجي رهي.
• تخت حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ اورنگزيب (شاهجهان جي پٽ) پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا شيخوءَ کي شڪست ڏئي، تخت حاصل ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري، هن ئي دروازي مٿان ٽنگي ڇڏيو، جيئن ماڻهو خوف کائين.
• هن دروازي لاءِ چيو ٿو وڃي ته هن 1739ع ۾ وڏي خونريزي ڏٺي. جڏهن پرشيا (ايران) جي نادر شاهه دهليءَ جي عمارتن ۽ ماڻهن کي ساڙيو ۽ قتل ڪيو.
هي دروازو ساڍا پندرهن ميٽر يعني 60 فٽ کن اتان هون آهي ۽ پٿرن جو ٺهيل آهي. دروازي جي مختلف طبقن تائين پهچڻ لاءِ ٽي ڏاڪڻيون آهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته هي دروازو 2002ع ۾ پڻ سخت بدنام ٿيو هو، جڏهن هتي ٽن نوجوانن هڪ ميڊيڪل جي شاگردياڻيءَ سان زوريءَ زنا ڪئي هئي. هن واقعي سڄي انڊيا ۾ ايڏو ته وڳوڙ پيدا ڪيو جو انڊيا جي پارليامينٽ ۾ ان تي وڏو بحث هليو.
سو منهنجي ان ڳالهه ۾ وزن سمجهيو وڃي ته اسان جڏهن ڪراچيءَ جي بهادر شاه ظفر روڊ تان هلون ٿا، ته هن روڊ جي ٻئي حصي، طارق روڊ وانگر، اسان جي ذهن ۾ فقط شاپنگ رهي ٿي، پر دهليءَ جي هن روڊ تان هلندي، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ذهن ۾ تاريخ جا ظلم، خونريزيون، حاڪمن جون عياشون ۽ عوام جون مجبوريون ۽ مسڪيني حالتون ٿيون اڀرن ۽ اهو سوچي ڊپريشن ٿو ٿئي ته اڄ کڻي ايڪهين صدي آهي ۽ شهنشاهيت بدران جمهوريت آهي، پر اسان جهڙن ملڪن ۽ ان جي عوام جي حالت اها ئي ماضيءَ جهڙي آهي. اسانجي حاڪمن يا ته تاريخ جو مطالعو نه ڪيو آهي، يا ڪيو آهي ته ان مان سبق حاصل ڪرڻ لاءِ هو تيار ناهن. هو اڄ به ماضيءَ جي حاڪمن وانگر هڪ دفعو حاڪم ٿئي ٿو ته غريب عوام کي وساري اهو ئي سمجهي ٿو ته آئون هميشه لاءِ رهندس. دنيا جي ڪا طاقت مونکي هٽائي نه سگهندي. هو پنهنجو پاڻ کي هميشه لاءِ قائم رکڻ لاءِ، پوريون ڪوششون ۽ قلعا ٺاهي ٿو ــ ايتريقدر جو عوام کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن ظالم مان ڪيئن جان ڇٽندي؟! هن کي ڪا طاقت هٽائي ڪو نه سگهندي..... پر پوءِ، هو ڇا چوندا آهن، ته: ”نادر نادر آهي، ته قادر به قادر“ آهي. دنيا جا توڙي اسانجي ملڪ جا طاقتور حاڪم ڪيئن هوائن ۾ گم ٿي ويا.....
