10
بهرحال مغل سلطنت جي ڪمزور ٿيڻ تي انگريز پنهنجو دٻاءُ وڌائيندا ويا..... ائين ئي ٿيندو آهي...... ڏٻري ڏاند تي مڇر به گهڻا..... ۽ اڪبر شاهه دوم ته سياسي ۽ مالي طرح اهڙو ڏٻرو ٿي چڪو هو جو انگريزن هن کي وڌيڪ ئي ٽائيٽ ڪري رکيو. مغل شهنشاهه ۽ سندس خاندان کي نه فقط لال قلعي ۾ محدود رکيو ويو پر هنن مٿان لال قلعي ۾ سيٽان (Archbald Seton) نالي هڪ انگريز آفيسر کي ائڊمسٽريٽر ڪري رکيو ويو. مغل خاندان کي اها ڳالهه ڏاڍي چڀي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته زمانو هو جو مغل بادشاهن جو سڄي هندوستان تي راڄ هو. انگريزن هڪ ڪنڊ ۾ رهڻ ۽ روزگار لاءِ فئڪٽري هڻڻ لاءِ ڏڪي ڏڪي مغل بادشاهن کي منٿون ٿي ڪيون. اڄ سڄو هندستان انگريزن جي هٿ ۾ هيو ۽ مغل بادشاهه اڪبر کي لال قلعي تائين سوڙهو ڪيو ويو هو ۽ خرچ پکي هلائڻ لاءِ هن کي انگريزن طرفان پينشن طور پئسو ملي رهيو هو. ان بعد سندس پٽ بهادر شاهه ظفر بادشاهه کي ته اهو به نصيب نه ٿيو. انگريزن کيس ملڪ بدر ڪري برما (ميانمار) جي شهر رنگون (ينگلون) جي قيد حوالي ڪري ڇڏيو. جتي هو مرڻ گهڙيءَ تائين جلاوطن رهيو. تڏهن ته هن ماضي ۽ پنهنجي وطن کي ياد ڪري چيو ته:
کتنا ھے بدنصیب ”ظفر“ دفن کے لئے
دو گز زمیں نہ مل سکی کوئے یار میں
ايستائين لکڻ بعد انهن ڏينهن جو هڪ واقعو ٿو لکڻ چاهيان پر ان کان اڳ پڙهندڙن لاءِ، خاص ڪري انهن سياحن لاءِ جيڪي مون وانگر هتي ايندا رهن ٿا، ڪجهه چوڻ چاهيندس.... دهليءَ ۾ اچي هو قطب مينار به ڏس ٿا. جي سِڙجي ڏسڻ لاءِ نه به اچن ته به اهو پري کان به نظر اچي ٿو ۽ هن جي ڀرسان هر هڪ جو لنگهه ته ضرور ٿئي ٿو. قطب مٺيار جي ڀرسان بلبن جو مقبرو به آهي ۽ اتي ئي قطب مسجد پڻ آهي، جيڪا ”قوة السلام مسجد“ به سڏجي ٿي، جيڪا مملوڪ يا غلام گهراڻي جي باني قطب الدين ايبڪ ٺهرائي هئي. قطب مينار جو بنياد به دهليءَ جي هن سلطان رکرايو، پر اهو سندس نالي يا ياد ۾ نه آهي، پر اهو صوفي درويش قطب الدين بختيار ڪاڪِيءَ جي ياد ۾ آهي. ان مينار ۾ ٻيون شيون بعد جا سلطان به ڳنڍيندا ويا ۽ کيس مڪمل ڪندا ويا. جيئن ته سلطان التمش ۽ ويندي تغلق گهراڻي جي فيروز شاهه تغلق به ان کي وڌايو ۽ سڌاريو. اتي ئي چندر گپتا جي ڏينهن (414ع-375ع) جو 22 فوٽ کن ڊگهو لوهي ٿنڀو پڻ نظر اچي ٿو.
مٿيون شيون دهليءَ جي ڏکڻ اولهه واري جنهن ضلعي ۾ آهن، اهو ”مهرؤلي“ سڏجي ٿو. جيئن اسان وٽ ڪلفٽن ۽ ڪياماڙي وغيره، ڪراچيءَ جي ڏکڻ ضلعي (South Distric) ۾ آهن. هن علائقي مهرؤليءَ جي اتر ۾ هتي جو مشهور تاريخي ”حوض خاص“ آهي. اولهه ۾ وسنت ڪنج آهي ۽ ڏکڻ ۾ تغلق آباد آهي. مهرؤلي جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم، جو هتي ڪيترن ئي مغل بادشاهن جا مقبرا آهن ۽ ان وقت جا مغل حاڪم توڙي اڄ جا هندو ۽ مسلمان مهرؤلي ۾ دفن ٿيل صوفي درويش خواجا قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ جا معتقد ۽ مريد آهن. جيئن ٿورو اڳيان، مٿرا روڊ تي حضرت نظام الدين اولياءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ ماڻهو پهچن ٿا.
دهليءَ جي ان مهرؤلي واري علائقي ۾ ئي ”ظفر محل“ آهي، جنهن جي ڀرسان ”رنگ محل“ آهي. جيڪو فقط ”محل“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ”رنگ محل“ شهنشاهه اڪبر شاهه دوم ٺهرايو هو. ان بعد سندس پٽ ۽ مغل سلطنت جي آخري بادشاهه ان جي ڀرسان ٻي عمارت ٺهرائي، جيڪا ”ظفر محل“ سڏجي ٿي. دراصل بهادر شاهه ظفر چاهيو ٿي ته سندس وفات بعد سندس جسم خاڪيءَ کي صوفي درويش خواجا قطب الدين بختيار جي قدمن ۾ ان ”ظفر محل“ ۾ دفن ڪيو وڃي پر قسمت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. هن کي دهليءَ مان نيڪالي ڏئي رنگون (برما) موڪليو ويو. سو پڙهندڙن مان ڪو دهلي گهمڻ لاءِ وڃي ته مغلن جي ٺهيل عمارتن لال قلعي ۽ جامع مسجد سان گڏ مهرؤلي جي علائقي جي قطب مينار ۽ ٻين تاريخي جاين سان گڏ ”ظفر محل“ ۽ ”رنگ محل“ ڏسڻ وقت اهو ڌيان ۾ رکن ته ”ظفر محل“ مغلن جي آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر دوم ٺهرايو هو ۽ ”رنگ محل“ جيڪو فقط ”محل“ يا ”لال محل“ به سڏجي ٿو، مغل سلطنت جي آخري بادشاهه جي والد شهنشاهه اڪبر شاهه دوم ٺهرايو هو.
هاڻ اچون پنهنجي ڇڏيل ڳالهه تي..... اڪبر شاهه دوم کي انگريزن لال قلعي تائين کڻي سوڙهو ڪيو هو. نه رڳو ايترو پر ان تي نظر رکڻ لاءِ سيٽان (Seton) نالي هڪ اسڪاٽ آفيسر به مقرر ڪيو هو، جيڪو پڻ اتي رهيو پئي. پنهنجو ماضيءَ جو شان شوڪت ياد ڪري، حال جو هي حال ڏسي، ڪنهن جي دل نه پڄرندي..... نالي ماتر بادشاهه اڪبر شاهه دوم ته دل جو سور دل ۾ ئي رکيو، پر سندس نوجوان پٽن..... خاص ڪري وڏي پٽ ولي عهد شهزادي مرزا جهانگير (جنهن جو بادشاهه ٿيڻ جو وارو هو) کي ڏاڍا وڍ پيا. ٻيو نمبر پٽ بهادر شاهه ظفر ته شاعراڻي طبيعت جو هو ۽ هر وقت پنهنجي شعرو شاعريءَ ۾ ئي لڳو پئي رهيو. شهزادي مرزا جهانگير جڏهن به پنهنجي آسپاس هن گوري آفيسر سيٽان کي پئي ڏٺو ته دل ئي دل ۾ ته کيس گاريون ڏنائين ئي پئي، پر هڪ دفعو کيس زور سان اڙدوءَ جي گار واري لفظ سان ڏسيائين، پر سيٽان چپ رهيو. شايد هن کي ان وقت جي ان اڙدو لفظ ”لُولُو“ جي معنيٰ جي خبر نه هئي. ڪجهه ڏينهن بعد سيٽان درٻار مان موٽي رهيو هو ته هي 19 سالن جو شهزادو مرزا جهانگير ان وقت نوبت خاني جي ڇت تي ويٺو هو. لال قلعو گهمڻ وقت توهان نوبت خانو به ڏسي سگهو ٿا. نوبت خانو جيڪو نقارخانو به سڏجي ٿو.... بادشاهه سلامت جي ديوان عام ۾ اچڻ وقت هن نوبت خاني ۾ ويٺل سازن وارا نغارا وڄائيندا هئا. ڪجهه تاريخدانن جو خيال آهي ته مغل بادشاهه جهاندار شاهه (1713ع ـــ 1712ع) ۽ فرخ سيار (1719ع ـــ 1713ع) کي هتي قتل ڪيو ويو هو. تاريخ جي شوقينن کي ان بابت انيشا شيکر مکرجيءَ جو آڪسفورڊ پريس طرفان ڇپيل ڪتاب“The Red Fort of Shahjahanabad” ضرور پڙهڻ کپي.
