1
”ارواديپ سنگهه ٽئڪسي ڊرائيور سٺو گائيڊ به آهي. هو پڙهيل ڳڙهيل نوجوان آهي ۽ تواريخ جو سٺو ڄاڻو آهي“. ڊاڪٽر ڏاسواڻيءَ منهنجي پڇڻ تي اهو ٻڌايو هو. پاڻ زبان جو ڄاڻو (Linguist) آهي. جنهن ۾ هن آمريڪا جي مشهور يونيورسٽي ڪارنيل مان Ph.D ڪئي آهي. پاڻ دهلي يونيورسٽي، جواهر لعل نهرو يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف پوني ۾ پڙهائڻ کان علاوه ڏهاڪو کن سال پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ به ٿي رهيو آهي. انهن ڏينهن ۾ هو سنڌين جي هن اسڪول، جنهن ۾ ڪي جي، نرسريءَ کان ٻارهين ڪلاس تائين پڙهايو وڃي ٿو، ائڊوائيزر هو. هن اسڪول بابت پنهنجي هندوستان جي پهرين سفر نامي ”دهليءَ جو درشن“ ۾ تفصيلي احوال لکي چڪو آهيان. ساڌو واسواڻي انٽر نيشنل اسڪول ممبئي، ۽ سينٽ ميران اسڪول پوني جو احوال مُنهنجن ڪتابن ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۽ ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۾ اچي چڪو آهي.
هن ڀيري دهليءَ ۾ ڏينهن ٻه پنهنجي مرضيءَ تي شهر جي سروي ڪرڻ بعد، ارواديپ سنگهه ٽئڪسي ڊرائيور کي فون ڪري گهرائي ورتم. انڊيا جو رپيو جيتوڻيڪ اسانجي پوڻن ٻن رپين برابر آهي، ان هوندي به ڪراچيءَ جي مقابلي ۾ دهلي، ممبئي، پوني يا انڊيا جي ٻين شهرن ۾ ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو گهٽ ٿو لڳي. بس ۽ ٽرين جو ته صفا ٿورو لڳي. سو ايران وانگر انڊيا ۾ به ٽئڪسيءَ ۾ سفر ڪندي افسوس نه ٿيندو اٿم. جتي دل چوندي آهي اتي بيهاري فوٽو ڪڍندو آهيان. بلڪ ان ڪم ۾ ٽئڪسي ڊرائيور به مدد ڪري ٿو ۽ آخر ۾ ٿوري ٽپ ڏيڻ تي هو خوش ٿيو وڃي ۽ جي ٽئڪسي ڊرائيور هن سک ارواديپ سنگهه جهڙو، شهر جي عمارتن، باغن، روڊن ۽ انهن جي تواريخ کان به واقف آهي ته ٻيو ڇا کپي؟! مون جهڙي ليکڪ کي سفرناما لکڻ لاءِ ڪافي مواد مليو وڃي.
مون ڪناٽ پليس جي آنند ريسٽورنٽ ۾ ويهي هن ”ٽو ان ون“ يعني ”ٽئڪسي ڊرائيور پلس گائيڊ“ سک کي فون ڪيو ته هو جي ويجهو هجي ۽ ٻيو ڪو ڀاڙو نه هجيس ته ٻه ٽي ڪلاڪ مونکي ساڻ وٺي اوسي پاسي جون اهم جايون ڏيکاري. آنند ريسٽورنٽ، ڪناٽ پليس ۾ اٽل گروو روڊ تي، پرڪاش مٺائيءَ واري جي دڪان ڀرسان آهي. هيءَ هڪ Non-Vegetarian هوٽل آهي، جتي گهٽ ۾ گهٽ چڪن برياني ته ملي ٿي. مون ڪافي گهرائي ۽ اُنَ جو آخري ڍڪ پي رهيو هوس ته سک ٽئڪسي ڊرائيور داخل ٿيو ۽ مونکي هلڻ جو اشارو ڪيائين. ڪافيءَ لاءِ چيو مانس ته چوڻ لڳو ته ڪنهن ٻئي هنڌ کڻي پيئنداسين.
ريسٽورنٽ مان ٻاهر نڪري اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين. سک سردار جي ڪو پنجابيءَ تي ’آٽوسيٽ‘ هو. اردو، يعني هنديءَ ۾ چيو مانس ته ”سردار جي! پنجابي ته مونکي ايتري نٿي اچي. هنديءَ ۾ ڳالهاءِ“.
”اها مونکي ايتري نٿي اچي. ڪجهه هندي، ڪجهه انگريزيءَ جي مڪس پليٽ هلندي. پنجابيءَ جو رڳو سلاد يا چٽڻي استعمال ڪندس“.
”بلڪل صحيح آهي ڇو جو ٽئڪسي ڊرائيور ته ٻيا به ملي ويندا. مون توکي گائيڊ طور کنيون آهي ۽ جي تنهنجي ڳالهه نه سمجهي سگهندس ته پوءِ ڪهڙو فائدو؟!“. مون چيو مانس.
سردار جيءَ ٽهڪ ڏئي پنهنجي سائي رنگ جي ڪپڙن سان مئچ پڳڙي ٺاهي ۽ مون ڏي ڏٺو. آئون سندس ڀرواري ئي سيٽ تي ويٺل هوس، جيئن سامهون جو View صاف نظر اچي ۽ ڊرائيور سان ڳالهه ٻولهه ۾ به آساني رهي. سردار جي پڙهيل ڳڙهيل ته ضرور هو پر انگريزي لهجو به واهه جو هوس.
”سردار جي! لڳي ٿو ته ننڍي هوندي ڪنهن ڪانوينٽ اسڪول مان پڙهيو آهين؟“. چيو مانس. ”نه بابل! آئون پنجاب جي هڪ ڳوٺڙي مان پڙهيو آهيان. پر اهو ته اسان جي ڳوٺن جا اسڪول شهرن جي گرامر ۽ ڪانوينٽ اسڪولن کان گهٽ ناهن“. هن وراڻيو ۽ ڪناٽ سرڪل جي رائونڊ ابائوٽ کان نڪرندڙ هڪ روڊ ”منٽو روڊ“ تي چڙهيو.
”ڪيڏانهن هلندؤ سرڪار!؟“.
”ڪيڏانهن به نه. بس هن ڪناٽ پليس جي پسگردائيءَ واريون ڪجهه جايون ڏيکاري، مون کي منهنجي هوٽل تي هلي لاهجانءِ. باقي سڀاڻي صبح جو، جي اچي سگهين، ته نظام الدين اولياء جي پاسي واري علائقي ۾ وٺي هلجانءِ“.
ڪناٽ پليس دهليءَ جو مرڪزي اميرترين علائقو آهي. جيئن انگريزن جي راڄ کان ڪراچيءَ جو صدر وارو علائقو ڪمرشل ۽ بزنيس سينٽر رهيو آهي. اسان جي صدر يا ڪلفٽن جي تجارتي علائقن کان هي تمام وڏو ۽ اعليٰ قسم جو علائقو آهي. ڪناٽ پليس سڄي علائقي جو نالو آهي، جنهن ۾ شاپنگ سينٽر، وڏين ڪمپنين جون آفيسون ۽ ريسٽورينٽَ موجود آهن ان جي چوڌاري جيڪو رستو ڦري ٿو، اهو ”ڪناٽ سرڪس“ سڏجي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ هتي جيڪا زير زمين ميٽرو ريلوي اسٽيشن ٺهي آهي، ان جو نالو راجيو گانڌي جي ياد ۾ ”راجيو چوڪ“ رکيو ويو آهي. هونءَ هاڻي ڪناٽ پليس ۾ اچڻ جو سولو ۽ سستو طريقو ميٽرو آهي. توهان دهليءَ جي ڪنهن به ميٽرو اسٽيشن تان چڙهو، سڌو ”راجيو چوڪ اسٽيشن“ تي اچي لهو. گهمي ڦري وري واپس اتم نگر، سڀاش نگر، ٽئگور گارڊن، راجوري باغ، لڪشمي نگر، پريت وهار، آدرش نگر، وشوا وڌيالا، پٽيل چوڪ، راڄ ڌاني پارڪ، يمنا ڪناري، اشوڪ نگار، قطب مينار، تغلق آباد يا شهر جي ٻي ڪنڊ پاسي تائين، جتي ميٽرو اسٽيشن آهي منٽن ۾ پهچي سگهو ٿا.
