الطاف شيخ ڪارنر

واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

”منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟ هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي.“
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامو هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3542
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

13

”سرڪار! حڪم ڪريو، هاڻ ڪيڏانهن هلون؟“. ٽئڪسيءَ ۾ اچي ويٺس ته سک ٽئڪسي ڊرائيور ارواديپ سنگهه پڇيو.
”ڪمال آهي!“. وراڻيو مانس. ”مسافر ٿي ڪري آئون ئي ٻڌائي رهيو آهيان. گائيڊ ۽ ٽئڪسي ڊرائيور ته تون آهين“.
”سر! آئون ته حڪم جو غلام آهيان. حڪم ڪندئو ته توهان کي يمنا نديءَ جي ٻي پار نئين ٺهيل شهر نوئدا به وٺي هلندس ته فريد آباد ۽ غازي آباد به“.
”نه. نه. ايترو پري به نه وٺي هل جو آئون ٿڪجي پوان ۽ تو کي پيٽرول جي ٽانڪي وري فل ڪرائڻي پوي“. مون چيو.
”ته پوءِ سر! هتي دهليءَ ۾ ئي يمنا نديءَ جي ڪناري تي ۽ مٿرا روڊ تي جامعيا مليا اسلاميا، شري ڪالڪاجي يا حضرت نظام الدين اولياءَ جي درگاهه تي وٺي هلان؟“. ارواديپ سنگهه چيو.
”ارواديپ! آئون جڏهن پهريون دفعو مهينوکن دهليءَ ۾ پنهنجن اوڏ دوستن جي شاديءَ ۾ آيو هوس ته منهنجي رهائش ڪارول باغ ۾ هڪ سک جي انٽرڪانٽيننٽل هوٽل ۾ هئي، جتان آئون اهي شيون نه فقط ڪيترائي دفعا ڏسندو رهيس، پر انهن بابت پنهنجي سفرنامي ’دهليءَ جو درشن‘ ۾ لکي به چڪو آهيان“.
”۽ هي پاسو؟“. سک ڊرائيور پڇيو. ”منهنجو مطلب آهي هن پاسي ڪناٽ پليس، لال قلعي، جامع مسجد ۽ چاندني چوڪ ۾ نه آيا هُيئو؟“.
”ضرور آيو هيس“. ٻڌايو مانس. ”اڄ به چاندني چوڪ مون لاءِ دلپسند جاءِ آهي“. ”ته پوءِ چاندني چوڪ هلون؟..... ان جي منهن وٽ ئي ته بيٺا آهيون“. ڊرائيور چيو. ”ضرور. ارواديپ! تو کي خبر آهي ته شاهجهان جو ٺهرايل هي چاندني چوڪ اهڙي شئي آهي، جو ڪير سڄي زندگي روز ايندو رهي ته به بور نه ٿئي“. منهنجي ان ڳالهه تي ارواديپ سنگهه وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ مون وڌيڪ چيو:
”شاهجهان جي ڌيءَ جهان آرا هتي ويهاررو کن دڪان ٺهرائي پنهنجي سهولت ڪئي، جيئن هوءَ هتان ئي هر شئي خريد ڪري سگهي. هن کي ڪهڙي خبر ته 1639ع ۾ ٺهرايل هن بازار ۾ پوڻن چئن سؤ سالن بعد به دنيا جي هر شئي ملي سگهندي ۽ اسان جهڙا دنيا جي ڀانت ڀانت بندرگاهن جا رولاڪ به هن چاندني چوڪ جي بازارن کي Best سڏينداسين“.
”سائين! توهان کي اجايو يونيورسٽيءَ ۽ گردواري وٺي هليس. پهرين هتي اچون ها. بس اجهو پهتاسين، ڪي پهتاسين“. سک ڊرائيور بابا کڙڪ سنگهه روڊ تان واپس ڪناٽ سرڪس واري رِنگ روڊ ۾ اچي، اتان اتر طرف ڏي ويندڙ منٽو روڊ تي آيو ۽ آئون پٺئين سيٽ تان ڪڏهن ساڄي دريءَ مان ته ڪڏهن کاٻيءَ دريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ويندڙ رستا، عمارتون، پارڪ، روڊ تي هلندڙ بسون، ڪارون، آٽو رڪشائون، روڊ ڪراس ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪٿي ڪٿي ڪا ڍڳي پڻ ڏسندو رهيس. منٽو روڊ اڳيان هلي هنومان مندر روڊ ۾ داخل ٿيو. اهو اڳيان هلي اجمير گيٽ روڊ تي آيو..... سيتا رام بازار روڊ.... چوري بازار روڊ، راٿي مارڪيٽ ...... اڳيان لال قلعو، ڀرسان جامع مسجد ..... اڃا اڳتي هلڻ سان پنجاب نئشنل بئنڪ ..... ان بعد وئشنو ديوي مندر.... کاٽو شيام مندر، ڪناري بازار....... هنومان مندر..... سيسگنج صاحب گردوارو..... ان کان پوءِ چونامل حويلي ..... ان بعد بيگم سامرو حويلي.....! دهليءَ ۾ هاڻ ميٽرو ٽرين هلي ٿي، ان جي ’چاندني چوڪ‘ نالي ميٽرو اسٽيشن.... اڃان اڳتي سينٽ ميري چرچ، کاٻي پاسي گولچا سئنيما ۽ چور بازار به آئي. چاندني چوڪ ميٽرو اسٽيشن کان پوءِ ٻي جيڪا ميٽرو اسٽيشن اچي ٿي اها ڪشمير گيٽ وٽ آهي، جنهن اسٽيشن جو نالو ئي ”ڪشمير گيٽ“ آهي. دهليءَ جي ميٽرو ٽرين ۽ ميٽرو اسٽيشنون ڏسي نه فقط تهران، ڪوالالمپور بئنڪاڪ، اوساڪا، ٽوڪيو..... ايشيائي ملڪن جي شهرن جي ياد ٿي اچي پر يورپ جي شهرن: لنڊن، پئرس، مئڊرڊ، لسبن جي پڻ..... مون جهڙن ڪراچيءَ کان آيل ٽوئرسٽن کي ته عجيب احساس ڪمتري ۽ شرم جو احساس ٿئي ٿو جو اسان جي ملڪ جي هن وڏي شهر ۾ نه ھھڙيون چلڪندڙ ريل گاڏيون آهن، نه ھھڙيون صاف ۽ سهڻيون ميٽرو اسٽيشنون. ماڻهون ڪُڪُڙَ بڻجي ڀڳل، گٺل ۽ گئرنٽي ختم بسن جي ڇتين تي ويهن ٿا، جيڪي ڀڳل رستن تان ڪرتب ڏيکارينديون هلن ٿيون ۽ پاسن کان ڪچري ۽ ڍونڍ جا ڍير نطر اچن ٿا! ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جا حاڪم ائين ئي دبئي، لنڊن، نيويارڪ، ٽوڪيو ڀڳا بيٺا آهن. ڇا انهن کي انهن ملڪن جا شهر ڏسي به خيال نٿو ٿئي ته اسان پنهنجن شهرن کي به اهڙو ٺاهيون. کين مهاتير محمد وانگر پنهنجي ملڪ کي ولايت بنائڻ جو خيال ڇو نه ٿو اچي؟! ته جيئن هتان جو غريب عوام پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهي ولايت جا مزا ماڻي سگهي. آخر غريبن جي به دل آهي.... هو به سٺي بس ۾ سفر ڪرڻ چاهين ٿا، ڪنهن سٺي پارڪ ۾ ويهڻ چاهين ٿا، موڪل واري ڏينهن پنهنجن ٻارن کي وٺي ڪنهن سٺي تفريح گاهه ۾ گهمڻ چاهين ٿا..... انڊيا ته اسان کان به غريب ملڪ هو.... انڊيا جي آدمشماري ته اسان کان به گهڻي آهي.... مڃيان ٿو انڊيا جي ڪجهه ڪجهه علائقن ۾ اڄ به اسان کان وڌيڪ غربت ۽ گندگي آهي، پر جنهن رفتار سان هو ترقي ڪري رهيو آهي ۽ جنهن رفتار سان اتي خوشحالي اچي رهي آهي، اها وائڙو ڪندڙ آهي..... روڊ، رستا، ريلوي، ايئرلائينز، تعليم، صحت، IT، امن امان، روزگار، عمارتون، پارڪ، هوٽلون، ٽوئرسٽ.... هر طرف کان هن جي ترقي صاف ظاهر آهي. اسان جي ملڪ جي حاڪمن کي ان بابت سوچڻ کپي.... فرشتا انڊيا ۾ به نه آهن پر تڏهن به هنن جي ملڪ جو عوام سمجهي ٿو ته هو بهتريءَ ڏي آهن ۽ اسان جي عوام کي ته کرڙ به نصيب نٿي ٿئي. ڪراچيءَ جو برنس روڊ، جتي مختلف کاڌن جا دڪان آهن ۽ انهن جي خوشبوءِ ايندي رهي ٿي ۽ بولٽن مارڪيٽ، کوڙي گارڊن وارو حصو ملائجي ته ڪجهه ڪجهه چاندني چوڪ جون سڪون لاهن ٿا.
توهان پڙهندڙن مان ڪنهن ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ ۽ ڀر ۾ کوڙي گارڊن ۽ کجور مارڪيٽ ۽ روڊ جي ٻي پاسي موتن داس مارڪيٽ ۽ اتان کان ٽاور تائين جي مارڪيٽن جو چڪر هنيون آهي؟ هنن مارڪيٽن جي پنهنجي رونق آهي ۽ گهمڻ ڦرڻ ۽ شاپنگ ڪرڻ جو پنهنجو نشو آهي. آئون 1964ع کان اڄ تائين، موقعو ملي ٿو ته چڪر هڻان ٿو. هنن مارڪيٽن ۾ دنيا جي هرشئي، اليڪٽرڪ شين کان صابڻ، ٽٿ پيسٽ تائين، ڪارپينٽري، پلمبريءَ کان اليڪٽريشن جي ڪم جا اوزار، ڊراءِ فروٽ، کجور، بسڪيٽ ۽ پلاسٽڪ جو سامان.... مطلب هر قسم ملي ٿو.... ريگل سئنيما ۽ فريئر هال ۾ ڪتابن جو نيلام ۽ وڪرو ته هاڻ نه ٿو ٿئي پر اڄ کان اڌ صدي اڳ پراڻن ۽ ولايت جي نون ڪتابن ۽ رسالن جا شوقين کوڙي گارڊن پهچندا هئا، جتي جي هڪ سڄي گهٽي ڪتابن جي دڪانن سان ڀريل هوندي هئي. ڪي ڪي دڪاندار ته ڪتاب ۽ رسالا تور تي ڏيندا هئا، جو هو پاڻ به ٻاهران ولايت کان تور جي حساب سان گهرائيندا هئا. انهن ۾ ولايت جون اخبارون ۽ جپان، سنگاپور ۽ يورپ جي ملڪن جون سنهن مضبوط پنن واريون ٿلهيون ٿلهيون ٽيليفون ڊائريڪٽريون به هونديون هيون. انهن ڪتابن، رسالن، اخبارن وغيره جا خريدار نه فقط ادب جا شوقين هوندا هئا، پر پان لاءِ پڙيون ٺاهڻ لاءِ پني جا ضرورتمند ۽ پنن مان ٿيلهيون ٺاهي وڪڻڻ وارا پڻ هئا. بعد ۾ جهاز تي Sail ڪرڻ بعد مون جپان ۽ سنگاپور ۾ ڏٺو ته ڪيترا گدام نما دڪانن جا مالڪ پنهنجي پڪ اپ ڪاهي شهرن جي مختلف هنڌن تان اخبارون ۽ رسالا ڌار ڌار ڪري وڏي ٽرڪ ۾ ڀري بندرگاهه پهچائيندا هئا، جتان اهي جهاز ۾ لوڊ ٿي مختلف ملڪن خاص ڪري انڊيا ۽ پاڪستان ويا ٿي ۽ اسان کي کوڙي گارڊن جي ننڍڙن ننڍڙن پيڍين نما دڪانن تي يا فٽ پاٿ تي وڪامندي نظر آيا ٿي.
