الطاف شيخ ڪارنر

واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

”منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟ هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي.“
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامو هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3542
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

انتساب

[b]ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي نالي
[/b]
هي ڪتاب سنڌي ادب جي هڪ خاموش خدمتگار سائين عبدالغفار سومري جي نالي منسوب ٿو ڪريان. حيرت اٿم ته هڪ سرڪاري ڪامورو ٿي ڪري عبدالغفار سومري لکڻ لاءِ ڪيئن وقت ڪڍيو ۽ موڊ ٺاهيو. منهنجي خيال ۾ عبدالغفار سومرو اهو سرڪاري ڪامورو آهي، جنهن تمام گهڻو لکيو آهي، ۽ ان لکڻ لاءِ هن وڏي محنت ڪئي آهي، تمام گهڻو وقت وقف ڪيو آهي. ائين به نه آهي ته اسان وٽ ڪنهن ٻئي سرڪاري ڪاموري نه لکيو هجي.... عبدالقادر منگي، بروهي، تاجل بيوس، فضل الله قريشي، ماهتاب راشدي، امتياز منگي، اي ڊي خواجا، شمس جعفراڻيءَ، جهڙن ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن بيورو ڪريٽن ضرور لکيو آهي پر اسان وٽ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي اهڙن ڪمن کان ڏور آهن. هنن لاءِ زندگي فقط پنهنجي صاحبي قائم رکڻ، عوام تي لئه رکڻ، غريبن جي زندگيءَ تي راڱا ڪرڻ ۽ ٺڙڪو عيش ڪرڻ جو ئي نالو آهي. هنن کي ڪٿي آهي ادب يا انسانيت جهڙين شين سان دلچسپي. ڪٿي آهي هنن کي مذهب جي ڄاڻ ۽ خدا جو خوف!
عبدالغفار سومرو انهن سڀني کان مختلف طبيعت جو ۽ صحيح طرح پڙهيل ڳڙهيل آفيسر آهي. هو بيحد سادگي پسند انسان آهي. ادريس راجپوت وانگر ڪراچيءَ ۾ هو منهنجو پاڙيسري آهي. هن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ مان ڪنهن به قسم جي وڏائي يا شوبازي نٿي ظاهر ٿئي ته هي شخص ڪمشنر يا ان کان به مٿاهين پوسٽ جو ڪامورو آهي...... نه ته اسان جي ملڪ ۾ حالت اها آهي جو اهڙين آفيسن جا معمولي ڪلارڪ به پاڻ کي الائي ڇا ٿا سمجهن.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو پهرين سيپٽمبر 1951ع تي ڳوٺ خيرپور جوسي (ضلعي قمبر) ۾ ڄائو. هن بنيادي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٿس ۾ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. 1976ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان ورتل مقابلي واري امتحان ۾ ڪامياب ٿي سول سروس ۾ داخل ٿيو.
سال 1994ع کان 1996ع تائين ڪمشنر حيدرآباد ۽ ان کان اڳ نواب شاهه ۽ بدين ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. سنڌ سرڪار ۾ ڪيترن اعليٰ عهدن تي رهڻ بعد سال 2011ع ۾ وفاقي سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار جي منصب تان رٽائرڊ ٿيو.
سومري صاحب تمام گهڻو لکيو ۽ تحقيق جو ڪم ڪيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو ڪم جاري رکندو اچي. لڳي ٿو ته هو وندر جو وڏو عرصو اسانجي اسٽيريو ٽائيپ بيورو ڪريٽن وانگر دعوتن، شراب ۽ شباب جي محفلن ۾ گذارڻ بدران لکڻ پڙهڻ ۾ گهاري ٿو. سائينءَ جي ابتدائي تحريرن ۾ ادب سان گڏ سائنس جا موضوع پڻ شامل آهن. ليڪن سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن خاص طور شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ سان غير معمولي دلچسپيءَ سبب ”شاهه عبداللطيف ۽ مولانا روميءَ جي فڪر جو تقابلي مطالعو“ جي موضوع تي ڊاڪٽر بلوچ جي زيرنگراني سال 1998ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي سند حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ سنڌ ۾ تصوف جا اهم فڪري ماخذ سندس خاص موضوع آهي ۽ انهيءَ سلسلي تحت سنڌ جي وڏن صوفين جا هيٺيان ڪتاب سندس تحقيق سان شايع ٿي چڪا آهن.
1. بيان العارفين ملفوظات شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
2. مڪمل شرح ابيات سنڌي شيخ عبدالرحيم گرهوڙي
3. منهاج المعرفت شاهه لطف الله قادري
4. رساله فتحيه، مخدوم فتح محمد
5. احوال و آثار عبدالقادر بيدل (فارسي)
6. ينابيع الحياة الابديه ابوالحسن ڏاهري ــ ٽي جلد

ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ ۽ فڪر بابت اعليٰ تحقيقي معيار کي برقرار رکيو آهي، جنهن جي اعتراف ۾ پاڪستان سرڪار کيس 2011ع ۾ ’ستاره امتياز‘ سان پڻ نوازيو آهي. سومرو صاحب سنڌي ادبي بورڊ ۽ اقبال اڪيڊمي لاهور جو ميمبر آهي. پاڻ ڊاڪٽر نبي بخش سنڌ ورثي جي تحقيقا تي اداري “Institute of Heritage Research” جو اعزازي چيئرمين پڻ آهي. جنهن جي سرپرستي سنڌ سرڪار ڪري رهي آهي. عبدالغفار سومرو صاحب پنهنجو هر ڪتاب مونکي موڪليندو رهيو آهي ۽ آئون سندس پورهئي جو قدر ڪندي، سندس ڳڻ دوستن وٽ ڳائيندو رهيو آهيان، پر مون کي سڀ کان گهڻي خوشي ۽ حيرت ٿي جڏهن مونکي سندن تازو ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ (سمجهاڻي ۽ مفهوم سميت) اسانجي ڪامن دوست سائين ادريس راجپوت هٿان مليو. رسالي واري سائيز جو هي ڪتاب 1220 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاهه جي هڪ هڪ بيت جي سمجهاڻي ڏنل آهي. سچ ته هي ڪتاب حاصل ڪري مونکي بيحد خوشي ٿي. دل ئي دل ۾ چيم ته ”زنده باد ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب! تو ڄڻ منهنجي دل جي مرادپوري ڪري ڇڏي“. مون کي ٻه ڳالهيون ڏاڍو پريشان ڪنديون هيون. هڪ اها ته ننڍي هوندي اسان کي ڳوٺ ۾ قرآن صحيح طرح نه پڙهايو ويو. ظاهر آهي اڄ وانگر نه مدرسا هئا ۽ نه صحيح پڙهائڻ وارا عالم. جهاز جي نوڪريءَ دوران يا ملائيشيا وغيره ۾ ڪناري جي نوڪريءَ ۾ قرآن شريف جي سنڌي، اڙدو يا انگريزيءَ ۾ معنيٰ ۽ تفسير ته پڙهندو رهيس پر اصل قرآن جو عربي ۾ هڪ صفحو به صحيح طرح پڙهي نٿي سگهيس. ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. يورپ جي ملڪن ۾ جڏهن گورن کي عربيءَ ۾ قرآن پڙهندي ڏٺم ته اڃان به گهڻي شرمندگي ٿي ۽ پوءِ 55 سالن جي ڄمار بعد قرآن کي عربيءَ ۾ پڙهڻ جو پڪو پهه ڪيم ۽ بنا شرم ڪرڻ جي ننڍي وڏي کان پنهنجي درستي ڪرائيندو ۽ سبق وٺندو وڃي پار پيس. ٻي ڳالهه جنهن جو مونکي افسوس ٿيندو هو، اها شاهه جا بيت صحيح نموني نه پڙهي سگهڻ آهي. ننڍي عمر ۾ جڏهن اسان شاهه لطيف جا درسي ڪتابن وارا بيت ياد ڪري ورتا، اتي جيڪر اسان کي.... گهٽ ۾ گهٽ مونکي منهنجا والدين يا ٽيچر ڪجهه وڌيڪ ياد ڪرائين ها ته ڪيڏو سٺو ٿئي ها. اها منهنجي هميشه خواهش رهي. هيستائين شاهه جو بيت پڙهڻ مهل هِن هُن کان...... خاص ڪري ڏوڪريءَ جي انور ڏنگڙائيءَ کان معنا پڇندو رهيس ٿي. دل چوندي هئي ته اهڙو ڪو شاهه جو رسالو ڇپجي جنهن ۾ هر بيت جي معنا هجي ۽ هاڻ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري طرفان هن ڪتاب ملڻ تي مونکي ڪيڏي خوشي ٿي هوندي! هاڻ آئون هر وقت شاهه جو رسالو پڙهي سگهان ٿو ۽ ڪنهن به بيت جو مطلب سمجهڻ لاءِ بي وقتو انور ڏنگڙائي، تاج بلوچ، ڊاڪٽر مانجهي، امداد حسيني، سائين الانا ۽ انور فگار کي پاڪستان مان يا ٻاهران فون ڪرڻ جي ضرورت نه اٿم. عبدالغفار سومري ڄڻ ته اسان جي دل جي رهيل مراد پوري ڪري ڇڏي ۽ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ جنهن هيڏي محنت ڪري هي ڪتاب يا مٿيان ٻيا ڪتاب لکيا آهن، مونکي بلڪل جڳائي ٿو ته آئون پنهنجو هي ڪتاب کيس منسوب ڪريان. شاهه جي ڪلام جو هي سمجهاڻين وارو ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو شاندار علمي ڪارنامو آهي. سندس هيءَ ڪاوش، شاهه جي ڪلام کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي سلسلي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. هي ڪتاب اهڙو آهي جو ڳرو هجڻ جي باوجود آئون سفر ۾ به ساڻ کڻان ٿو ۽ جنهن وقت چاهيان ٿو ان وقت شاهه لطيف جي گهربل بيت جو مطلب معلوم ڪري وٺان ٿو. مثال طور رات شاهه لطيف جو هڪ بيت ڌيان ۾ آيو:

ڪُو ڪِئو پُڇي ڪوهُ، هَئي هَئي ڪِئو هَٿَڙا هَڻي،
سا ڏُکائِي نه ڏِئي نه ڏِئي مَٿي ڏيرَنِ ڏوهُه
رائو روئِي روهُه، مُنڌَ ڳوڙهِن سين ڳَڄُ ڪِئو

يڪدم عبدالغفار سومري جي سمجهاڻين جو ڪتاب کنيم ۽ جنهن نموني سان هن مثنوي روميءَ مان مثال ڏئي سمجهايو آهي، ان جو اندازو توهان به لڳائي سگهو ٿا......
سمجهاڻي: سسئي ڪو ڪارون ڪريو پيئي پهاڙ ۾ پڇائون ڪري ۽ هاءِ هاءِ ڪريو پيئي منهن مٿو پِٽي. اهڙي ڏکويل حالت ۾ به هوءَ پنهونءَ جي ڀائرن تي ڏوهه نه پيئي ڏئي (هُنن کي پنهونءَ جي جدائيءَ لاءِ ذميوار نه پيئي سمجهي) پر سسئي روئي روئي (ايتري رُني جو) جبل ۽ رائي ريتيءَ کي پنهنجن ڳوڙهن سان پُسائي آلو ڪري ڇڏيائين.
مثنوي روميءَ ۾ پڻ ساڳئي قسم جي تشبيهه ملي ٿي. جڏهن بخارا ڏانهن ويندڙ عاشق پنهنجو حال هن ريت بيان ڪري ٿو:

هر ڪجا يا بي تو خون بر خاڪها
پي بري باشد يقين از چشم ما

معنا رستي تي جتي به رت هاريل ڏسين، سمجهي ڇڏ ته اُهي اسان جي اکين جا ڳوڙها آهن.
هڪ ٻئي هنڌ چو ٿو:

شب همي جوشم در آتش همچو ديگ
روز تا شب خون خورم مانند ريگ

معنا مان سڄي رات باهه تي رکيل ديڳ وانگر ڪڙهائن ٿو ۽ صبح کان رات تائين ريتي وانگر پنهنجو خون پسينو پيئان ٿو
شاهه جي سر رامڪليءَ مان هڪ ٻئي بيت جي معنا پئي ڳوليم...... بيت هن ريت آهي:
مُونَا جَنِ محرابُ، جُسو جامِعَ تَنِ جو
قِبله گاهَه قَلب ڪَري تَنَ ۾ ڪَنِ توابُ
تحقِيقَ جي تَڪَبِير چَئي جِسمان ٿِئا جوابُ
تَنِ ڪِهَڙو ڏوهُه ثوابُ، جَنِ هِنيڙي هادي حَلُ ٿِئو

