مڇيءَ جي اک سان سمندر ڏسندڙ: الطاف شيخ
پوڙهو جهاز ران
مڇيءَ جي اک سان
سمندر ڏسي ٿو
جڏهن جڏهن به پڙهيو هوندم، منهنجي تصور ۾ سائين الطاف شيخ جو چهرو ئي اڀري آيو هوندو.... پر وري ٻئي لمحي ئي اهو به سوچيو هوندم ته: ”الطاف شيخ ”پوڙهو“ ڪٿي آهي..... هُو ته اڄ به جوانن کان جوان آهي........“. سائين الطاف شيخ جي حڪم تي پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ٿيندڙ سندس سفرنامي ”بنارس کان برمودا“ ۽ هينئر سندس هن نئين سفر ڪٿا ”واٽ ويندي“ جا پروف پڙهندي، مان مسلسل حيران ٿيندو رهيس ته الطاف صاحب هن عُمر ۾ به مسلسل لکي رهيو آهي ۽ سندس لکڻيون محض ڪي ”حالَ احوالَ“ ئي نه ٿيون هُجن.... هُو زبردست پلاننگ ۽ تحقيق کي پنهنجين لکڻين ۾ شامل ڪري، انهن جي اهميت کي وڌائي ٿو ڇڏي. ذڪر ڪيل ڪتابَن جي تياريءَ دوران اڪثر سائين الطاف شيخ سان منهنجي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ۽ ”هيلو“ کان وٺي ”الله واهيءَ“ تائين، سندس آوازُ، سندس جُملا، مون هميشه شفقت ۽ ٻاجههَ ڀريا ئي محسوس ڪيا آهن. الطاف صاحب سان رُوبرو ملاقات اڃان ٿي ناهي سگهي، ڪجهه عرصو اڳ خيرپور ۾ سندس ڪتابَ ”مونکي موهيو ملائيشيا“ جو مهورت ”پوپٽ“ طرفان ئي ٿيو، سائين خيرپور آيو، پر اتفاقَ سان مان ان ڏينهن ۾ ڪنهن ضروري ڪَمَ سبب ڪراچيءَ ۾ ترسيل هُيس.... ۽ ائين انهيءَ يادگار تقريبَ لاءِ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض، جيڪي مون کي نباهڻا هئا، مان نباهي نه سگهيس. ائين به آهي ته ”الطاف شيخ“ سان ملاقات هَروڀَرو ضروري به ناهي.... ”الطاف شيخ“ سان منهنجي ملاقات ته پنجٽيههَ سال اڳ، اسڪول ائج ۾ ئي ٿي وئي هُئي، جڏهن گرمين جي وئڪيشن ۾، پنهنجي ڳوٺ واري گهر جي پَڌرَ ۾ بيٺل کَبَڙَ جي جھوني وَڻَ جي ٽارين ۾، اسان ٻارن پاران ئي جوڙيل مَڏ ۾ ويهي، مون سندس سفرنامي ”بندر ديسان ديس“ جو اوائلي ڇاپو پهريون دفعو پڙهيو هو. کبڙ جو اهو جھونو وَڻُ اڳتي هلي ڪٽجي ويو..... پَرَ الطاف شيخ جي لکيل ڪتابن جي ڇانوَ اڳي کان به گھاٽي ٿيندي پئي وڃي.
هُو هِنَ وقت تائين پنهنجي ڇانءَ وند ڪتابن جا سؤ جي قريب درخت پوکي چُڪو آهي، جن جون جڙون سنڌي ڪتابَ پڙهندڙن جي جيءَ ۾ لٿل آهن.
