سماج جي تصوير ڪشي ڪندڙ نوجوان ليکڪ!
هڪ ڀيري هو لنڊن جي برٽس لائبريري ۾ ويٺو ڪتاب لاء مواد گڏ ڪري رهيو هو ته سندس نوڪرياڻي انتهائي پريشاني جي عالم ۾ اچي چيو ته توهان جو فلاڻو ٻار سڪرات جي حالت ۾ آھي. جيڪڏھن سندس ترت دوا لاء پيسن جو انتظام نه ڪيو ويو ته مري ويندو، مارڪس اها خبر ٻڌي بنا ڪنهن پريشاني جي چيو ته "مرڻ ڏيوس ! آءُ هن وقت اهڙي ٻار کي جنم ڏئي رهيو آھيان جيڪو ڪڏھن به بيمار نه ٿيندو ۽ ڪڏھن به نه مري سگهندو. سندس اشارو پنهنجي ڪتاب ڏانهن هو.
اهو ڪتاب موجوده دور جي نظرياتي ڪتابن مان سڀني کان وڌيڪ زندگي سان ڀرپور سگهارو ۽ تندرست آھي. سو انهن ڳالهين کي مد نظر رکي ڪري چوڻو ٿو پوي ته بلڪل ڪتاب اولاد سان گڏ هر ماڻهو کان وڌيڪ تندرست چُست تازو توانو ۽ هر وقت دور کان مضبوط ساه واري شئي آھي. جيڪو تاريخ جي ورقن مان هر ڀيري زنده ۽ شادآباد لڳي ٿو، ايئن ئي اسان جو محبوب دوست نئي ٽھي جو ڪهاڻيڪار ليکڪ ساجد حُسين سومرو ڪتاب جي شڪل ۾ ٻار کي جنم ڏنو آھي. جيڪو ڪڏھن به مرڻو نه آھي.
زندگي جي پهرين ۽ شروعاتي ڪتاب سندس ڪهاڻين تي مشمتل آھي. جيتري قدر ڏور هوندي به مون ساجد حسين سومرو کي ويجهڙائي کان ڏٺو آھي ته غربت جي لڪير ۾ زندگي گهاريندڙ هن دلبر دوست جون لکڻيون خاص ڪري ڪهاڻيون سماج ۾ هلندڙ هيرا ڦيرا ڏکن، ڏولاون، مارا ماري، بيروزگاري دهشت وهشت سان گڏ ٿيندڙ ھر ظلم ستم جي عڪاسي ڪن ٿيون. جن کي ليکڪ ساٿي پنهنجي قلم جي ذريعي هر ڏُک کي ڪهاڻين جي صورت ۾ سهيڙي اسان توهان تائين پهچائڻ ۾ بي لوث ڪوشش ڪئي آھي.
ساجد حسين سومرو جون لکيل ڪهاڻيون پڙھڻ وقت خبر پئي ٿي ته سندس لکيل ڪهاڻين ۾ غريب، مسڪين ماروئڙن جا درد، پيڙاءُ، اهنج, ڏُک ۽ ڏولاون کي پنهنجو درد سمجهي لکيون آھن. اِهي سڀ اسان جي ماحول جون حقيقي عڪس لڳن ٿيون. هوئن به اهو واضع آھي ته ڪهاڻيون هر ان ليکڪ جي گهر پاڙي ڳوٺ شھر سميت آس پاس ۽ سموري دنيا جي ماحول مان پيدا ٿينديون آھن جن کي ليکڪ پنهنجي قلم جي نوڪ سان پنن تي چٽي ڪڏھن اخبارن زينت بڻائي ٿو ته ڪڏهن وري ڪتابي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو.
اسين پُر اميد آھيون ته اسان جي پياري دوست جو ڏکن سان ڀريل ڪهاڻين جو ڪتاب ( جيڪو اوهان سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي پڙهي رهيا آهيو ) جنهن کي پڙھي ڪري اوهان کي ضرور ڪجهه نه ڪجهه حاصل ٿيندو. هون ته گهڻي ڀاڱي ڪو به ليکڪ شھر جي ارد گرد جي مسئلن کي کڙو ڪندا آھن پر ساجد حسين سومرو ڏھرڪي واري پاران گهڻي ڀاڱي ٻھراڙي، ڳوٺن، واهڻ وستين کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ فوڪس ڪيو آھي.