دهليءَ جي هيءَ ڪناٽ پليس، جيڪا انگريزن 1929ع کان 1933ع تائين ٺهرائي، اها انگريز حاڪم جي نالي ضرور آهي، پر ”ڪناٽ“ ان جو نالو ناهي. ڪناٽ، آئرلئنڊ جي هڪ صوبي جو نالو آهي، جنهن جي ڊيگهه 105 ميل ٿيندي ۽ ويڪر 92 ميل. ڪناٽ پليس ياڪناٽ سرڪس يا هانگ ڪانگ ۾ ڪناٽ روڊ، مهاراڻي وڪٽوريا جي ننڍي پٽ شهزادي آرٿر (آرٿر وليم پئٽرڪ البرٽ) نالي آهن. راڻي ڪٽوريا جي ڄم جو سال 1819ع آهي. ارڙهن سالن جي ٿي ته 1837ع ۾ انگلينڊ جي تخت تي ويٺي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين، يعني 1901ع تائين 63 سال ويٺي. ان وچ ۾ 1876ع کان 1901ع تائين 25 سال برٽش انڊيا جي مهاراڻي به رهي. ڪناٽ پليس سندس جنهن پٽ شهزادي آرٿر نالي آهي، اهو سندس ستون ٻار هو. سندس پهريون ٻار ”شهنشاه ايڊورڊ ستون“ ته سندس مرڻ بعد انگلينڊ ۽ انڊيا جو بادشاهه ٿيو، جنهن جي تصوير وارا چانديءَ جا رپيا مشهور آهن. اسان ننڍا هئاسين ته اهي ڏٺاسين ۽ تنهن وقت جا ڪجهه رکيل سڪا اڄ به مون وٽ موجود آهن ۽ انهن جي قيمت اڄ هڪ رپيو نه، پر چانديءَجي تولي جي اگهه مطابق 650 روپيا آهي. ٻه چار روپيا ته راڻي وڪٽوريا جي ڏينهن 1890ع جا به آهن، جن تي راڻي وڪٽوريا جي پيءُ شهنشاهه وليم چوٿين جي تصوير آهي.
راڻي وڪٽوريا جو هي ستون ٻار، شهزادو آرٿر سڄي ملڪ انگلينڊ جو بادشاهه ته نه ٿيڻو هو پر ننڍي هوندي کان هن جي حوالي آئرلئنڊ جو هڪ صوبو ڪناٽ ۽ اسڪاٽ لئينڊ جو صوبو اسٽراٿرن ڪيو ويو هو. ان ڪري هن کي ”ڊيوڪ آف ڪناٽ ائنڊ اسٽراٿرن“ سڏين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو قابل ماڻهو هو.
1850ع ۾ لنڊن ۾ ڄائو ۽ 1942ع ۾ سري شهر ۾ وفات ڪيائين. فوج ۾ هو فيلدمارشل جي رئنڪ تائين پهتو. هو بمبئي آرميءَ جو ڪمانڊنگ آفيسر به ٿي رهيو. پهرين وڏي لڙائي (World War) ۾ پڻ حصو ورتائين. ان کان علاوه سال 1911ع کان 1916ع تائين ڪئناڊا جو گورنر به ٿي رهيو، جڏهن سندس ڀائٽيو جارج پنجون انگلينڊ ۽ انڊيا جو شهنشاهه هو. جارج پنجون شهزادي آرٿر (ڪناٽ) جي وڏي ڀاءُ ايڊورڊستين جو پٽ هو. 1901ع ۾ مهاراڻي وڪٽوريا جي مرڻ بعد ايڊورڊ ستون بادشاهه ٿيو ۽ 1901ع ۾ سندس وفات بعد سندس پٽ جارج پنجون بادشاهه ٿيو. جارج پنجين 1936ع ۾ وفات ڪئي. ان بعد سندس پٽ ايڊورڊ اٺون تخت تي ويٺو جنهن کي ڏهن مهينن بعد تخت تان لاهي سندس ڀاءُ جارج ڇهين کي تخت تي ويهاريو ويو. جنهن جي ڏينهن ۾ هندوستان کي آزادي ملي ۽ ان سان گڏ سندس ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو.
انگلئنڊ جي اڄ ڪلهه واري راڻي ايلزبيٿ ٻي شهنشاهه جارج ڇهين جي ڌيءَ آهي ۽ 1952ع ۾ جارج ڇهين جي وفات بعد انگلئنڊ جي راڻي بڻي ۽ اڃان تائين هلندي اچي. هن جي ماءُ – يعني شهنشاهه جارج ڇهين جي زال جو نالو به ايلزبيٿ هو – سڄو نالو ايلزبيٿ اليگزينڊرا مئري آهي. کيس چار ٻار: چارلس، ائني، ائنڊريو ۽ ايڊورڊ آهن.
• مهاراڻي وڪٽوريا: (جنم: 1819ع ـــ وفات: 1901 ع)، انگلئنڊ جي راڻي: 1901ع-1837 ع ، (انڊيا جي مهاراڻي: 1910ع–1901 ع ).
• ايڊورڊ ستون (وڪٽوريا جو وڏو پٽ)، (جنم: 1841ع ـــ وفات: 1910ع)، انگلئنڊ ۽ انڊيا جو شهشاهه: (1910ع-1901ع).
• جارج پنجون (ايڊورڊ ستين جو پٽ، (جنم: 1865ع ـــ وفات: 1936 ع)، انگلئڊ ۽ انڊيا جو شهنشاهه: 1936ع-1910ع.
• ايڊورڊ اٺون (جارج پنجين جو پٽ)، (جنم: 1894ع ـــ وفات: 1972ع )، انگلئنڊ ۽ انڊيا جو شهشاه جنوري 1936ع کان ڊسمبر 1936ع).
• جارج ڇهون (پنجين جو ٻيو پٽ): (جنم: 1895ع ـــ وفات: 1952 )، انگلينڊ جو بادشاهه 1952ع ــ 1936ع، انڊيا جو شهنشاهه 1947ع ــ 1936ع
• ايلزبيٿ اليگزئنڊرا ميري ٻي، (جارج ڇهين ۽ ابلزبيٿ بوئيز ليان):
(ڄم: 1926ع، اولاد: چارلس، ائني، اندريو ۽ ايڊورڊ
ڪناٽ پليس جي ٻاهرين سرڪيولر روڊ تان نڪرڻ مهل سک ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته ”هي يورپ جو ڏيک ڏيندڙ ڪناٽ پليس 1929ع کان اڳ هڪ ويران جهنگل هو، جيڪو ديوين (ڪيڪر) جي ڪنڊن وارن وڻن سان ڀريل هو، جن ۾ سوئرن ۽ لومڙن جو ديرو هو. ڪمشنر گيٽ ۽ سول لائنز جا رهاڪو موڪل وارن ڏينهن تي تترن جي شڪار لاءِ هتي ايندا هئا. هنومان مندر ڪري اوسي پاسي جا پوڄاري هر هفتي اڱاري ۽ ڇنڇر تي هن پاسي آيا ٿي ۽ پر سج لهڻ کان اڳ موٽي ٿي ويا. هن جهنگل جي پاسن کان مڌو گنج، جئه سنگهپور ۽ راجا ڪار بازار ڳوٺن جي ماڻهن کان گهر خالي ڪرائي، ڪناٽ پليس جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو....“.
”پوءِ انهن ماڻهن کي ڪيڏانهن موڪليو ويو؟“. مون ٽئڪسي ڊرائيور کان پڇيو.
”انهن سڀني کي اڄ واري ڪئرول باغ ۾ رهائش ڏني وئي. ان بعد چون ٿا ته انگريزن هر شئي تڙپٽ ڪري ڇڏي. سواءِ ٽن شين جي جيڪي اڄ به موجود آهن: هنومان مندر، جئسگهپور وارو جين مندر ۽ جنتر منتر“.