ڇا ڪنهن کي خاطري آهي ته عوام کان لٽيل مال، ملڪيت، پبلڪ جي ٽئڪس مان ٺهيل محل، محلاتون کين يا سندن اولاد کي نصيب به ٿينديون؟ يا سندن هيڏي وڏي پلاننگ باوجود به سندن اولاد ڪسمپرسيءَ جي حالت گذاريندو ۽ هن کي ڏک مان چوڻو پوندو ته:
کتنا ہے بدنصیب ’ظفر‘ دفن کے کئے
دوگز زمیں بهی نہ ملی کوئے یار میں
منهنجي بنگالي جرنلسٽ دوستَ، (جيڪو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪلڪتي ۾ هو)، پنهنجي ڳوٺ چٽگانگ پهچي، مون ڏي هندوستان جي آخري مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر جي پڙپوٽي، مرزا بيدار بخت جي سٺ ورهين جي ڄمار جي زال، سلطانا بيگم جون تصويرون موڪليون آهن، جيڪا ڪلڪتي جي غريب محلي جي هڪ ٻن ڪمرن جي گهر ۾ رهي ٿي. جنهن ۾ رڌڻو ۽ وهنجڻ جاءِ به نه آهي. اهي هوءَ پاڙي وارن جا استعمال ڪري ٿي ۽ ڪپڙا گهٽيءَ جي نلڪي تي ڌوئي ٿي. مرزا بيدار بخت 1980ع ۾ گذاري ويو، ان بعد هن جي انڪم جو ذريعو فقط 60 پائونڊ (9000 روپيا) ماهوار آهي، جيڪو هن کي سرڪار طرفان ملي ٿو. هن وقت هوءَ پنهنجي اڪيلي غير شادي شدهه ڌيءُ مڌو بيگم سان گڏ رهي ٿي. اسانجي بنگالي صحافي دوست ٻڌايو ته هوءَ جنهن مسڪيني حالت ۾ رهي ٿي، اها ڏسي ڏک ٿئي ٿو. هن ٻڌايو ته هن جون ٻيون ڌيئون پنهنجن مڙسن سان رهن ٿيون، پر هو به ايڏيون غريب آهن، جو هنن جو گذارو ئي مشڪل سان ٿو ٿئي. ”هڪ الله ڄاڻي ٿو ته اسان جو ڪيئن ٿو وقت گذري؟!“ سلطانا بيگم ٻڌايو.
سلطانا بيگم جي مسڪينيءَ جون ڳالهيون ٻڌي ڪجهه گهڙين لاءِ منهنجي ڌيان ۾ انگريز فوجي ميجر وليم هڊسن (جنهن دهليءَ جي خوني دروازي وٽ بهادر شاهه ظفر جي ٻن پٽن ۽ هڪ پوٽي جا ڪپڙا لاهي، کين ڪاربائين (بندوقڙيءَ) سان شوٽ ڪيو) جي زال جي آخري ڏينهن جي زندگي ياد اچي وئي، جيڪا هن سخت غربت ۾ گذاري. حالتن اهڙو پلٽو کاڌو جو هڊسن پنهنجن جي ئي نفرت جو شڪار ٿي ويو ۽ هن تي ڪوڙا سچا ڪيئي الزام لڳا. بهادر شاهه ظفر جي واقعي کان پورا 6 مهينا پوءِ، مارچ 1858ع ۾، پنهنجي فوجي ريجمينٽ سان گڏ لکنوءَ ۾ ’بيگم ڪوٺي‘ تي، هُو گولي بازي ڪري رهيو هو ته مخالف ڌر جي هڪ گولي کيس اچي لڳي ۽ هو اتي ئي ڍير ٿي ويو. هن کي اتي ئي لکنوءَ جي لامارٽينر (La Martiniere) باغ ۾ دفن ڪيو ويو. اڄ به سندس قبر اتي موجود آهي ۽ ڀرسان لامارٽينر نالي ڪاليج آهي.
