الطاف شيخ ڪارنر

واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

”منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟ هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي.“
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامو هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 3542
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واٽ ويندي (هند سنڌ جو سفر نامو)

11

منهنجيون ۽ توهانجون، بادشاهن ۽ حاڪمن تي، سندن ڪيل ظلمن ۽ بي جا عياشين سبب چڙون پنهنجي جاءِ تي، پر مغل سلطنت جي هن آخري مغل بادشاهه جي زندگيءَ ۾ هيئن ايندڙ غمن ۽ ڏکن جو سوچي، انسان غمگين ٿيو وڃي. ڪراچيءَ جي بهادر شاهه ظفر روڊ تي ته رڳو موٽرڪارن جا شوروم ۽ شاپنگ سينٽر آهن، پر دهليءَ جي بهادر شاهه ظفر روڊ تي ”خوني دروازي“ جهڙيون عمارتون ڏسي دل دهلجيو وڃي. هڪ پيرسن بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي انگريزن، سندس ٻن پوٽن، هڪ پٽ ۽ خاندان جي ڪجهه عورتن ۽ ٻارن کي پيريءَ ۾ (جڏهن هر ڪو پنهنجي گهر ۾ رهڻ چاهي ٿو) ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. هڪ اهڙو بادشاهه، جنهن جي وڏن کان هنن سورت ۽ مدراس جهڙن شهرن ۾ روزگار ڪرڻ لاءِ فئڪٽري هڻڻ جي اجازت گهري. اهو ماڻهو جيڪو ”شهنشاهه هند“ هو، اهو پنهنجي زندگيءَ جا آخري پنج سال هڪ معمولي کٽ تي کنگهندي کنگهندي گذاري ويو.
دهليءَ جو هي ڪناٽ پليس وارو علائقو گهمائڻ وارو سک ٽئڪسي ڊرائيور ارواديپ سنگهه منهنجي منع ڪرڻ تي وري وري پڇڻ لڳو ته: ”سر! بهادر شاهه ظفر روڊ تي ڇو نه هلان؟“. هاڻ هن کي آئون ڇا ويهي ٻڌايان ته مون کي ڊپريشن ٿو ٿئي...... هن کي ڇا ويهي مغل سلطنت جي شهنشاهن جا قصا ٻڌايان، جيڪي پڙهندڙن کي هن وقت ”فاسٽ فارور ڊنگ“ ۾ ٻڌايا اٿم.... هن کي ڇا ويهي ٻڌايان ته اسان جا مسلمان حاڪم اڄ به تاريخ مان سبق حاصل نٿا ڪن.... اڄ جي جمهوريت جي دور ۾ به هو عوام سان سندن خدمت ڪرڻ جو واعدو ڪري حاڪم بڻجن ٿا ۽ مغل بادشاهه بڻجي دائمي حاڪم بڻجن جا خواب ڏسن ٿا.
”بهادر شاهه ظفر مارگ“ (روڊ) تي نه هلڻ جو ٻڌي سک ٽئڪسي ڊرائيور ”کڙڪ سنگھه روڊ“ ڏي ٽئڪسي موڙي، هن مونکي ان روڊ تي موجود هڪ سکن جو ٽڪاڻو (گرودوارو) ڏيکارڻ ٿي چاهيو، جنهن لاءِ مون هائوڪار ڪئي مانس.
1957ع واري هن ”بلوي“ يا ”آزاديءَ جي جنگ“ ۾ انگريزن جي هار ٿئي ها ته بهادر شاهه ظفر مغل بادشاهن ۾ هڪ نيڪ بادشاهه مڃيو وڃي ها ۽ اڄ اسان جي هٿن ۾ جيڪو سندس شاعريءَ جو سنهو ”ڪلياتِ ظفر“آهي، ان کان به ٿلهو هجي ها. کيس سندس پنجن زالن مان ڪيترائي پٽ هئا جن مان ٻه ته ساڻس گڏ رنگون ۾ رهيا ۽ انهن جو اولاد اتي آهي. ٻه پٽ سندس آڏو قتل ڪيا ويا. ٻيا هندوستان جي مختلف شهرن ۾ لڪي ويا. سندس پٽ مرزا فخرو (مرزا فتح الملڪ 1856ع-1816ع) وليعهد شهزادو هو. يعني مغل سلطنت قائم هجي ها ته بهادر شاهه ظفر کانپوءِ سندس هي پٽ تخت تي ويهي ها. شهزادي فخروءَ کي ٻن زالن: رفعت سلطان بيگم ۽ وزير خانم مان ٽي پٽ هئا....... ٻه سڳا ۽ هڪ ويڳو. ويڳو پٽ اڙدوءَ جو مشهور شاعر ”داغ دهلوي“ سندس زال وزير خانم مان هو. 1857ع جي لڙائيءَ کان چار سال اڳ 1953ع شهزادي فخروءَ کي پنهنجي رهائش گاهه لال قلعي ۾ ولي عهد مقرر ڪرڻ جي رسم ادا ڪئي وئي هئي. شهزادي فخروءَ سان وزير خانم (داغ جي والده) جي ٻي شادي هئي. وزير خانم دهليءَ جي هڪ جواهريءَ جي ڌي پنهنجي وقت جي هڪ حَسين ترين عورت هئي، جنهن فيروزپور جهرڪا جي نواب شمس الدين احمد خان سان عشق جي شادي ڪئي، جنهن مان کيس داغ دهلوي ڄائو. انگريزن 1835ع ۾ نواب شمس الدين کي هڪ انگريز وليم فريزر کي قتل ڪرائڻ جي ڏوهه ۾ ڦاهي ڏني. داغ ان وقت چئن سالن جو هو ۽ سندس ماءُ وزير خانم 34 سالن جي هئي. هوءَ ان وقت به بيحد حَسين هئي ۽ هر هڪ هن سان شاديءَ جو خواهشمند هو. وزير خانم شهزادي فخروءَ سان شادي ڪئي ۽ ننڍڙي ٻار ”داغ“ سميت ولي عهد شهزادي فخروءَ وٽ لال قلعي ۾ اچي رهي. جتي ”داغ“ کي بهترين تعليم ملي ۽ بعد ۾ هو شاعريءَ جي معاملي ۾ ان وقت جي مشهور شاعر محمد ابراهيم ’ذوق‘ (1854ع-1789ع) جو شاگرد رهيو. جنهن جو بهادر شاهه ظفر به شاگرد هو. هن خوبصورت شعر وارو ”ذوق“.....