”زبردست“. مون ٽئڪسي ڊرائيور کي داد ڏنو.جيئن بحريا ٽائون ڪراچيءَ وارن سپر هاءِ وي جهنگ صاف ڪري، نئون خوبصورت شهر اڏيو آهي، تيئن انگريزن پنهنجي راڄ ۾ انڊيا جي گاديءَ واري شهر دهليءَ ۾ هي علائقو ”ڪناٽ پليس“ ائين ٿي ٺاهيو، جيئن برطانيا جي ڪجهه شهرن ۾ آهي. ان لاءِ هنن هن سڄي علائقي جي صفائي ڪرائي. پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ کي به هنن ائين ٺاهيو. مٿيون ٽي شيون، جيڪي آڳاٽيون ٺهيل هيون، انهن جو نالو نه ورتو جو چوڌاري جهنگ هوندي به ماڻهو تڏهن به ان کي ڏسڻ ايندا هئا ۽ اڄ به ان کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. انهن مان هڪ ته سج چنڊ تارن جي روز جي چر پر ۽ اڀرڻ لهڻ واري آبزرويٽري آهي. اڄ ڪلهه ته اسان وٽ اليڪٽرانڪ دور بينون آهن، ڪمپيوٽر آهن، نيويگشن سيٽلائيٽ ۽ خلا ۾ سگنل موڪليندڙ راڪيٽ آهن، جن جي ذريعي علم فلڪيات (Astronomy) جي ڄاڻ ملي ٿي، پر 300 کن سال اڳ جڏهن سائنس اڃان ايتري ترقي نه ڪئي هئي، ان وقت هن قسم جي آبزرويٽري (جنتر منتر) ٺاهڻ ڪمال جي ڳالهه ئي چئبي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن قسم جي شئي جو شوق مغل شهنشاهه محمد شاهه کي هيو، پر وڏو ڪريڊٽ ته امبر سلطنت، جيڪا بعد ۾ جئپور جي نالي سان سڏجڻ لڳي، جي هندو راجپوت حاڪم مهاراجا جئه سنگهه کي ڏجي، جنهن دماغ کان ڪم وٺي، دهليءَ جو هي جنتر منتر 1724ع ۾ ٺهرايو. ان بعد هن ٻيا به چار کن اهڙا جنتر منتر انڊيا جي شهرن جئپور، اجين، مٿرا ۽ بنارس (وارنسي) ۾ ٺهرايا. هن راجپوت بادشاهه مهاراجا جئه سنگهه کي علم فلڪيات، عمارت سازي ۽ حسابن (Mathematics) سان ننڍي هوندي کان وڏي دلچسپي هئي. هي ائين آهي جيئن تيمورلنگ جو پوٽو ۽ شاهه رخ جو پٽ الغ بيگ مئيٿميٽڪس ۽ ائسٽراناميءَ ۾ هوشيار هو. جنهن جون ٺاهيل ٽرگنامينٽريءَ جون جدولون اڄ به اسان جي جهاز نيويگيشن ۾ استعمال ٿين ٿيون. الغ بيگ جو تفصيلي احوال ايران واري سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان. سندس ان هوشياريءَ ڪري کيس هر ڪو مهاراجا سوائي جئه سنگهه سڏيندو هو. کيس اهو لقب مغل شهنشاهه اورنگزيب ڏنو. جئه سنگهه جي هوشياري ۽ قابليت جي هاڪ جو ٻڌي مغل گهراڻي جي ڇهين شهنشاهه اورنگزيب 1699ع ۾ هن کي پنهنجي دهلي درٻار ۾ گهرايو ۽ هن مهاراجا جي ذهانت کان متاثر ٿي ”سوائي“ جو لقب ڏنو ۽ بعد ۾ ته مهاراجا جئه سنگهه لڙائين ۾ به پاڻ کي سوائي ثابت ڪيو. يعني عام ماڻهو سير هو ته هي سوا سير. اها ڳالهه به ڌيان ۾ رهي ته 1699ع ۾ جڏهن مهاراجا جئه سنگهه جي مغل شهنشاه سان ملاقات ٿي ته هن جي عمر يارهن سال هئي. ان سال هن جي پيءُ مهاراجا بِشن سنگهه جي وفات ٿي ۽ هن کي ان ننڍي عم ۾ تخت تي ويهاريو ويو هو.
اورنگزيب 1618ع ۾ ڄائو هو ۽ 1658ع ۾ تخت تي ويٺو. 1707ع ۾ وفات ڪيائين. يعني هن وفات کان 8 سال اڳ مهاراجا جئه سنگهه کي دهليءَ گهرائي ملاقات ڪئي هئي. اهو به لکندو هلان ته بابر کان اورنگزيب تائين مغل شهنشاهن چڱيءَ طرح حڪومت ڪئي، ان بعد هڪ ٻئي پويان وائڙا ايندا رهيا. ڪڏهن هڪ ٻئي کي ماريائون ته ڪڏهن کين مرهٽن ۽ ٻين موچڙا پئي هنيان. اورنگزيب 1707ع ۾ وفات ڪئي، ان بعد مهاراجا جئه سنگهه جو قدر مغل شهنشاهه محمد شاه ڪيو ۽ کيس 1721ع ۾ نه رڳو هي جنترمنتر ٺاهڻ لاءِ چيو پر کيس ”سرمدِ راجائي هند“ جي لقب سان پڻ نوازيو. 1723ع تي هي جنترمنتر ٺهڻ تي هن کي ٻيا به لقب ڏنا، جيئن ته ”راج راجيشور“، ”شري شنتانوجي“ ۽ ”مهاراجا سوائي“.
هڪ ڳالهه غور مطلب آهي ته هي شهنشاهه محمد شاهه 1702ع ۾ ڄائو ۽ 1719ع ۾ تخت تي ويٺو. يعني اورنگزيب جي 1707ع ۾ وفات بعد 1719ع تائين، فقط 12 سالن جي عرصي ۾ پنج مغل بادشاهه تخت تي ويٺا ۽ لٿا. جيئن ته بهادر شاهه اول، جهاندار شاهه، فرخ سيار، رفيع الدرجات ۽ شاهه جهان دوم.... يعني مهاراجا سوائي جئه سنگهه پنهنجي زندگيءَ (1688ع کان 1748ع تائين)، اورنگزيب ۽ محمد شاهه سميت ست مغل بادشاهه ڏٺا. محمد شاهه جي وفات مهاراجا جئه سنگهه جي وفات کان 5 سال پوءِ 1748ع ۾ ٿي. بهرحال دهليءَ ۾، يا جئپور، مٿرا يا بنارس جهڙن شهرن ۾، توهان جو وڃڻ ٿئي ته اتي جو جنترمنتر ضرور ڏسجو، جيڪو هن هندو راجپوت مهاراجا ۽ مغل بادشاهه محمد شاهه جي سوچ ۽ ڪوششن ڪري ٺهيو. جنهن کي انڊيا حڪومت اڄ به ٽوئرزم ۾ استعمال ڪري فائدو وٺي رهي آهي. هر روز هزارين ٽوئرسٽ ٽڪيٽ خريد ڪري جنترمنتر ڏسن ٿا.
دهليءَ جي هن خوبصورت مرڪزي علائقي ڪناٽ پليس وٽ جنترمنتر کان علاوه ٻي آڳاٽي شئي هنومان مندر آهي. جنهن لاءِ ڪيترائي هندو ڌرم جا پوئلڳ اهو ئي چون ٿا ته اهو مندر مهاڀارت جي ڏينهن جي پنج پراڻن مندرن مان هڪ آهي. باقي چار مندر آهن: هڪ ڪاليءَ جو مندر جيڪو دهلي شهر جي ڏاکڻئين علائقي ۾ آهي، ٻِيو يوگ مايا مندر جيڪو قطب مينار جي ڀر ۾ آهي، ٽيون ڀيراءُ مندر جيڪو دهليءَ جي پراڻي قلعي وٽ آهي ۽ چوٿون نگم بوڌگهاٽ وٽ نيلي ڇتري مهاديو (شوَ جو مندر) آهي.
”سر! مهاڀارت ڌرمي ڪتاب ۾ جن پانڊوئن ۽ ڪوروئن جي لڙائيءَ جو احوال لکيل آهي.....“، هنومان مندر وٽان لنگهندي منهنجي سک ٽئڪسي ڊرائيور پلس گائيڊ ٻڌايو. ”.......انهن جي سلطنت هن علائقي ۾ هئي“.