لکڻ الطاف صاحب جو ”وڇاڻو ۽ وهاڻو“ آهي ــ هُنَ هِڪَ ڄمارَ ۾ ڪيترين ئي ڄمارن جيترو ڪَمُ ڪري ڇڏيو آهي. هُنَ ”ماءُ“ ۽ ان کان پوءِ ”زال“ جي ڪڇ ۾ عُمر ڳاري ڇڏيندڙ ”سنڌي نوجوانن“ کي، دُنيا جهانَ جا ڏَسَ پتا ڏنا آهن، ۽ انهيءَ دنيا جهانَ کي وؤڙڻ لاءِ همتايو آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي پڙهي سنڌ جي نوجوانن دنيا جي گولي کي پنهنجي آڱر تي ڦيرائڻ شروع ڪيو. سندس سفرناما اڄ به سنڌ ۾ Best Seller ثابت ٿين ٿا ۽ هُو مهورتن ۽ نُمائن جي چَڪَرن کان بي نياز ۽ بي پرواهه رهندي، مسلسل لکڻ ۾ مصروف آهي. الطاف صاحب غضب جو Utilitarian ماڻهو آهي، لکڻ وقت هُو پَني جو هِڪُ پاسو به ضايع ناهي ڪندو. هُو ونڊڻ ۽ ورهائڻ وارو ماڻهو آهي. تنوير عباسيءَ جي سٽن ”ڪجهه ڏئي وينداسي، ڪُجهه نه کڻي وينداسي“ وانگر، الطاف شيخ صاحب پنهنجون مُحبتون، دُنيا جهانَ مان خريديل ننڍن ننڍن تحفن، ڪتابن، رسالن جي صورت ۾ دوستن ۽ در آيل مهمانن ۾ ورهائيندي، دلي قرار محسوس ڪندو آهي. الطاف شيخ دوستين ۽ رشتن ناتن جي حفاظت ڪرڻ جو هُنر خُوب ڄاڻي ٿو. سندس شخصيت ۾ اجرڪَ جي ڦلڙين جهڙو سڀاءُ شامل آهي ۽ سندس ڪتابَ، سنڌي ادب جي شاندار عمارت ۾ جڙيل ڪاشِيءَ جي ٽائيلس جيان آهن.
الطاف شيخ جو ذهن هِڪَ قابل مئرين انجنيئر وارو ذهن آهي، پَر سندس دِل هِڪَ محبت ڪندڙ شاعر واري دل آهي. سندس مَنُ ڪبير ۽ ميران جي دوهن جهڙو آهي. ساڻس نه ملي به مون محسوس ڪري ورتو آهي ته هُو صفا سادو آهي، مِٽيءَ جهڙو يا وري پاڻيءَ جهڙو. پنهنجي پروفيشنل عمر گذاري، ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ به سمنڊ سان هُنَ جو ياراڻو ٽُٽو ناهي. مون کي وري به حسن درس جون سٽون ياد ٿيون اچن:
سمنڊ ٿو مون کي سڏي
مان هليو ويندس هتان
روز ٿو سوچي چوان
روز ٿو ڦاسي پوان
.........پَرَ الطاف شيخ کي سمنڊ جڏهن جڏهن به سڏي ٿو، هُو سوچَ جي سراب ۾ ڦاسي نه ٿو پوي، دل جي غوراب کي هڪلي، هِڪَ نئين سفر جو سانباهو ڪري نڪري پوي ٿو ۽ واپسيءَ تي هِڪَ نئين ڪتابَ جي صورت ۾، ساههَ ۾ سانڍڻ جهڙي سوکڙي کڻي ٿو اچي.
الطاف صاحب سنڌ جي مختلف درسگاهن ۾ سِنڌُ جي نئين رَتُ، سنڌ جي آئيندي، سنڌ جي نوجوانن سان رهاڻيون ڪري، انهن جي ڪيرئر ڪائونسلنگ به ڪندو ٿو رهي. سندس دِل سنڌ سان گڏ ڌڙڪندي ٿي رهي. دانگيءَ جي پوئين پاسي جهڙين سياسي روايتن، انتظامي جوڙجَڪَ جي نابينائيءَ، ڪرپشن جي ڪميڻي ڪاروبار، سنڌ جي وسيلن جي ڀيلَ، ميرٽ جي قتل عامَ، مڙهيل مهانگائي، هَٿَ سان پوکيل بيروزگاريءَ ۽ اهڙن ٻين مسئلن تي سندس دل ڏکندي ۽ جھڄندي ٿي رهي ۽ هُو انهن مِڙني مامرن جو اظهار پنهنجين لکڻين ۾، ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪندو ٿو رهي.