انگريز ناول نويس جيمس ليزر پنهنجي ناول “Follow the Drum” ۾ هڊسن جي زندگي ۽ موت جو سربستو احوال ڏنو آهي. هڊسن هڪ غريب ماڻهوءَ جي حالت ۾ وفات ڪئي. سندس مرڻ بعد هن جي گهران فقط هڪ منڊي، هڪ واچ، بائيبل ۽ دعائن جو ڪتاب مليو، جن جو وڪرو ڪرڻ تي ڪل رقم 170 پائونڊ ٿي. هن جي زال وٽ ايترو پئسو نه هو جو هوءَ پاڻيءَ جي جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪري پنهنجي وطن انگلئنڊ وڃي سگهي. کيس خيراتي فنڊ مان ڀاڙو ڏنو ويو ۽ انگلئنڊ پهچڻ تي راڻي وڪٽوريا کيس رهڻ لاءِ هڪ مسواڙي فلئٽ ڏنو. سندس مرڻ تي هن جي فلئٽ مان فقط 442 پائونڊ (اٽڪل 85000 روپيا) مليا. بهادر شاهه ظفر کي جڏهن بندوق جي زور تي آڻ مڃرائي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته هن پنهنجيون ٻئي قيمتي تلوارون هڊسن جي حوالي ڪيون. جن مان هڪ تي نادر شاهه جو نالو اڪريل هو ۽ ٻئي تي جهانگير بادشاهه جي مهر (Seal) لڳل هئي. هڊسن اهي ٻئي تلوارون مهاراڻي وڪٽوريا ڏي موڪليون، جيڪي اڄ به انگلئنڊ جي موجوده راڻي ايلزبيٿ جي Collection ۾ موجود آهن. مهاراڻي وڪٽوريا کي گهٽ ۾ گهٽ ان شخص هڊسن جي زال سان وڌيڪ سٺو ورتاءُ ڪرڻ کپندو هو، جنهن انگريزن جي هارايل بازيءَ کي کٽرايو ۽ انڊيا تي برٽش راڄ شروع ڪرايو، ۽ راڻي وڪٽوريا انگلئنڊ سان گڏ، انڊيا جي به راڻي سڏجڻ لڳي.
منهنجي خيال ۾ هتي ٻه اکر مغل سلطنت جي هن آخري شهنشاهه بهادر شاهه ظفر دوم بابت لکڻ بي مهل نه ٿيندو. فاسٽ فارورڊ ۾ انڊيا ۾ 1526ع ۾ مغل سلطنت جو پايو وجهندڙ ظهير الدين بابر کان وٺي، مختصر احوال ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، جيئن اڄ جي نوجوان (جنهن کي اسڪول ۾ تاريخ جهڙو سبجيڪٽ گهت پڙهايو ٿو وڃي) کي منهنجن هنن ڪجهه صفحن مان لاڀ حاصل ٿي سگهي. ڇو ته تاريخ جي ڄاڻ تمام اهم آهي ۽ اها نه فقط B.A آرٽس جي شاگردن لاءِ پر ڊاڪٽرن، انجنيئرن، ويندي سياستدانن ۽ ڪارخانيدارن لاءِ به ضروري آهي.
اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جا شوقين ۽ پئسي وارا ماڻهو ازبڪستان، آزربائيجان ۽ تاجڪستان جهڙن ملڪن ڏي گهمڻ ڦرڻ لاءِ وڃن ٿيا. اهي ۽ ٻيا انهن جي آس پاس، ترڪمنستان، ڪرغستان، جارجيا وغيره وچ ايشيا جا ملڪ سڏيا وڃن ٿا. اهي ملڪ نه فقط سهڻين عورتن جي ڪري مشهور آهن، پر تاريخ جي ڪري پڻ. اسان پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا ۽ بنگلاديش جا ماڻهو هڪڙي ئي سانچي جا آهيون ته برما، ٿائلئنڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪمبوڊيا وغيره جا ٻئي سانچي جا چئي سگهون ٿا. اهڙيءَ طرح اسان جي ملڪ پاڪستان جي اتر ۽ اتر اولهه جو رخ رکبو ته افغانستان ۽ ايران کان وٺي مٿين سينٽرل ايشيا جي ملڪن جي ماڻهن جو رنگ روپ، نڪ نقشو اسان کان مختلف نظر ايندو. پاڪستان جي اتر ڏي وڃبو ته افغانستان بعد تاجڪستان ۽ ترڪمنستان ايندو ۽ انهن جي مٿان، يعني وڌيڪ اتر ۾ ڪرغستان ۽ ازبڪستان ايندو، جنهن کانپوءِ روس ٿو شروع ٿئي ۽ هيڏانهن اتر اولهه پاسي، ايران بعد آذر بائجان ۽ ان مٿان گرجستان (جارجيا) جنهن مٿان روس ڦريو ٿو اچي.