هن ٻڌايو: ”دهليءَ جو هي شهر يمنا نديءَ جي ڪناري تي ٻڌرايو ويو هو، جيڪو مهاڀارت ۾ ذڪر هيٺ آيل پانڊوئن ”اندر پراسٿا“ جي نالي سان اڏايو. پانڊوئن هن شهر مان حڪومت پئي ڪئي ۽ ڪوروئن درياهه جي ٻي پار هستناپور مان. ٻئي هڪ ئي ڪورو خاندان جا هئا. پر پوءِ ڇڪي راند ۾ پانڊوئن پنهنجي سلطنت هارائي ڇڏي ۽ کين 12 سال ملڪ بدر رهڻو پيو......“.
بهرحال اسانجي ڊرائيور جو مطلب هو ته هي مندر انهن ڏينهن ۾ هتي ٺهيو. مون دل ۾ سوچيو ائين ته پوءِ هي مندر هڪ هزار سالن کان به پراڻو ٿيو! اسان وٽ ڪراچيءَ جي سولجر بازار واري علائقي ۾ ڪليٽن روڊ جي ڀرواري سنهڙي رستي ”مکي چيئترام روڊ“ تي به هندن جو هڪ آڳاٽو هنومان مندر آهي، جيڪو ”پنج مک هنو مان مندر“ سڏجي ٿو. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته 1500 سال پراڻو آهي. هن ۾ رکيل نيري ۽ سفيد رنگ جي مجسمي لاءِ هندو ڌرم جي عقيدتمندن جو اهو چوڻ آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جو ٺهيل ناهي پر اهو مندر واري جاءِ وٽان زمين ۾ پوريل مليو. دهلي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته دهليءَ جي ڪناٽ روڊ وارو هي مندر مغل بادشاهه اڪبر جي حڪومت (1605ع-1542ع) ۾ امبر جي مهاراجا مانسنگهه (1614ع-1540ع) ٺهرايو. ان بعد مهاراجا جئه سنگهه (1743ع-1688ع)، 1724ع ۾ ان کي وري ٺهرايو. يعني انهن ئي ڏينهن ۾، جن ۾ هن جنترمنتر ٺهرايو. ان کان پوءِ اڄ تائين هن مندر ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آنديون ويون آهن.
ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو: ”هن مندر جي اها به خاص ڳالهه آهي ته پهرين آگسٽ 1964ع کان وٺي چوويهه ئي ڪلاڪ لڳاتار ”سري رام، جئه رام، جئه جئه رام“ جي وڏي آواز تسبي پڙهجي رهي آهي ۽ رڪارڊ طور اها ڳالهه ”گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس“ ۾ به اچي چڪي آهي.
1929ع ۾ جڏهن انگريزن دهليءَ ۾ بحريا ٽائون جهڙو هي خوبصورت ڪناٽ پليس ٺهرايو، ته اتي موجود هر ڳوٺ، عمارتن، مندرن، مسجدن ۽ چوڌاري ڦهليل جهنگ تي بل ڊوزر هلرائي، پَٽَ کي ليول ڪيو ويو، سواءِ ٽن عمارتن جي.... انهن مان ٻن جو احوال پهرين لکي چڪو آهيان، ٽئين عمارت جين ڌرم جي ماڻهن جو ساڍيون ٽي صديون پراڻو، 1558ع ۾ ٺهيل ڳاڙهي رنگ جو جين مندر آهي. هي مندر لال قلعي جي بلڪل سامهون نيتاجي سڀاس روڊ ۽ چاندني چوڪ جي ڪراسنگ تي آهي. گذريل دفعي جڏهن آئون هي مندر ڏسڻ لاءِ آيو هوس ته مونکي مندر جي ٻاهران دڪانن تي ۽ مندر اندر ڪيترائي مٺي ۽ اسلام ڪوٽ پاسي جا سنڌي هندو مليا. هنن ٻڌايو ته شروع کان ٿرپارڪر ضلعي ۾ نه رڳو جين رهن ٿا، پر انهن جا اتي مندر (جين مندر) به آهن.
ملائيشيا ۾ به آڳاٽي وقت کان (جڏهن ملائيشيا ملايا سڏبو هو) انڊيا کان، هندن کان علاوه جين ڌرم جا پوئلڳ پڻ، پيراق، ڪيداح ۽ پيرلس جهڙين رياستن ۾ اچي رهيا هئا. ملائيشيا ۾ جين ڌرم وارن جا ٻه وڏا ۽ مشهور مندر آهن. هڪ پيراق رياست جي اپوح شهر ۾، جيڪو ڏکڻ اوڀر ايشيا جو پهريون جين مندر آهي ۽ چنتاماني پارشواناٿ جين مندر نالي سان مشهور آهي. اپوح جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ جڏهن به وزٽنگ ليڪچرار جي حيثيت ۾ ويندو هوس ته منهنجو ”تمن پرتاما“ علائقي ۾ رهڻ ٿيندو هو، جتي هي مندر آهي. ڪجهه مهينا اڳ منهنجو اتي وڃڻ ٿيو ته مٿئين جين مندر جي سارسنڀال لهندڙ ڀرت ڪمار جاساني نالي انچارج (فون 0060165574007 ) ٻڌايو ته ملائشيا ۽ سنگاپور ۾ 5000 کن جين رهن ٿا، جيڪي سڀ تامل آهن. هو جين ڌرم جو وڏو ڏينهن ”مهاوير جنم ڪليانڪ“ وڏي ڌام ڌوم سان ملهائين ٿا. مهاوير، جنهن کي ”ورڌ مان“ يا ”ورڌ من“ به سڏيو وڃي ٿو. جين مت جو چوويهون ۽ آخري روحاني پيشوا تير ٿنڪر آهي، جيڪو جين ڌرم جو ابو به سڏيو وڃي ٿو. سندس جنم 599 ق م ڌاري، انڊيا جي الله آباد شهر کان 72 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي، چتراڪوٽ ۾ ٿيو. سندس انتقال 72 سالن جي ڄمار ۾ 527 ق م ۾ بهار رياست ۾ ٿيو. يعني سڪندر اعظم جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو، هيءَ ان کان به ٻه سؤ کن سال اڳ جي ڳالهه آهي. ملائيشيا ۾ ٻيو جين مندر هاڻ ڪولالمپور جي بنگسار علائقي ۾ ٺهيو آهي. هي مندر ”جالان معروف“ (شاهراهه معروف) تي انڊين ريسٽورنت ”اناپرنام چيتي نند ريسٽورنٽ“ جي ڀرسان آهي.
دهليءَ جي لال جين مندر لاءِ اهو به لکندو هلان ته ان جي ڀرواري بلڊنگ پکين جي اسپتال ”Avian Veterinary Hospital “ هن مندر جي ڪري ”جين برڊس هاسپيٽل“ سڏجي ٿي.
پراڻي دهلي مغل شهنشاه شاهه جهان (1658ع-1628ع) ٺهرائي، جتي هن پنهنجي رهائش لال قلعي جي سامهون، چاندني چوڪ روڊ ٺهرايو. هن مغل بادشاه اگروال ڪميونٽيءَ جي جين واپارين کي چاندني چوڪ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ رهائش لاءِ زمين ڏني ۽ هنن کي هي مندر به ٺاهڻ جي اجازت ڏني.
لفظ ’جين‘ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’جينا‘ مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’فاتح‘..... تنهن ڪري جين کي ”فتح ڪرڻ وارو“ به چئي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهڙو شخص، جنهن پنهنجو پاڻ کي وس ۾ ڪيو ۽ ڇوٽڪارو يا نجات حاصل ڪئي. جين مت مان مراد آهي ته جنهن پنهنجي حوس ۽ نفساني خواهش کي فتح ڪيو، ان ڄڻ سڄي دنيا تي سوڀ ماڻي. جين ڌرم ۾ سڀني ساهوارن جي تعظيم ڪئي وڃي ٿي. جينين جي مَتيءَ موجب ڪنهن به ساهه واري شئي کي ايذائڻو ناهي ۽ امن قائم رکڻو آهي. اهنسا (Non Violence) سندن اهم اخلاقي ضابطو آهي. جين ڌرم جا پوئلڳ ٻوڌين وانگر ڳائو ٻاڪرو گوشت ته نٿا کائين پر پلي مڇيءَ کان به پرهيز ڪن ٿا ۽ منهنجي خيال ۾ هو ماڪوڙي، مڇر يا چيلاٽي، وڇونءَ کي مارڻ به ڏوهه جو ڪم سمجهن ٿا.