گذريل دفعي جڏهن لال قلعو ڏسڻ آيو هوس ته تاريخ جي واقفڪار منهنجي راجستاني گائيڊ، نوبت خاني وٽ بيهي، ان جي ڇت ڏي اشارو ڪري چيو هو:
“That is the place from where Mughal Prince shot Britishers”.
شهزادي نوبت خاني جي ڇت تي ويٺي ويٺي، پاسي کان لنگهندڙ انگريز آفيسر سيٽان تي بندوق سان نشانو چٽيو، پر هن کان فائر خطا ٿي ويو. سيٽان ته بچي ويو، پر گولي هن سان گڏ هلندڙ اردليءَ کي وڃي لڳي ۽ هو اتي ئي ڍيري ٿي ويو. انگريزن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هنن مرزا جهانگير کي گرفتار ڪري الهه آباد قلعي ڏي موڪليو. اهو ٻڌي بادشاهه سلامت جي محلات ۾ اداسي ڇانئجي وئي، ڇو جو الهه آباد قلعي لاءِ مشهور ٿي ويو هو ته انگريزن جنهن به سياسي قيديءَ کي الهه آباد قلعي ڏي ٿي موڪليو، ان جو زندهه موٽڻ ڪڏهن به نٿي ٿيو. انگريزن پنهنجي ملڪ ۾ توڙي انڊيا ۾، ڪي اهڙا هنڌ ٺاهي رکيا هئا، جتي وڏن ڌاڙيلن، خونين ۽ رهزنن سان گڏ مخالفت ڪندڙ سياستدان کي موڪليو ويندو هو. جتي قيديءَ سان تمام گهڻي سختي ڪئي ويندي هئي ۽ اها جاءِ اهڙي اڻانگي هنڌ تي هوندي هئي..... ان هنڌ تي ايڏو سخت پهرو هوندو هو جو ڪنهن قيديءَ جو ڀڄڻ ناممڪن هوندو هو. بعد ۾ انگلئنڊ وارن پنهنجي ملڪ جي اهڙن خطرناڪ قيدين کي آسٽريليا موڪلڻ شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ آسٽريليا ۾ سڃ پئي واڪا ڪيا. قيدي اهڙي بور ماحول ۽ بک ۾ رهي، سزا جي مدي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي پاڳل ٿي، مري ويندا هئا. اهڙيءَ طرح هنن هندي وڏي سمنڊ ۾ موجود ويران ۽ خوفناڪ، جانورن ۽ آدمخورن سبب مشهور، نڪوبار ۽ انڊامان ٻيٽن تي به قيد خانا ٺاهيا، جتي هو هندستان جي خطرناڪ ڏوهارين کان علاوه، انهن سياستدانن کي موڪليندا هئا، جيڪي انگريزن جي حڪومت جي مخالفت ڪندا هئا. هاڻ ته نڪوبار ۽ انڊامان ٻيٽ، ملائيشيا جي لنگڪوري، يا ٿائلينڊ جي پکيٽ ۽ پتايا وانگر، ٽوئرسٽ اسپاٽ ٿي پيا آهن، پر انهن ڏينهن ۾ اهي واقعي خطرناڪ جايون هونديون هيون، جتان ڪنهن جو موٽڻ ناممڪن هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي آڻ مڃيندا هئا ته ڪي وري اهڙا سخت جان هوندا هئا، جو مدو پورو ڪري ويندا هئا. انگريزن جي 1947ع ۾ انڊيا ڇڏڻ ۽ انهن ٻيٽن جي قيدين جي جان بخشي ٿيڻ تي ڪيترائي پنهنجي وطن واپس موٽيا. انهن ٻيٽن جي قيد خاني کي عام ٻوليءَ ۾ ”ڪارو پاڻي“ سڏيو ٿي ويو. انهن ۾ ڪيترائي سنڌي به هئا، جن مان ڪجهه کي مون به اسانجي شهر هالا جي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن وٽ ڏٺو. انگريزن جي مخالفت ڪرڻ ۽ انگريزن کان ملڪ جي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ملي هئي. اسان وٽ ڪاري پاڻيءَ جي سزا خوف جي علامت سمجهي پئي وئي. آئون اهو ئي سمجهندو هوس ته اتي شايد ڪاري رنگ جو ڪنو پاڻي هوندو...... ۽ پوءِ جڏهن وڏو ٿي سامونڊي نوڪري اختيار ڪيم ته ملائيشيا ايندي ويندي انهن ٻيٽن وٽان لنگهه ٿيندو هو. هڪ ڏينهن انڊيمان ٻيٽ وٽ اسان جي جهاز جي انجڻ ۾ مسئلو ٿي پيو. اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي مالڪن اسان کي ايمرجنسيءَ جي حالت ۾ هن ٻيٽ جي بندرگاهه پورٽ بليئر ۾ وڃي جهاز لاءِ ٽيڪنيڪل مدد لاءِ چيو. بندرگاهه ۾ پهچي خبر پئي ته انڊيا وارن هنن ٻيٽن کي هاڻ اهڙو ته خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي جو هر سال دنيا جا لکين ٽوئرسٽ هنن ٻيٽن تي اچي موڪل جا ڏينهن گذارين ٿا. جنهن مان انڊيا جي وڏي ڪمائي ٿئي ٿي.