جيئن هن ليکڪ هڪ ڪهاڻي "انڌو عقيدو" ۾ صاف صاف لکيو آھي ۽ هن ۾ هڪ سسُ ۽ نُهن جي ڪهاڻي آھي ماءُ پنهنجي پُٽ نالي صابو جي زال مٿان الزام ٿي هڻي ته هوءُ تعويذ ڪرائي مون کي پياري ٿي ۽ منهنجي پٽ کي به مون خلاف ورغلائي ٿي آخر جهيڙو وڃي آسمان سان لڳي ٿو پر ڪهاڻي ۾ واقعي صابو صابرين ۽ سندس زال به ماٺيڻي آھي. ايتري قدر جو صابو جي ماءُ سندس زال کي طلاق ڏيارڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پر صابو انڪار ڪري ڇڏيندو آھي، ۽ صابو پنهنجي امڙ جي تعويذن واري ڳالھ کي ڪوڙ سمجهي رد ڪندي امڙ جو علاج ڪنهن سٺي مان اسپتال مان ڪرائي ٿو ۽ آخر بيماري جي سڃاڻپ هيپاٽائيٽس طور ٿئي ٿي.
هي ڪهاڻي گهري سوچ سان لکيل آهي، هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هي پير فقير سڀ ٺڳي جا ٺاھ آهن. سندس هڪ ڪهاڻي "انتقامي ڪاروائي" جي عنوان سان آهي، هي ڪهاڻي ڳوٺاڻي وڏيري ۽ هڪ استاد بابت لکيل آھي استاد ۽ سندس مائٽن وڏيري کي اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏنا جنهن جو انتقام وٺڻ لاء وڏيرو سرگرم ٿئي ٿو ۽ استاد سميت سڀني ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙيون ايف آئي آريون داخل ڪرايون وڃن ٿيون ۽ ھنن ويچارن جي ڪا به پٺڀرائي نه ٿي ٿئي پوليس جا دڙڪا دهمان به هنن مٿان ٿيندا آھن. هن ڪهاڻي جو حقيقت سان ويجهو تمام گهڻو ۽ گهرو تعلق آھي هي ڪهاڻي باقائدا ٻھراڙي جي ڳوٺن مان جنم وٺندڙ ڪهاڻي آھي.
جيڪي وڏيرا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جو ڏاڍو سو گابو آھي واري راند کيڏندا رهن ٿا ڀوتارڪي نظام ۽ اڻبرابري جي ڪري عدل انصاف مسڪينن کي ملڻ مهال ٿي ويو آهي هوئن به ٻھراڙي جي علائقن ۾ ايئن ئي ٿيندو آھي جيئن ليکڪ هن ڪهاڻي کي ساڳي نموني سان پيش ڪيو آھي.
”قسمت“ ڪهاڻي کي اگر دل او جان ۽ غور سان پڙھجي ته اکين مان ڳوڙھا ٽمي پوندا ڇو ته هي ڏُکن ڀري ڪهاڻي آھي اولاد ماءُ پيءُ جي پوڙھائپ جو سهارو ۽ آسرو بڻبا آھن پر هتي نوجوان پٽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي پوڙهائپ جو احساس ئي دماغ ۽ دل مان ڪڍي ڇڏي ٿو , هن ۾ ليکڪ هڪ محنت مزدوري ۽ پورهيو ڪندڙ پيرسن پيءُ ۽ پٽ جي باري ۾ لکيو آھي جيڪو واقعي به هن سماج جي عڪاسي ٿو ڪري.