لائی حیات آئے، قضالے چلی چلے
اپنی خوشی نہ آئے، نہ اپنی خوشی چلے

ہو عمر خضر بهی تو معلوم وقت مرگ
ہم کیا رہے یہاں ابهی آئے ابهی چلے

ذوق جو هڪ ٻيو شعر يا ٿو اچي:

دنیا میں تیرے ذوق پہ حیران ہوگیا
پهولوں کے کاروبار میں نقصان ہوگیا

۽ هڪ تمام مشهور شعر:

اب تو گهبرا کے یہ کہتے ہیں کہ مرجائیں گے
مرکے بهی چین نہ پایا تو کدهر جائیں گے

بهرحال پڙهندڙن کي آئيڊيا ٿي ويو هوندو ته انهن ڏينهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا شاعر هئا، جيڪي 200 کن سال گذرڻ بعد اڄ به اوترا ئي مشهور آهن ۽ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪن ٿا. ذوق 1789ع ۾ ڄائو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ذوق کان پورا سؤ سال وڏو هو ۽ 1689ع ۾ ڄائو هو. سندس وفات 1752ع ۾ ٿي ۽ 37 سالن بعد ذوق ڄائو هو ۽ ان کان پوءِ 8 سال رکي 1797ع ۾ مرزا غالب ڄائو، جيڪو پڻ بهادر شاهه ظفر جي درٻار ۾ موجود هوندو هو. شاهه لطيف جي ڏينهن ۾ هندستان جا مغل بادشاهه هئا: اورنگزيب، بهادر شاهه اول، جهاندار شاهه، فرخ سيار، رفيع الدرجات، شاهجهان دوم، محمد شاهه رنگيلو ۽ احمد شاهه بهادر.
هتي اهو به لکندو هلان ته داغ دهلويءَ جو پيءُ نواب شمس الدين، جنهن انگريز وليم فريزر (1835ع-1784ع) کي قتل ڪرايو، اهو سول سرونٽ هو ــ جيئن اسان جا CSP آفيسر ٿين ٿا. هُو انڊيا جي گورنر جنرل جو ايجنٽ (سيڪريٽري ٽائيپ) هو. هن جو دهليءَ ۾ ڪشميري دروازي وٽ گهر هو. اهو گهر اڄ به سينٽ جيمس چرچ جي پٺيان موجود آهي، جيڪو اڄ ڪلهه انڊيا جي ناردرن ريلويز جي چيف انجنيئر جي آفيس طور استعمال ٿئي ٿو. منهنجو به ان آفيس ۾ اتفاق سان وڃڻ ٿيو، جو ان ڀيري جنهن اوڏ دوست جي پٽ جي شاديءَ تي دهلي ويو هوس، ان جي ساهرن جو ڪو ماڻهو، جنهن سان گڏ اسان گهمڻ لاءِ نڪتا هئاسين، ان آفيس ۾ ڪم ڪري رهيو هيو ۽ کيس اُتان پنهنجا ڪاغذ پٽ کڻڻا هئا.
انگريز وليم فريز جي قتل ۽ نواب شمس الدين جي ڦاهيءَ جو تفصيلي احوال ڪنهن کي پڙهڻ جو شوق هجي ته هو سرٿامس (Sir Thomas (Metcalfe جو 1844ع ۾ لکيل ڪتاب “Delhi Book” ضرور پڙهي. وليم فريز دهليءَ جي ان سينٽ جيمس چرچ ۾ دفن ٿيل آهي، جيڪا ڪرنل جيمس اسڪنز ٺهرائي ۽ ان ئي وليم فريزر کي اتي دفن ڪيو.