وچ ايشيا جي ملڪن جا هاڻ ته پڪا بارڊر ٿي ويا آهن، پر پراڻن ڏينهن ۾ يعني تيرهين، چوڏهين، پنڌرهين صديءَ ۾ ڪڏهن سمر قند ۽ بخارا جهڙا شهر افغانستان ۾ ٿي آيا، ته ڪڏهن پرشيا (ايران) ۾. جيئن ڪنهن زماني ۾ ملتان جهڙا شهر به سنڌ جو حصو هئا. ان وقت جي ملڪن جا وري مختلف حصا ۽ پرڳڻا هئا، جن تي گهڻو ڪري تيمورلنگ ۽ چنگيز خان جي اولاد جو راڄ هو. جيئن ايران ۾ تيمورلنگ (1405ع-1336ع) جي وڏي پٽ شاهه رخ (1447ع-1377ع) جي سندس پيءُ جي وفات بعد، 1405ع کان 1447ع تائين حڪومت رهي. هي شاهه رخ بادشاهه اهو آهي، جنهن جي راڻي گوهر شاد بيگم (1457ع-1378ع) جي نالي مشهد شهر ۾، امام علي رضا جي روضي ڀرسان، مشهور مسجد آهي. هنن جو وڏو پٽ شهنشاهه الغ بيگ حڪومت هلائڻ ۾ ته کڻي جڏيرو هو، پر هو تمام گهڻو قابل حسابدان ۽ سائنسدان هو. جنهن جون ايجاد ڪيل مئٿس، ٽرگنامينٽري، اسفيريڪل جاميٽري ۽ Astronomy (علم فلڪيات) جون شيون، اڄ به اسان وٽ ۽ يورپ ۾ پڙهايون وڃن ٿيون.
ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته اسان جا سڀ حاڪم شرابي، ڪوابي ۽ موالي به نه هئا. الغ بيگ جهڙا قابل ۽ ڪم جا ماڻهو به هئا..... مذهبي ۽ انصاف پسند به هئا. الغ بيگ بابت ڪٿي نه پڙهيو اٿم ته هن وٽ ڌڻ ڪنيزائن (Concubines) يا ٻانهين جو هو، پر يارو! باقي الغ بيگ شاديون ٻين بادشاهن وانگر جيئن جو تيئن ڪيون. نه نه تڏهن به سندس ڏهه کن زالن جو ذڪر اچي ٿو: بِڪي بيگم، سلطان بڙي الملڪ بيگم، اقي سلطان خانقا، حسن نگار خانقا، شڪر بي خانقا، رقيه سلطان خاتون، مهر سلطان آغا، سادت آغا، دولت بخت ۽ بختي آغا. خبر ناهي ان وقت جي مولوين ڪيئن ٿي برداشت ڪيو؟! يا شايد پاڻ به چئن کان مٿي زالون رکيو ويٺا هئا يا وري هنن ان وقت جي حاڪمن لاءِ، اسلام کي سندن مرضيءَ مطابق رنگ ڏئي، سندن هر ڳالهه کي صحيح قرار ٿي ڏنو. بقول اسانجي مزاحيا ليکڪ حليم بروهيءَ جي .....
“Religion has been scissored & recissored tailored & retailored to make the rich & Power fuls happy”.
بابر جون به ڏهاڪو کن زالون هيون. يعني اهي مشهور هيون، جن بابت هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي يا هن جي تاريخ نويسن لکيو آهي: عائشه سلطان، زينب سلطان، ماهام بيگم، معصوما سلطان، گل رخ بيگم، دلدار بيگم، مبارڪا يوسفزئي، صالحا سلطان بيگم، گلنار آغاچا، نرگل آغاچا. بابر ڳوٺان انڊيا آيو ته هڪ زال هئس. ٻين سان شادي پنهنجي بادشاهت واري دؤر ۾ ڪيائين. غريب ڪا چار سال حڪومت مس ڪئي، 1526ع کان 1530ع تائين..... ان ۾ به سمورو عرصو بغاوتن کي منهن ڏيندو رهيو..... سمورو وقت هٿ ۾ تلوار ۽ پاڻ گهوڙي تي سوار هو..... هيترين زالن کي فقط مغلي ڊش کائڻ ۽ انڊيا جي راجائن ۽ نوابن کان ڦريل ڳهه پائڻ جو سک مليو هوندو. جلد ئي سڀني کي رنڙون ۽ بيواهون ڪري وڃي قبر وسايئين.