پوڙھو پيءُ ڪمائي گهنجيل هٿڙن سان محنت مزدوري ڪري گهر هلائي ٿو پر نوجوان پُٽ جي ڪُلهن تي هميشه ڀوت سوار هجي ٿو نه گهر ڏانهن ڌيان ڌري نه ئي وري پيرسن پيءُ لاء دل ۾ احساس آھي جتي وڻيس هليو وڃي جنهن مهل دل چويس گهر واپس اچي آخر گهڻو سمجهائي سمجهائي والدين ٿڪجي پون ٿا پر پوء رڍ جي ٻولي" ٻي" تمام گهڻي ٽائيم ۽ وقت کان پوء هڪ استاد جي اسرار تي مس مس وڃي پنهنجي والدين جو ڀرجهلو ٿئي ٿو.
هاڻ اهڙن مرحلن مان گذرندڙ ڪيترائي والدين ڏٺا جيڪي اولاد جي هوندي سوندي به پاڻ محنت مشقت ڪري گهر جو گاڏو هلائڻ ۾ مصروف آھن، هن ڪهاڻي جي آخر ۾ ليکڪ پڙهندڙن کي ڇرڪائي وجهي ٿو، هو قسمت جو تعلق انسان سان هرگز نٿو ڏيکاري ۽ هن ئي ڪهاڻي ۾ دليلن سان لکي ٿو ته:
شاهزيب توکي ته خبر آهي الله پاڪ کي سڀئي انسان پيارا آهن، پوء ڀلا ڪنهن جي قسمت ۾ اميري ڇو لکيائين ۽ ڪنهن جي قسمت ۾ غريبي ڇو لکيائين؟ ڪنهن جي قمست ۾ نماز ڇو لکيائين ته ڪنهن جي قسمت ۾ بي نمازي ڇو لکيائين؟ ڪنهن جي قمست ۾ شراب، ۽ زنا لکيائين ته ڪنهن جي قمست ۾ پرهيزگاري ڇو لکيائين؟
ڪنهن جي قسمت ۾ قرآن جو حافظ لکيائين ته ڪنهن جي قسمت کي اڻپڙهيل ۽ جاهل ڇو لکيائين؟ هاڻي جيڪڏهن ڪو فرد ڦل اسپيڊ ۾ بي ڌياني ۽ لاپرواهي سان موٽر سائيڪل يا ڪار هلائي ٿو ۽ جڏهن ايڪسيڊنٽ ٿي فوت يا هميشه لاء اپاهچ ٿي وڃي ٿو، ڇا اهو به ان جي قسمت ۾ لکيل هو؟ جيڪڏهن هو احتياط ڪري ها ته ڇو نقصان ۾ وڃي ها.
ساجد جون ٻيون ڪهاڻيون به سماج هاڻي عڪس ۽ اولڙا پسائن ٿيون، ساجد حسين سومرو پاران لکيل هي ڪهاڻين جو ڪتاب احساسن سان ڀريل لفظ به لفظ مشاهدي ۽ مطالعي سان لکيل آھي جيئن مون گهرائي سان ڏٺو ۽ پڙھيو، نئين ٽھي جي نوجوان ليکڪ جون سڀئي ڪهاڻيون يا گهڻي ڀاڱي ليک اخبارن ۾ پڙھيا جن ۾ هميشه ڪو نه ڪو سبق مليو.
هون به گهڻي ڀاڱي سماجي مسئلا، سياسي ۽ اقتصادي اڻ برابريون، طبقاتي تضاد سان گڏوگڏ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم ۽ غربت جي چڪي ۾ پيسجدڙ طبقي انهن موضوعن تي ساجد حسين سومرو لکڻ لاء مجبور ٿي ويو ۽ انهن لکڻين کي محفوظ ۽ مضبوط ڪرڻ لاء ڪتاب جي شڪل ۾ آڻي ڇڏيو آھي ۽ اسين پُر اميد آھيون ته ڀاءُ ساجد حسين سومرو پنهنجي علمي، قلمي ۽ ادبي پورهيئي کي اڻ کٽ خزانو سمجهي لکندو رهندو ۽ دعا آھي ته هي ڪهاڻين جو سندس پهريون ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺو نالو ڪمائيندو.
حميد شڪيل گوزائي
خيرپور ناٿن شاهه