بهرحال شهنشاهه اڪبر شاهه دوم جي وڏي ۽ وليعهد شهزادي مرزا جهانگير جي گولي هلائڻ تي کيس گرفتار ڪري، الهه آباد قلعي ڏي موڪليو ويو، جتي هن جو ڪيس هلڻو هو. اها خبر ٻڌي سندس مائٽ..... ماءُ پيءُ ته بس ٿي ويا ۽ سندس جيئرو موٽڻ محال سمجهڻ لڳا. يارو! سوچيو.... بادشاهه جي پٽ قتل ڪيو ان جي هن کي سزا ضرور ملڻ کپي. پر اهي ئي بادشاهه ڪالهه تائين قتل ڪندا رهيا.... هئي ڪنهن کي هنن کي گرفتار ڪرڻ جي طاقت؟ شهنشاهه فرخ سيار، بنده سنگهه بهادر تي حملي بعد 2000 سکن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيا ۽ اهي ڀالن تي لڙڪائي دهلي آندا ويا. باقي 780 سکن جي پيرن ۾ زنجير ٻڌي کين دهليءَ جي قلعي ۾ آندو ويو ۽ کين مسلمان ٿيڻ لاءِ زبردستيءَ کان ڪم ورتو ويو پر انهن جي انڪار تي هر روز 100 سکن کي قلعي مان گهرائي وچ مارڪيٽ ۾ پبلڪ اڳيان انهن جو قتل ڪيو ويو. هي سلسلو ست ڏينهن هلندو رهيو. ان بعد 9 جون 1716ع تي هنن جي ليڊر بنده سنگهه جون اکيون ڪڍيون ويون. ان بعد هن جون ٻانهون ۽ ٽنگون ڪپيون ويون ۽ پوءِ جسم جي کل روڙي وئي ايئن هن جو قتل ڪيو ويو. ٿوروسوچيو، دهلي شهر ۾ ڇا ته خوف طاري ٿيو هوندو.... هي واقعو سالن جا سال ماڻهن..... خاص ڪري ٻارن جي دلين تان نه ميٽيو هوندو. ڇا ٻئي کي مسلمان ڪرڻ لاءِ اسلام اها ٿو تعليم ڏئي؟..... سوچيو ته اسلام پکيڙڻ جو اونو ڪنهن کي هيو؟! جن کي شراب ۽ شباب کان فرصت ئي نه هئي. جن تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ، ڀائٽي ۽ پيءُ، چاچي جو قتل ڪندي به قياس نه پئي محسوس ڪيو. بهرحال هاڻ هڪ ڌارئي ۽ ڏورانهين ملڪ کان آيل قوم (انگريزن) جي حڪم تي سندن گورکا ۽ مرهٺا سپاهي بادشاهه سلامت جي ان پٽ کي ٻڌي ويا، جيڪو بادشاهه ٿيڻ وارو هو. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ته هيڏي وڏي طاقتور مغل سلطنت جو ڇا وڃي حال ٿيو هو.... نه رڳو پڙهندڙ اندازو لڳائين پر اسان جا حاڪم محترم به....... جيڪي حڪومت کي چهٽيا پيا آهن ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ بدران وتن غريبن جي ٽئڪس جي پئسي سان پنهنجيون ٽجوڙيون ڀريندا ۽ محل ماڙيون ٺاهيندا..... اهو سوچي ته سندن ست پيڙهيون ته ڇا پر ستر پيڙهيون، ان مال سان عيش عشرت ڪنديون. اڄ آئون چوان ٿو ته آخري مغل شهنشاهه جي اولاد جي غربت ۽ ڪسمپرسيءَ جي حالت ڏسو..... ترڪيءَ ۾ جڏهن به منهنجو جهاز ويندو هو ته اتي جي بازارن، مارڪيٽن ۽ پارڪن ۾ ڪو مونسان دوستاڻي نموني سان ڳالهائيندو هو ته آئون کيس چوندو هوس ته سلطنت عثمانيا جي سلطانن جي ڪنهن اولاد سان ملرايو. ڪو به نه ملرائي سگهيو. خبر ناهي هيڏي شان شوڪت ۽ مال ملڪيت وارن اڌ دنيا جي ملڪن جي حاڪمن جو اولاد ڪيڏانهن ويو؟! اهو ئي حال قذافي، صدام ۽ شهنشاهه ايران جو ٿيو. ان هوندي به اسان جا حاڪم پئسي ۽ هوس جي پويان آهن، جيئن هنن جون ايندڙ ست پيڙهيون عيش ڪن ۽ اڄ جو عوام ڀلي غربت ۽ تنگدستيءَ ۾ مري وڃي.
پنهنجي پٽ شهزادي جهانگير مرزا جي زندگي بچائڻ لاءِ هن جي ماءُ راڻي ممتاز محل جڏهن هِن هُن کي منٿ ميڙ ۽ رحم جو درخواستون ڪري ٿڪجي پئي ته نيٺ مهرؤلي ۾ صوفي درويش خواجا قطب الدين بختيار جي مقبري تي آئي. هن سُکا باسي ته جيڪڏهن سندس پٽ جيئرو سلامت گهر پهچندو ته هوءَ گلن جي چادر هن درويش جي درگاهه تي نذراني طور پيش ڪندي.
ٽن چئن سالن جي دعائن بعد هڪ ڏينهن ڄڻ ته ڪرشمو ٿي ويو، جڏهن شهزادو لال قلعي ۾ موٽي آيو. راڻي صاحبا پنهنجي مڙس کي ٻڌايو ته هن هھڙي قسم جي سُکا خواجا قطب الدين جي درگاهه تي باسي آهي. بادشاهه سلامت انڪار بدران خوش ٿيو ۽ راڻيءَ جو ڪيل وچن پاڙڻ لاءِ پاڻ به ان ۾ شامل ٿيو. ٻنهي اهو فيصلو ڪيو ته هو گلن جي چادر درگاهه تان وٺڻ بدران پنهنجي رهائش گاهه لال قلعي ۾ ٺاهي اتان پيرين پنڌ مهرؤليءَ کڻي هلندا، جتي صوفي درويش قطب الدين بختيار جي مزار آهي ۽ جنهن مٿان اها رکڻي آهي. اها خبر جهنگ جي باهه وانگر چوڌاري پکڙجي وئي ۽ لال قلعي جي اوس پاس ۾ رهندڙ به بادشاهه سان گڏ ان واڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
اهو سيپٽمبر جو مهينو هو. بادشاهه اڪبر شاهه ۽ هن جي راڻي ممتاز محل گلن جي چادر کڻي قافلي جي صورت ۾ پنهنجي رهائش لال قلعي کان مهرؤليءَ ڏي خوشيءَ جا گيت ڳائيندا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندا روانا ٿيا. هو جڏهن مهرؤليءَ واري علائقي جي ٻاهران پهتا ته اتي جي مندر ماءُ يوگ مايا نالي هڪ آڳاٽي مندر وٽ بيهي بادشاهه سلامت چيو ته اسان جي بزرگن ۽ صوفي درويشن جو قبرستان مهرؤلي، هن ديويءَ جي ڪري مشهور آهي ۽ اهو پاپ ٿيندو جيڪڏهن اسان فقط صوفي درويش جي مقبري تي هلون ۽ هن هندن جي مندر ۾ قدم بوسي نه ڪريون.
مهرؤليءَ ۾ موجود هن يوگ مايا مندر لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو هڪ آڳاٽو مندر آهي، جيڪو پانڊوئن جي ٺهرايل مندرن مان هڪ آهي. اهو مندر لارڊ ڪرشن جي ڀيڻ ماءُ يوگ مايا کي منسوب ٿيل آهي.
شهنشاهه اڪبر دوم مندر ۾ داخل ٿيو ۽ ديويءَ اڳيان وڃڻو پيش ڪيو. ان بعد هن مسلمانن جي درگاهه تي گلن جي چادر رکڻ جي رسم مڪمل ڪئي. ستين ڏينهن تائين بادشاهه سلامت جي سڄي درٻار، نوڪر چاڪر، ٻانهيون، خدمتگار مهرؤليءَ ۾ ويٺا رهيا ۽ خوشيون ملهائيندا رهيا ته هن بزرگ جي ڪري بادشاهه سلامت جي ولي عهد شهزادي جي جان بخشي ٿي. ديڳيون چڙهنديون رهيون، راڳ ۽ قواليون هلنديون رهيون، بانسريون ۽ سرندا وڄندا رهيا، ماڻهو کائي پي خوش هئا..... پڙهندڙ ان مان به اندازو لڳائي سگهن ٿا ته اسان جا حاڪم نالي جا مسلمان ضرور هئا، جن لاءِ اسان اڄ به ٺڙڪو خوشي ڪيون ٿا ته انڊيا تي 300 سالن کان مٿي مسلمانن حڪومت ڪئي پر عوام جو حال ڏسو...... ڪيڏي غربت هئي جو ڀت جي ٿيليءَ لاءِ سڄو سڄو ڏينهن ڪانڀ ٻڌي اچي ٿي ويٺا. اڄ جي اسانجي سنڌ جو حال به ان وقت جي حال کان مختلف نٿو لڳي.