زالن جو معاملي ۾ اهو ئي حال همايون، اڪبر، جهانگير جو هو. البت اورنگزيب کي فقط ٽي زالون هيون: دلارس بانو بيگم، نواب ٻائي، اورنگ آبادي محل. سندن ٻانهين، ڪنيزائن جي خبر نٿي پوي. اهي راز پوءِ جي مغل شهنشاهن جا ڦاٽ ٿا کائين، جڏهن هنن يورپين سان دوستي ڪئي ۽ کين حويلين اندر به وٺي آيا.... جن سان گڏ ويهي شراب پيئندا هئا ۽ گندا چرچا ۽ Vulgar ڳالهيون به هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا..... جن نيٺ هڻي کين بي تخت ۽ بي تاج بڻائي ڇڏيو. سڄي انڊيا تي انگريزن، پورچوگالين (گوا وغيره تي) ۽ فرينچن (پانڊيچيري تي) جو قبضو ٿي ويو. مغل سلطنت جي آخري شهنشاهه جهڙي حڪومت ڪئي، تهڙي نه ڪئي. ويچاري کي دربدر ڪيو ويو. سندس ٻن پٽن، هڪ پوٽي ۽ گهر جي ڪجهه ڀاتين کي سندس اڳيان قتل ڪيو ويو. خوف ۽ خونريزيءَ کان بچڻ لاءِ باقي هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا. پاڻ هڪ مختصر ٽولي سان رنگون پهچايو ويو. نه، ته به بهادر شاهه جي به پنجن زالن جو ٻڌجي ٿو: نورالنساء بيگم، مهر پرور بيگم، امت حبيب بيگم، هڪ هندو عورت راڻي چتر ٻائي ۽ هڪ بي به هيس جنهن جو نالو ڌيان ۾ نه پيو اچي.
نه فقط بهادر شاهه ظفر، پر سندس وڏن به هندو عورتن سان شادي ڪئي. جيئن اڪبر بادشاهه (مغل سلطنت جي ٽئين شهنشاهه) امبر جي راجپوت راجا ڀارمل جي ڌي جوڌاٻائيءَ سان شادي ڪئي. اڪبر جي پٽ شهنشاهه جهانگير، راجا ڀڳوانداس جي ڌيءَ من ڀاوتي ۽ جوڌپور جي راجا اڌ ئي سنگهه جي ڌيءَ من ماتيءَ سان شادي ڪئي. اڪبر وانگر جهانگير جي زالن جو به ڪاٿو ئي ناهي. مشهور راڻي نورجهان سندس ويهون نمبر زال هئي، جنهن سان هن 1611ع ۾ شادي ڪئي. جهانگير ته ايڏو شرابي ۽ ڀنگ چرس جو عادي ٿي ويو هو، جو هر وقت نشي ۾ پئي رهيو ۽ حڪومت جو ڪاروبار نورجهان ٿي هلايو. بهرحال پاڻ تيمور لنگ ۽ سندس پٽ شاهه رخ ۽ پوٽي الغ بيگ جي ڳالهه پئي ڪئي. اهڙيءَ طرح تيمور لنگ جي ٻئي اولاد جي افغانستان، ازبڪستان، تزڪمنستان ۽ وچ ايشيا جي مختلف حصن ۾ حڪومت هئي. الغ بيگ جي 1449ع ۾ وفات بعد سندس ٽيون نمبر پٽ عبداللطيف (1450ع-1420ع) تخت تي ويٺو. بلڪ هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته تخت ۽ تاج، پئسو ڏوڪڙ ۽ پاور اهڙي شئي آهي، جنهن لاءِ اسان جي مسلمان حاڪمن ٻين کي ته ڇا، پر پنهنجن ڀائرن ۽ والدين کي به قتل ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ هڪ مسلمان کي ڪنهن کي قتل ڪرڻ لاءِ سختيءَ سان منع ٿيل آهي.