ڪراچيءَ جي کوڙي گارڊن ۾ منهنجو پهريون دفعو امر جليل ۽ قمر شهباز سان گڏ 1964ع ۾ وڃڻ ٿيو هو. سائين نورالدين سرڪي صاحب جي آفيس ريڊيو پاڪستان جي سامهون هوندي هئي، جتي هفتي ۾ هڪ دفعو ادبي گڏجاڻي ٿيندي هئي. هڪ دفعي گڏجاڻي ختم ٿيڻ بعد نسيم کرل، امر جليل ۽ آغا سليم جن ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ چيو. آئون به انهن سان گڏ هلڻ لڳس. بس اسٽاپ تي بس جو انتظار ڪيوسين، پر هر بس فل پئي آئي. اهو حال ڏسي نسيم کرل صاحب ته روڊ ڪراس ڪري پنهنجي رهائش واري هوٽل..... شايد ”زميندار هوٽل“ هئي..... هليو ويو. اسان ڪنهن ريت کوڙي گارڊن پهتاسين. واهه جو مزو آيو. مون ريڊرز ڊائجسٽ ۽ نيشنل جاگرافڪ رسالا خريد ڪيا. تمام سستي اگهه تي مليا. ان بعد آئون هر هفتي ٻي، اتي پهچي ويندو هوس. جهاز تي نوڪريءَ دوران، جهاز جڏهن ڪراچيءَ ايندو هو ته جهاز تان ٻي ٽئين ڏينهن ڪلاڪ ڏيڍ لاءِ کوڙي گارڊن ايندو هوس ۽ اڄ ڏينهن تائين چڪر هڻان ٿو. 1960ع واري ڏهاڪي جي دڪاندارن جا پوءِ پٽ ويٺا ۽ هاڻ جيتوڻيڪ اتي ڪتابن جو واپار ختم ٿي ويو آهي، پر مان انهن جي پٽن جي پٽن کي به سڃاڻان جيڪي هاڻ انهن دڪانن ۾ ڪتابن بدران اوزار، اسٽيشنريءَ جو سامان، عطر، شئمپو ۽ بوٽ ٿا وڪڻن. هڪ ٻه ڄڻو اڄ به ڪتابن جو ڌنڌو ڪري ٿو، پر اهي کوڙي گارڊن بدران ڊفينس ۽ گلشن اقبال جي آچر مارڪيٽن ۾ اسٽال هڻندي نظر اچن ٿا. انهن مان هڪ حُسين به آهي جيڪو پنهنجن پٽن سان ڪتابن جو وڏو اسٽال هڻي ٿو. حُسين جي پيءُ سان منهنجي سٺي عليڪ سليڪ هئي. ڪڏهن هن جي دڪان (پيڍيءَ) تي ويهي چانهه به پيئندو هوس. انهن ڏينهن ۾..... يعني سٺ، ستر، اسي، نوي وارن ڏهاڪن ۾ منهنجي سنڌ جي ٻين شهرن کان آيل ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ استادن سان ملاقات کوڙي گارڊن ۾ ٿيندي هئي. دادوءَ جا سائين استاد بخاري، تاج صحرائي ۽ علي محمد وڪيل صاحب انهن مان ڪجهه آهن. هينئر به ڊفينس جي سنڊي بازار ۾ حُسين جي دڪان تي منهنجي ٻه ٽي دفعا عبدالحئي پليجو صاحب سان مُلاقات ٿي ۽ فاطمه ڀٽو سان پڻ اتي ئي ملاقات ٿي. هوءَ به مطالعي جي وڏي شوقين ٿي لڳي. گوگل نيٽ ورڪ تي منهنجو ساڻس فوٽو، هن آچر بازار جو آهي.کوڙي گارڊن مان ڪتابن کان علاوه انجنيئرنگ جا اوزار، گهر لاءِ ڪڙا ڪُنڍا يا ٻيو سامان به وٺندو رهيو آهيان ۽ اڄ تائين ويندو رهان ٿو. جيتوڻيڪ حد دخليون (انڪروچمينٽ) وڌڻ ڪري ڪار جي پارڪنگ ڏاڍي ڏکي ٿي ملي ۽ غلط پارڪنگ ڪري منهنجي ڪار ٻه دفعا پوليس کڻائي به وئي ۽ ڏنڊ ڏئي کارادر جي ٿاڻي تان وڃي ورتم. ان کان علاوه هاڻ کڏا کُٻا ۽ گند ڪچرو ايترو وڌي ويو آهي، جو هلڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ان هوندي به سڄي سنڌ ته ڇا، سڄي پاڪستان جا ماڻهو شاپنگ لاءِ هتي اچن ٿا ــ خاص ڪري هول سيل جي خريداريءَ لاءِ.
دهليءَ جي چاندني چوڪ ۾ انڊيا کان علاوه سڄي دنيا جا ٽوئرسٽ به اچن ٿا. ائين سمجهو ته ڪراچيءَ جو کوڙي گارڊن ۽ بولٽن مارڪيٽ وارو علائقو فلم جو ٽريلر آهي، ته دهليءَ جو چاندني چوڪ سڄي فلم آهي ــ اهو هر شئي ۾ وڏو، مزيدار ۽ سهڻو آهي، جنهن لاءِ انگريز ٽوئرسٽ به اڙدوءَ جو مشهور جملو استعمال ڪن ٿا ته:“Are Janab! Dilli aae aur chandni chowk nahee dekha?”
دنيا جي اها ڪهڙي شئي آهي جيڪا چاندني چوڪ جي گهٽين ۾ نٿي ملي. ان کان علاوه لال قلعو، جامع مسجد، جين مندر، سکن جا گوردوارا، عيسائين جاگرجا گهر، مختلف حويليون ۽ تاريخي عمارتون.... جن مان ڪي سئو کان ڏيڍ سئو سال پراڻيون آهن، ڏسي دل خوش ٿيو وڃي ۽ جي توهان تاريخ جا شاگرد آهيو ته پوءِ پڪ ڏسڻ سان توهان تي سحر طاري ٿي ويندو. ان کان علاوه چاندني چوڪ جي گهٽين ۾ توهان کي هر قسم جو مصالحو ۽ کاڌي جي شئي ملندي. هڪ گهٽيءَ جو ته نالو ئي ”پراٺن واري گهٽي“ آهي، جتي هر قسم جا پراٺا (اڦراٽا) ملن ٿا. اهڙين گهٽين مان لنگهندي هڪ طرف کاڌن جي خوشبوءِ اچي ٿي ته ٻئي طرف ديڳ اڳيان ويٺل ٿلهي بورچيءَ جي چمچي جو آواز.... جيڪو رکي رکي، گراهڪن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ، چمچو ديڳ جي منهن تي هڻي ٿو ۽ پوءِ ان سان برياني يا ٻوڙ ڪڍي هوٽل ۾ ويٺل گراهڪ لاءِ پليٽ ۾ وجهي ٿو.
”سر! شاهجهان جي دور حڪومت..... يعني سترهين صديءَ کان هي چاندني چوڪ “Shoppers Paradise” سمجهيو وڃي ٿو“. منهنجي ٽئڪسي ڊرائيور ارواديپ سنگهه چيو. ”شاهجهان جي ڏينهن ۾ هتان هڪ ڪئنال وهيو ٿي، جنهن جي ٻنهي ڪپرن تي وڻ هوندا هئا. رات جو چنڊ جو عڪس هن ڪئنال مان وهندڙ پاڻيءَ ۾ نظر آيو ٿي..... ان ڪري هن جو نالو چاندني چوڪ پيو“. جيئن ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ يا کوڙي گارڊن جي گهٽين جا نالا، انهن ۾ وڪامڻ وارين شين کان مشهور آهن جيئن؛ بوتل گلي، پيپر مارڪيٽ، کجور مارڪيٽ، دوائون والي گلي وغيره، تيئن دهليءَ جي چاندني چوڪ جون گهٽيون ۽ سوڙهيون بازارون مختلف شين کان مشهور آهن. جيئن، نئين سڙڪ، ڪتابن ۽ اسٽيشنريءَ جي دڪانن کان مشهور آهي ــ اسڪول ڪاليج جي سيڪنڊ هئنڊ ڪتابن کان وٺي، افسانن ۽ ناولن جا ڪتاب، انگريزي، هندي ۽ ٻين ٻولين ۾، پڻ ملن ٿا. دريبا ڪلان (Dariba Kalan) ڳھه ڳٺن (Jewellery) سبب مشهور آهي. سک ڊرائيور ٻڌايو ته هن جون گهڻي ڀاڱي پئسينجر عورتون هن مارڪيٽ مان زيور خريد ڪرڻ اچن ٿيون، جو هتي شهر ۽ شاپنگ مال جي دڪانن کان سستائي آهي. هتي ڪُندن ۽ ميناڪاريءَ جي ڪم وارا ڳَهه پڻ ملن ٿا، جيڪي فارينر وڏي شوق سان خريد ڪن ٿا.
چاندني چوڪ ۾ هڪ ”چور بازار“ پڻ آهي، جتي هر قسم جا شادي ڪارڊ ملن ٿا. جيئن ڪراچيءَ جي پاڪستان چوڪ تي هر قسم جي ڪارڊن جي ڇپائيءَ جو ڪم ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح هتي هڪ ”ڪِناري بازار“ به آهي، جنهن کي شاديءَ جي خريدارن لاءِ جنت چيو وڃي ٿو. هتي هر قسم جي وڳن جي ڪِناريُن جي آرائش جو ڪم ٿئي ٿو ۽ شاديءَ جا هر قسم جا وڳا وڪامن ٿا. اهڙيءَ طرح هتي ”باليماران“ نالي مارڪيٽ آهي، جتي هر قسم جا بوٽ، سئنڊل ملن ٿا. اهڙيءَ طرح هڪ گهٽي ”کاري بائلي“ سڏجي ٿي، جتي هر قسم جو مصالحو ملي ٿو. دنيا جو اهو ڪهڙو مصالحو آهي، جيڪو هتي نٿو ملي. مائي، برفي، مکڻ ۽ مختلف قسم جي پنيرن جا دڪان جنهن گهٽيءَ ۾ آهن، اها ”فتحپوري مارڪيٽ“ سڏجي ٿي. اهڙيءَ طرح هتي هڪ ”ڪُوچا چوڌري“ نالي مارڪيٽ پڻ آهي، جنهن جي گهٽين ۾ موجود دڪانن تي فوٽو گرافيءَ جو سامان ملي ٿو.... ڪئميرا ۽ ان سان واسطو رکندڙ هر شئي هتي مليو وڃي، جيئن ڪراچيءَ جي صدر پوسٽ آفيس جي ڀر وارين گهٽين ۾ ڪئميرائن جا دڪان آهن. مون کان منهنجا دوست پڇندا آهن ته اهڙا سٺا فوٽو ڪڍڻ واري ڪئميرا ڪٿان ورتي اٿم ۽ ضرور مهانگي هوندي؟! آئون کين کلي چوندو آهيان ته مون وٽ ٻه ساديون ۽ سيڪنڊ هئنڊ ڪئميرائون آهن، هڪ ڪراچيءَ جي صدر مارڪيٽ، پارشين بيڪريءَ وٽ ڪئميرائن جي دڪانن مان ٻه هزار رپين ۾ ورتي هيم ۽ ٻي دهليءَ جي چاندني چوڪ مان اڳئين دفعي ڏيڍ هزار روپين ۾ ورتي هيم. انهن ڏينهن ۾ پاڪستاني روپيو ۽ انڊين روپيو برابر برار هئا ــ يعني ڏيڍ هزار انڊين، ڏيڍ هزار پاڪستاني ئي سمجهو. بس رڳو روشنيءَ جي مقدار ۽ طرف جو خيال رکو، هر ڪئميرا سان ايترو چڱيرو فوٽو اچي سگهي ٿو جيڪو سفرنامي سان گڏ ”ڪاوش“ يا ”امت“ جهڙي اخبار ۾ اچي سگهي..... باقي جي ڪنهن کي گهوٽ ڪنوار جا يعني شادي هالن ۾ يا سفارتخانن طرفان قومي ڏينهن تي منعقد ٿيندڙ ڊنر پارٽين جا فوٽو ڪڍڻا آهن ته پوءِ ڀلي ڪا اوچي ڪئميرا رکي.