بادشاهه سلامت حڪم جاري ڪيو ته هاڻ هر سال هي جشن ملهايو ويندو. رنگ محل نالي هڪ محل تيار ڪرايو ويو، جو شاهي خاندان کان علاوه سڄي درٻار جي ماڻهن کي هر سال ستن ڏينهن لاءِ مهرؤلي شفٽ ٿيڻو پئي پيو. هن محل جو نالو ان ڪري ”رنگ محل“ رکيو ويو جو ان جي ڀتين ڇتين کي مختلف رنگن ۽ گل گلڪارين سان سجايو ويو هو. هر سال مغل شهنشاهه پنهنجي خاندان، درٻارين ۽ اوسي پاسي جي ماڻهن سان گڏ گلن جي چادر ۽ مندر لاءِ عمدو تيار ڪيل وِڃڻو کڻي لال قلعي کان نڪري مهرؤلي ۾ اچي ديرو پئي ڄمايو. هي جشن اهڙو مشهور ٿي ويو جو اڄ ڏينهن تائين سيپٽمبر جي مهيني ۾ ستن ڏينهن لاءِ ملهايو وڃي ٿو ۽ ”سير گل فروشان“ ۽ ”ڦولون ڪي سئر“ جي نالي سان سڏجي ٿو. هاڻ ان جو اهتمام ڪرڻ لاءِ دهليءَ جي اهم مسلمانن ۽ هندن جي سوسائٽي آهي، جيڪا ”انجمن سئر گل فروشان“ سڏجي ٿي. اهي هندن جي مندر لاءِ وِڃڻي ۽ مسلمانن جي درگاهه جي لاءِ گلن جي چادر جو بندوبست ڪن ٿا.
اهي ڳالهيون پڙهي ٿي سگهي ٿو مون وانگر ٻين کي به خيال ايندو هجي ته مغل بادشاهه به عجيب قسم جا مسلمان هئا. ڪٿي ته سکن ۽ هندن تي ظلم پئي ڪيائون ۽ کين بيدرديءَ سان قتل پئي ڪيائون ۽ ڪٿي وري، شايد هنن کي خوش ڪرڻ ۽ سستي شهرت ماڻڻ لاءِ، هنن جي ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا پاٺ پئي ڪيائون. ڪٿي هنن جا مندر پئي ڊاٺائون ٿي ته ڪٿي هنن کي مندرن لاءِ زمين جي گرانٽ ڏئي پنهنجي حق ۾ واهه واهه پئي ڪرايائون. تبديلي اڄ به ناهي آئي. ڳالهه ڳالهه تي اسان جا مسلمان هندن جي مندرن کي ساڙيو رکن...... هنن جي غريب نياڻين کي زوريءَ مسلمان ڪريو ڇڏين يا اغوا ڪريو وٺن. حڪومت طرفان ڪو خاص تحفظ ۽ وٺ پڪڙ ناهي پر کانئن ووٽ حاصل ڪرڻ ڪارڻ هندن جي هولي يا ڏياريءَ جي دعوتن ۾ وتن نرڙ تي تلڪ هڻندا ۽ هنن جي ديوين اڳيان واس ۽ پرساد ڏيندا........ بهرحال ڪو خاص اعتراض ناهي...... نه اڄ جي حاڪمن تي ۽ نه ارڙهين صديءَ جي مغل شهنشاهه اڪبر شاهه دوم تي..... هر ڪنهن جي پنهنجي مرضي آهي..... پر مونکي رڳو حيرت ان تي ٿي ٿئي ته سندس ئي وڏن جي هڪ مغل شهنشاهه تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ کي ماري ڇڏيو ۽ پنهنجي ان گناهه يا ظلم جي ڪم کي عوام جي نظرن ۾ خوشنود اهو چئي بڻايو ته، هن جي ڀاءُ ڪفر جو ڪم ڪيو هو. ڪهڙو ڪفر جو ڪم ڪيو هو؟ اهو ته هن هڪ مندر کي هڪ ٽيبل يا شايد بينچ تحفي ۾ ڏني هئي. ڪم پڪو ڪرڻ لاءِ، هن شهنشاهه، وقت جي مفتين مولوين کان فتويٰ به لکرائي ورتي ته سندس شهزادي ڀاءُ جو اهو ڪم ڪافراڻو هو جنهن جي سزا قتل آهي...... سوچيان ٿو ته اڄ..... هن ايڪهين صديءَ ۾ به، جڏهن اسان جو ملڪ ايٽمي طاقت بڻجي چڪو آهي، ان قسم جون فتوائون خبر ناهي ڪيترن معصوم ۽ اٻوجهه مردن توڙي نياڻين جي موت جو سبب بڻجن ٿيون.
شهنشاهه اڪبر دوم جي وفات تي سندس وڏو ۽ ولي عهد پٽ شهزادو مرزا جهانگير ته تخت تي ويهي نه سگهيو، جو مغل سلطنت ايڏي ڪمزور ٿي وئي هئي.... ۽ ڏورانهين ملڪ کان آيل انگريز ايڏا طاقتور ٿي ويا هئا، جو انهن جي مرضيءَ سان بادشاهه لٿا ۽ چڙهيا ٿي. ڏوهه ڪرڻ ۽ جيل ڪاٽڻ جي ڪري مرزا جهانگير کي انگريزن بادشاهه قبول نه ڪيو. ان ڪري اڪبر شاهه جو ٻيو پٽ بهادر شاهه ظفر تخت تي ويٺو. بهادر شاهه ظفر ان رنگ محل جو ڪجهه حصو وڌيڪ ٺهرايو، جيڪو اڄ تائين ظفر محل سڏجي ٿو. نئين شهنشاهه بهادر شاهه ظفر ان محل ۾ پنهنجي دفن لاءِ اڳواٽ قبر به ٺهرائي ۽ ان بابت وصيت ڪئي. پر ڪهڙي خبر ته هن جو موت ۽ قبر هڪ ڏورانهين شهر رنگون ۾ ٿيندا.
بهادر شاهه ظفر مغل سلطنت جو آخري بادشاهه ٿي رهيو. پاڻ 1775ع ۾ ڄائو ۽ 1837ع ۾ سندس والد شهنشاهه اڪبر دوم جي وفات تي، 62 سالن جي ڄمار ۾ بادشاهه ٿيو. پاڻ مولائي مڙس هو. حڪومت يا سياست سان دلچسپيءَ بدران شعرو شاعريءَ سان دلچسپي هيس. هونءَ به تخت ۽ تاج جو اميدوار سندس وڏو ڀاءُ ولي عهد شهزادو مرزا جهانگير هو، پر قتل جي ڪيس جي ڪري انگريزن هن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو هو ۽ بهادر شاهه کي شهنشاهه هند بڻايو. بس اهو سمجهو ته انگريز اهڙا طاقتور ٿي ويا هئا جو هنن پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن کي به نالي ماتر بادشاهه بڻائي پئي ڇڏيو. هڪ قسم جي صدارت لاءِ پئي چونڊيو..... ۽ سڄي هندستان تي هن جي حڪومت خاڪ هئي، بس مڙيئي ان وقت جي دهليءَ تي راڄ ڪرڻ لاءِ کيس ڇڏيو ويو هيو. تنهن لاءِ به بادشاهه سلامت کي انگريزن طرفان مقرر ڪيل ريزيڊنٽ يا ائڊمنسٽريٽر کان صلاح وٺڻي ٿي پئي ته هي ڪم ڪريان يا نه ؟ دهليءَ جي شهر جي ٽئڪس جي اوڳڙ به انگريزن پاڻ ڪري، ان جو ڪجهه حصو بادشاهه سلامت کي پينشن طور پئي ڏنو.
بهادر شاهه ظفر اڙدوءَ جو هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي ۽ سندس درٻار ۾ داغ، مومن ۽ مرزا غالب جهڙا شاعر موجود پئي رهيا. سندس ڪيترائي شعر 1857ع واري هنگامي ۾ گم ٿي ويا، پر ان هوندي به ڪيترائي شعر سندس غزلن جي مجموعي ”ڪليات ظفر“ ۾ موجود آهن. جنهن کي پڙهيو ۽ ڳايو وڃي ٿو.
