6
”نه. بلڪل نه. آئون اندران به ڏسي چڪو آهيان“. مون وراڻيو مانس.
”ڀلا بهادر شاهه ظفر روڊ تي ڪنهن ٻئي هنڌ هلون؟“. ارواديپ سنگهه نالي هن سک ڊرائيور پڇيو. هو MAMC ڪاليج کان علاوه هن روڊ تي موجود ڪجهه ٻيون عمارتون ڳڻائڻ لڳو.... ”سر! فيروز شاهه ڪوٽلا ڪرڪيٽ اسٽئڊيم؟ فيروز شاهه ڪوٽلا قلعو؟ ڊالس (گُڏين جو) ميوزيم؟ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي بلڊنگ؟“.
”نه مسٽر ارواديپ سنگهه! مونکي هن روڊ تي اچي، مزو نٿو اچي“. مون مختصر جواب ڏنو.
”سر! هي روڊ ته توهانجي مسلمان بادشاهه نالي آهي. توهان کي ته خوشي ٿيڻ کپي.....“. ٽئڪسي ڊرائيور چيو. پر مونکي خاموش خلائن ۾ گهوريندو ڏسي ماٺ ٿي ويو. ”سر! ڀلا اسان جو ٽڪاڻو گرودوارو بنگلا صاحب ڏسڻ هلندئو؟“.
”ڪٿي آهي؟“. مون پڇيو.
”اجهو اهو پٺيان ئي ته آهي“. هن وراڻيو. ”ڪناٽ پليس وٽ ئي ”بابر کڙڪ سنگهه روڊ“ تي ئي“.
”ڀلي هل. پر فوٽو ڪڍڻ ڏيندا؟“. مون پڇيو.
”کوڙ. جيترا چوندئو“. ارواديپ سنگهه وراڻيو ۽ پنهنجي ٽئڪسي ڪناٽ پليس جي چوڌاري ڦرندڙ ٻاهرين گول رستي تي آڻي، سنساد مارگ (روڊ) ڇڏي، ان بعد اولهه ڏکڻ ڏي ويندڙ رستي ’بابا کڙڪ سنگهه‘ ڏي موڙي. ان گول روڊ تي اڳيان ”شهيد ڀڳت سنگهه روڊ“ ۽ ”پانچ ڪئان (پنج کوهه) مارگ“ روڊن جا تير لڳل هئا.
بهادر شاهه ظفر نالي ڪراچيءَ ۾ به هڪ روڊ آهي، جنهن کان گهڻا واقف هوندا. ان روڊ کان نه ته، طارق روڊ کان ته هر هڪ واقف هوندو، جيڪو شاهراهه قائدين (جتي مئڪڊونالڊ ريسٽورنٽ ۽ بحريا ٽائون ٽاور آهي) کان شروع ٿي شهيد ملت روڊ (ايڪسپريس وي) تائين اچي ٿو. ان جي ٻئي پاسي کان اهو روڊ بهادر شاهه ظفر جي نالي سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ”بهادر آباد“ وارو علائقو آهي. اهو روڊ سر ابراهيم هارون جعفر روڊ تي وڃي دنگ ڪري ٿو، جتي دائود پبلڪ اسڪول آهي. وچ ۾ ”چار مينار“ نالي چورنگي به اچي ٿي، جيڪو هنڌ دراصل بهادر آباد مارڪيٽ آهي. هن روڊ تان ڪيترا دفعا لنگهڻ تي مونکي ڪڏهن به ڪو احساس يا خيال نه ايندو آهي پر دهليءَ ۾ ان ساڳي روڊ تان لنگهڻ مهل ڪئين ڳالهيون دماغ ۾ واچوڙو پيدا ڪنديون آهن.... شايد ان ڪري جو هنن جاين تان مغل سلطنت..... يا کڻي چئجي ته ”دي گريٽ مغل ايمپائر“ (جنهن هندوستان تي 300 سال راڄ ڪيو) جو آخري حاڪم بهادر شاه ظفر دوم (مرزا ابوظفر سراج الدين محمد بهادر شاهه ظفر) جو ضرور هلڻ چلڻ ٿيو هوندو. هڪ هيڏي وڏي سلطنت، شان ۽ دٻدٻو رکندڙ بابر، همايون، اڪبر، جهانگير، شاهه جهان، اورنگزيب جهڙن حاڪمن جو اولاد..... بادشاهه ٿيڻ بعد ڪيئن تخت تان لاٿو ويو، زنجيرن ۾ ٻڌو ويو، هن جي پٽن کي هن جي اکين اڳيان شوٽ ڪيو ويو. حسين حلمي (Husseyin