9
فرخ سيار کان پوءِ هندستان جو مغل شهنشاهه محمد شاهه ٿيو. جيڪو ”رنگيلي“ جي خطاب سان مشهور آهي. هن جي ڏينهن ۾ مغل سلطنت تباهيءَ جي ويجهو پهچي وئي. محمد شاهه 1702ع ۾ ڄائو ۽ 1719ع ۾ بادشاهه ٿيو ۽ 1748ع ۾ مرڻ تائين 29 سال حڪومت ڪيائين. مغل سلطنت، جيڪا هونءَ ئي تباهه ٿي رهي هئي، پرشيا (ايران) کان 1739ع ۾ نادر شاهه جي حملي، ان جي بنهه ڀينگ ڪري ڇڏي. اڳئين زماني ۾ ملڪن جا بادشاهه، حاڪم، راجا، مهاراجا، ملڪ هلائڻ ۽ پنهنجي عياشيءَ لاءِ مال ملڪيت هٿ ڪرڻ لاءِ ڪو ڪارخانا فئڪٽريون نه هڻندا هئا ۽ نه سٺي فصل جي پوک پٺيان پورهيو ڪندا هئا. هو موقعو ملڻ تي اهاني بهاني ڀرواري ملڪ تي چڙهائي ڪري، اتان جي حاڪم کي موچڙا هڻي، کانئس ۽ عوام کان اناج، گهوڙا، گڏهه، هيرا، جواهر ڦري پنهنجي ملڪ ايندا هئا. هو اهو به نه ڏسندا هئا ته ان ملڪ جو حاڪم يا عوام سندن هم زبان ترڪي، فارسي يا عربي ڳالهائڻ وارو آهي ۽ مسلمان آهي. بس ڪو نه ڪو بهانو ڪري ڪمزور حاڪم جي ملڪ تي چڙهائي ڪندا هئا. بلڪل ان بگهڙ وانگر جنهن ٻڪريءَ کي هڙپ ڪرڻ لاءِ چيو ته: ”مئڊم! تون پاڻي پي اوبر مون ڏي پئي ڪرين“.
ٻڪريءَ وراڻيس: ”تون درياهه جي اڳئين حصي تان پيو پاڻي پيئين ۽ آئون هيٺئين تان. منهنجي اوبر تو ڏي ڪيئن ايندي؟“.
پر سائين ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.... بلڪ، مٿا ئي مٿا ٿيندا آهن. بگهڙ ٻڪريءَ کي ”نالائق، زبان دراز، بدتميز“ چئي ٻه چار ٻيون گاريون ڏئي، چيري ڦاڙي رکيو. سو نادر شاهه جو وات پاڻي ٿي رهيو هو ته مغل سلطنت ۾ پئسو هڪ طرف آهي ته ان جا حاڪم ڪمزور ٻي طرف آهن. هن ان جو فائدو وٺي، پهريان غزني، ڪابل، لاهور ۽ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ پوءِ دهليءَ کي ساڙي ٻاري، مال ملڪيت گڏ ڪري ايران کڻي ويو. جيئن اڳتي هلي 1843ع ۾ انگريزن جي هڪ ننڍڙي لشڪر مياڻيءَ جي جنگ ۾ ٽن چئن ڪلاڪن ۾ فتح حاصل ڪري ورتي. تيئن ان کان هڪ صدي کن اڳ 1739ع ۾ نادر شاهه جي ننڍڙي لشڪر ڪرنال جي جنگ ۾ مغلن کي ٽن ڪلاڪن اندر سخت شڪست ڏئي ڇڏي. اهو لشڪر رستي ۾ سنڌ تي پڻ حملو ڪري آيو هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو هو. سنڌ ۾ به وڏي ڦرلٽ ڪيائين ۽ نور محمد ڪلهوڙي جا ٻه پٽ به کڻي ويو. دهليءَ ۾ ته اهڙيون باهيون ڏنائين ۽ ماڻهن جو قتل ڪرايائين جو انڊيا ۾ آيل ڌاريا داداگير انگريز ۽ پورچوگالي به ڊڄي ويا ته سندن مستقبل ڇا ٿيندو. انڊيا تي قبضو ڪرڻ جا خواب ته ٿيا پنهنجي جاءِ تي، هنن کي ڏڪڻي وٺي وئي ته هاڻ فقط سندن سر سلامت رهن.
نادر شاهه دهليءَ ۾ داخل ٿي، گهرن کي باهيون ڏيڻ جو حڪم هڪ طرف ڏنو، ته شهرين جي قتل جو ٻئي طرف. اٽڪل ٽيهه هزار ماڻهن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا. مغل شهنشاهه محمد شاهه، سندس ڪمانڊر ۽ وزير هٿ ٻڌي نادر شاهه کان معافيون ۽ رحم جي اپيل ڪندا رهيا.... پوءِ وڃي مس مس ٺاپر آئي. نادر شاهه جا سپاهي پهرين بادشاهه جي محلات کي، پوءِ عوام جي گهرن کي ٻهاري، مال ملڪيت ته کڻي ويا، پر مغل سلطنت جو تخت طاعوس، ’درياهه نور‘ هيرو ۽ سوچ کان مٿي دولت ۽ ان کان علاوه جيڪي هاٿي ۽ گھوڙا پسند آين، اهي به کنيائون. پوءِ ئي وڃي محمد شاهه رنگيلي جي جان بخشي ٿي. ان کان علاوه محمد شاهه کي پنهنجي ڌيءُ جهان افروز بانو بيگم نادر شاهه جي پٽ حوالي ڪرڻي پيئي.