مغل سلطنت جا آخري شهنشاهه بادشاهي رعب تاب ۽ دٻدٻو وڃائي ويٺا هئا، خاص ڪري هي شاعر بادشاهه دهليءَ ۾، لال قلعي ۾، ڪنڊ پاسو وٺي شعرو شاعريءَ سان دل وندرائي رهيو هو ته 1857ع ۾ ميرٺ ۽ ٻين شهرن ۾ سپاهين جو انگريزن خلاف فساد ٿيو. جيڪو وڌندو ويو. انگريزن ان کي سندن خلاف بلوو سڏيو ۽ هندوستان جي هندن ۽ مسلمانن هن کي انڊيا کي آزاد ڪرائڻ جي جنگ سڏيو. سپاهين ۽ ملڪ کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ وارن متوالن هن مغل بادشاهه جو آشيرواد چاهيو ٿي. بهادر شاهه ظفر سندن پٺڀرائي ڪئي. سپاهين دهليءَ ۾ به اچي ڪيترن انگريزن ۽ عيسائين جو قتل ڪيو. چئن مهينن تائين انگريزن جي خلاف وڏو ٿرٿلو متو رهيو ۽ ان وقت جا ڏسڻ وارا ليکڪ ۽ تاريخدان اهو ئي چون ٿا ته انگريزن جي حالت خراب ٿي وئي ۽ هو ڀڄڻ جي ڪري رهيا هئا، پر پوءِ اسانجي ئي ماڻهن (جيڪي اڄ وڏا پير، سردار، نواب ٿيو ويٺا آهن) پنهنجا لشڪر دهليءَ موڪلي انگريزن جي مدد ڪئي ۽ کين هيءَ جنگ کٽرائي. اهڙن پنهنجن ماڻهن بابت حامد مير ۽ حسن نثار جهڙا ڪيترائي لکندا رهن ٿا ته انگريزن جي خوشامد ڪري هنن کين هن ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ لاءِ مضبوط بڻايو، جنهن جي عيوض ۾ انگريزن هنن کي ڍائي ڇڏيو. ڪجهه مهينا اڳ ”جنگ“ اخبار ۾ حامد مير، ملتان جي هڪ پير جو احوال لکيو ته ڪيئن هن پنهنجي ماڻهن خلاف انگريزن جي مدد ڪئي. سندس پڙپوٽو، تڙپوٽو اڄ ڪلهه عمران خان جي پارٽيءَ جو اهم ميمبر آهي. ان کان اڳ پيپلز پارٽيءَ ۾ هو.
1857ع جي هن جنگ ۾ آخر ۾ سڄي بازي ابتي ٿي وئي ۽ انگريز حاوي ٿي ويا. 82 سالن جو پوڙهو بادشاهه بهادر شاهه ظفر پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڪٽنب جي ڀاتين سان همايون بادشاهه جي مقبري ۾ وڃي لڪو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ دهليءَ کان ٿورو پري ٻهراڙيءَ ۾ هو. پر انگريز هن کي اتان ڪڍي دهليءَ جي خوني دروازي وٽ وٺي آيا، جتي سندس ٻن پٽن ۽ هڪ پوٽي کي اگهاڙو ڪري بندوقون هنيون ۽ ٻئي ڏينهن سندس خاندان جي عورتن ۽ ٻين ڀاتين جو قتل ڪيو. ساڻس جان بخشيءَ جو وعدو ڪيو ويو هو، سو ڪجهه ڏينهن ڪيس هلائي، کيس ملڪ مان ڪڍي برما جي شهر رنگون موڪليو ويو.
وليم (William Dalrymple) 2006ع ۾ ڇپيل پنهنجي ڪتاب “The Last Mughal”. جا ۾ لکي ٿو ته بازي کٽڻ بعد.... يعني مغل شهنشاهه جي سوگهي ٿيڻ بعد جڏهن هندستاني سپاهي ۽ بلوو ڪندڙ ٺاپر ۾ آيا ته پوءِ انگريزن ملڪ جا شاعر ۽ شهزادا، ملا ۽ دڪاندار، صوفي ۽ اسڪالر ڳولي ڳولي انهن جو قتل ڪيو ۽ ڦاهيون ڏنيون. ڪيتريون ئي مسجدون، محلات، باغ، مقبرا ۽ دهليءَ ۾ ٺهيل مغلن جا گهر ڊاهيا ويا. مسلمانن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون. هن لڙائيءَ جا جيڪي به اڳواڻ هئا، انهن کي ماريو ويو يا کين انڊيا مان ڀڄايو ويو. بهادر شاهه جي گرفتاريءَ بعد 330 سالن کان هلندڙ مغل سلطنت جو خاتمو ٿيو. بهادر شاهه کي قيدي بڻايو ويو. سزا طور کيس ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. سندس وڏو خاندان هو. جنهن مان ڪجهه سندس اڳيان قتل ڪيو ويو، ڪجهه ملڪ جي مختلف حصن ڏي ڀڄي ۽ لڪي ڇپي ويو. ساڻس گڏ جن ساٿ ڏنو انهن ۾ سندس زال زينت محل ۽ ٻه پٽ مرزا جوان بخت ۽ مرزا شاهه عباس ۽ ننهن شاهه زماني بيگم، جيڪا رونق زماني به سڏي وئي ٿي (جوان بخت جي زال) هئا. هنن کي ڍڳي گاڏين ذريعي دهليءَ کان ڪلڪتي پهچايو ويو، جتان نيول جهاز “Magara” ذريعي رنگون پهچايو ويو.
رنگون ۾ هي قيدي اتان جي انگريز ڪمشنر ڪئپٽن نيلسن ڊئويز حوالي ڪيا ويا، جن کي هن پنهنجي نظرداريءَ هيٺ رنگون جي مشهور مندر “Shwe Dagon” پڳڊا ڀرسان هڪ ڪوارٽر ۾ رکيو. جنهن ۾ چار ننڍڙا ڪمرا ڇهه فوٽ باءِ ٽي فوٽ جا هئا. هڪ بهادر شاهه ظفر جي حوالي ڪيو ويو. هڪ ۾ سندس هڪ پٽ جوان بخت پنهنجي زال زماني بيگم سان ۽ باقي ٻه بادشاهه جي زال ممتاز محل ۽ ٻئي پٽ شاهه عباس کي ڏنا ويا. کين ڪنهن به قسم جي پين، پينسل يا پني رکڻ تي پابندي لڳائي وئي. ڪم ڪار لاءِ کين چار هندوستاني نوڪر ڏنا ويا. هڪ چپراسي، هڪ پاڻي ڀري اچڻ وارو، هڪ ڪپڙا ڌوئڻ وارو ۽ هڪ ٻهارو ڏيڻ وارو ڀنگي.
چئن سالن بعد 87 ورهين جي ڄمار ۾ 7 نومبر 1862ع تي، بهادر شاهه ظفر وفات ڪئي. ان ڊپ کان ته متان انڊيا يا برما جا مسلمان بهادر شاهه ظفر جي وفات جو ٻڌي، هڪ دفعو وري انقلاب آڻين، بهادر شاهه ظفر جي جنازي کي خاموشيءَ سان دفنايو ويو. جنازي نماز ۾ فقط هڪ مولوي ۽ بادشاهه جا ٻه شهزادا؛ جوان بخت ۽ شاهه عباس هئا. وفات کان هڪ هفتو پوءِ رنگون جي انگريز ڪمشنر نيلسن ڊئويز پنهنجي اعليٰ آفيسرن جي اطلاع لاءِ لنڊن خط لکيو. ان خط جي ڪاپي اڄ به لنڊن ۾ ٻين ڊاڪومينٽن سان گڏ عوام جي پڙهڻ لاءِ موجود آهي. ان ۾ هو پنهنجن حاڪمن کي دلداري ٿو ڏئي ته فڪر ئي نه ڪريو. مون هن جي باقي خاندان کي ڏٺو، سڀ چپ آهن. سابق بادشاهه جي مرڻ جو اثر نه انهن تي ٿيو آهي ۽ نه رنگون جي مسلمانن تي. بانس جي باٺن سان هن جي قبر جي چوڌاري لوڙهو ٺهرائي ڇڏيو اٿم. وقت سان گڏ اهو لوڙهو غائب ٿي ويندو ۽ قبر جي چوڌاري گاهه اڀري ايندو ۽ سڄو علائقو هڪ ئي نظر ايندو. ڪنهن کي خبر به نه پوندي ته قبر ڪٿي آهي؟
“No vestige will remain to distinguish where the last of the great Moghuls rests…….”.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس ۾ به ضياءَ، شايد ڪمشنر نيلسن جي پاليسيءَ کي فالو ڪيو ۽ هن سمجهيو ته ڪجهه ڏينهن بعد ڀٽو ماڻهن جي دلين تان لهي ويندو، پر اڄ تائين نه بهادر شاهه ظفر ۽ نه ڀٽو ماڻهن جي دلين تان ميسار جي سگهيو آهي. ڀٽو جي وفات جي خبر break ڪندي بي بي سي جي مشهور نمائندي مارڪ ٽيليءَ ضياءَ کي خوش فهميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ جي سلسلي ۾ چتاءُ ڏيندي چيو هو “Dead Bhutto will be more powerful than alive”. 1987ع ۾ سرڪاري دوري تي انڊيا کان برما آيل راجيو گانڌيءَ رنگون ۾ بهادر شاهه ظفر جي قبر تي گلن جو هار رکي، مهمانن جي ڪتاب ۾ لکيو:
“Although you (Bahadur Shah) do not have land in India, you have it here, your name is alive….. I pay homage to the memory of the symbol and rallying point of India’s first war of independence…….”.