Hilmi Isik) نالي هڪ ترڪ مسلمان جي لکيل ڪتاب موجب هڊسن نالي انگريز جنهن هنن شهزادن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا ان هنن جي وهندڙ رت مان پيالو ڀري پيتو ۽ پوءِ اهي سرَ جنرل هينري وليم برنارڊ حوالي ڪيا ويا، جنهن انهن مان سُوپ جو پيالو ٺهرائي اڃايل ۽ بکايل بهادر شاهه ظفر ۽ ان جي زال زينت محل کي زوريءَ پيڻ لاءِ چيو. هنن کان نه گوشت چٻاڙيو ٿي ٿيو نه ڍڪ ڀريو ٿي ٿيو. هو آت ڏيندا رهيا ۽ جيڪي سندن پيٽ اندر ويو هو، اهو الٽيءَ ۾ نڪري آين. هنن جيئن ئي پيالو پٽ تي رکيو ته هڊسن رڙ ڪري چين:
“Why don’t you eat it? It is a delicious soup. I had it coocked from your sons’ flash”.
ان بعد کين رنگون برما جي مندالا جيل ۾ رکيو ويو. هن بادشاهه جي ڪهاڻي پڙهڻ وارو هرڪو چوي ٿو ته زندگي ڇا آهي؟! اهي بادشاهه جن تاج محل ۽ لال قلعي جهڙيون سوين عمارتون ٺهرايون، جن وٽ هيرن جواهرن جا ڍير هئا ۽ جن سمجهيو ٿي ته هنن وٽ ايڏي طاقت ۽ مال متاع آهي جو هنن جون ست پيڙهيون ته ڇا، سندن اولاد قيامت تائين عيش ڪندو رهندو..... ڇا هنن تصور به ڪيو هوندو ته اڄ نه ته سڀان سندن لاڏ ڪوڏ سان پليل شهزادو بهادر شاه ظفر ائين در بدر ٿي ويندو..... هن کي پنهنجي وطن مان لوڌيو ويندو..... هن کي هڪ ڏورانهين ڏيهه، انڊيا کان اجڙيل ملڪ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو ۽ هن کي چوڻو پوندو ته:
لگتا نہیں ہے دل میرا اجڑے دیار میں
کس کی بنی ہے عالمِ، ناپائیدار میں
کہدو ان حسرتوں سے کہیں اور جا بسیں
اتنی جگہ کہاں ہے دل داغدار میں
عمر دراز مانگ کر لائے تهے چار دن
دو آرزو میں کٹ گئے دو انتظار میں
کتنا ہے بدنصیب ’ظفر‘ دفن کے لئے
دوگز زمیں بهی نہ ملی کوئے یار میں
ڪجهه ڏينهن اڳ انٽرنيٽ تي انڊيا جي ڪنهن بلاگ تي بهادر شاهه ظفر جي ڪهاڻي پڙهيم، جنهن ۾ لکندڙ اسان پڙهندڙن کي احساس ڏيارڻ چاهيو آهي ته، انهيءَ بادشاهه جو خيال ڪرڻ کپي، جنهن جي وڏن انڊيا ۾ تاج محل جهڙيون عمارتون، محل، قلعا ٺهرايا.هيٺان مختلف ماڻهن جي لکيل Comments مان انڊيا جي هڪ مسلمان جو ئي Comment هيو ته: ”هن جي وڏن جي تاج محل يا ٻيون عمارتون، باغ، قلعا ۽ مسجدون ٺهرايون، ته ڇا پنهنجي پيءُ جي پئسي مان ٺهرايون؟. اسان جي ملڪ کي لٽي، عوام کي غريب بڻائي، پنهنجو نالو روشن ڪيائون. جيڪا عياشي ٿي ڪيائون، اها ڇا پنهنجا پورهئي مان ڪمايل پئسي مان ٿي ڪيائون؟ بابر جڏهن انڊيا ۾ آيو هو ته هن وٽ هيو ئي ڇا؟ يا سندس ملڪ ۾ هيو ئي ڇا؟! بک ۽ بدحاليءَ کي مِٽائڻ لاءِ هن اسان جي سرسبز وطن کي تاراج ڪري ڇڏيو.... اسان جي اڄ جي عياش ۽ ڪرپٽ حاڪم کي تاريخ جي ان تبديليءَ مان سبق حاصل ڪرڻ کپي......“.