انهي ئي دهليءَ جي چاندني چوڪ ۾ هڪ ٻن گهٽين ۾ ڪچي ڪپڙي جا دڪان آهن، جيڪي گهٽيون ”ڪترانيل مارڪيٽ“ سڏجن ٿيون ۽ هر قسم جي رنگ، ڊيزائين ۽ ميٽريل جي شالن لاءِ ” موتي بازار“ آهي. هتي هر قسم جا موتي (Pearls) به ملن ٿا..... شايد انهن جي ڪري ئي هيءَ بازار ”موتي بازار“ سڏجي ٿي.
چاندني چوڪ کاڌي جي دڪانن ۽ ريسٽورنٽن جي ڪري به مشهور آهي. ان حساب سان ڪراچيءَ جي برنس روڊ کي ”مِني چاندني چوڪ“ چئي سگهون ٿا. چاندني چوڪ ۾ هر قسم جي مٺائيءَ کان وٺي پورين، سنبوسن جا دڪان آهن. جامع مسجد جي ڀرسان هڪ گهٽي پراٺن واري گهٽي سڏجي ٿي، جتي هر قسم جي اڦراٽن ۽ ڪوابن جا دڪان آهن. منهنجي سک ٽئڪسي ڊرائيور چيو ته هتي جا اڦراٽا کائڻ لاءِ ملڪ جون اهم شخصيتون..... ڪرڪيٽ جي رانديگرن کان وٺي بالي ووڊ جي اداڪارن تائين، اچن ٿيون. هن ٻڌايو ته سڀني کان مشهور دڪان آهن: ڪنهيا لعل درگا پرساد ڊڪشٽ، گيا پرساد شِو چرن ۽ بابو لعل ديوي ديال پراٺي وارو. چاندني چوڪ تي ٻين به ڪيترين ئي مٺين ۽ نمڪين شين جا دڪان آهن..... جيئن ته ”نتراج دهي بڙا“، ”گيان جي ڪا فالودا“، ”ڪنور جي ڀاڳيرٿمل دالبي والا“، ”دي جليبي والا“، ”چاٽ والا“، تيواري برادرز ڪنفيڪشنرس“، ”بيڪانير سويٽ شاپ“ وغيره. نالن مان سڀ دهلي لکنوءَ جا ته نه ٿا لڳن، پر سنڌي، گجراتي، ڪشميري، بنگالي ۽ مرهٺا به لڳن ٿا. بيڪانير مٺائيءَ وارو ته مٿي لکي آيو آهيان ته راجستاني آهي، جنهن بيڪانير کان هڪ ننڍڙي دڪان سان شروعات ڪئي، اڄ هن جي مٺائيءَ جا اسٽور نه فقط انڊيا ۾ پردنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن. پر هن پنهنجو هيڊڪوارٽر دهليءَ ۾ ٺاهيو آهي.
پراٺا گليءَ ۾ وڪامندڙ اڦراٽن بابت اهو لکڻ وسري ويو ته هتي جيڪي به اُڦراٽا ملن ٿا، اهي ڀاڄين وارا ملن ٿا. ملائيشيا يا دبئي جهڙن ملڪن ۾ ملندڙ مشهور چڪن قيما پراٺا يا مرتباڪ (جن ۾ بيضو ۽ بيف ٿئي ٿو) هتي نٿا ملن، جو هتي جي اڪثريت گوشت کان پاسو ٿي ڪري. گوشت کان علاوه هتي نت نين شين جا اُڦراٽا ملندا، جن جي اندر پٽاٽا، پنير، بادام، کاڄا ۽ ٻيون شيون ڀريل ٿين. گوشت کان علاوه بصر ۽ ٿوم وجهڻ کان به پرهيز ڪئي وڃي ٿي. ڪن ۾ پاپڙ، ڪيلو ۽ چانور جي کُرڙ به وڌي وڃي ٿي جيئن اهو ڪڙڪ (Crispy) رهي. اڦراٽي سان گڏ ڦودني جي چٽڻي، گدامڙيءَ جي مٺي چٽڻي، مڪس آچار، پٽاٽن ۽ پنير جو رس، گهوٽيل مٺي ڪدوءَ جو سلاد ۽ لسي ڏني وڃي ٿي. گذريل دفعي هڪ ٻه دفعا مون مختلف دڪانن جو اڦراٽو کاڌو هو. ٻن ڄڻن جو بل ڏيڍ سؤ روپين جي لڳ ڀڳ آيو ٿي. پر اهو آهي ته هتي جو پراٺو ’فل ميل‘ آهي...... يعني لنچ/ڊنر. آئون نٿو سمجهان ته اڄ جي مهانگائيءَ واري دور ۾ سکر يا حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ به ڏيڍ سؤ روپين ۾ ٻه ڄڻا اهڙي سٺي ۽ سوادي ماني کائي سگهندا. لاهور وانگر هتي دهليءَ جو فوڊ ڊپارٽمينٽ به کاڌي جي هوٽلن ۽ دڪانن تي ڪرڙي نظر رکي ٿو. هونءَ به گهڻي ڀاڱي هندو دوڪاندار، انڊيا ۾، توڙي ولايت ۾، کاڌي پيتي جي شين جو معيار بهتر ۽ قائم رکن ٿا. هو گهٽ فائدي ۽ گهڻي گراهڪيءَ واري فلسفي ۾ يقين رکن ٿا..... اهي سڀ اصول اهي آهن، جيڪي چوڏهن سؤ سال اڳ اسلام اسان مسلمانن کي سيکاريا، پر ان تي عمل انڊين ۽ يورپي پياڪن. ان ۾ دل ۾ ڪرڻ جي ڳالهه نه آهي، توهان پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڏسو ته حيدرآباد ۾ بامبي بيڪريءَ تي، عمرڪوٽ ۾ ڪرشن حلوائيءَ جي دڪان تي، لاڙڪاڻي ۾ دليپ سوئيٽ تي، ڪراچيءَ ۾ سوني مٺائيءَ واري جي دڪان تي، شڪارپور ۾ ديوان ٺاڪرداس جي دڪان تي، خريدارن جي ڪيڏي رش لڳي رهي ٿي.
دهلي انڊيا جي گاديءَ جو شهر آهي ۽ هر سال آزاديءَ جو ڏينهن چاندني چوڪ جي سامهون لال قلعي ۾ ملهايو وڃي ٿو، جتي هزارين ماڻهو اچيو گَڏُ ٿين. چاندني چوڪ فلمون ٺاهڻ وارن ۽ ناول نويسن لاءِ به ڪشش جو سبب رهيو آهي. جنهن فلم ۾ دهلي ڏيکارڻي آهي، ان ۾ چاندني چوڪ جا نظارا سمجهو ته ضروري آهن. ويجهڙائيءَ جون فلمون: ”بلئڪ ائنڊ وائيٽ“، ”چاندني چوڪ ٽُ چائنا“ ۽ “Delhi 6” چاندني چوڪ تي فلمايل آهن. ائين ته هڪ 1954ع جي فلم به آهي، جيڪا اسان ننڍي هوندي هالا جي سئنيما ”شاه ٽاڪيز“ ۾ ڏٺيسين. ان جو نالو ئي ”چاندني چوڪ“ هو. ان ۾ هيروئن مينا ڪماري هئي ۽ هيرو شيکر هو. جنهن جي ماءُ پراتيما ديوي، پوءِ به ڪيترائي سال انڊين فلمن ۾ ايندي رهي.
چاندني چوڪ بابت ڪيترائي ناول ۽ تاريخي ڪتاب پڙهڻ جي شوقينن لاءِ هڪ ڪتاب جيڪو سوا پنا لڊل (Swapna Liddle) لکيو آهي، پڙهڻ وٽان آهي. ڪتاب جو نالو آهي: “Chandni chowk-The Mughal City of old Delhi” هن ۾ ليکڪ وڏي ريسرچ ڪري تاريخي ڳالهيون لکيون آهن.
چاندني چوڪ ۾ ڪيتريون ئي تاريخي ۽ مذهبي عمارتون اچي وڃن ٿيون، جيئن لال قلعو، جامع مسجد، جيڪا 1650ع ۾ ٺهي، جين ڌرم جي ماڻهن جو سري دگمبار جين مندر، جيڪو 1656ع ۾ ٺهيو، اُنَ جي ڀرسان پکين جي اسپتال آهي، ان کي ٺهي به نوري سال ٿي ويا آهن، يعني اها 1929ع ۾ انگريزن پنهنجن پکين ۽ جانورن لاءِ ٺهرائي هئي. جيئن ڪراچيءَ ۾ پراڻي ريڊيو پاڪستان جي ڀرسان ۽ اين جي وي اسڪول جي سامهون انگريزن جي ڏينهن جي ”رچمنڊ ڪرافرڊ“ نالي جانورن جي اسپتال آهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي مشهور شاعر ۽ جرنلسٽ انور پيرزادي جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو هن اسپتال جو انچارج هوندو هو. بعد ۾ هن سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ کولي. مزي جي ڳالهه اها ته گذريل سال کان هن اسپتال جو انچارج انور پيرزادي جو ڀاڻيجو ڊاڪٽر مسرور پيرزادو آهي. هن جي پڻ ادب سان دلچسپي آهي. هن جا شاعريءَ جا چار مجموعا ڇپجي چڪا آهن: ”چاندني تو سوا نه ٿيندي“، ”سرور“، ”منفرد“ ۽ ”سپون سوجهي ڪڍيون“. مسرور جي والده بهشت خاتون کي انور پڙهايو ۽ هوءَ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جي هيڊماسترياڻي ٿي رهي. مٿي بيان ڪيل جين مندر سان گڏ، هتي چاندني چوڪ ۾، ڌرم پورا واري علائقي ۾ هڪ ٻيو جين مندر پڻ آهي، جنهن جو نالو ”نيا مندر“ آهي ۽ اهو 1807ع جو ٺهيل آهي. جنهن لاءِ زمين اورنگزيب مغل بادشاهه گرانٽ ڪئي هئي. اتي ئي چاندني چوڪ ۾ هندن جو هڪ پراڻو مندر ”گوري شنڪر مندر“ آهي، جيڪو 1761ع ۾ مرهٺن جي جنرل اپا گانگڌر ٺهرايو هو ۽ هڪ ٻيو مندر ”شريڪ شِوَ نوڳڙهه مندر“ آهي. تڏهن ته چوان ٿو ته دهليءَ جي چاندني چوڪ ۾ نه فقط هر قسم جي شاپنگ ۽ کاڌي پيتي جون شيون آهن پر جهونيون مذهبي ۽ تاريخي عمارتون به آهن. انهن عبادت گهرن کان علاه عيسائين جو گرجا گهر “Central Baptist Church” آهي، جيڪو 1814ع جو ٺهيل آهي.... يعني ان کي به 200 کان مٿي سال ٿي ويا آهن. هڪ سکن جو گر دوارو ”شيش گنج صاحب ”جيڪو 1783ع ۾ سکن جي نائين گروءَ ”گرو تيغ بهادر“ ۽ ان جي ٽن ساٿين جي ياد ۾ ٺهرايو ويو. هنن کي مغل بادشاهه هن هنڌ تي 1675ع ۾ قتل ڪيو هو. هي گردوارو سؤ کن سالن بعد ٺهرايو ويو، جڏهن مغل سلطنت جا آخري بادشاهه ايڏو ڪمزور ٿي ويا جو سک خالصن ٻگهل سنگهه جي ڪمانڊ هيٺ مغلن تي حملو ڪري دهليءَ تي قبضو ڪري ورتو.