هن سڄي خواريءَ بعد، نادر شاهه، محمد شاهه کي پڳ ٻڌي دهليءَ تي حڪومت ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان جي بدلي ۾ سنڌو نديءَ تائين جو علائقو هن نادر شاهه جي حوالي ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو لشڪر نادر شاهه جي فوج سان رکي رکي مقابلو ڪندو رهيو. نادر شاهه مٿين مال ملڪيت سان گڏ آخر ۾ ڪوهه نور هيرو به ساڻ کڻي ايران روانو ٿيو. نادر شاهه جي ان حملي بعد مغل سلطنت وري مٿڀري ٿي نه سگهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته هيڏي تباهيءَ ۽ خواريءَ بعد به اسان جي حاڪمن جي عورت ۽ شراب سان دلچسپي قائم رهي. مغل بادشاهه محمد شاهه جون آفيشلي ٽي شاديون اڳ ٿيل هيون ۽ بعد ۾ هن چوٿين شادي صفيه سلطان بيگم سان ڪئي. سندس پهرين زال سندس سوٽ (شهنشاهه فرخ سيار جي ڌيءُ) هئي، جيڪا بادشاهه بيگم (وڏي راڻي) سڏي ٿي وئي. ان بعد محمد شاهه ٻي شادي صاحبا محل سان ڪئي ۽ ٽين شادي هڪ ناچڻي هندو ڇوڪري اُڌم ٻائيءَ سان ڪئي. جنهن مان احمد شاهه بهادر پٽ ٿيس، جيڪو سندس مرڻ بعد گادي نشين ٿيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته نه فقط نادر شاهه، پر ڪجهه سالن بعد 1748ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ پڻ دهليءَ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ محمد شاهه مارجي ويو. احمد شاهه نه رڳو خوب ڦرلٽ ڪري واپس ويو، پر مارجي ويل شهنشاهه محمد شاهه جي ڌيءَ حضرت بيگم (جيڪا ٻي زال صاحبه محل مان هئي) سان شادي پڻ ڪيائين.
هونءَ ته مغل سلطنت جي ڪورٽن ۾ ترڪي ۽ فارسي ٻولي پئي هلي پر پوءِ آهستي آهستي اڙدو به مشهور ٿيڻ لڳي ۽ محمد شاهه جي ڏينهنن ۾ فارسي ختم ڪري پهريون دفعو اڙدوءَ کي ڪورٽ جي ٻولي ڪيو ويو. ڪيترن ليکڪن جو اهو به چوڻ آهي ته مغلن جي ڏينهنن ۾ نه پر 1857ع کان پوءِ انگريزن اڙدوءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو. بهرحال اهو آهي ته محمد شاهه جي ڏينهنن ۾ قواليءَ جو بنياد پيو ۽ محمد شاهه جي ڏينهنن ۾ قرآن مجيد جو پهريون دفعو اڙدو ۽ آسان فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ اهو به ته هونءَ مغل بادشاهه ۽ درٻاري ترڪ اسٽائيل جي ڊريس پائيندا هئا، محمد شاهه بادشاهه جي ڏينهنن ۾ شيرواني مشهور ٿي.
يارو! مغل شهنشاهه محمد شاهه، جيڪو سندس تخلص ”سدا رنگيلا“ ڪري رنگيلو به سڏبو هو، 1702ع ۾ ڄائو، 1719ع ۾ سترهن ورهن جي ڄمار ۾ بادشاهه ٿيو ۽ 1748ع ۾ وفات تائين حڪومت ڪيائين. هن پنهنجي وڏن بابر، همايون، اڪبر وغيره وانگر ته حڪومت نه ڪئي ۽ نه انهن جهڙو شان ۽ دٻدٻو رهيس، جيڪو 200 سال اڳ انهن جو هو...... بس مڙيئي نالي ماتر بادشاهه ٿيو ويٺو هو. جيئن اسان وٽ، فضل الاهي چوڌري، رفيق تارڙ يا هاڻ ممنون حسين صدر ٿيو ويٺا آهن. هي شهنشاهه محمد شاهه به انگريزن ۽ پنهنجي فوجي جرنيلن جي هٿن ۾ هلي رهيو هو. ويتر نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جهڙن جي حملن هن کي ۽ هن جي حڪومت کي هر عملي ڪم کان نااهل ڪري ڇڏيو. محمد شاهه کان پوءِ جيڪي بادشاهه ٿيا، انهن جو ته اهڙو به حال نه رهيو. 1748ع ۾ رنگيلي جي وفات بعد 1806ع تائين احمد شاهه بهادر، عالمگير ٻيو، شاهه جهان ٽيون ۽ شاهه عالم ٻيو بادشاهه ٿيا.
محمد شاهه رنگيلو
(ڄم: 1702ع، وفات: 1748ع)
(حڪومت: 1719ع کان 1748ع)
احمد شاهه بهادر
(ڄم: 1725ع، وفات: 1775ع)
(حڪومت: 1748ع کان 1754ع)
عالمگير ٻيو
(ڄم: 1699ع وفات 1759ع)
(حڪومت: 1754ع کان 1759ع)
شاهه جهان ٽيون
(وفات 1772ع)
(حڪومت: ڪجهه مهينا 1759ع)
شاهه عالم ٻيو
(ڄم: 1728ع، وفات: 1806ع)
(حڪومت: 1759ع کان 1806ع)