جين مندر وٽان لنگهندي، منهنجي سک ٽئڪسي ڊرائيور اتي ٽئڪسي بيهاري مون کي مندر ۾ هلڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو، پر مون کيس اڳتي هلڻ لاءِ چيو. ”اڳتي تنهنجي ڌرم جو گرودوارو آهي، ان ۾......“. ”گرودواري ۾ ڇو ڀلا ۽ دراسر ۾ ڇو نه؟!“. سک حيرت مان پڇيو.
جيئن سکن جي مندر کي گرودوارو يا ٽڪاڻو ٿو سڏجي، ائين جين ڌرم جي مندرن کي اسان وٽ سنڌ ۾ توڙي گجرات ۽ راجستان ۾ دراسر (Darasar) سڏين ٿا ۽ ڪراناٽڪا، ڏکڻ هندوستان ۽ ملائشيا پاسي باسادي (Basadi). سک جي سوال تي مرڪي چيو مانس: ”ان ڪري جو تنهنجي مندر ۾ مونکي فقط مٿي تي رومال يا ڪپڙو رکڻو پوندو“.
اهو ٻڌي سک ٽئڪسي ڊرائيور ٽهڪ ڏنو. ظاهر آهي هو هتي رهي ٿو ۽ گائيڊ به آهي، سو هن کي خبر آهي ته جين ڌرم جي مندر ۾ وڃڻ جون سخت پابنديون آهن. پچاري يا ٽوئرسٽ کي مندر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نه فقط جوتا لاهڻا پون ٿا، پر جوراب، بيلٽ، واچ جو پٽو ۽ ٻٽون (جي چمڙي جا، يعني ڪنهن جانور جي کل جا آهن ته) اهي به ٻاهر جمع ڪرائڻا پون ٿا. جين ڌرم مطابق ڪنهن به جانور کي، ان جو گوشت کائڻ يا ان جي کل مان ڪا شئي ٺاهڻ لاءِ، مارڻ، سخت گناهه سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري ٻٽون يا بيلٽ جهڙي چمڙي مان ٺهيل شئي تي پابندي آهي. ايئرپورٽ تي به اسڪئنگ وقت بيلٽ لاهڻ تي مون کي اعتراض هوندو آهي، جو هر هڪ جي پينٽ ان جي جسم تي ٽائيٽ نٿي رهي. پوءِ هھڙن مندرن ۾ مون جهڙن ڪيترن جو هڪ هٿ پينٽ ۾ هوندو آهي ته ٻئي هٿ سان فوٽو ڪڍندا وتندا آهن.
”توهان وٽ پاڪستان ۾ به جين مندر آهي؟“. سک سوال ڪيو.
انڊيا ۾ رهندڙن کي ته ڇا پر اسان جي ملڪ جي به ڪيترن ئي ماڻهن کي اها خبر ناهي ته اڄ به پاڪستان ۾ ڪيترائي جين رهن ٿا. ماضيءَ ۾ ته تمام گهڻا رهيا ٿي. خاص ڪري سنڌ جي ڏکڻ واري علائقي ۾، جتي اڄ به جين مندرن جا نشان آهن. ان معاملي ۾ سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جو شهر ننگر پارڪر وڏي اهميت رکي ٿو. مِٺي شهر کان 130 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي هي شهر آڳاٽن هندو ۽ جين مندرن جي ڪري مشهور آهي، جتي هند سنڌ جا ماڻهو تيرٿ (Pilgrimage) لاءِ اچن ٿا. ياد رهي ته اسانجو ٿر وارو علائقو انڊيا جي گجرات ۽ راجستان سان ڳنڍيو پيو آهي. جڏهن گڏيل هندوستان هو ته ٻنهي پاسن جا ماڻهو پئي آيا ويا. ننگر پارڪر شهر انڊيا جي بارڊر کان 20 کن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ڪارونجهر ٽڪرين جي قدمن ۾ آهي. هن علائقي ۾ ڪيترائي جين مندر آهن، جن مان ”گوڙيءَ جو مندر“ مشهور آهي. ان کان سواءِ ننگر پارڪر توڙي اترئين پاسي ڀوڏيسر ۽ ويرا واهه ۾ به جيني مندر موجود آهن. جين ڌرم بابت اهو لکندو هلان ته اهو ٻن فرقن ۾ ورهايل آهن.
• سويتا مبر
• ڊگا مبر
سويتا مبر فرقي جا جين سون چانديءَ ۽ هيرن سان سينگاريل بتن جي
پوڄا ڪن ٿا ۽ عبادتگاهه جا پيشوا اڻ سبيل لباس پهرين ٿا.
ڊگامبر فرقي جا ماڻهو اگهاڙن بتن جي پوڄا ڪن ٿا ۽ سندن خاص عبادتگاهه جا پيشوا به اگهاڙا رهن ٿا.
سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو عام ٿي هئي جنهن ۾ ڊگامبر فرقي جا پيشوا الف گهاڙا ٿي مندر جي ڏاڪڻين تان لهي رهيا آهن ۽ هنن کي هڪ هٿ ۾ سندن مقدس ڪتاب آهي ۽ ٻئي ۾ مور ٽڪين جو ٺهيل ٻهارو. اها وڊيو مون پنهنجي ويهارو کن اديب دوستن کي موڪلي... سواءِ امر جليل جي سڀ پڇندا رهيا ته هي ڪهڙي ملڪ ۽ ڌرم جا ٻاوا آهن. اهو به لکندو هلان ته ٻاون جي ان اگهاڙي واڪ جي ٻنهي پاسي رڳو عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون بيٺل ڏيکاريل آهن، جيڪي هنن پيشوائن اڳيان هٿ ٻڌي جهڪي رهيون آهن. مغل شهنشاهه اڪبر جي ڏينهن ۾ بابا ڌرم داس نالي هڪ درويش قسم جو جين تمام مشهور ٿيو، جنهن جو تعلق سيالڪوٽ ضلعي جي ’پاسرور‘ شهر سان هو ، سندس پوئلڳ سندس ڄم ۽ موت جو ڏينهن ملهائين ٿا. بابا ڌرم داس ڪپڙي جو واپاري هو. هو گهوڙي تي ڪپڙا رکي ٻهراڙيءَ ۾ وڪڻندو هو. هڪ ڏينهن هن کي ڀرواري ڳوٺ ۾ ڪپڙو وڪڻڻ وقت قتل ڪيو ويو. هندوستان جي ورهاڱي بعد سندس سڀ پوئلڳ جين انڊيا لڏي ويا. بابا ڌرم سنگهه جي پوئلڳن سندس خاص ڏينهن تي پاڪستان اچي رسمون ملهائڻ بدران هاڻ سندس سيالڪوٽ واري مقبري جهڙو هِڪُ دهليءَ جي ڀرسان ميرٺ شهر ۾, ۽ ٻيو پنجاب جي لڌيانا شهر ۾، هو بهو (Replica) مقبرو ٺاهيو آهي، جتي سڄي انڊيا جا جين هر سال پوڄا پاٺ لاءِ گڏ ٿين ٿا.