هڪ ٻي مزيدار ڳالهه. مٿي بيان ڪيل ناردرن ريلويز جي چيف انجنيئر جي آفيس، جيڪا ڪنهن زماني ۾ وليم فريزر جو بنگلو هئي، ان جو احوال 1994ع ۾ ڇپيل هڪ مشهور ڪتاب “City of Djinns” (جنن جو شهر) ۾ پڻ آهي. جيڪو احوال ڪتاب جي مصنف وليم دالر مپيل (William Dalrymple) هي بنگلو گهمڻ بعد لکيو آهي.
1857ع واري هندستان جي سپاهين ۽ انگريزن جي فساد/بلوي/آزاديءَ جي جنگ کان سال اڳ بهادر شاهه ظفر جو هي ولي عهد شهزادو مرزا فخرو (داغ دهلوي جو ويڳو پيءُ) گذاري ويو. دهليءَ جون ان وقت کان حالتون خراب ٿي رهيون هيون، ان ڪري 25 سالن جو داغ پنهنجي ماءُ سان گڏ پنهنجي اباڻي رياست رامپور ۾ اچي رهيو، جتان پوءِ بعد ۾ هو حيدرآباد دکن جي نظام ڇهين جي درٻار ۾ اچي رهيو، جتي هن کي سٺي شاعر جي حيثيت ۾ وڏي پگهار تي رکيو ويو.
آخري مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر جو احوال لکندي، مون پنهنجي فرمائش تي داغ دهلويءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. جنهن جا پڻ ڪيترائي شعر اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ٿيندڙ بيت بازين ۾ استعمال ڪندا هئاسين. ڪجهه ته هينئر به ياد آهن. جيئن:
رات اس کو بهی خواب میں دیکها
جس کو ہر دم حجاب میں دیکها

داغ جو هي غزل ته شايد گاني طور ڪنهن فلم ۾ به اچي چڪو آهي:

رہے گا عشق تیرا خاک میں ملا کے مجهے
کہ ابتدا میں ہوئے رنج انتہا کے مجهے


دئے ہیں ہجر میں دکهہ درد کس بلا کے مجهے
شب فراق نے مارا لٹا لٹا کے مجهے

بغیر موت کے کس طرح کوئی مرتا ہے
میرا رقیب بهی رویا گلے لگا کے مجهے

غصب کی آہ میری ”داغ“ نام ہے میرا
تمام شہر جلاؤگے کیا جلا کے مجهے

نه فقط مٿيون پر هي شعر پڻ توهان ڪنهن جي سر ۾ ضرور ٻڌو هوندو. ٿي سگهي ٿو هي به ڪنهن فلم ۾ گاني طور آيو هجي ــ هن وقت مونکي اهو ياد ناهي..... پر اها پڪ اٿم ته هي غزل پڻ مرحوم داغ جو آهي:

دل گیا تم نے لیا ہم کیا کریں
جانے والی چیز کا غم کیا کریں

پورے ہونگے اپنے ارمان کس طرح
شوق بیحد، وقت ہے کم، کیا کریں

بخش دیں پیار کی گستا خیاں
دل ہی قابو میں نہیں، ہم کیا کریں

معاملہ ہے آج حسن و عشق کا
دیکهیئے وہ کیا کریں ہم کیا کریں

کہہ رہے ہیں اہل سفارش مجھہ سے ”داغ“
تیری قسمت ہے بُری ہم کیا کریں