مغل شهنشاهه رنگيلي جي ڏينهن جي ”سنهري مسجد“ به هتي آهي. جيڪا 1721ع ۾ روشن دائولا ظفر خان ٺهرائي. ايراني حملي آور نادر شاهه جڏهن 1739ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيو ته هُنَ هِن مسجد جي کُڏ تي ڪيترائي ڪلاڪ بيهي، دهليءَ جي ماڻهن جي قتل عام جو نظارو ورتو، جنهن لاءِ هن حڪم ڪيو هو ته دهلي شهر کي ساڙيو وڃي ۽ ماڻهن جو قتل عام ڪيو وڃي. انهن ڏينهن ۾ وڏن شهرن جي به ڪا ايڏي آدمشماري نه هئي. اتي 30 هزار ماڻهن جي قتل بعد، دهليءَ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو.
جامع مسجد ۽ سنهري مسجد کان علاوه دهليءَ جي هن چاندني چوڪ تي هڪ ٽين اهم ۽ تاريخي مسجد ”فتح پوري مسجد“ آهي، هيءَ مسجد مغل بادشاهه شاهجهان جي زالن مان فتحپوري بيگم نالي هڪ زال (جيڪا فتحپور سڪريءَ جي هئي) 1650ع ۾ ٺهرائي. تاج محل ڀرسان ٺهيل مسجد به هن جي نالي سان آهي. 1857ع واري بلوي/انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ واري لڙائيءَ بعد..... جنهن ۾ به مسلمان نوابن، راجائن ۽ سردارن جي ئي مدد جي ڪري انگريز بچي ويا ۽ پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ هڪ ته هنن انهن مسلمانن کي خطابن ۽ زمينن سان ڍائي ڇڏيو، ساڳي وقت باقي مسلمانن ۽ انهن جي مسجدن ۽ حويلين کي ڊاهي رکيو. جهڙي تهڙي نالي جي مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي خاندان کي ته هن اڳيان قتل ڪري، کيس رنگون (برما) قيدي بڻائي موڪلي ڇڏيو، پر ان وقت جي دهليءَ (اڄ واري پراڻي دهلي) ۾ رهندڙ مسلمانن کي دهليءَ مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ سندن مسجدن کي به ڊاهي رکيو. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته ان وقت جي مسلمان حاڪمن ۽ عوام جي اڄ يورپ جي ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي مسلمان مزورن ۽ پورهيتن کان به وڌيڪ ڪسمپرسيءَ واري حالت هئي. اڄ ڪو يورپي انگلئنڊ، فرانس يا سئيڊن ۾ اسلام جي خلاف فقط ڳالهائي ٿو ته اتي رهندڙ مسلمان ايڏو ته احتجاج ڪن ٿا جو اتي جون حڪومتون يڪدم نوٽس وٺي پنهنجي ماڻهن جي غلط حرڪت کي نِندين ٿيون ۽ کين سزائون ڏين ٿيون. پر اسانجي ”ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا“جو انهن ڏينهن جو حال ڏسو ته سڀ مسلمان چُپڙي ڪري ويٺا رهيا. دهليءَ ۾ مسلمانن جي بي حرمتي پئي ٿي، مسجدون پئي سڙيون، پر انگريز جو اهڙو ڏهڪاءُ هو جو نه سنڌ ۾، نه ڪشمير ۾، نه سرحد ۾، نه بلوچستان ۾، نه بنگال، نه ڪڇ گجرات ۾ مسلمانن انگريزن خلاف سگهه ساري ڪو احتجاج ڪيو هجي. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ مولويءَ يا مدرسي جي کٿابين ڪو آواز اٿاريو هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي..... بلڪ شرم جي اها ڳالهه آهي ته انگريزن اڳيان سرخرو ٿيڻ ۽ هنن کان مالي فائدا ۽ لقب خطاب حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪيترن مسلمانن، پيرن، سردارن ۽ گادي نشينن پنهنجا مريد ۽ پنهنجي قوم جا جَٿا دهليءَ موڪلي، اتي جي مسلمانن جي قتل عام ۾ مدد ڪئي. هتي ڪنهن جو نالو نٿو کڻان، ضرور انهن بابت (جن جو اولاد اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جي سياست ۾ يا پيري مريدي ۾ اهم سمجھيو وڃي ٿو) توهان مان ڪيترن پڙهيو ۽ ٻڌو هوندو. تازو ملتان جي هڪ پير بابت حامد مير ”جنگ“ اخبار ۾ وڏو ڪالم ڏنو هو جنهن کي پڙهي شرم ٿو اچي ته پئسي ۽ پاور جي لالچ ۾ اسان جي مسلمانن ڇا ڇا نه پنهنجن ئي ماڻهن تي ظلم ڪيا. ان وقت جا حاڪم عياشين ۽ حرمن وڌائڻ ۾ مشغول نه هجن ها ۽ اسان جا ان وقت جا پير، گادي نشين، سردار نواب وغير انگريزن سان ٻٽ نه ٿين ها ته ڇا انگريزن جي ڪا همت هئي ته ايترو پري کان اچي ننڍي کنڊ تي حڪومت ڪن ها؟ پر اسانجي عوام جا ڏاها اهو به چون ٿا ته چڱو جو انگريز آيا جن تعليم، صحت، امن امان، انصاف، روڊ رستن، ريلوي ۽ اريگيشن جهڙين شين تي ڌيان ڏئي ڪجهه عوام لاءِ به سهولت ۽ خوشحالي پئدا ڪئي نه ته اسانجي مسلمان حاڪمن، سردارن، گادي نشينن، نوابن، راجائن ته ڀينگ ڪري ڇڏي هئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جي حاڪمن کي به ساڳين پيرن تي هلندو ڏسي عوام انگريزن جا ڏينهن ياد ٿو ڪري..... نه ته سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڌارين ۽ غير مسلمان انگريزن کان ته اسانجا پنهنجا، مسلمان هم زبان اسان لاءِ پيارا هئڻ کپن.
بهرحال انگريزن 1857ع جي بلوي بعد هڪ وڏي مسجد ”اڪبر آبادي مسجد“..... جيڪا اڪبر آبادي بيگم (شاهجهان جي زالن مان هڪ زال) 1650ع ۾ ٺهرائي هئي، ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏرائي. چون ٿا ته اها مسجد ان هنڌ تي آهي جتي اڄ ڪلهه نيتاجي سڀاس پارڪ آهي. شاهجهان جي هن زال اڪبر آبادي بيگم هن مسجد جي ويجهڙائيءَ ۾ رهي قرآن شريف جو اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. انگريزن کي اهو ئي لڳو ته هن مسجد ۾ ويهي باغين هنن خلاف هنگامو ڪرڻ جو سٽل ٺاهيو آهي.
دهلي جي ٻي مشهور مسجد ”فتحپوري مسجد“ جنهن جي پاڻ ڳالهه پيا ڪريون، اها انگريزن راءِ لالا چونامل کي 19000 روپين ۾ نيلام ڪئي. هونءَ يورپ يا آمريڪا ۾ عيسائين جا عبادت گهر.... گردوارا، اتي جي ماڻهن جي ذاتي ملڪيت هجڻ ڪري وڪامندا ضرور آهن پر اسان وٽ مسجدون خدا جو گهر سمجهيون وڃن ٿيون ۽ اهي ڪنهن جي به ذاتي ملڪيت نه هونديون آهن. بعد ۾ ويهن سالن بعد 1877ع ۾ جڏهن انگريزن مسلمانن کي دهليءَ ۾ رهڻ ڏنو ته هنن راءِ لالا چونامل کي چار ڳوٺ ڏئي، اها مسجد واپس ورتي ۽ مسلمانن کي ان ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني. چونامل جا پويان اڄ به دهليءَ جي چاندني چوڪ ۾ هنن جي پراڻي حويلي ”چونامل حويليءَ“ ۾ رهن ٿا. گذريل 42 سالن کان مفتي مڪرم احمد هن مسجد جو امام ۽ چيف مفتي آهي. ان کان اڳ 1971ع ۾ سندس وفات تائين مفتي محمد احمد هن مسجد جو امام ۽ مفتي اعظم هو. هاڻوڪو مفتي يعني مولوي مڪرم احمد به عربي، اڙدو. فارسي، انگريزي ۽ هنديءَ جو ڄاڻو آهي. هو سني مسلمانن جا هر قسم جا مسئلا.... چنڊ جي نظر اچڻ ۽ عيد ملهائڻ تائين، حل ڪري ٿو. هو خانقاهي عاليه جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ سندس مرشد طريقت سلسله نقش بندي، چشتيا، قادريا ۽ سهروديا سان واسطو آهي. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ پڻ آهي.
شاهجهان جي هن زال فتح پوري بيگم جي ڳوٺ فتحپور سڪريءَ لاءِ لکندو هلان ته هي شهر آگري ضلعي ۾ آهي. جيڪو 1569ع ۾ مغل شهنشاهه اڪبر ٻڌرايو هو ۽ 1571ع کان 1585ع تائين مغل سلطنت جو گاديءَ وارو شهر رهيو. ان بعد هنن پنهنجي گادي لاهور شفٽ ڪئي، جنهن کي 1598ع تائين گاديءَ جو شهر رکڻ بعد هو وري واپس آگري آيا. مون کي پهريون دفعو فتحپور سڪري شهر ڏسڻ جو موقعو 1960ع ۾ مليو، جڏهن اسان مئٽرڪ جا شاگرد ڪراچيءَ کان چٽگانگ سي اسڪائوٽن جي جهمبوريءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٽرين ذريعي ويا هئاسين. ڪراچيءَ کان لاهور ۽ لاهور کان پوءِ ڪلڪتي، جنهن وچ ۾ هڪ ڏينهن رات آگري ترسيا هئاسين ۽ هڪ رات ڪلڪتي. ان بعد بارڊر ڪراس ڪري ڊاڪا پهتاسين، جتان اسٽيمر ذريعي چٽگانگ آياسين. ان وقت آگري ۾ تاج محل ۽ فتحپور سڪريءَ جون تاريخي عمارتون ڏٺيونسين. سفر ۾ مون سان گڏ منهنجي ڳوٺ جو ڪمانڊر نجم انصاري، ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڀاءُ مرحوم مصباح الحق، لاڙڪاڻي جي سفير عبدالفتاح جو پٽ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ سخي انسان علي نواز جو ڀاءُ مرحوم علي رضا ميمڻ ۽ ٻيا ڪلاس ميٽ هئا.
پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته چاندني چوڪ، جيڪو پراڻو دهليءَ جو حصو آهي، هندن توڙي مسلمانن جي حويلين جو ڳڙهه آهي. جتي اڄ به اهي سؤ ٻه سؤ سال اڳ جون حويليون موجود آهن، جن مان ڪجهه ۾ انهن اصلي مالڪن جو اولاد رهي ٿو. ڪي هندوستان جي ورهاڱي بعد ٻين جي قبضي ۾ اچي ويون. جن هنن کي وڪڻي ڇڏيو يا فلئٽ ۽ دڪان ٺهرائي پئسو ڪمايو. انهن مان ڪيترين جو ڪجهه حصو اهو پراڻو ڇڏيو ويو آهي، جيئن هتي چاندني چوڪ تي سير ڪندڙ ملڪي يا ڌاريو ٽوئرسٽ..... خاص ڪري اهو جنهن کي تاريخ سان دلچسپي آهي، اندازو لڳائي سگهي ته هنن حويلين ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو رهيا ٿي.... مثال طور هڪ حويلي چاندني چوڪ جي درياهه گنج واري علائقي جي ڪچا سعد الله خان محلي ۾ آهي، جتي اسانجي ملڪ جي سابق صدر جنرل پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943ع تي جنم ورتو هو. هن جو ڏاڏو قاضي محتشم الدين دهليءَ جو هو، جيڪو برٽش انڊيا حڪومت ۾ ڊپٽي ڪيلڪٽر روينيو رٽائرڊ ٿيڻ بعد، پنجاب جو ڪمشنر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ هن اها حويلي خريد ڪئي هئي. هن حويليءَ بابت تفصيلي احوال آئون انڊيا جي پهرين سفرنامي ”دهليءَ جو درشن“ ۾ ڏئي چڪو آهيان، جڏهن پنهنجي اوڏ دوستن نول راءِ ۽ ڊاڪٽر رامچند جي پٽن جي شادين ۾ شرڪت لاءِ آئون ٻه مهينا کن دهلي ۽ احمد آباد بڙودا اچي رهيو هوس.
• چاندني چوڪ ۾ هڪ ٻي حويلي جيڪا اسان جي ملڪ جا شاعر ۽ اديب ٽوئرسٽ ضرور ڏسڻ چاهيندا، اها ”حويلي مرزا غالب“ آهي، جيڪا گلي قاسم جان ۾ آهي. اها گهٽي هاڻ ”گلي باليمرن“ سڏجي ٿي.
• زينت محل جي حويلي لال ڪونئان بازار ۾ آهي، جيڪا بازار، چاندني چوڪ جي بلڪل مرڪز ۾ آهي ۽ چئن ايڪڙن تي آهي. اها 1846ع ۾ آخري مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر جي ٽين ۽دلپسند راڻي زينت محل ٺهرائي هئي. 1857ع واري بلوي بعد هوءَ پنهنجي مڙس (بادشاهه) سان رنگون ۾ قيد رهي. 1886ع ۾ جڏهن زينت محل رنگون ۾ وفات ڪئي ته هن جي نالي واري هيءَ حويلي پٽيالا جي بادشاهه حوالي ٿي چڪي هئي. هندوستان جي ورهاڱي بعد پاڪستان لڏي وڃڻ تي هن هيءَ حويلي انڊيا جي حڪومت کي وڪرو ڪري ڇڏي.
• ”هڪسار حويلي“ جيڪا چاندني چوڪ جي سيتا رام بازار ۾ آهي، هيءَاها حويلي آهي، جتي جواهر لعل نهروءَ جي 1916ع ۾ اندرا گانڌيءَ جي ماءُ ڪملا نهروءَ سان شادي ٿي هئي.
• ”حويلي بنارسي ڀاون“ جيڪا مسجد فضور ۽ ميرو جين مندر ڀرسان آهي.
• ”حويلي ڌرم پورا“ جيڪا چاندني چوڪ جي گليان گليءَ ۾ آهي.
• ”خزانچي حويلي“ جيڪا خزانچي گليءَ ۾ آهي. هن گهٽيءَ ۾ مغل بادشاهه شاهجهان جا خزانچي رهيا ٿي. جن هن خزانچي حويليءَ کان لال قلعي تائين هڪ سرنگهه (Tunnel) کوٽرائي ڇڏي هئي. جيئن قلعي تائين پئسي ڏوڪڙ جي ٽرانسفر آسانيءَ سان ٿي سگهي.
• چاندني چوڪ جي ڪناري بازار ۾ ته 18 صديءَ جي جين ڌرم جي واپارين جون هڪ ٻئي جي ڀرسان نو حويليون آهن.
انهن مٿين حويلين مان ڪيتريون ته منهنجيون پهرين جون ڏٺل هيون، ڪجهه ان ڏينهن هن سک ٽئڪسي ڊرائيور ارواديپ سان چاندني چوڪ مان لنگهندي ٻاهران ٻاهران ڏسڻ جو موقعو مليو. هڪ آڳاٽي عمارت اڳيان لنگهندي (جنهن جي هيٺان دڪان ۽ ريسٽورنٽون ۽ انهن ۾ ايندڙ ماڻهن جي پيهه پيهان هئي) منهنجي ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته اها مئڊم سمرو جي حويلي آهي.
”اڇا! ترس ته فوٽو ڪڍان“. مون ترسايو مانس.
”توهان هن بابت ٻڌو آهي ته هيءَ انڊيا جي (اڪيلي) رومن ڪئٿولڪ راڻي ٿي گذري آهي؟!“ هن پڇيو.
”هوءَ انڊيا ۾ آسٽريا کان آيل مسواڙي قاتل والٽر (Walter Reinhardt) جي زال جونا (Jonna Nobilis Sombre) هئي، پر هوءَ بيگم سمرو جي نالي سان وڌيڪ مشهور هئي“. مون ٻڌايو مانس.
”هن جو سارڌنا ۾ ٺهرايل گرجا گهر اتر انڊيا جي سوين گرجا گهرن کان وڏي ۾ وڏو ۽ خوب صورت ترين آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. هوءَ مرڻ گهڙيءَ (1836ع) تائين سارڌنا سلطنت (Principally) جي حاڪم رهي ۽ هن پنهنجي بهترين انتظاميا، رعب تاب، امن امان ۽ انصاف سان پنهنجي علائقي ۾ خوش حالي پيدا ڪئي. ماڻهو کيس اڄ به ياد ڪن ٿا. هي رومن ڪئٿولڪ چرچ جيڪو “Basilica, the church of our lady Graces” سڏجي ٿو. هن راڻيءَ جو بهترين يادگار مڃيو وڃي ٿو. اهو هن 1822ع ۾ ٺهرايو هو. توهان جي دل چوي ته آئون توهان کي ڪنهن ڏينهن سارڌا وٺي هلان..... ڪلاڪ ڏيڊ جي پنڌ تي ته آهي“. سک ٽئڪسي ڊرائيور مون کان پڇيو.
مون کيس ٻڌايو: ”آئون اڳئين دفعي جڏهن دهليءَ آيو هوس ته سارڌنا ويو هوس، جتي هڪ آڳاٽو مهاديو مندر به آهي، جنهن لاءِ چون ٿا ته مهاڀارت دؤر جو آهي. چون ٿا ته لڪشا ڳڙهه جي بدنام محلات ۾ وڃڻ کان اڳ پانڊوئن هتي پرارٿنا ڪئي هئي“.
دراصل دهلي ۽ ميرٺ ائين آهن، جيئن اسلام آباد ۽ راولپنڊي. راولپنڊي پنجاب جو شهر بلڪ ضلعو آهي ۽ اسلام آباد ان جي بارڊر تي آهي. اهڙيءَ طرح ميرٺ يوپيءَ (اتر پرديش) جي 75 ضلعن مان هڪ آهي، جيڪو دهليءَ جي بارڊر سان مليو پيو آهي. اتر پرديش جي ڪيترن ئي ضلعن کان اسان جا ماڻهو واقف آهن، جو اتي جا اسان وٽ لڏي آيل مسلمان، سڀ کان گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ شاعر اديب آهن. اتر پرديش انڊيا جي سڀ کان ڳتيل رياست آهي، جنهن جي آدمشماري ٻه سؤ ملين يعني 20 ڪروڙ آهي. يعني اسانجي سڄي پاڪستان جيڏي! هن رياست جا ڪجهه ضلعا جيڪي هن وقت منهنجي ذهن ۾ آهن ۽ جن مان ڪن ۾ منهنجو مختلف سفرن ۾ وڃڻ يا گذريو ٿيو آهي، هن ريت آهن: بنارس، لکنو، بانس بريلي، راءِ بريلي، آگرو، علي ڳڙهه، قنوج، مٿرا، جهانسي، الهه آباد ، گورکپور ۽ ميرٺ وغيره. مٿين رومن ڪئٿولڪ راڻي، جنهن لاءِ سک ڊرائيور ٻڌائي رهيو هو، ته هن سارڌنا ۾ خوبصورت گرجا گهر ٺهرايو، اهو شهر سارڌنا ميرٺ ضلعي جو شهر آهي ۽ ميرٺ کان تيرهن ميلن جي فاصلي تي آهي. هونءَ اهو شهر سارڌنا هن رومن ڪئٿولڪ گرجا گهر ۽ مهاديو مندر کان علاوه ڪپڙي جي ڪارخانن جي ڪري به مشهور آهي. جپان جا سک ۽ سنڌي هندو واپاري هميشه پنهنجي دڪان جي ڪپڙي لاءِ وڏي ساک سان چوندا هئا ته هنن وٽ سارڌانا جي فئڪٽرين جو ڪپڙو آهي، جيئن اسان وٽ ”گل احمد“ ۽ ”نشاط“ ڪپڙي مِلين جو وڌيڪ نالو ورتو وڃي ٿو.
دهليءَ کان ميرٺ 70 کن ڪلو ميٽر پري آهي ۽ انهن شهرن وچ ۾ روازانو 20 ريل گاڏيون هلن ٿيون، جيڪي ٻه ڪلاڪ کن وٺن ٿيون. آئون ته جنهن ٽرين ۾.... شايد ”هردوار ايڪسپريس“ هئي يا ”اتر انچل ايڪسپريس“ چڙهيس، ان ڏيڍ ڪلاڪ ۾ پهچايو هو ۽ واپسيءَ تي ريڊ بس ذريعي موٽيو هوس ته ان به ايترو ئي وقت ورتو هو. جنهن جي ٽڪيٽ 130 روپيا هئي..... بلڪ بعد ۾ ٽرين ۾ ماڻهن ٻڌايو ته منهنجي عمر 60 سال کان مٿي هجڻ ڪري مون کي ڊسڪائونٽ تي 80 روپئي وٺڻ کپندي هئي. جيڪي ملائيشيا وڃن ٿا انهن کي به اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته اتي به ڪيترن شهرن جي ڪيترين ٽرينن ۽ بسن تي پوڙهن Old Age) وارن) لاءِ ڊسڪائونٽ آهي. جنهن لاءِ توهان کي خود ٽڪيٽ ڪائونٽر تان پڇڻو پوندو. ٽڪيٽ وڪڻندڙ ڇوڪرين کي نه ايترو وقت آهي ۽ نه ايڏي همت جو توهان کان پڇنديون وتين ته جوان آهيون يا ڪراڙا؟ ۽ ڪيترا ته ستر کان مٿي وارا به پاڻ بابت پوڙهو ٻڌائڻ واري بيعزتي برداشت ڪرڻ بدران اڌ رنگٽ وڌيڪ ڏئي پاڻ کي جوان هجڻ جي ڇاپ لڳرائين ٿا.
”بيگم سمرو جي وفات به سارڌانا ۾ ٿي ۽ هوءَ سندس ٺهرايل گرجا گهر ۾ ئي دفن آهي“. سک ٽئڪسي ڊرائيور چيو.
”ها. مونکي ياد آهي، هن جي قبر تي لڳل ڪتبي تي لکيل هو ته:

Begum Samru (Sombre) born on 1753 & died on 27 January 1836 at the age of 90 and was buried under this “church – the Basilica of our lady of Graces”, which she built”.

هتي اهو به لکندو هلان ته ناولن جا شوقين، هن سارڌنا جي رومن ڪئٿولڪ مذهب سان واسطو رکندڙ هڪ ڪامياب حاڪم زادي مئڊم سمرو بابت، رابرٽ برائيٽ ويل جي مشهور انگريزي ناول “Flashman and the cobra” مان آئيڊيا وٺي سگهن ٿا، جنهن ۾ ليکڪ هن راڻيءَ جو ڪردار پيش ڪيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ان تي ڪا هالي ووڊ يا بالي ووڊ ۾ فلم به ٺهي هجي.