هندوستان جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۽ پنجاب ۾ جين ڌرم جي ماڻهن ۽ سکن جو وڏو تعداد رهيو پئي، جيڪي 1947ع کانپوءِ انڊيا هليا ويا. اسان ننڍا هئاسين ته اسان جي ڳوٺ جا ڪجهه گهورڙِيا (ڇٻڙيءَ ۾ شيون رکي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وڪڻڻ وارا) ۽ مٺائي ۽ ٻين شين جا دڪاندار (جيڪي ڀاڀڙا / ڀابڙا سڏبا هئا)، اسانجو ڳوٺ هالا ڇڏي ويا، پر سندن ذڪر اڪثر ٿيندو رهندو هيو. خاص ڪري ڪن مخصوص گهرن ۾. انهن گهرن جا ڀاتي خوبصورت ڪاٺ جي پينگهن ۽ پلنگن لاءِ ٻڌائيندا هئا ته هنن اهي لڏي ويل ڀاڀڙن کان خريد ڪيا. ڀاڀڙا خاموش طبيعت ۽ خوشحال سمجهيا ويندا هئا. هنن لاءِ اهو مشهور هو ته وڏو پئسو هجڻ جي باوجود، هو شور/ٽرڙ پائي نٿا ڪن. يعني Low Prifle رهن ٿا. شايد سندن ان خصلت ڪري اها چوڻي مشهور ٿي ته ”ڍءُ هڪ مينهن جهلي ۽ ٻيو ڀاڀڙا“. هالا ۾ مهاجر چوڪ وٽ هڪ پاڙو ڀاڀڙا اڄ به دراصل هڪ بزنيس ڪميونٽي آهي، جنهن جو تعلق واپار ۽ تجارت سان آهي. جيئن کڻي چئجي ته چنيوٽي ڪميونٽي يا پنجابي دهلي سوداگران. ڀاڀڙا بيحد آڳاٽي واپاري ڪميونٽي آهي، جيڪا اصل ۾ پنجاب سان تعلق رکي ٿي ۽ هن ڪميونٽيءَ جي ماڻهن جو تعلق جين ڌرم سان آهي. ننڍا هئاسين ته ڳوٺ جي ماڻهن کان اها ڳالهه به ٻڌندا هئاسين ته: ”وڇون، جي اڳيان لنگهي ويندو، ته مسلمان توڙي هندو هن کي ماري رکندو، پر ڀاڀڙو هر گز نه“. اهو ان ڪري نه ته ڪو ڀاڀڙا ڊڄڻا ٿين ٿا، پر ان ڪري جو هنن جي جين ڌرم ۾ ڪنهن ڳئون، ٻڪري يا ڪڪڙ کي ته ڪهڻ جي اجازت ناهي، پر ماڪوڙي، مک يا مڇر کي مارڻ جي به سختيءَ سان منع آهي. پنجاب جي سيالڪوٽ، گجرانوالا، لاهور، ميانوالي ۽ راولپنڊيءَ ۾ ته تمام گهڻا ڀاڀڙا رهيا ٿي، ۽ انڊيا جي ورهاڱي کان اڳ سندن ڪيترائي جين مندر هئا. هتي اهو به لکندو هلان ته پنجاب، سنڌ ۽ انڊيا جي جين مندرن ۽ تامل نادو، ڪيرالا، ڪرناٽڪا..... يعني ڏکڻ هندوستان جي رياستن، سري لنڪا، ملائيشيا جي جين مندرن ۾ هڪ اهم فرق آهي. هڪڙا ”شڪار بانڌي جين مندر“ ٿين جن مٿان گنبذ ٿئي ۽ ٻيا بنا گنبذ جي ٿين جيڪي ”گهر جين مندر“ سڏجن ٿا.
سيالڪوٽ ضلعي جو پاسرور شهر ته هڪ جين ڌرم جي ڀاڀڙي زميندار ٻڌرايو، جنهن کي اها زمين راجا من سنگهه طرفان عطا ڪئي وئي هئي. گجرانوالا جون ٻه پراڻيون جين لئبرريون لالا ڪرم چند ڀاڀڙي هلايون ٿي. لاهور جي هڪ گهٽي جيڪا اڄ به ”ٿڙي ڀاڀڙيان“ ۽ ”گلي ڀاڀڙيان“ جي نالي سان سڏجي ٿي، ان ۾ جين مندر هوندا هئا. راولپنڊيءَ جي ڀاڀڙا بازار اڄ به مشهور آهي، جنهن جي پاسن کان ڀاڀڙن جا پراڻا گهر اڄ به دنيا جا ٽوئرسٽ ڏسڻ اچن ٿا.
سعدپوري دروازي مان گهڙڻ بعد جيڪا سجن سنگهه حويلي اچي ٿي، اها 1893ع ۾ راءِ بهادر سجن سنگهه ٺهرائي، جيڪو پنجاب جو هڪ امير واپاري هو. مشهور انڊين ليکڪ خوشونت سنگهه هن جو ڀائٽيو ٿئي. هن حويليءَ بعد هتي جي خوبصورت ڀاڀڙا بازار شروع ٿئي ٿي، جنهن جون اڄ به اڌو گابريون بچيل عمارتون ۽ دڪان ڀاڀڙن جي شان ۽ اوج جي شاهدي ڏين ٿا. ڀاڀڙا واپاري، امپورٽر، ايڪسپورٽر ۽ سونارا هئا، جيڪي اڄ جي موتي بازار ۽ صرافا بازار ۾ ويهندا هئا. سندن پئسي دولت جو ڏيک هنن جي حويلين ۽ جين مندرن مان اڄ به ظاهر آهي. جيتوڻيڪ اڄ انهن حويلين ۽ دڪانن ۾ اهي ڀاڀڙا موجود نه آهن.... اهي انڊيا لڏي ويا... انهن جي جاين تي انبالا، لڌيانا ۽ چنديگڙهه جا ماڻهو، امرتسري ۽ ڪشميري ڪلچا ۽ چاٽ، امبالا جي کيرڻي ۽ مٺائي، لڌيانا جو حلوو پوري ۽ ڪچوريون وڪڻندي نظر اچن ٿا. بقول جون ايليا جي:
اس گلی نے یہ سن کے صبر کیا
جانے والے یہاں کے تهے ہی نہیں
يا اهو به جون ايليا جو شعر آهي ته:
شہر دل میں عجب محلے تهے
ان میں اکثر نہیں رہے آباد
جانے کیا واقعہ ہوا کیوں لوگ
اپنے اندر نہیں رہے آباد
دهليءَ جي سک ٽئڪسي ڊرائيور ۽ گائيڊ جي پڇڻ: ”آيا پاڪستان ۾ جين ڌرم جا ماڻهو ۽ مندر آهن؟“، تي هي سڀ ڳالهيون نڪتيون. دراصل سک ته ڏاڙهي، پٽڪي ۽ سندن نالي مان سڃاڻڻ سولا آهن، پر جين ڌرم جي ماڻهن کي اڪثر هندو سمجهيو وڃي ٿو. ڀاڀڙن جو ذڪر ڪري اهو به ٻڌائڻ ضروري سمجهيم ته جين ڪي غريب نه آهن، انهن ۾ ڪيترائي بزنيس مين، پڙهيل ڳڙهيل ۽ امير آهن ۽ هو جتي جنهن صوبي ۾ رهن ٿا، اتي جي ٻولي پنجابي، سنڌي، تامل، مرهٺي، ڪشميري وغيره ڳالهائين ٿا.
هڪ مشهور سنڌي جين گلو لالواڻيءَ جو به ڪجهه احوال لکان ٿو، جيڪو 1939ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. اڄ هو 80 سالن جو آهي. واپار ۽ پئسي جي حوالي سان کيس دنيا ڄاڻي ٿي. هو رهي لنڊن ۾ ٿو، پر سندس ڀائرن، پٽن، ڀائٽين جو واپار سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. مون به سندس نالو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ٻڌو هو، جڏهن اسانجو جهاز انگلئنڊ جي بندرگاهن: لنڊن، لورپول، هل، ڊنڊي وغيره لاءِ سامان کڻي ايندو هو..... تن ڏينهن ۾ اتي رهندڙ پاڪستاني اڪثر گلو لالواڻيءَ جي تعريف ڪندا هئا ته ڪراچيءَ جو هي رهاڪو وڏو پئسي وارو آهي ۽ پاڪستان توڙي انڊيا کان آيل شاگردن ۽ ٻين ضرورتمندن جي ڪافي مدد ڪري ٿو. ڪي چوندا هئا ته سنڌي هندو آهي، ڪي چوندا هئا ته آغاخاني آهي يا پارسي، بوهري..... يا سک آهي، جو سندس ڀاءَ ڊاڪٽر ڪرتار سنگهه کي ته سکن واري ڏاڙهي هوندي هئي.