هونءَ بهادر شاهه ظفر کي دفن ڪرڻ مهل انگريز سرڪار پوري ڪوشش ڪئي ته هڪ ته هن کي ماٺ ميٺ ۾ دفن ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته هن جي قبر اهڙي ڪچي ۽ عارضي نموني جي ٺاهجي جو وقت سان گڏ گم گشته ٿي وڃي. ڇو جو انگريزن کي اهو ئي خوف هو ته متان هيءَ قبر مقبرو نه بڻجي وڃي ۽ پيري مريديءَ جي چڪر بعد بهادر شاهه ظفر جا سرگهورڻ وارا مريد انگريزن خلاف هل هنگامو نه پيدا ڪن. خير انگريزن کي اها ته پڪ هئي ته انڊيا، جتي جا ماڻهو جذباتي آهن ۽ ڳالهه ڳالهه تي مڇرجيو پون، انهن کان بهادر شاهه ظفر گهڻو گهڻو پري دفن ٿيل هو ۽ برما جا مسلمان به جيتوڻيڪ بهادر شاهه ظفر جا معتقد آهن، جو هو ٻين گهڻن بادشاهن کان بهتر ۽ نيڪ طبيعت جو هو، هڪ سٺو شاعر ۽ الله لوڪ سمجهيو ويو ٿي..... پر برما ۾ ايترا مسلمان نه آهن، جو هنگامو ڪري انگريزن لاءِ پريشاني پيدا ڪن.
بهادر شاهه ظفر جي قبر واقعي وقت سان گڏ، خيال نه ڪرڻ ڪري پٽ ٿي وئي هئي، پر پوءِ چون ٿا ته 1903ع ۾ انڊيا کان سياحن جو هڪ ڊيليگيشن جڏهن برما پهتو ۽ هنن بهادر شاهه ظفر جي قبر تي دعا پئي گهرڻ چاهي ته هنن کي اها جاءِ ڳولڻ ۾ ڏاڍي دقت پيش آئي. ان بعد 1905ع ۾ برما جي مسلمانن احتجاج ڪيو ته بهادر شاهه ظفر ۽ سندس ڀر ۾ دفن ٿيل سندس زال جي قبرن جي چڱيءَ طرح سڃاڻپ ڪئي وڃي. ان بعد 1907ع ۾ برطانيا جي واسطيدار اداري ان هنڌ جي چوڌاري لوهي ريلنگ لڳرائي ته جيئن ماڻهن کي آئيڊيا ٿئي ته هتي ڪٿي آخري مغل شهنشاهه جي قبر ٿي سگهي ٿي ۽ ان ريلنگ (لوڙهي) اندر هڪ پٿر جو Slab لڳرايو ويو جنهن تي ٽُڪ ذريعي لکرايو ويو ته:
“Bahadur Shah, the ex-king of Delhi died at Rangoon November 7th 1862 & was buried near this spot”.
۽ ان سلئب تي اهو به لکرايو ويو ته:
“Zinath Mahat wife of Bahadur Shah who died on the 17th July 1886 is also buried near this stone…..”
آئون جڏهن 1960ع واري ڏهي ۾ رنگون ويو هوس ته قبرن جي لاءِ اهو ئي لکيل هو. پر پوءِ اخبارن ۾ پڙهيوسين ته فيبروري 1991ع ۾ برمي مزور هن قبرستان جي سائيٽ پٺيان ڪنهن گٽر جي پائيپ لاءِ کوٽائي ڪري رهيا هئا ته هنن کي پڪين سرن واري بهادر شاهه ظفر جي اصلي قبر ملي وئي. هيءَ قبر زمين جي ليول کان ٽي فوٽ هيٺ ۽ پهرين واري سائيٽ کان 25 فوٽ پري آهي. اصلي قبر ملڻ بعد هاڻ اهو ئي ٻڌجي ٿو ته مڪاني مسلمان هن قبر جي زيارت ۽ دعا ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا اچن ٿا. ڪيترن جو اهو يقين آهي ته بهادر شاهه ظفر هڪ پهتل درويش هو ۽ هو هن لاءِ دعا گهرڻ ۽ پنهنجي دل جون مرداون پوريون ٿيڻ لاءِ ڀيرو ڀرين ٿا. منهنجا جهازي شاگرد جيڪي هينئر رنگون مان ٿي آيا آهن، انهن ٻڌايو ته بهادر شاهه ظفر جي مقبري اڳيان، انڊيا جي سرڪار هڪ وڏو “Prayer Hall” به ٺهرايو آهي جتي نماز پڙهي سگهجي ٿي. ان هال جو افتتاح 1994ع ۾ ڪيو ويو هو. برما ۾ ملٽري حڪومت کان اڳ بهادر شاهه ظفر جي مقبري جي نظرداري بهادر شاهه ظفر جي اولاد پئي ڪئي، پر هاڻ ان ڪم لاءِ هڪ ٽرسٽ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي: “Bahadur Shah Zafar Mansoleum Committee”
بهادر شاهه ظفر کي رنگون جي جنهن علائقي ۾ زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻ لاءِ رکيو ويو ۽ پوءِ اتي ئي دفن ڪيو ويو، اهو علائقو، تن ڏينهن جي مرڪزي شهر کان ڪافي پري هو، جيئن صدر کان ڪلفٽن يا ڊفينس مارڪيٽ، پر هاڻ اهو هڪ خوبصورت علائقو سمجهيو وڃي ٿو، جتي رنگون صوبي جي پارليامينٽ ۽ ڀرواري علائقي ۾ مختلف سفارتخانا ۽ سفيرن جا گهر آهن. شهر جا ٻه سٺي ۾ سٺا هاءِ اسڪول 1 & 2 Dagon هتي آهن. نئشنل ميوزيم ۽ نيشنل ٿيٽر به هتي ئي آهي.
بهادر شاهه ظفر جي اچڻ کان به گهڻو آڳاٽو ٻُڌن جو پگوڊا (Shwedagon Pagoda) ۽ مهاوزيا پگوڊا پڻ هتي آهن. بهادر شاهه جو مقبرو شِوي داگان پگوڊا (مندر) جي بلڪل ڏکڻ ۾ زواچا (Ziwaca) گهٽيءَ جي پلاٽ نمبر 6 تي آهي، جتي يو وسارا (U-Wisara) روڊ ۽ شوي داگان پگوڊا روڊ هڪ ٻئي سان ملن ٿا، وچ شهر کان ٽئڪسي 2500 ڪياٽ (Kyat) ٿي وٺي. ٿي سگهي ٿو ته هاڻ ينگون (رنگون) ۾ به ڪراچيءَ وانگر ’ڪريم‘ يا ’ابر‘ جون ٽئڪسيون هلنديون هجن، جيڪي اڍائي هزار ڪياٽ بدران هزار يا ڏيڍ هزار ڪياٽ چارج ڪنديون هجن. بهرحال ايتري پنڌ لاءِ ٽئڪسيءَ جو اڍائي هزار ڪياٽ ڀاڙو گهڻو ناهي. انگ سو هزار ۾ ضرور آهي پر برمي نوٽ (ڪياٽ) جي ڪريل وئليوءَ سبب اڍائي هزار ڪياٽ اسانجي پاڪستاني 200 روپين برابر آهن..... يعني تقريباً ٻن ڊالرن برابر.
