سنڌ سلامت پاران
”منهنجي هن ڪتاب ”واٽ ويندي“ جي مونکي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي ـــ سفرنامو، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪهاڻي يا ڪجهه ٻيو؟ هي سڄو ڪتاب ڏٺو وڃي ته دهليءَ جي هڪ شامَ جي ڪهاڻي آهي.“
الطاف شيخ صاحب جو هي سفرنامو هندوستان جو ڪوئي روايتي سفرنامون ناهي، بلڪه هي تمام گهڻي تحقيق سان لکيل هڪ اهڙو ڪتابُ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخَ، هتان جي حڪمرانن جي تاريخَ، انهن جي حڪمرانيءَ جي طور طريقن کي پڻ واضح ڪري ٿو.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com