گلو لالواڻيءَ جي مشهوري ليڊي ڊائنا جي حادثي بعد به ٿي. ليڊي ڊائنا 1961ع ۾ ڄائي. هن جي ويهن ورهين جي ڄمار ۾، اڄ جي انگلئنڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي وڏي پٽ چارلس سان 1981ع ۾ شادي ٿي. چارلس جي ڄم جو سال 1948ع آهي ۽ ڊائنا کان 13 سال وڏو هو. ڊائنا خيراتي ڪمن ۽ بيمارن جي خدمت ڪرڻ جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ۽ سندس هنن ڪمن کي ساراهيو وڃڻ لڳو. ٻئي طرف هن جي ۽ سندس مڙس جي تعلقات ۾ ڏار پوڻ لڳا. ان دوري ۽ ناپسنديدگيءَ جو ڪيترائي ماڻهو اهو ئي سبب ڏين ٿا، ته هڪ ته چارلس ڊائنا کان گهڻو پوڙهو هو ۽ ٻيو ته چارلس جو ڪوميلا پارڪر سان معاشقو هلي رهيو هو. 1996ع ۾، ڊائنا جي فرانس ۾ ڪار حادثي ۾ مرڻ بعد، 2005ع ۾ نيٺ، چارلس، ڪوميلا پارڪر سان شادي ڪئي.
ليڊي ڊائنا کي چارلس جي پوڙهي هجڻ جو غم شايد نه هجي پر هن کي چارلس جي معاشقي جو دل ۾ غم ۽ غصو ضرور هو، جو سندس وفات کان ڪجهه عرصو اڳ 1995ع ۾ چارلس ۽ ڪوميلا جي هلندڙ دلپشوريءَ بابت هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته:
“Well, there were three of us in this marriage, so it was a bit crowded”.
بهرحال عشقن، دلپشورين ۽ دل ڏيڻ جهڙن ڪمن ۾ چڱي زالَ ليڊي ڊائنا به نٿي لڳي. چارلس سان شادي شده هجڻ جي باوجود هڪ انگريز فوجي هَيوِٽ (James Lifford Hewitt) سان سندس معاشقو ايڏو ته کلئي عام هليو جو خود هن کي ٻڌائڻو پيو ته هن جا ڊائنا سان تعلقات آهن. 1994ع ۾ انگريز صحافي عورت پنهنجي بيسٽ سيلر ڪتاب “Princess in Love” ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته ليڊي ڊائنا ۽ جيمس هيوٽ جو 1986ع کان 1991ع تائين معاشقو هليو. مزي جي اها ڳالهه ته ان بيان جي ترديد ڪرڻ بدران ليڊي ڊائنا 1995ع ۾ انگلئنڊ جي مخزن ”پئنوراما“ کي ڏنل انٽرويو ۾ ان جي تصديق ڪئي.
انگلئنڊ ۾ رهندڙ پاڪستاني دل جي ڊاڪٽر حسنات خان سان ڊائنا جي دل لڳي ته تمام مشهور آهي. حادثي کان اڳ ڊائنا جو هڪ امير عرب بزنيس مئن ڊوڊي فهد سان معاشقو پئي هليو ۽ ٻئي مري ويا.
ڊائنا جي گهر جو ڪجهه سامان چوري ڪرڻ جو الزام، پال بريل (Paul Burral) نالي گهر جي بٽلر (بورچيءَ) تي لڳايو ويو هو، جيڪو ڪجهه عرصو جيل ۾ رکيو ويو هو. کيس آزاد ڪرڻ وقت هن پوليس کي جيڪي ڊائنا بابت سنسني خيز خبرون ٻڌايون، اهي دنيا جي اخبارن ۾ شَد مَد سان ڇپيون ويون ۽ انهن ئي خبرن ۾ اسان جي ڪراچيءَ جو اصل رهاڪو گلو لالواڻي مشهور ٿيو.
ڊائنا جو بٽلر، پال ٿو ٻڌائي ته: ”ليڊي ڊائنا جو پاڪستاني ڊاڪٽر حسنات سان انڌو عشق هو. هوءَ هن پٺيان چري هوندي هئي ۽ ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ هوءَ ڊاڪٽر حسنات کي منٿون ڪندر رهندي هئي“.
بٽلر پال ٻڌائي ٿو ته ليڊي ڊائنا پنهنجي برٿ ڊي تي ڊاڪٽر حسنات سان بنا ڪپڙن جي، صرف فرڪوٽ ۾ ملڻ وئي. هوءَ لڪ چوريءَ عمران خان جي معرفت ڊاڪٽر حسنات جي خاندان سان ملڻ لاءِ پاڪستان به وئي. هن ڊاڪٽر حسنات لاءِ سائوٿ آفريڪا ۾ نوڪريءَ جو بندوبست ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، جيئن هوءَ هن سان شادي ڪري هن سان گڏ اتي وڃي رهي.
بٽلر پال پوليس کي اهو به بيان ڏنو ته ڊاڪٽر حسنات کي ساڙڻ ۽ هن جي دل ۾ رقابت جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ، هن دنيا جي مشهور ڪمپني بيناٽون جي چيئرمين گلو لالواڻيءَ سان به معاشقو ڪيو ۽ هن جي قيمتي ڪارن ۾ نه رڳو گهمڻ ڦرڻ لڳي، پر هن سان گڏ فوٽو به ڪڍرايائين، جيڪي پوءِ اخبارن ۾ اچي ويا. انگريز فوجي هيوٽ ۽ ڊاڪٽر حسنات عمر ۾ وري به ڊائنا جيڏا هئا، پر گلو لالواڻي ته شهزادي چارلس کان به پوڙهو ۽ ڊائنا کان 23 سال وڏو ٿيو..... بهرحال گلو لالواڻي پنهنجي موبائيل فونن جي ڪمپني بيناٽون ۽ پئسي ڏوڪڙ سبب برطانيا جي هڪ مشهور شخصيت ته ضرور هيو، پر ڊائنا جي بٽلر پال جي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد، ڊائنا جي ٻڌايل قصن بعد، جهلم (پنجاب) جي ڊاڪٽر حسنات سان گڏ، اسانجي ڪراچيءَ جو گلو لالواڻي به دنيا ۾ مشهور ٿي ويو.
چون ٿا ته گلو لالواڻيءَ جي ليڊي ڊائنا سان دوستي ان وقت ٿي جڏهن اليڪٽرونڪ جي هن شهنشاهه (tycoon) ڊائنا کي ڪنهن خير جي ڪم لاءِ تمام وڏي رقم ڏني. ان بعد ٻئي ڄڻا ملندا رهيا، پر دنيا کي ان وقت خبر پئي، جڏهن هڪ رات گلو، ليڊي ڊائنا کي لنڊن جي هڪ هاءِ ڪلاس ڪلب انابيل (Annabel) ۾ ڊنر ۽ ڊانس لاءِ وٺي ويو، جتي ٻن ڄڻن جي ڊنر جو بل اسانجا 25000 رپيا ٿين ٿا. هو سڄي رات ڊانس ڪندا رهيا. ڪجهه اخباري نمائندن لڪ ڇپ ۾ سندن فوٽو به ڪڍي ورتا، جن مان هڪ فوٽو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو، جنهن ۾ هوءَ گلوءَ سان بيحد خوش نظر اچي رهي آهي. ايتري قدر جو ان بابت گلوءَ جي پهرين طلاق يافته زال وملا، ڪمينٽس ڏنا ته: ”منهنجو سابق مڙس گلو لالواڻي تمام سٺو ڊانسر آهي ۽ ڊائنا تمام گهڻو لطف ورتو هوندو“.
“At the movement I believe Gulu & Diana are just friends-but you never know what might happen”.
ان ملاقات جي فاش ٿيڻ تي جڏهن صحافين گلو لالواڻيءَ کي سوڙهو ڪيو ته جواب ۾ هن ٻڌايو ته هنن جي وچ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن....“She is divorced….. and I am divorced”. گلوءَ چيو هو.