بهادر شاهه ظفر 1857ع واري بلوي بعد 82 ورهين جي ڄمار ۾ رنگون موڪليو ويو، جتي پنج سال نظر بند رهڻ بعد 87 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1862ع ۾ هن وفات ڪئي. ان بعد پنج سال 1867ع تائين بهادر شاهه جو خاندان ان ننڍڙي ڪوارٽر ۾ رهيو. ان بعد کين ان مان نڪري رنگون جي ڪئنٽونمينٽ واري علائقي ۾ ڪٿي رهڻ جي اجازت ڏني وئي. اهي علائقا ائين هئا جيئن ڪراچي، حيدرآباد يا ٻين شهر ۾ انگريزن طرفان جوڙيل ڪئنٽونمينٽ وارا علائقا، جتي فوجي به رهيا ٿي. بنديخاني ۾ ڊگهو عرصو رهڻ ڪري شاهه زماني بيگم (مرزا جوان بخت جي زال) سخت ڊپريشن جي مريض ٿي پئي. هن جي نظر به تيزيءَ سان خراب ٿي رهي هئي ۽ 1872ع ۾ هوءَ بلڪل انڌي ٿي پئي. بهادر شاهه ظفر جو ٻيو پٽ مرزا شاهه عباس جيڪو پڻ هن سان گڏ هن بنديخاني ۾ هو، ان هڪ مقامي مسلمان بزنيس مئن جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. سندس اولاد اتي برما جي ئي شهرن ۾ رهي ٿو. ڪي مڇي مانيءَ وارا ضرور آهن پر گهڻا تڻا غربت جي زندگي بسرڪن ٿا. بهادر شاهه ظفر جي زال زينت محل مڙس جي مرڻ کان پوءِ اڪيلي ٿي پئي هئي. سندس زور آفيم تي هوندو هو، جنهن مان کيس تسڪين پئي ملي. مڙس جي وفات بعد به هوءَ 24 سال حيات رهي ۽ 1886ع ۾ وفات ڪيائين. کيس سندس مڙس ڀرسان ئي دفن ڪيو ويو. ٻن ٽن سالن بعد مرزا جوان بخت به گذاري ويو. هن کي ڏينهن لڳي ويو ۽ دماغ جي نس ٽٽي پيس.
سوچڻ تي ڏک به ٿئي ٿو ته ڏهن پيڙهين جي بادشاهن جي اولاد ڪيڏي ڏکويل زندگي گذاري. ڏٺو وڃي ته ٻين مغل بادشاهن ته جواني عيش عشرت ۾ گذاري، ظلم به ڪيا، اٽڪل بازيون به ڪيون پر هي آخري بادشاهه پنهنجيءَ ۾ ئي مگن رهيو. هونءَ اسان جي ننڍي کنڊ جا هندو توڙي مسلمان راجا، نواب، سردار انگريزن جي مدد نه ڪن ها ته آزاديءَ جي هيءَ پهرين لڙائي ايڏو ته تيزيءَ سان Momentum ۾ اچي وئي هئي، جو انگريز ڏڪي ويا هئا ۽ هندستان ڇڏڻ ۽ ٽپڙ ٻڌڻ جو سوچي رهيا هئا. ان بعد بهادر شاهه ظفر جي وڏي سوڀ ۽ عزت ٿي وڃي ها. غريب بادشاهه، جنهن کي فقط دهليءَ تائين محدود ڪيو ويو هيو، وري هندستان جو طاقتور بادشاهه ٿي وڃي ها. شايد انگريزن جي اها ڊيڄوڙي واري حالت ڏسي بهادر شاهه ظفر اهو شعر چيو هجي ته:
غازيون میں بُو رہے گی جب تک ایمان کی
تخت لندن تک چلے گی تیغ هندوستان کی
پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. ان نظاري جو شايد replay ٿيڻو هو، جيڪو ساڍا ٽي صديون اڳ مسلمان حاڪم سان اندلس، غرناطا، قرطبه..... يعني اسپين ۾ ٿي چڪو هو. 756ع ۾ بنو اميه جو عبدالرحمان اسپين جو حاڪم/ خليفو ٿيو. ساڍا ست صديون اسپين، پورچوگال ۽ فرانس جي ڪجهه حصي تي مسلمانن جي حڪومت رهي ۽ پوءِ مسلمانن جي آخري حاڪمن جي جڏن ڪمن ۽ انڌين عياشين جي ڪري هيڏي وڏي سلطنت وئي سندن هٿن مان نڪرندي ۽ آخر ۾ بنوناصر جو آخري خليفو ابو عبدالله مهمد ٻارهون (الثاني عشر) (ڄم 1460ع ۽ وفات 1533ع) سن 1482ع ۾ غرناطا جو امير ۽ اندلس جو حاڪم ٿيو. سندس هٿ مان سڀ ڪجهه نڪرندو ويو، آخر ۾ سندس هٿن ۾ فقط غرناطا جو شهر وڃي رهيو..... سو به نالي ماتر. اسپين جي بادشاهه فرڊيننڊ ۽ راڻي ائسابيلا (Isabella) حڪم ڏنس ته شهر (غرناطا) جي چاٻين سميت اچي آڻ مڃ.... پيش پئه. خليفي جي ماءُ، آئسابيلا کي ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪيون ته سندس پٽ جي بي عزتي نه ڪئي وڃي. هو هٿيار ضرور ڦٽا ڪري ٿو ۽ غرناطا شهر به واپس ڪري ٿو پر هن کي ذليل نه ڪيو وڃي.
محمد ٻارهين موراڪو جي بادشاهه کي به خط لکيو ته هن کان يا هن جي وڏن کان جيڪي غلطيون، عياشيون ۽ بڇڙايون ٿيون، انهن لاءِ هو شرمندو آهي، کيس سندن ملڪ ۾ زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن کي فاس (Faz) شهر ۾ رهڻ ڏنو ويو. جتي هو 1533ع ۾ گذاري ويو. گهوڙي تي سوار محمد ٻارهون جڏهن پنهنجي سلطنت جو شهر غرناطا ڇڏي بندرگاهه ڏي وڃي رهيو هو (جتان هن کي جهاز رستي سمنڊ ٽپي موراڪو وڃڻو هو)، ته رستي تي واڳ ڇڪي ، هُنَ گهوڙي کي بيهاريو ۽ پٺيان غرناطا شهر ڏي نهاري هڪ ٿڌي آهه ڀريائين. اهو هنڌ اڄ به تاريخي سمجهيو وڃي ٿو ۽ اسپين وارن ان هنڌ جو نالو ئي رکيو.“Suspiro del Maro” (مور بادشاهه جي آهه). ان بعد ماءُ سان گڏ هو جهاز ۾ جڏهن سمنڊ اڪري رهيو هو ته ڏک مان ڏاڍو رنائين. ان بابت اڪثر پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا ۾ ايندو رهي ٿو ته هن جي ماءُ هن کي ڇا چيو......
”جنهن سلطنت جي مردن وانگر حفاظت نه ڪري سگهئين، ان تي عورتن وانگر ڇو ٿو ڳوڙها ڳاڙين؟“.