الغ بيگ پنهنجن پٽن کي ننڍي هوندي ئي سندس حڪومت جي مختلف حصن جو گورنر ڪري رکيو هو، پر سندس ٽئين نمبر پٽ عبداللطيف کي ايڏو جلد سلطان (حاڪم) ٿيڻ جي آترويلا ٿي جو هن ڪجهه سپاهين سان گڏجي پنهنجي پيءُ الغ بيگ خلاف بغاوت ڪري، هن کي گرفتار ڪيو ۽ سندس جان بخشيءَ لاءِ کيس آڻ مڃڻ لاءِ چيو ويو. هو غريب پنهنجي پٽ جي پيرن تي اچي ڪريو. پٽ عبداللطيف مرزا هن تي ٻاجهه کائي، معافيءَ جو حڪم جاري ڪري، کيس حج ڪرڻ لاءِ مڪي شريف موڪليو. هو اڃان واٽ تي هو ته مڪار عبداللطيف، نه فقط هن کي قتل ڪرائي ڇڏيو پر پنهنجي ڀاءُ کي به.... ۽ پاڻ 1449ع ۾ سڄي ملڪ جو تخت نشين ٿي ويهي رهيو. پر سندس حڪومت ڇهه مهينا به ڪا مس رهي. ڪورٽ جي اميرن ڳٺ جوڙ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. پنهنجي پيءُ کي مارڻ ڪري شهنشاهه عبداللطيف، ”پدر ڪش“ يعني ”پيءُ جو قاتل“ واري لقب سان به مشهور آهي.
شاهه رخ وانگر تيمورلنگ جو هڪ ٻيو پٽ شهزادو ميران شاهه هو. هو ميران شاهه ۽ سندس پٽ شهزادو سلطان محمود، ڪنهن پرڳڻي جا حاڪم ته نه ٿيا پر سلطان محمود جو پٽ (يعني تيمور لنگ جو پڙ پوٽو) سلطان ابو سعد (1469ع-1424ع) سمر قند جو 1451ع کان مرڻ تائين حاڪم ٿيو. اسان وارو مغل سلطنت جو انڊيا جو پهريون شهنشاهه ظهير الدين بابر، هن حاڪم سلطان ابو سعد جو پوٽو ۽ شهزادي عمر شيخ مرزا جو پٽ هو. هتي اهو به لکندو هلان ته هن تخت ۽ تاج جي جنگ ۾ شاهه رخ جي وفات تي جيئن ئي سندس زال گوهر شاد حڪومت جون واڳون سنڀاليون، ته سمر قند جي هن حاڪم سلطان ابو سعد کيس قتل ڪرائي ڇڏيو. پر ڪورٽ جي اميرن ذريعي گوهر شاد جي پٽ الغ بيگ کي تخت تي ويهاريو ويو.