سائين الطاف شيخ جو هي ڪتابُ سفر ڪهاڻيءَ جي رُوپَ ۾ ننڍي کنڊ جي رُتُ هاڻي تاريخَ جو آئينو آهي. مذهب جي نالي ۾ ٿيل بدماشيون، محلاتي سازشون ۽ تاريخَ جا ٻيا ڊيڄاريندڙ، اُلٽيءَ جهڙا رُوپَ هِنَ ڪتابَ جي صفحي صفحي تي وکريا پيا آهن. الطاف صاحب ڳالهين ڳالهين ۾ تاريخي جي ڪَڙيُن، رَتَ ڳَڙُين جهڙين حقيقتن کي چٽو ڪيو آهي ۽ نئين نَسلُ جي ذهن کي، حقيقتن جي صاف پاڻيءَ سان ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان سمجھان ٿو ته هي ڪتابُ Researchers لاءِ ڪنهن وڏي وَٿ کان گهٽ نه هوندو.
سائين الطاف شيخ، لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ اهو ”ناکئو“ آهي، جنهن ”ايڏا سور سهي“ هِڪُ پَلُ به ”ننڊ“ ناهي ڪئي. شالَ سندس ”جاڳ“ سلامت رهي ۽ اها جاڳَ اسان کي ”ماڳ“ رسائڻ واري سفر ۾ پنهنجو حصو پَتي ائين ئي شانَ مانَ سان ڳنڍيندي رهي.
امر اقبال
ــــــ خيرپور ـــ سنڌُ.
1 جولاءِ 2018ع
ليکڪ طرفان
منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟
هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي. دهليءَ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان رهيو پيو هوس. سڄو ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻندو رهيس ـــ ٻين لفظن ۾ رلندو پنندو رهيس پر ڪجهه لکڻ لاءِ نه موڊ ٿي ٿيو ۽ نه سمجهه ۾ ٿي آيو ته دهليءَ ۾ ڏٺل وائٺل جڳهن ۽ ملاقات ڪيل ماڻهن مان ڪنهن تي لکان. منهنجي لاءِ (۽ منهنجي خيال ۾ ته ٻين ليکڪن لاءِ به) اها عام ڳالهه آهي ته ڪنهن شهر ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا اچڻ بعد به مون ڪجهه نه لکيو هوندو. ڪڏهن ڪڏهن چئن پنجن مهينن جي سامونڊي سفر ۾، ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ رهڻ ۽ ڪيترائي سمنڊ ڪراس ڪرڻ جي باوجود هڪ اکر به نه لکيو هوندو....... ۽ هاڻ هي انڊيا جو سفر به ائين ئي بنا لکڻ جي پورو ٿي رهيو هو ته آخري ڏينهن ۾ دهليءَ جي ڪناٽ پليس جو چڪر هڻندي، ڪجهه اهڙين ڳالهين دماغ ۾ Click ڪيو، جو انهن بابت اهو سوچي لکڻ ويٺس ته سنڌي اخبار ”ڪاوش“ يا اڙدو اخبار ”امت“ لاءِ پنج ڇهه صفحن جو ڪالم ٿو لکان..... پر ڳالهه مان ڳالهه ائين دماغ ۾ ايندي وئي جو دهليءَ ۾ رهائش جا باقي ڏينهن ته لکندو رهيس، پر ان بعد جيڪو مهينو ڏيڍ ملائيشيا ۾ اچي رهيس، اهو ڏينهن رات هن So Called ڪالم ۾ لڳائي ڇڏيم، نتيجي ۾ هي ڪالم نه پر هڪ ڪتاب بڻجي پيو آهي.