هي سڀ ڪجهه لکڻ بعد هاڻ مان ٿورو پڙهندڙن سان مخاطب ٿي اندر جي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو. ان ڏينهن دهليءَ جي ڪناٽ پليس وٽ ٽئڪسي ڊرائيور سان جيڪو چار پنج ڪلاڪ رلندو رهيس، ان جو احوال شايد آئون ٻه صفحا به نه لکان ها ۽ نه اهو ضروري آ ته ڪو سفرنامو لکندڙ پنهنجي روزمره جي ڊائري پيو لکي. پر ڪي ڪي ڳالهيون اهڙيون در پيش اچن ٿيون، جيڪي دماغ کي ڪِلڪ ڪن ٿيون ۽ ليکڪ ۾ ان بابت لکڻ جي Inspiration ۽ اتساهه پيدا ڪن ٿيون. ان ڏينهن چاندني چوڪ ۾ بيگم سمرو جي حويليءَ وٽان لنگهه نه ٿئي ها ۽ هن جو نالو نه ورتو وڃي ها ته آئون شام ڌاري ٻه سموسا يا آلو پراٺو کائي، مٿان کير جو گلاس پي هوٽل ۾ اچي سمهي رهان ها ۽ گذريل ڏينهن جو گهمڻ ڦرڻ وساري، نئين ڏينهن تي ڪنهن نئين هنڌ گهمڻ لاءِ نڪري پوان ها، پر پوءِ بيگم سمرو تان ڌيان ۾ آيو ته ان عورت تي ضرور ڪجهه لکندس جيئن پڙهندڙن کي ان بابت ڄاڻ ٿئي ۽ اهو به ته هنن کي هن عورت جي شروع کان ڪهاڻي ٻڌڻ دلچسپ لڳندي. پوءِ جو لکڻ ويٺس ته 300 کن صفحا گذري ويا آهن.... ٻيون ڳالهيون ڪندي، هن دلچسپ عورت جي ڪهاڻي اڃان نه شروع ڪري سگهيو آهيان ۽ اها ڳالهه جيڪا مون ڏهن صفحن جي مضمون ۾ مڪمل ڪرڻ ٿي چاهي، ان پٺيان سڄو ڪتاب ٿي ويو آهي. اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. ليکڪ سان ائين به ٿيندو آهي. سنڌ، ممبئي، ڪراچي يا اوساڪا يونيورسٽيءَ ۾ جتي مونکي مئرين انجنيئرنگ بدران ادب تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرائيندا آهن ۽ جڏهن ڪو شاگرد اهو پڇندو آهي ته: ”سر! توهان کي هڪ سفرنامو لکڻ ۾ ڪيترا ڏينهن يا مهينا لڳندا آهن؟“..... ته آئون منجهي پوندو آهيان ته ڇا جواب ڏيان!
ڪڏهن ڪڏهن ته سمنڊ تي..... جڏهن سمنڊ به ماٺو ۽ رومانٽڪ هوندو آهي ۽ جهاز جي انجڻ به گڙ ٻڙ ناهي ڪندي، Sprits بلند هوندا آهن، نه ڪو بندرگاهه ويجهو هوندو آهي، جنهن جي ٽي وي ڏسي وقت پاس ڪجي ۽ نه وري پڙهڻ لاءِ ڪو ڪتاب يا رسالو بچيل هوندو آهي ته پوءِ گذريل بندرگاهن ۾ گذاريل ڏينهن جون ڳالهيون ٻن مهينن ۾ به لکي وٺندو آهيان. پر ڪن ڪن ملڪن جا سفرناما جيئن ايران، انڊيا، سعودي عرب جا اهڙا Sensitive ٿين ٿا، جو انهن ملڪن بابت ڪيترا مهينا پڙهي پوءِ گهمڻ نڪرندو آهيان..... تڏهن به ڇهه ڇهه مهينا لڳيو وڃن. انهن ڇهن مهينن ۾ نه صرف ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون refer ڪرڻا پوندا آهن، پر اتي جي عالمن، مولوين مفتين، پنڊتن ۽ برهمڻ مهاراجائن کان معلومات به وٺڻي پوندي آهي، ته جيڪي ڪجهه آئون لکان پيو (اها توڙي جو کڻي منهنجي ذاتي آبزرويشن آهي ۽ اها ڳالهه کڻي گهڻي صحيح به نه هجي) ڪنهن جي دل آزاريءَ جو سبب ته نه بڻبي.
هڪ ٻي ڳالهه....... اهو ڪو ضروري ناهي ته سفرنامو لکڻ لاءِ ڪنهن ملڪ يا شهر ۾ وڏو عرصو رهجي. لنڊن ۾ ڏهه دفعا وڃڻ ٿيو هوندو، پر اڃان تائين اتي جو سفرنامو لکڻ لاءِ پيو ترسان. اهڙيءَ طرح دبئي، دمام، دئرين (چين)، سيول (ڪوريا) ۽ ٻيا شهر آهن. جپان چين ڏي ويندي هر دفعي هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ترسڻو پوندو هو، پر ڏهه سال ٿي ويا، هانگ ڪانگ تي ته لکندو رهيس پر سنگاپور تي هرگز نه...... پوءِ جڏهن جهاز جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري اچي ڪيم ته هڪ ڏينهن ٻن ٽن دوستن سان گڏ ملاڪا (ملائيشيا جو شهر جنهن ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس) کان باءِ روڊ ٽئڪسيءَ ۾ سنگاپور اچڻ ٿيو، جتي 24 ڪلاڪ به ڪي مس رهي، ٻئي ڏينهن ملاڪا موٽي آياسين پر ان سفر ۽ گذريل دفعن جي سفرن جي ايترين ته ڳالهين ڪلڪ ڪيو جو سڄو ڪتاب ”سنگاپور ويندي ويندي“ لکي ورتم. سو دهليءَ جي ان چئن پنجن ڪلاڪن جي ڳالهين هي سڄو ڪتاب لکڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. جيتوڻيڪ دهليءَ ۾ هڪ هفتو اڳ کان رهيل هوس ۽ هيڏانهن هوڏانهن رلي رهيو هوس. هان انهن ڏينهن جون ڳالهيون خبر ناهي ڪڏهن موڊ ٿئي ۽ ڪڏهن ڇپجن.....؟!
بهرحال هاڻ آخر ۾ وري اچون بيگم سمرو جي دلچسپ ڪهاڻيءَ تي، جنهن تي جيترو غور ٿو ڪجي، اوترو حيرت ٿي ٿئي ته قدرت ڪنهن کي ڪٿان کڻي ڪٿي ٿي پهچائي. ڪنهن لک جي مالڪ کي ڪک جو مالڪ بڻايو ڇڏي. جيئن انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته “From Rags to Riches”. اسانجي جهازن تي اسان جهڙو هڪ معمولي مئرين انجنيئر هو. حڪومتن جي وارن ڦيرن ۽ سندس مائٽن جي سياسي اثر رسوخ ۽ طاقت ذريعي هو اسانجو ڊائريڪٽر ٿي ويو. يعني سمجهو ته ڪو سيڪشن آفيسر...... سال ڏيڍ اندر ان ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽ سيڪريٽري ٿي ويو. اسان جو چرچائي انجنيئر دوست عبدالصمد ڪاليا چوندو هو: ”بابا! هاڻ ته هر جونيئر انجنيئر کان به ڊپ ٿو لڳي ته سڀاڻي هو اسانجو ڊائريڪٽر ٿي اسان جون موڪلون به نه ڪئنسل ڪري ڇڏي“.
ڪيترا ته ننڍڙا مستري انجنيئرنگ جي اعليٰ شين جا ايجاد گار ٿي، وڏا امير بڻجي ويندا آهن. ڪيترا ته اهڙا به ڏٺاسين جيڪي بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ به ناڪام ويا پر هو ملڪ جا صدر ۽ وزير اعظم ٿي ويا. پنهنجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جا ٿو ڏسان ته ڪيترا جيڪي مئٽرڪ ۽ انٽر به ڪا مس ڪري سگهيا، اهي ٻين هوشيار ڪئڊٽن کان اڳ خوشحال ۽ ڪامياب بزنيس مين، ائگريڪلچرسٽ، سياستدان، ٽي وي آرٽسٽ ٿي ويا. مون اهو به ڏٺو ته پاڪستان نيويءَ جو هڪ معمولي سي مئن، محنت، سخت پورهئي ۽ شوق ۽ جذبي ذريعي مرچنٽ نيويءَ جي نه رڳو جهاز جو ڪئپٽن ٿي ويو، پر ان وقت جي وڏي ۾ وڏي جهاز سفينه حجاج جو..... ۽ بعد ۾ هو اسانجي مئرين اڪيڊمي، چٽگانگ جو نيويگيشن آفيسر ٿي ويو. سندس پڙهائڻ جي طريقي، سخت ڊسيپلين، اسان ڪئڊٽن جي خيال رکڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ سبب اڄ به هن کي دعائون ڏيندا رهون ٿا. اسان انهن لاءِ يا ٻين لاءِ چئون ٿا ته هو ميٽر ريڊر ۽ هوٽل جي بئري مان فيڊرل وزير ٿي ويا. پر يا وري انهن سڀني ۾ هڪ فئڪٽر ڪامن نظر اچي ٿو ته هنن ۾ ڪجهه ته هو جو ايڏو ڪامياب ٿيا...... لڳي ٿو ته هنن جي قسمت به سٺي هوندي، قدرت جي به رضا هوندي ۽ هنن ۾ ضرورت قابليت ۽ قدرت طرفان هنن ۾ اهڙيون ڳالهيون هونديون ۽ اهڙيون حالتون پيدا ٿيون هونديون، جو هو اها ترقي حاصل ڪري سگهيا هوندا.
بيگم سمرو يعني آسٽريا جي يورپي گوري والپر رينهارٽ سومبر جي هيءَ زال مسز جونا نوبيلس سومبر جيڪا سرڌانا سلطنت جي حاڪم ٿي، ڪشمير جي انڊين ڇوڪري هئي. نه فقط ايترو پر هوءَ چاندي چوڪ جي هڪ مشهور ڪوٺي تي ناچڻي هئي، جتي دهليءَ جا امير ۽ ڪجهه گورا به ايندا هئا. هن جو اصل نالو جيڪو سندس گراهڪن ۾ مشهور هو..... ”فرزانا“ هو. ان کان علاوه هوءَ ”زيب النساءِ“ به سڏي وڃي ٿي. بنا ڪنهن شڪ جي هن لاءِ هر ڪو اهو ئي لکي ٿو ته هوءَ بيحد گوري رنگ ۽ لسي چمڙيءَ واري هڪ بيحد خوبصورت ڇوڪري هئي. قد جي ساڍا چار فوٽ هئي پر هن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي نخريلي ادائن، وڏن سردارن ۽ راجائن کي به مات ٿي ڪيو.