منهنجي خيال ۾ نه فقط انڊيا پر دنيا جي هر ملڪ جي حاڪم کي ان مان عبرت حاصل ڪرڻ کپي، جيڪي حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ مسڪينيءَ واري حالت ۾ آهن ۽ حاڪم ٿيڻ بعد عوام جي خوشحاليءَ جو سوچڻ بدران، پنهنجو بئنڪ بئلنس وڌائين ٿا. ملڪ ۾، ۽ ولايتن ۾، عمارتون خريد ڪن ٿا، پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد لاءِ فئڪٽريون ۽ ڪارخانا هڻن ٿا ــ ڇا آهي ڪنهن کي خبر ته اهو ڦرلٽ جو پئسو ۽ مال سندن يا سندن اولاد جي نصيب ۾ به ايندو؟! ڇا کين اها ڄاڻ ناهي ته: ”کس کی بنی ہے عالم ناپائیدار میں“۔
منهنجا 50 سالن کان مٿي ڄمار وارا پڙهندڙ جي ٿورو به ماضيءَ ۾ ليئو پائيندا ته هنن کي سندن آس پاس جا ڪيترائي رشوت خور ڪامورا، ڪرپٽ سياستدان، ظالم وڏيرا ۽ ٺڳ واپاري ياد ايندا، جن ڪيئن حرام جي طريقن سان پئسو ٺاهيو.... ۽ جڏهن ٺاهيو پئي ته هنن کي ڪو ڊپ ڊاءُ نه هو، ويتر ڪيترن هنن سان رشڪ ٿي ڪيو ته اسان کي به ڪنهن اهڙي کاتي ۾ نوڪري ملي وڃي جتي ملڪ ۽ عوام جو پئسو ڦري جلد امير ٿي وڃجي..... ۽ پوءِ توهان ڏٺو هوندو ته جيڪي هنن سوچيو هوندو ان کان به وڌيڪ هنن وٽ اچي ويو هوندو ۽ هو هميشه ئي تصور ۾ هوندا ته هاڻ هنن جون ست پيڙهيون پيون عيش ڪنديون. پر يارو! قدرت جا پنهنجا حساب ڪتاب آهن ۽ توهان جي اڳيان اهڙا به مثال هوندا جو ست پيڙهيون ته پري جي ڳالهه آهي، هو پاڻ جيل حوالي ٿي ويا هوندا ۽ کانئن سڀ ملڪيت کسجي وئي هوندي.... يا اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويا هوندا، جنهن جي علاج لاءِ الهه تلهه ناس ٿي ويو هوندن...... يا پاڻ حادثي ۾ مري ويا هوندا ۽ پٺيان اولاد ملڪيت خاطر هڪ ٻئي جي خون جا پياسي ٿي پئي هوندي...... يا وري شرابي ڪوابي اولاد ملڪيت، عياشيءَ ۾ دف ڪري ڇڏي هوندي. سو يارو! اهي اسان انسانن جي سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ مثال آهن.