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب مٿئين بيت جي سمجهاڻي هن ريت ٿو لکي ته: هنن درويشن جا اُڀا گوڏا (سندن ويهڻ ۽ مراقبي واريءَ حالت ۾) ڄڻ محراب آهن ۽ هنن جو جسم ڄڻ جامع مسجد آهي. هو پنهنجي دل کي قبلو ڪري، پنهنجي تن اندر طواف (تواب) ٿا ڪن. هنن تحقيق (حقيقت) واريءَ منزل ۾ تڪبير چئي (پاڻ کي ڪهي ڇڏيو آهي) ۽ هن ظاهر جسم جي (تقاضائن ۽ خواهشن) کان پنهنجي ذاتي حقيقت کي الڳ ڪيو آهي. اهڙن (فنا في الله) سالڪن کان ڪهڙو گناهه ۽ ثواب ٿي سگهي ٿو، جن جي دل ۾ پرين پاڻ موجود آهي (جن پاڻ پرينءَ کي ارپي يا سونپي ڇڏيو آهي).
ڊاڪٽر عبدالغفار ان ڏس ۾ مثنوي روميءَ بابت لکي ٿو ته ان ۾ ڪيترا اهڙا شعر آهن جن ۾ هن بيت جو مفهوم سمايل نظر اچي ٿو. هڪ هنڌ هو اوليا الله جي بدن کي مسجد سان هينئن ڀيٽ ڪري ٿو:

مسجدي ڪان اندرون اولياست
سجده گاهه جمله است، آ نجا خداست

ساڳئي هنڌ ٻئي شعر ۾ چوي ٿو خبردار! هيءَ مجازي نه پر حقيقي ڳالهه آهي ته اوليا الله جون دليون ئي خدا جو گهر آهن (انهن ڏانهن رجوع ڪريو). وڌيڪ چوي ٿو ته دوزخ ۽ جنت خود انهن اوليائن جي ڪري آهن. تون هنن جي باري ۾ جيڪو گمان رکين ٿو هو ان کان مٿي آهن.

دوزخ و جنت همه اجزائي اوست
هرچه انديشي تو ان بالائي اوست

هاڻي بيت جي آخري سٽ تي غور ڪريو ته مفهوم واضح ٿي ويندو.
تڪبير جي باري ۾ روميءَ هينئن چيو آهي:

معنيء تڪبير اينس اي اميم
ڪاي خدا پيش تو ما قربان شويم

معنا: تڪبير جو مطلب هي آهي ته اسان پاڻ کي خدا جي آڏو قربان ڪري ڇڏيو آهي.
عبدالغفار سومري سان منهنجي پهرين جي ڪاڄاڻ سڃاڻ يا واقفيت نه هئي. منهنجي خيال ۾ 1995ع ۾ منهنجي ساڻس پهريون دفعو اوچتو ملاقات ٿي، جڏهن هو حيدرآباد جو ڪمشنر هو. آئون ملائيشيا کان ڪراچي آيو هوس، جتي منهنجي شاهه پنجوءَ جي دوست، جسٽس غلام نبي سومري جي ڀائٽي جي شادي يا ڪو ٻيو ڪاڄ هو. موڪلائڻ وقت غلام نبي سومري سان گڏ سائين عبدالغفار به بيٺو هو. منهنجو نالو کڻي هن مونکي کيڪاريو ۽ آئون به گرمجوشيءَ سان ساڻس مليس پر هو منهنجي خالي خالي سوچن مان سمجهي ويو ته آئون تڪلف طور هن سان ضرور مليس، پر سڃاتم ڪو نه. کلي چيائين: ”سڃاتوَ؟“
”نه سائين“. مون سچ ڳالهايو. ”لڳي ٿو ڌيان تان لهي ويو آهي. توهان ئي پاڻ بابت ٻڌايو“.
عبدالغفار نه ٻڌايو. اسان جو ميزبان دوست غلام نبي ته ٻين مهمانن کي خدا حافظ ڪرڻ ۾ لڳي ويو. آئون عبدالغفار سان ضد لائي بيٺس ته هو پنهنجو تعارف ڪرائي. پر عبدالغفار جواب ۾ فقط مرڪندو رهيو ۽ چيو ته آئون پاڻ معلوم ڪريان. مونکي عبدالغفار جي خوش اخلاق ۽ شرميلي طبيعت ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ڪيترا ئي ڏينهن آئون سوچيندو رهيس ته ٿي سگهي ٿو اسانجو ڪو پيٽارين هجي، ڳوٺ جو هجي، اديب شاعر هجي، ڪٿي ولايت ۾ مليو هجي، فارين سروس ۾ هجي، غلام نبيءَ جو واقفڪار هجڻ ڪري ڪو وڪيل يا جج هجي..... هو ڪير ٿي سگهي ٿو ۽ پهرين ڪٿي ملاقات ٿيل آهي..... ڪجهه ياد ڪري نه سگهيس. ان بعد اٽڪل ستن اٺن سالن کانپوءِ اسان جي ڀرواري ڳوٺ ڀاڻوٺ جي شاهه محمد شاهه جي ڪنهن ٻار جي شاديءَ ۾ مون هن کي پري کان ڏسي ورتو. گذريل دعوت ۾ مون سندس تصوير ڪڍي ورتي هئي، جنهن کي ڏسي سندن چهرو ياد ٿي ويو هو. پاڻ ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر انعام شيخ سان گڏ هيو. آئون سڌو هنن وٽ آيس.
”سائين! آئون نه سڃاڻي سگهيو آهيان“. مون چيو.
جواب ۾ پاڻ وري مرڪندو رهيو. بهرحال هن ڀيري به مون سندن فوٽو ڪڍيو ۽ دل ۾ سوچيم ته گهر پهچي فون تي انعام شيخ کان پڇندس. ڏينهن پٺيان ڏينهن گذري ويو، مونکان ڳالهه وسري وئي. ڪجهه ڏينهن بعد عبدالغفار صاحب جن جو ڪتاب ادريس راجپوت هٿان مليو ۽ خبر پيئي ته پاڻ هتي اسان جي پاڙي ۾ ئي رهن ٿا. ان بعد اسان جي ملاقات ٿي. اسان ڏاڍو کلياسين جو منهنجي ساڻس نه پهرين جي ملاقات هئي نه سڃاڻپ. عبدالغفار صاحب کي چيم ته يار! توهان مونکي وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو ۽ آئون خبر ناهي ڪنهنجو ڪنهنجو سوچيندو رهيس.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب سان چند ملاقاتن مان اهو اندازو لڳايم ته هي بيحد ماٺيڻو ۽ خاموش طبيعت انسان آهي. هو خلوص ۽ پيار ڏيڻ وارو آهي. سرڪاري ڪامورو، صوبائي ۽ فيڊرل ليول جو سيڪريٽري هجڻ جي باوجود هن ۾ نه ڪو ٽيڙ نه اسان جي ملڪ جي ڪامورن واري روايتي ٽون ڦان آهي. هو گهٽ ڳالهائڻ وارو ۽ هر هڪ جي مدد ڪرڻ وارو آهي. ڪتاب هن جا دوست ۽ ساٿي آهن. هن کي هر وقت علم حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ رهي ٿي. بقول اسان جي هڪ ٻئي ڪامن دوست دادوءَ جي منير چنا جي ”اسانجو عبدالغفار سومرو بنا ڏاڙهيءَ وارو عالم آهي. هو رسول الله صلعم جو سچو عاشق ۽ شاه لطيف جو اعليٰ پارکو آهي“. بنا ڪنهن شڪ جي ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صحيح معنيٰ ۾ جينٽلمين آهي.
ڊاڪٽر صاحب سيڪريٽريل گروپ جو رٽائرڊ آفيسر آهي. پاڻ سيڪريٽري انڊسٽريز ۽ پروڊڪشن رهيو. ان بعد سيڪريٽري اسپورٽس ڊويزن به رهيو. 2014ع ۾ رٽائرمينٽ بعد هن سعودي پاڪ انڊسٽريل ائنڊ ائگريڪلچر انويسٽمينٽ ۾ پڻ ڪم ڪيو. پاڻ 26 جولاءِ 2016ع کان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (ECP) جو ميمبر آهي ۽ اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ رهي ٿو.

[b]الطاف شيخ
[/b]ـــــ ڪراچي
3 مئي 2018ع