بابر جي پيءُ شيخ عمر کي حڪومت ته نه ملي، پر کيس فرغاناواديءَ جو سردار بڻايو ويو ۽ سندس وفات تي سندس 12 سالن جي وڏي پٽ بابر کي 1495ع ۾ فرغانا علائقي جو سردار (Chieftain) بڻايو ويو. فرغانا به سمرقند ۽ بخارا شهر وانگر ازبڪستان جو شهر آهي ۽ سڄي فرغانا علائقي جي گاديءَ جو شهر آهي. هونءَ به ازبڪستان قدرتي سونهن سبب خوبصورت ملڪ آهي ۽ فرغانا ماٿريءَ وارو علائقو گهمڻ وٽان آهي ۽ پنجاب وانگر سرسبز علائقو آهي. اهو سڀ اتان وهندڙ ٻن ندين : روڊ نارين ۽ قاره دريا جي ڪري آهي. جيڪي اڳتي هلي نمنگان شهر وٽ ائين ملن ٿيون، جيئن انڊيا جي شهر الهه آباد وٽ گنگا ۽ جمنا ملن ٿيون. نمنگان پڻ ازبڪستان جو هڪ خوبصورت شهر آهي ۽ سطح سمنڊ کان 500 ميٽر (يعني اڌ ڪلو ميٽر کن) مٿي آهي. هن شهر وٽ مٿيون ٻئي نديون ملي ”سير“ (Syr) نالي درياهه ٺاهين ٿيون، جنهن کي عرب ”سيحون ندي“ سڏين ٿا. اهڙيءَ طرح فرغان کان 80 ڪلو ميٽرن (يعني ڪراچي صدر کان سپر هاءِ وي تي نوري آباد تائين) جي فاصلي تي، ازبڪستان جو هڪ ٻيو خوبصورت شهر انديجان (Andijan) آهي، جتي مغل شهنشاهه بابر ڄائو ۽ وڏو ٿيو ۽ پوءِ هُنَ فرغانا شهر ۾ ويهي فرغانا جي علائقي تي راڄ ڪيو. سمر قند ۽ بخارا گهمڻ لاءِ ويندڙن کي آئون هميشه چوندو آهيان ته هو فرغانا ۽ انديجان شهر به ڏسڻ وڃن ۽ اتي پهچي تصور ڪن ته هنن گهٽين ۾ بابر ننڍو ٿي وڏو ٿيو. هنن سرسبز علائقن ۾ هن گهوڙي تي سوار ٿي رعيت تي نظر رکي..... انهن ڏينهن ۾ ڪارون ۽ پڪا رستا ته هئا ڪو نه.... بادشاهه ۽ امير وزير گهوڙن تي ئي سوار ڪندا هئا. هاڻ ازبڪستان جا رستا ۽ بس سروس لاجواب آهي ــ ٻهراڙيءَ ۽ جبلن جا نظارا ڪرڻا آهن ته ڪوالالمپور کان سنگاپور وانگر، هتي به هڪ دفعو بس ۾، سمرقند يا بخارا کان فرغانا ضرور وڃو. سمرقند کان فرغانا 570 ڪلو ميٽر فاصلو آهي ۽ بخارا کان 840 ڪلو ميٽر. پر جي توهان جو سرڪاري ميٽنگن يا سيمينارن لاءِ تاشقيد اچڻ ٿو ٿئي ته اتان کان فرغانا ايترو پري آهي، جيترو ڪراچيءَ کان نواب شاهه..... اٽڪل 300 ڪلو ميٽر.
اڳئين زماني ۾ ماڻهو خچرن، گهوڙن ۽ اٺن ذريعي خيبر پاس لتاڙي سمرقند، بخارا، فرغانا، تاشقند پهچندا هئا. هاڻ هوائي جهاز وارو رستو وٺجي ته پشاور کان فرغانا سڌو ئي سڌو اتر طرف آهي. پشاور کان اتر ڏي اڏامندڙ پکي چترال ۽ باجوڙ ايجنسي شهرن مٿان ٿيندو، افغانستان جي بازگير شهر، ان بعد تاجڪستان جي خاروغ (Kharog) ۽ ڪرغيرستان جي تاريخي شهر قزل قيه مٿان ٿيندو فرغانا شهر ۾ پهچي سگهي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته وچم ڪوهه قاف وارن جبلن مٿان هڪ پکي ته ڇا هوائي جهاز