هن ڪتاب نما ڪالم ۾ آئون پڙهندڙن سان ائين مخاطب آهيان جيئن نئين بندرگاهه اچڻ کان اڳ سمنڊ تي پنهنجي جونئر اسٽاف کي پنهنجي ڄاڻ مطابق ايندڙ بندرگاهه ۽ ان ملڪ جي تاريخ، جاگرافي، سياسي ۽ معاشي حالتن بابت ٻڌائيندو آهيان. هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون مون Flash Back ۾ ڏنيون آهن ۽ ماڻهن، ملڪن، حاڪمن ۽ حڪومتن بابت منهنجا پنهنجا Views آهن. ٿي سگهي ٿو اهي حقيقتون هجن يا منهنجي خام خيالي.... ۽ ٿي سگهي ٿو ڪيترا ان سان سهمت نه هُجن. هونءَ به آئون هڪ مئرين (جهاز هلائڻ وارو) انجنيئر آهيان ـــ ڪو محقق، مؤرخ يا سياستدان نه آهيان. منهنجا خيال هڪ عام ماڻهوءَ جا آهن. ڪڏهن اهو سوچي خوش ٿيندو آهيان ته بلي ! هندوستان تي مسلمانن جو هيترا سال راڄ هو..... ڪڏهن اهو سوچي باهه وٺندي آهي ته حڪومت ته مسلمانن جي هُئي پر هنن عوام لاءِ ڇا ڪيو؟ ٻيو ته ٺهيو هنن پنهنجن مسلمان کي ئي موچڙا هنيا ۽ سخت غربت ۾ رکيو. انهن حاڪمن جو سڄو زور محل ۽ مقبرا ٺهرائڻ تي رهيو. يعني هنن پنهنجي ئي لئي رکي. تعليمي ادارا، انصاف ۽ امن امان قائم رکڻ جا ادارا ۽ عمارتون ڌارين قائم ڪيون. عوام جي بچاءَ لاءِ ته پري جي ڳالهه، هنن پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ يا پنهنجي بچاءَ لاءِ به ڪجهه نه ڪيو......
بهرحال هن ڪتاب ۾ منهنجا رول خيال آهن.... ٻين لفظن ۾ جيڪي دل ۽ دماغ ۾ آيو اٿم لکندو ويو آهيان. اهو ئي سبب آهي جو ڪتاب پروف پڙهڻ واري دوست امر اقبال کي چيم: ”سائين! ڳالهه ٻڌو..... هن ڪتاب ۾ دم آهي يا نه. سمجھو ٿا ته ڪم جو ناهي ته پوءِ نه ئي ڇپيو“...... موٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ امر اقبال ۽ قربان منگيءَ هن ڪتاب کي پسند ڪيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ٻيا به ڪن. بهرحال هن ڪتاب لکڻ ۾ نه فقط منهنجي محنت جو حصو آهي پر امر اقبال جو به ـــ جنهن پروف ڏسڻ دوران نه فقط ٽائپسٽ جون چڪون دور ڪيون آهن پر منهنجي اسپيلنگ جون ۽ گرامر جون غلطيون پڻ درست ڪيون آهن. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور طرفان ڇپايل منهنجي اڳئين ڪتاب ”بنارس کان برمودا“ کي پڻ امر اقبال ئي ماڻهپي ۾ آندو هو ۽ سعيد منگيءَ سهڻو ٽائيٽل ٺاهيو هو. اميد ته هن ڪتاب جو ٽائيٽل به سعيد ئي ٺاهيندو.
[b] الطاف شيخ
[/b]
Adress: House 2/2, 8th Gizri Land
Phase 4, DHA, Karachi – 75500
(Tel: 0300-9241666)
Email: altafshaikh2005@gmail.com