1767ع ۾ جڏهن هوءَ چوڏهن سالن جي هئي ته يورپ جي ملڪ لگزمبرگ کان والٽر رائينهارٽ نالي هڪ مسواڙي قاتل سولجر (mercenary) دهليءَ ۾ آيو. هتي انهن مرسينرين (ڪرائي جي قاتلن) بابت لکندو هلان ته يورپ جا ڪيترا بيروزگار، لچ لفنگا انڊيا کان اچي نڪتا ٿي، جتي ٻن سردارن، نوابن يا ٻن ڌرين جي وچ ۾ ٽپي، هڪ جو پاسو کڻي، ٻئي سان پنهنجن ماڊرن بندوقن ۽ سکيا ڏنل مڪاني سپاهين سان گڏ لڙائي ڪري، پنهنجي مالڪ کي کٽرايو ٿي ۽ ان جي عيوض کٽڻ واري ڌر پنهنجي حيثيت مطابق، هنن کي مال پاڻي توڙي زمين يا ڳوٺن جا ڳوٺ معاوضي طور ڏنا ٿي. جيئن اسان وٽ ڪيترن ئي مسواڙي قاتل افغانين ۽ برمين جو ٻڌجي ٿو، جيڪي ويهه ٽيهه هزار روپين ۾ ڪنهن جو به خون ڪندي ويرم نٿا ڪن. بس هنن کي پئسو ملڻ کپي، ماڻهو کڻي ڪير به هجي. هنن غير قانوني آيل ڏوهارين لاءِ ته سڄي ملڪ جا ماڻهو مري وڃن ته اڃان سٺو، جيئن هو ملڪ تي قبضو ڪري ويهن. اهو ئي حال انگريزن ۽ يورپين جو هو. هندوستان جا شهنشاهه، نواب، مهاراجا پيءُ جي مرڻ تي ڀاءُ کي مارائي ڇڏيندا هئا ته متان تخت تاج تي ٻيو ڀاءُ قبضو ڪري. هو پنهنجي سلطنت جو ڪجهه حصو ڪنهن يورپي قاتل گروپ کي آفر ڪري پنهنجي ڀاءُ کي مارائي ڇڏيندا هئا ۽ هن ڪرائي جي قاتل يورپين جي گروپ ۾ هڪ ٻه پاڻ جهڙو گورو هوندو هو، باقي سڀ مڪاني (Native) انڊين هوندا هئا، جن کي هو ٿوري گهڻي سکيا ڏئي، بندوقون سندن حوالي ڪري پاڻ سان وٺيو پيا هلندا هئا. هنن کي اهڙا مڪاني ماڻهو کوڙ مليا ٿي، جيڪي سندن حاڪمن جي بد انتظامي، ظلم، ناانصافي، بک ۽ بيروزگاريءَ کان سخت بيزار هئا. هنن کي به هر صورت ۾ خوشحال زندگي گذارڻ لاءِ پئسي ڏوڪڙ جي ضرورت پئي ٿي. هنن کي پنهنجن عياش حاڪمن لاءِ ڪهڙي همدردي؟ هنن لاءِ ته هي گورا يورپي بهتر هئا. اهو اهڙي طرح هو، جيئن اسان وٽ ڪيترا غريب ۽ مجبور انصاف ۽ نوڪريون نه ملڻ ڪري، پنهنجي حاڪمن خلاف دشمن ملڪ جي ايجنسيءَ جي چنبن ۾ به ڦاسيو پون.
حالت اها هئي جو هي يورپي غنڊا ۽ قاتل ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپائين تائين انڊين ۽ سائوٿ چائنا سي جي سمنڊن تائين، پنهنجن ٻيڙن ۾ ان وقت جون ماڊرن بندوقون، توبون ۽ مشين گنون ۽ بارود فٽ ڪري پيا ڦرندا هئا ته ڪٿي ٻن ڀائرن، سوٽن يا چاچي ڀائٽي جو تخت يا زمين تان جهيڙو ٿئي ته هڪ کي کَٽائي، ان مان پئسو ڪمائجي. اهڙي ئي هڪ برونائيءَ جي گادي نشين انگريز مرسنريءَ کان مدد وٺي تخت حاصل ڪيو ۽ پوءِ هن کي نه فقط سرواڪ جي سڄي رياست تحفي ۾ ڏئي ڇڏي پر ”وائيٽ راجا“ جو خطاب به ڏنو. انگريز راجا به وري ڇا ڪيو جو ان رياست جي عوام کي امن امان ۽ خوشحالي ڏئي، هڪ سٺي فوج ٺاهي، ساڳي سلطان تي حملو ڪيو، جيڪو پنهنجو حرم وڌائڻ ۽ عياشيءَ ۾ غلطان هو. سو اهي هئا ڪم اسان جي حاڪمن جا..... تڏهن ته هيڏو پري کان آيل ڌاريا مٿن چڙهائي ڪري ويا ۽ جن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ به اسان جا ئي ماڻهو هئا.
سو هي لڪسمبرگ جو والٽر به هڪ بدمعاش ۽ غنڊو هجڻ ڪري سٺو ”مسواڙي قاتل“ ثابت ٿيو ۽ انڊيا پهچي پهرين ننڍا ننڍا هٿ هنيائين، جن ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ پئسو ٺاهڻ بعد، هن وڌيڪ هٿيار گهرايا ۽ مڪاني ماڻهو ميڙي، وڏو ٽولو ٺاهڻ بعد هو دهليءَ آيو، جتي مغل شهنشاهيت جي مغل بادشاهه شاهه عالم دوم (بهادر شاه ظفر جي ڏاڏي) جي حڪومت جو دور (1806ع-1760ع) هو. پر انهن آخري مغل بادشاهن جي حڪومت جي اصل رٽ، سمجهو ته ڪراچي شهر جي ڪياماڙيءَ کان ملير تائين ڪا مس هئي. باقي چوڌاري انگريزن ۽ ٻين هندو، مسلمان ۽ سک راجائن، نوابن، سردارن جو راڄ هو.
دهليءَ جي هن ڪوٺي ۾ 45 سالن جو هي يورپي قاتل سولجر والٽر، 14 سالن جي ناچڻي مسلمان ڇوڪري ”فرزانا“ جي سونهن ۽ ناز نخرن تي موهت ٿي پيو. هن ڪوٺي وارن کي راضي ڪري ”فرزانا“ جي ٻانهن ورتي ۽ فرزانا به خوش ٿي هن سان معشوقا جي حيثيت ۾ زندگي گذارڻ لڳي. ڪن جو چوڻ آهي ته هنن شادي به ڪئي. بهرحال هوءَ پاڻ کي مسز سومبر سڏائڻ لڳي. جيڪو نالو ديسي ماڻهن لاءِ ڏکيو هجڻ ڪري، ڪيترا هن کي ”بيگم سمرو“ سڏڻ لڳا هئا. هن پوڙهي عيسائي يورپي والٽر ۽ ننڍي نيٽي مسلمان ڇوڪري فرزانا جي عشق محبت تي هڪ انگريز جان لال (John Lall) واهه جو ناول لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي:“Begum Samru-Fading Portrail in a Giladed Frame”
ڀلي ڀاڳ وارو هي يورپي قاتل، شڪار جي ڳولا ۾ دهليءَ کان پوءِ لکنئو، اتان کان پوءِ روحيل کنڊ، بريلي ۽ پوءِ آگري، ڍيگ، ڀرتپور ۽ ٻين شهرن ۾ به...... ان قسم جي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ لڳو رهيو. ڪمال جي ڳالهه اها ته سندس زال فرزانا (مسز سومبر/بيگم سمرو) ان معاملي ۾ وڏي دلير، چالاڪ ۽ ذهين نڪتي جو هوءَ راجائن نوابن جون نه رڳو اٽڪل بازيون ۽ جاسوسيون (Intrigues & Counter Intrigues) سمجهي، مڙس جي رهنمائي ڪرڻ لڳي، پر مڙس کان گهوڙي سواري، تلوار بازي ۽ بندوق بازي به سکي قابل ٿي وئي ۽ خوب ناڻو، مال ملڪيت حاصل ڪيائين.
ٻين ڳالهين سان گڏ هيءَ ناچڻي فرزانا عشق باز به پئي لڳي ۽ پنهنجي مڙس جي ڪيترن يورپي دوستن سان به جتي وجهه لڳس ٿي، دلپشوري ڪندي پئي رهي. انهن مان سندس ٻه عاشق تمام مشهور هئا. هڪ لاواسلٽ (Le Vassout) نالي فرانس جو فرينچ ۽ ٻيو جارج ٿامس نالي آئرش هو. هن آئرش قاتل کي مڪاني ماڻهو ’جهازي صاحب‘ به سڏيندا هئا، جيڪو آئرلئنڊ جي هڪ غريب هاريءَ جو پٽ هو، پر پوءِ مدراس ۾ انگريزن جي نيويءَ ۾ ڊاڪيارڊ ۾ مزوري ڪرڻ لڳو.... ۽ پوءِ اها نوڪري ڇڏي، بيگم سمرو جي قاتل ٽولي ۾ اچي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ هن به ايترو ڪمايو ۽ طاقتور ٿي ويو جو هريانا رياست جي هڪ ننڍڙي سلطنت جو 1798ع کان 1801ع تائين ٽي سال حاڪم ٿي رهيو. هي جيتوڻيڪ بيگم سمرو (فرزانا) جو دل گهريو جنرل هو، پر پوءِ فرينچ سولجر لي واسولٽ جي رقابت ۽ ساڙ وارين اٽڪلن ڪري هن بيگم سمرو جي نوڪري ڇڏي ۽ مرهٺي سردار ’اپا کنڊي راءِ‘ وٽ وڃي پگهار جو قاتل ٿيو.
بيگم سمرو جو مڙس 56 سالن جي ڄمار ۾ (1778ع ۾) گذاري ويو. ان ڪري بيگم سمرو پاڻ قاتل ٽولي جي ليڊر ٿي پئي هلي. هن پنهنجن سؤ کن قاتل سپاهين ۾ ٻه ٽي يورپي به رکيا هئا. بيگم سمرو جي مڙس والٽر سومبر جو موت آگري ۾ ٿيو ۽ بيگم سمرو (فرزانا) هن کي آگري جي گرجا گهر جي اڱڻ ۾ پنهنجي هٿن سان دفن ڪرايو ۽ ان بعد هوءَ مڙس جي فوج جي ليڊر چونڊي وئي. انڊيا جي ماڊرن ناول نويس وڪرم چندرا پنهنجي ناول “Red Earth & Pouring Rain” ۾ بيگم سمرو جو ڪردار واهه جو چٽيو آهي.
مڙس جي مرڻ کان پوءِ ٽن سالن بعد 1781ع ۾ هوءَ ڪئٿولڪ عيسائي ٿي ۽ پنهنجو نالو جونا نوبيلس سومبر رکرايو. 1793ع ۾ مشهور ٿيو ته بيگم جونا (فرزانا) پنهنجي فوج جي فرينچ سولجر لي واسولٽ سان شادي ڪئي آهي. ان خبر تي سندس سپاهين جي ٽروپن ۾ بغاوت ٿي پئي. هي جوڙو جان بچائڻ لاءِ رات جي اونداهه ۾ (مڙس گهوڙي تي سوار ۽ پاڻ پالڪيءَ ذريعي) دهلي مان نڪري ويو. رستي تي ٻنهي کي الڳ الڳ خبر ملي ته ٻي ڌر قتل ٿي وئي آهي. گهران ڀڄڻ مهل هنن اهو ئي سوچيو هو ته هنن مان هڪ مري ويو ته ٻيو عاشق خودڪشي ڪندو. هنن جو هاڻ ٻئي جي مرڻ جي خبر ٻڌي ته ٻنهي پنهنجي جاءِ تي کڻي خودڪشي ڪئي. فرينچ سولجر ته مري ويو بيگم سمرو مٿي ۾ پٿر هڻن سان بيهوش ٿي وئي ۽ ڪافي رت ڳاڙيندي رهي پر پوءِ ڪجهه ڏينهن علاج هلڻ بعد بچي وئي.