به پاسو ڪري لنگهي ٿو. سڌو رستو هجي ته پشاور کان فرغانا 900 ڪلو ميٽر فاصلو ٿئي، پر فرغانا کان باءِ روڊ، جيڪي ازبڪ ڪراچيءَ ۾ شاپنگ لاءِ اچن ٿا، اهي ٻڌائين ٿا ته جبلن جي ڪري ور وڪڙ ڏئي ايندڙ رستو فرغانا کان پشاور تائين 1400 ڪلو ميٽر ٿئي ٿو. وچ ۾ افغانستان ڦڏي وارو ملڪ آهي نه ته ڪراچيءَ کان سمرقند، بخارا، تاشقند يا فرغانا ائين وڃي سگهجي ٿو جيئن 1960ع واري ڏهاڪي ۾ RCD پئڪٽ جي ڪري، ايران ۽ ترڪيءَ جي ويزا جي ضرورت نه هجڻ سبب ڪراچيءَ کان بس ذريعي ڪوئيٽا، زاهدان، تهران ۽ تبريغ کان ٿيندو ترڪيءَ جي شهر انقره ۽ استنبول پهچي ويندا هئاسين. يا جيئن اڄ به بئنڪاڪ کان بس يا ريل گاڏيءَ ذريعي سڄو ڏکڻ ٿائلئنڊ لتاڙي، ملائيشيا جي شهرن پينانگ، اپوح، ڪوالالمپور، تمپين (ملاڪا) ۽ جوهور بارو مان ٿيندو، سنگاپور ٻيٽ تي پهچيو وڃجي، ته ڀاڙو به گهٽ ڀرڻو پوي ٿو. جيئن ميرپور خاص کان ٽرين رستي احمد آباد، بڙودا يا ممبئي ٿورن پئسن ۾ پهچي سگهجي ٿو.
مٿي بيان ڪيل ڪرغيرستان جو شهر قزل قيه (Kyzyl Kyya) فرغانا کان 35 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. فرغانا، سمرقند ۽ بخارا وانگر هي به هڪ آڳاٽو شهر آهي. خوشحالي ۽ واپار وڙي کان فرغانا ماٿريءَ جا شهر آڳاٽا آهن، جتان شاهراهه ريشم (خاص ڪري اتراهون شاهراهه ريشم) لنگهي چين جي آڳاٽي شهر ۽ گاديءَ واري هنڌ شي آن (Xian) آيو ٿي. شاهراهه ريشم کي انگريزيءَ ۾ “Silk Road” ۽ فارسيءَ ۾ ’جاده ابريشم‘ چون ٿا. فرغانا شهر وانگر انديجان شهر (جتي بابر ڄائو) پڻ هڪ آڳاٽو شهر آهي ۽ شاهراهه ريشم تي اچي ٿو. انديجان شهر بلڪل ان هنڌ تي آهي، جتي ازبڪستان جي بائونڊري ڪرغيرستان سان ملي ٿي.
منهنجي خيال ۾ هيستائين پڙهندڙن کي آئيڊيا ٿي ويو هوندو ته مغل بادشاه بابر جي تيمورلنگ سان ڪيئن مائٽي هئي ۽ مشهد (ايران) واري گوهر شاهه مسجد واري بيگم گوهر شاد ۽ شاهه رخ جو پٽ سلطان الغ بيگ مرزا ۽ ان جو پٽ سلطان عبداللطيف مرزا، اسان واري شهنشاهه هند ظهير الدين بابر جو، سمجهو ته سئوٽاڻي سوٽ ٿيو.
تيمورلنگ (1405-1336)
حڪومت (1405-1370)
شهزادو ميران شاهه
شاه رخ (1447-1377) (تيمورلنگ جو هڪ ٻيو پٽ)
حڪومت 1447-1405 (1408-1366)
زال
گوهر شاد بيگم
(1457-1378) شهزادو سلطان محمود
(سلطان ابو سعد قتل ڪيس)
الغ بيگ (1449-1394) سلطان ابو سعد
حڪومت 1449-1447 (سمرقند جو حاڪم)
(1469-1424)
حڪومت (1469-1451)
عبداللطيف مرزا
(1450-1420)
حڪومت (1450-1449) شهزادو عمر شيخ مرزا
(فرغانا ماٿريءَ جو سردار)
(1494-1456)
زال: قتلغ نگار بيگم
ظهير الدين بابر
(1530-1483)
حڪومت هند (1530-1526)