گلوءَ جي اڳوڻي زال اهو به ٻڌايو ته گلو ۽ ڊائنا جي دوستي ڇهن سالن کان هلي رهي هئي ۽ ڪيترن ئي فنڪشنن ۾، خاص ڪري خيرات لاءِ چندو جمع ڪرڻ جي محفلن ۾، گلو پنهنجن ٻارن، ’ڏنو‘ ۽ ’ڊويا‘ سان گڏ ڊائنا سان ملندو پئي رهيو. پر ان رات انابيل ڪلب ۾ ٻنهي کي گڏ ڏسي ماڻهن کي شڪ ٿيو ته هنن جي دوستي فقط دوستي ناهي. ان رات اڍائي بجي تائين ڪلب ۾ رهڻ بعد گلو پنهنجي سوا لک پائونڊن (يعني ٻه ڪروڙ رپين) واري ڪاري رنگ جي بينٽلي
(Bentley Azure) ڪنورٽيبل ڪار ۾ ڊائنا کي ڪينسنگٽن محل ۾ ڇڏڻ لاءِ آيو. اخبارن ۾ هو ته، اها خبر نه پئجي سگهي، ته گلو اتي ڪيترو وقت ترسيو، پر ڊائنا ٻئي ڏينهن دير تائين ستي رهي. جيتوڻيڪ هن وڏي عرصي کان لنڊن جي علائقي “Neasden” ۾ هڪ هندو مندر گهمڻ جو پروگرام ٺاهي رکيو هو. بهرحال دير سان ئي سهي ڊائنا شري سوامي ناراين مندر (انڊيا کي ڇڏي باقي دنيا جي هندو مندرن مان وڏي ۾ وڏي مندر) ۾ ڏيڊ ڪلاڪ گذاريو ۽ هوءَ بيحد سٺي موڊ ۾ نظر اچي رهي هئي.
گلو جڏهن ڪراچيءَ کان لنڊن آيو هو ته هن کي رهائش ۽ کائڻ لاءِ خاص پئسو نه هو. 1958ع ۾ هن پنهنجي ڀيڻ جي ”بيناٽون“ نالي ڪمپني ٺاهي. ان مان هو ايڏو امير ٿي ويو، جو اڄ انگلئنڊ جي امير ترين ماڻهن ۾ ٻارهون نمبر آهي. شروع کان سندس دوستن ۾ وڏا ماڻهو ۽ سهڻيون عورتيون رهيون آهن. ڊائنا سان دوستيءَ کان 30 سال اڳ هو هر وقت انڊيا جي مس ورلڊ ريتا فِاريا کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو هو. پاڻ ڪيترا دفعا ان ڳالهه جو اظهار ڪري چڪو آهي ته ڌنڌي ۾ گهڻو مشغول هجڻ ڪري، هو پنهنجي زال وملا کي اهو قرب ۽ وقت نه ڏئي سگهيو ۽ سندس بي قدريءَ جي ڪري ئي طلاق ٿي وئي. وملا اڄ ڪلهه يوگا سيکاري ٿي ۽ کيس جڙي ٻوٽين مان ٺهيل سينگار (Herbal Cosmetics) جو ڪاروبار آهي. وملا جي ماءُ هوائي (آمريڪا) جي هئي.
شروع ۾ لکي آيو آهيان ته مونکي اها خبر هئي ته گلو لالواڻي ڪراچيءَ ۾ ڄائو ۽ اتي ئي هن ننڍپڻ گذاريو، پر اها خبر نه هئي ته هو مسلمان آهي يا هندو؟ آغا خاني آهي يا پارسي؟ هينئر ويجهڙائيءَ ۾، ٻه ٽي سال اڳ بئنڪاڪ جي ’منهوڙا هوٽل‘ جي سک مالڪ (جنهن جو پيءُ پڻ ڪراچي، شايد منهوڙي ۾ رهيو ٿي..... جتي اڄ به سک رهن ٿا) جي پٽ ٻڌايو ته گلو لالواڻي جين ڌرم جو آهي ۽ هن جي مادري ٻولي مارواڙي آهي، پر ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڪري هو سنڌي ۽ ڪڇي به ڳالهائي ٿو.
گلو لالواڻي اڄ ڪلهه ٿائلئنڊ جي اهم شخصيت آهي، جو هن ٿائلئنڊ جي هڪ ٻيٽ، ”پکيٽ“ تي 32 ملين پائونڊن (5 ارب رپين) جي ”رايل پکيٽ مئريانا“ ٺاهي آهي. اها 350 هيڪٽرن تي ڦهليل آهي جنهن ۾ هُنَ 60 کن هوٽلون، ڪيترائي ريسٽورينٽ، خوبصورت فلئٽن جون عمارتون (Condominiums) ۽ شاپنگ سينٽر ٺهرايا آهن. ڏٺو وڃي ته هي جين ڌرم جو واپاري وڏو خوش نصيب آهي، جو هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪاروبار ذريعي ايڏي وڏي ملڪيت ٺاهي. گلو لالواڻي پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪاميابيءَ جي ڏاهپ هميشه ٻين سان Share ڪندو رهي ٿو. ڪجهه سال اڳ هن هڪ اخبار ۾ لکيو هو ته:
“What his company “Binatone” has done Could be achieved by any UK company that is looking to achieve quality yet bring its costs down”.
هونءَ گلو لالواڻيءَ بابت لکندي، اهو خيال پئي آيم ته اسانجي سنڌي، اڙدو ۽ انگريزيءَ جي مشهور ليکڪ امر جليل کي فون ڪري، هن کان به گلولالواڻيءَ بابت پڇان. ٿي سگهي ٿو امر جليل گلوءَ کي سڃاڻندو هجي، جو ٻئي همعمر آهن. 1939ع ۾ ڄاوا آهن. ٻنهي جو ڪراچيءَ ۾ ننڍپڻ گذريو. ٻنهي جا والد واپار بدران نوڪرين ۾ هئا. امر جليل جو والد تعليم کاتي ۾ آفيسر هو ۽ گلوءَ جو فارماسيٽ ۾. ٻئي ”رامسوامي“ جي آسپاس واري علائقي ۾ رهيا ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻنهي پرائمري تعليم هڪ ئي اسڪول مان ورتي هجي.
هتي اهو به لکندو هلان ته ومِلا کي طلاق ڏيڻ بعد گلوءَ ترڪيءَ جي هڪ مشهور ماڊل ۽ ڳائڻي سيمي راميز پيڪان سان شادي ڪئي، جيڪا 2005ع ۾ گذاري وئي. گلوءَ جي ٻين ڀائُن، ڀينرن جا نالا آهن:
ڪرتار لالواڻي (جيڪو پوءِ سک ٿيو ۽ ڪرتار سنگهه سڏائڻ لڳو. ان دور ۾ ڪيترائي سنڌي هندو پڻ پنهنجي هڪ پٽ کي خالصو يعني سک بڻائيندا هئا)، بينا لالواڻي، پرتاپ لالواڻي ۽ موهني باوا.
گلوءَ جو پٽ ڏنو (Dino) ۽ ڌيءَ ڊويا، ۽ ڪرتار سنگهه جي پٽ تيج لالواڻيءَ بزنيس ۾ وڏو نالو ڪيو. ڊويا جي لنڊن ۾ زوما (Zuma) نالي ريسٽورنٽ آهي. ڏنو پيءُ جي ڪمپني بيناٽون جو ايم ڊي آهي ۽ هن جي گذريل سال مشهور بالي ووڊ فلم ائڪٽريس ليزا هيڊن سان شادي ٿي آهي. هوءَ انڊيا جي سپر ماڊل ۽ فيشن ڊزائينر پڻ آهي. سندس اڄ ڪلهه جي تازي فلم ”اي دل هي مشڪل“ تمام ٽاپ تي پئي وڃي. ان کان اڳ هن جي فلمن مان ڪجهه هي آهن: آئشا، راسڪلس، ڪُئين، شوقين، سئنٽا بئنٽا ۽ هائوس فل.
گلو لالواڻيءَ جو وڏو ڀاءُ 1931ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هن پيءُ وانگر فارمئسي پڙهي. MSc لنڊن مان ڪرڻ بعد پي ايڇ ڊي جرمنيءَ مان ڪئي ۽ هن اڳتي هلي 1971ع ۾ انگلئنڊ ۾ “Vitabiotics” نالي دوائن جي ڪمپني ٺاهي، جيڪا وٽامن جون گوريون ٺاهڻ سبب دنيا ۾ مشهور آهي.