اڳتي هلي بيگم سمرو جي قاتل ٽولي، انگريزن جي خلاف واري ڌر سان شامل ٿي، 1802ع ۾ لڙائي ڪئي. ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ بيگم سمرو کي انگريز فوجي جنرل ليڪ Gerard Lake اڳيان پيش ڪيو ويو. پنجاهه کن سالن جي بيگم سمرو ان وقت به حَسين ترين هئي. هن خبر ناهي جنرل صاحب جي اڳيان ڪهڙي ادا سان نهاريو يا ڪا اهڙي اک ڀڳائينس جو هي انگريز صاحب به هن پوڙهيءَ تي فدا ٿي پيو ۽ پنهنجا هوش وڃائي ٻنهي ڌرين جي فوجي ٽروپن اڳيان، مائيءَ کي جهلي، کڻي زور سان چُما چاٽي ڪيائينس. ان تي بيگم سمرو جي سپاهين کي باهه وٺي وئي..... پر بيگم صاحبا نمونو ڪري هنن کي ٿڌو ڪيو ته بابا! هيءَ چمي ڪا عشق يا پيار جو جوش ڏيارڻ واري نه هئي پر سمجهو ته اها هڪ پادريءَ طرفان هڪ گنهگار ٻار جي توبهه تائب ٿيڻ تي هئي. بيگم سمرو جي هن قسم جي ڳالهين ۽ بگڙيل حالتن کي يڪدم بهتر صورت ڏئي وڃڻ جي انگريز به تعريف ڪن ٿا ته:

“Such tactful nature and skill varely possessed by any woman in those times”.

مختلف لڙائين دوران، هوءَ اڪثر مردن واري پوشاڪ اوڍي، گهوڙي تي سوار ٿي، سپاهين جي اڳواڻي ڪري، دشمن جي لشڪر تي وار ڪندي هئي ۽ سندس نشانو ورلي ڪو خطا ٿيندو هو. وڏي دلير هئي ۽ سندس لڙائيءَ جي اٽڪل بازين جو خوف پري پري تائين ويٺل هو. مڙس جي مرڻ بعد هوءَ دهلي ۽ آگرو ڇڏي، ميرٺ ۾ اچي Settle ٿي ۽ پنهنجي سپاهين جي ٽروپن کي پاڻ اتي سکيا ڏيڻ لڳي. وڏيون پگهارون ڏيڻ ڪري هن جي سپاهه ۾ ڪيترا يورپي ”مسواڙي قاتل“ خوشيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳا. پڙهندڙ انهن ڳالهين مان اندازو لڳائين ته ملڪ جون ڇا حالتون هيون. حاڪم عياشين ۾ هئا، غنڊن جو راڄ هو ۽ مسڪين عوام سورن ۾ هو. جيئن اڄ به اسان جي ڳوٺن ۾ ڪو پرائمري اسڪول جو ماستر رٽائرڊ ٿو ٿئي ۽ کيس پرويڊنٽ فنڊ جهڙو يڪو پئسو ملي ٿو ته هن کي خوف ورائي ٿو وڃي. ڪو نئين موٽر سائيڪل وٺي ٿو ته ڳوٺ جي غنڊن کي اهو اک ۾ ٿيو پوي ۽ کين تيسين سڪون نٿو اچي جيسين اها چوري نه ڪن..... کين پوليس ۽ قانون جي به پرواهه نٿي رهي. انڊيا ۾ اڃان نالي جا ته اسانجا مغل بادشاهه هئا، پر هو پنهنجو پاڻ ۾ پئي تخت نشينيءَ تان وڙهيا ــ غريب عوام جي سڪون ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڇا سوچين؟! ڌارين ملڪن کان آيل ڪنگلا، غنڊا، قاتل ٿيو ويٺا هئا. کين ڪا جهل پل نه هئي، بلڪ اسان جا حاڪم پنهنجن کي قتل ڪرائڻ ۽ غريب عوام جي احتجاج ڪرڻ تي، کين خاموش ڪرائڻ لاءِ، انهن قاتل غنڊن کي استعمال ڪندا هئا. جيڪي هنن پگهارن يا ٺيڪن تي رکيا هئا. 1803ع ۾، جڏهن اتر انڊيا تي انگريز حاوي ٿي ڇانئجي ويا ته بيگم سمرو سارڌانا ۾ خودمختيار حاڪم ٿي اچي پنهنجي رياست جو انتظام سنڀاليو.
1806ع ۾ شاهه عالم دوم مغل بادشاهه وفات ڪئي ۽ سندس پٽ اڪبر شاهه جيئن تخت تي ويٺو ته سندس پيءُ تي ڪيل ٿورن جي بدلي ۾ هن (شهنشاهه اڪبر) بيگم سمرو کي اهو چاندني چوڪ وارو سهڻو ۽ وڏو بنگلو تحفي ۾ ڏنو. شاهه عالم دوم بيگم سمرو کي پنهنجي ڌيءَ ڪري ٿي سمجهيو. ڇو جو بيگم سمرو هن کي هڪ دفعو 30 هزار سک فوجين کان بچايو هو. جن 1783ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ هي پوڙهو ۽ بي پهچ مغل بادشاهه بيوس ٿي ويو هو. سکن جي ٽيهه هزار سپاهه ڪمانڊر ٻيگهل سنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ جنهن هنڌ اچي پڙاءُ هنيون، هاڻ ان جاءِ تي ٺهيل شهر جو نالو ”تيس هزاري“ آهي. بيگم سمرو هنن سکن سان ڳالهائي، هن مغل بادشاهه کان وڏو پئسو کين سوغات ۾ ڏياري، راضي ڪري ڇڏيو ۽ هو خوش ٿي پنجاب موٽي ويا. پئسي کان علاوه مغل بادشاهه سکن کي دهليءَ ۾ اٺ گردوارا ٺاهڻ جي به اجازت ڏني ۽ انهن جي مدد لاءِ هن سڄي سال جو آڪٽراءِ به کين ڏياريو.
1783ع واري انهيءَ ان سکن جي حملي بعد 1788ع ۾ روحيلا رياست جي سردار غلام قادر دهليءَ تي کڻي قبضو ڪيو ۽ مغل شهنشاهه شاهه عالم دوم جي فئمليءَ کي ٽارچر ڏئي لڪايل خزاني جون جايون پڇيون. تڙتڪڙ جي عالم ۾ هن مغل بادشاهه جون اکيون ڪڍي هن کي انڌو ڪري وڌو. بيگم سمرو کي جو خبر پيئي ته هوءَ پنهنجن سپاهين سان بادشاهه جي بچاءَ لاءِ پهچي وئي ۽ هن جي سپاهين سردار غلام قادر ۽ ان جي آندل غنڊن کي تڙي ڪڍيو. غلام قادر دهليءَ ڀڄي ويو، جتي آخر هن کي جهلرائي، ٽارچر ڪري مارائي هن جي اکين کي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪرائي بي چينيءَ سان انتظار ڪندڙ مغل شهنشاهه شاهه عالم دوم جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. هو ڏسي ته نٿي سگهيو پر هٿن سان ضرور محسوس ڪيائين ۽ بيگم سمرو جي همت ۽ ذهانت کي داد ڏيندي هن کي ”زيب النساء“ جو خطاب ڏنائين. جنهن جو مطلب آهي ”عورتن جي سونهن“ ان کان علاوه کيس ”فرزند عزيزي“ جو به خطاب ڏنو ويو، جنهن کي هن پنهنجي نالي ۾ آڻڻ لاءِ فرزانا ۾ بدلايو.
سو سائين! پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين، ته اسان جي آخري مغل بادشاهن جي اهڙي وڃي حالت ٿي، جن جي گهرن ۾ ڌاڙيل ڪاهي پيا ٿي ۽ بادشاهه جي پنهنجي ايڏي سڪيورٽي ۽ سپاهه نه هو، جيڪو هن کي بچائي سگهي ــ هڪ مرسنري عورت (مسواڙي قاتل) هن جي جان بچائي ۽ بدلو وٺرائي ڏنائينس. اهو به لکندو هلان ته هوءَ اڄ جي بئنڊٽ ڪُئين ڦولن ديويءَ کان وڌيڪ خوفائتي سمجهي وئي ٿي. سهڻي پنهنجي جاءِ تي هئي. پر انڊيا جا وڏا وڏا راجا مهاراجا ۽ نواب سردار هن کان ڊنا ٿي. ڪيترن کي ته اهو يقين جي حد تائين وهم گمان هو ته هوءَ هڪ عورت نه پر ڏائڻ آهي، جيڪا فقط پنهنجو چوغو (Clock) دشمن ڏي ڦٽو ڪري دشمن کي تباهه ڪري سگهي ٿي.
1803ع ۾ انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ مرهٺا سلطنت جي وچ ۾ ”ٻي ائنگلو مرهٺا جنگ“ جي وڏي لڙائي اڄ واري مهاراشٽرا صوبي ۾ (جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني جهڙا شهر آهن) اسائي (Assaye) شهر ۾ لڳي. هي شهر ممبئيءَ کان 400 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ آگري کان 1200 ڪلو ميٽر پري آهي. انهن ڏينهن ۾ نه اڄ وانگر موٽر ڪارون يا ٽرڪون هيون ۽ نه اڄ جهڙا روڊ رستا. سپاهين کي ڍوئڻ لاءِ ڍڳي گاڏيون ۽ اٺ گاڏيون ئي استعمال ٿيون ٿي. بيگم سمرو مرهٺن لاءِ ڪم ڪيو ۽ پنهنجو سپاهه آگري ۽ ميرٺ کان وٺي اسائي پهتي. مرهٺن جو ساٿ ٻن ٽن ٻين ڌرين به ڏنو، پر هو انگريزن جي وڌيڪَ ڊسيپلينڊ سپاهه ۽ هٿيارن جو مقابلو ڪري نه سگهيا. چون ٿا ته سواءِ بيگم سمرو جي فوجي ٽروپن جي، باقي سڀ وقت کان اڳ ٽڙي پکڙي ويا. بيگم سمرو جي دليريءَ جي انگريزن به تعريف ڪئي.
ان ئي سال علي ڳڙهه تي به انگريزن جو قبضو ٿي ويو. بيگم سمرو کي آڻ مڃڻي پئي. سندس پيش پوڻ ۽ چُميءَ وارو واقعو مٿي بيان ڪري چڪو آهيان. پر پوءِ بيگم سمرو انگريزن سان ٺاهه ڪري ورتو ۽ هوءَ انگريز ۽ يورپي اعليٰ عملدارن ۽ مذهبي پادرين سان پنهنجي رياست سارڌانا ۾ ملندي رهي. هن پنهنجي علائقي سارڌانا جي ماڻهن جي خوشحاليءَ جو خيال رکيو ۽ هن جي حڪمن جي سندس علائقي کان ٻاهر به پوئواري ڪئي ٿي وئي. يعني هن جي گڊگورننس هئي. هن کي حڪومت جو ڪاروبار ۽ انتظام هلائڻ جو طريقو آيو ٿي. هن 30 سال کن، 1836ع ۾ وفات تائين، پنهنجي رياست سارڌانا ۽ ان ان جي ماڻهن جي صحيح طرح سارسنڀال لڌي. ان وقت جي هڪ تاريخدان مطابق:

“An unremitting attention to the cultivation of the lands, a mild and upright administration, and for the welfare of the inhabitants, has enabled this small tract dardhana yield a highest revenue per annum…..”

منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب کي هتي ئي ختم ٿا ڪريون. بيگم سمرو جي چاندني چوڪ واري حويلي (جيڪا ڀاگرٿ محل به سڏجي ٿي)، وٽان لنگهڻ بعد باقي ٻه ڪلاڪ مون وارو سک ٽئڪسي ڊرائيور مونکي ڪٿي ڪٿي گهمائيندو رهيو؟ يا دهليءَ ۾ باقي رهائش وارن ڏينهن ۾ ڪيئن وقت پاس ڪيم؟ ان جو احوال هاڻ ڪنهن ٻي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪندس، جو هي ڪتاب لڳي پيو ته فوٽن سميت ٽن سؤ صفحن کان مٿي ٿي ويندو ۽ ڪيترا پبلشر اهو ئي چاهين ٿا ته ڪتاب ڪجهه سنهو هجي ته جيئن پڙهندڙ کي هٿ ۾ کڻي پڙهڻ ۾ سهولت ٿئي. آئون به اهو ئي چاهيان ٿو ۽ ٻه چار ڏينهن ٻي ڪنهن ڪم ۾ لڳائڻ چاهيان ٿو.