خاندان ابو اميه جا عرب مسلمان ست سؤ سالن کان مٿي يورپ جي هڪ اهم ملڪ اسپين تي حڪومت ڪندا رهيا. هيءَ سلطنت هنن پنهنجي جانين جي بازي لڳائي حاصل ڪئي ۽ حسن تدبير سان ست صدين تائين حڪمراني ڪئي. انهن بهادر ۽ جفاڪش عربن جي ڪاهل ۽ بزدل فرزند (جيڪو غرناطا جو آخري حڪمران هو) پنهنجي جان جي سلامتيءَ جي عيوض صدين جي حڪمراني، ابن ڏاڏن جو وقار ۽ پنهنجا هٿيار 2 جنوري 1492ع تي اسپين جي راڻي ازابيلا ۽ فرڊيننڊ جي قدمن ۾ ڦٽا ڪيا. ملڪ بدر ٿيڻ لاءِ جڏهن هو پنهنجي خاندان سان گڏ غرناطا جي ڪناري کان آفريڪا جي سمنڊ ڏي روانو ٿيو ته سندس ڳوڙهن جو ڄڻ بند ٽٽي پيو. هو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. ان تي هن جي ماءُ مٿيان تاريخي جملا چيا.
هونءَ پاڻ ۾ ٿا ڳالهه ڪريون ته اها خواري سال 1491ع ۾ ٿي ۽ ڪي ڏهاڪا سال اها خبر دنيا ۾ عبرت خاطر ٻڌي ۽ ٻڌائي پئي وئي. ان وقت يعني سن 1791ع ۾ ته فرغانا ۾ رهندڙ بابر کڻي نه ٻڌي هجي، جو هو اٺن سالن جو مس هو، پر ڪجهه سالن بعد هن ضرورو ٻڌي هوندي. 1526ع ۾ جڏهن هو 43 سالن جو هو ۽ پاڻيپٽ جي ميدان تي ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي، دهليءَ جي تخت تي ويٺو ته هن کي ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي سندس گهراڻي جي هڪ بادشاهه (بهادر شاهه ظفر) سان به اهڙي ٿيندي جهڙي هن غرناطا جي حاڪم ابوعبدالله محمد ٻارهين سان ٿي آهي. ائين جي احسان ٿئي ته پوءِ باقي ڇا کپي! هر حاڪم، چاهي اڳئين دور جو بادشاهه هجي يا اڄ ڪلهه جو عوامي نمائندو، طاقت جي نشي ۾ اهو ئي سمجهي ٿو ته منهنجي حڪومت ۽ گڏ ڪيل اڻ ميوناڻو ڪڏهن ختم نه ٿيندو. چاهي مغل شهنشاهه هجن، اسپين جا خليفا، سلطنت عثمانيا جا سلطان يا صدام، شهنشاهه ايران، قذافي هجي يا اسانجا ايوب خان، ضياءُ، مشرف جهڙا فوجي ڊڪٽيٽريا سياسي ليڊر. هنن کي فقط عروج ئي نظر اچي ٿو. هنن جو نه عقل ڪم ٿو ڪري ۽ نه هو تاريخ مان سبق حاصل ڪن ٿا..... ته زوال به اچڻو آهي. هنن کي ڪهڙي خبر ته ست پيڙهين جي عيش لاءِ عوام کان کسيل پئسو سندسن به ڪم اچي سگهندو يا نه ؟!
بهادر شاهه ظفر جا ڪجهه شعر ٿا ياد اچن:
ہم نے دنیا میں آکے کیا دیکها
دیکها جو کچهہ، سو خواب سا دیکها
٭
تهے کل جو اپنے گهر میں وہ مہمان کہاں ہیں
جو کهو گئے ہیں یارب! وہ اوسان کہاں ہیں
آنکهوں میں روتے روتے نام بهی نہیں اب تو
تهے معجزن جو پہلے وہ طوفان کہاں ہیں
٭
یا مجهے افسر، شاہانہ بنایا نہ ہوتا
یا میرا تاج گدایا نہ بنایا ہوتا
اپنا دیوانہ بنایا مجهے ہوتا تونے
کیوں خیراتمند بنایا، نہ بنایا ہوتا
روز معمور دنیا میں خرابی ہے ”ظفر“
ایسی بستی سے تو ویرانہ بنایا ہوتا
رنگون ۾ بهادر شاهه ظفر جي قبر تي جيڪو اڙدوءَ ۾ بورڊ لڳل آهي، ان تي لکيل سٽون پڙهندڙن لاءِ هتي اکر به اکر درج ڪريان ٿو، جو ٿي سگهي ٿو ته هن بورڊ/ڪتبي جي ورتل تصوير ڪتاب جو پبلشر منهنجي هن ڪتاب ۾ نه ڏئي سگهي. بورڊ جي مٿان وچ تي ”بسم الله الرحمــٰن الرحيم“ لکيل آهي، جنهن جي ساڄي پاسي ”کل من عليها فان ويبقيٰ“ لکيل آهي ۽ کاٻي پاسي ”وجہ ربڪ ذوالجلال والاڪرام“ لکيل آهي ان بعد اڙدوءَ ۾ هيٺين تحرير آهي:
خاندان مغليه کا آخري چراغ
حضرت ابو ظفر سراج الدين محمد بهادر شاهه ظفر رح
سنه 1837ع جلوس تا سن 1858ع
آج تاريخ 7 نومبر 1862ع بمطابق تاريخ 14 جماد الا ولیٰ 1279هہ، دن جمعہ کو وہ روح جو نواسی (89) سال بہادر شاهہ کے جسم میں موجود رہی ہے۔ دن ڈهل چکا اور دن کے ساتهہ ہی بادشاهہ کا پیمانہِ عمر بهی لبریز ہوگیا۔ رنگوں کی خاک اس کو آغوش میں لیتی ہے۔ جو خاندان تیمور یہ کا آخری چراغ تها۔ جس نے جہاں آباد میں جنم لیا وہ وطن سے ہزار ہا کوس دور ایک معمولی پلنگ پر دم توڑ رہا ہے – سکرات طاری ہے، سانس اکهڑ چکی، جسکی زندگی سچ مچ کا میلہ تهی، جس نے زندگی کا ہر لمحہ جمگهٹوں میں گذارا، آج صرف تیں آدمی، ایک بیوی اور دو بچے اس کے دمِ واپسین میں ساتهہ ہیں۔ آفتاب ابهی غروب نہ ہوا تها کہ اس باد شاہ نے فانی دنیا کو اپنی عسرت کی تصویر دکها کر دنیا سے کوچ کیا، اور شاہ جہان آباد کا یہ گوہر آبدار رنگون کی خاک میں ابدی نیند سوگیا۔فاعتبرنی یا اولی الابصار۔
تاریخ وفات:
چودہ جادی الاولین، جمعہ کا روز وقت عصر
حالت قید و بے کسی تهی یہ گهڑی بہت کٹهن
موت نے شاہ ہندسے، عرض کیا وطن سے دور
خُلد ہے آپ کا وطن اے ظفر جلا وطن
بهادر شاهه ظفر کي جيڪو وقت، دهليءَ جي بنديخاني ۾ (اٽڪل 40 ڏينهن) ۽ پنج سال کن باقي زندگي رنگون ۾ هڪ ڪمري ۾ بند رکيو ويو، اتي هن کي نه پنو پينسل ڏنو ويو ۽ نه ڪتاب قلم. هن جي دل ۾ ڪهڙا اڌما پيدا ٿيندا رهيا، هو ڇا سوچيندو رهيو، ڪهڙا شعر ٺاهيائين...... ڪا خبر ناهي. البت هن وساميل تيليءَ سان پنهنجي ننڍڙي ڪمري تي ڪجهه شعر ضرور لکيا. هڪ بادشاهه ليول جو ماڻهو ٿي ڪري سندس شاعري لاجواب آهي. جنهن کي اڄ به ڳايو وڄايو وڃي ٿو. سندس غمگين زندگيءَ جي جهلڪ سندس شاعريءَ مان صاف ظاهر ٿئي ٿي:
نہ رہا وہ رنگ، نہ بُو رہی، نہ گلوں کی خوبی وخورہی
جو خزاں کے ہاتهوں تباہ ہے وہ یادگار بہادر ہوں
یہی حال گلشن دہر ہے، کبهی مہر ہے کبهی قہر ہے
جو کبهی چمن تها وہ پهول ہوں، جو کبهی سمن تها وہ خار ہوں