ليکڪ پاران
سنڌ جيڪا ماضي ۾ امن پرست، سرسبز ۽ شاهڪار هئي، سنڌ جنهن سائنس کي تخليق ڪيو، اڄ اها سنڌ دنيا ۾ ڪاميابي ۽ امن امان جي ڀيٽ ۾ ڪافي پٺتي آهي، اڄ ان سنڌ جي ماروئڙن مٿان فطري ۽ غير فطري ظلم ٿيندو رهي ٿو، اڄ ان سکي ستابي سنڌ جا ماروئڙا لولي لاء رلندا ۽ ڀٽڪندا ٿا وتن، اڄ اها سنڌ انڌن عقيدن ۾ جڪڙيل آهي، اڄ ان سنڌ جا ماروئڙا پنهنجي وطن ۾ جلاوطن آهن، اڄ اها امن پرست ڌرتي مسئلن جو مجموعو آهي، ماضي ۾ شاهڪار ۽ حسناڪ هن ڌرتي جو حسن اجاڙڻ ۾ وقت جي حڪمرانن جو ئي هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ جنهن جي هٿن ۾ سنڌ جون واڳون آهن انهن هميشه سنڌ کي اجاڙڻ ۾ ڪا گنجائش ناهي ڇڏي، انهن سنڌ کي برباد ڪيو آهي ۽ سنڌ جي فطري حسن کي تباھ ڪيو آهي.
مان وقت جي حڪمرانن جو سنڌ طرف ڌيان ڇڪائڻ لاء سنڌ جي مسئلن تي سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ مسلسل لکندو رهندو آهيان، منهنجا ڪالم هر روز ڪنهن نه ڪنهن اخبار جي زينت بڻيل هوندا آهن، مون کي سنڌ جا سور ڪا هڪ ساعت سک ۽ سانت سان سمجهڻ نٿا ڏين، تڏهن مان راتين جي اوڄاڳن جو فائدو وٺندو آهيان، ۽ موبائيل هٿ ۾ کڻي سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي تي لکندو رهندو آهيان، رات جي سانت ۾ لفظن جي ديوي مون مٿان مهربان ٿي پوندي آهي ۽ لفظ منهنجي سامهون رقص ڪندا آهن، تڏهن مان محسوس ڪندو آهيان ته ڄڻ منهنجي سامهون لفظن جو هڪ وڻ آهي ۽ مان ان وڻ مان سٺا سٺا لفظ پٽي پنهنجي تحرير ۾ تحليل ڪندو آهيان، مان سنڌ جي سورن کي لفظن جو روپ ڏئي ڪڏهن ڪالم ته ڪهاڻي جي صورت ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپرائيندو آهيان، ۽ جڏهن منهنجي لکڻي اخبار ۾ شايع ٿيندي آهي ته فيسبوڪ تي اپلوڊ ڪندو آهيان دوست منهنجي لکڻي کي پڙهندا آهن بعد ۾ داد به ڏيندا آهن ۽ اها داد مون کي اڳتي لکڻ لاء اتساهيندي آهي.
سچ ته اهو آهي نه مان ڪڏهن پاڻ پڏايو آهي ۽ نه ئي ليکڪ سڏايو آهي، بس هي ته دوستن جي مهرباني آهي جنن مون کي ليکڪ جو لقب ڏنو آهي، مان ته بس سنڌ جي سورن کي قلم جي قط سان قيد ڪريان ٿو، ۽ پنهنجي لکڻين ذريعي ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومت جو ڌيان ڇڪايان ٿو، ڇان ڪيان جيڪڏهن مان ظلم ۽ ڏاڍ تي نٿو لکان ته مون کي اندر جو انسان ڀونڊا ڏي ٿو.
مسلسل ڪالم لکڻ کانپوء منهنجو ڪهاڻي لکڻ ڏانهن لاڙو ٿيو، مان پهرين ڪهاڻي "سرڪاري اسپتال" جي عنوان سان لکي، لکي نه بلڪ لکجي وئي، ڇاڪاڻ ته هي ڪهاڻي فرضي نه پر حقيقي آهي، هن ڪهاڻي جو ڏک منهنجو انفرادي ڏک آهي، هن ڪهاڻي ۾ جيڪو ڪجھ به لکيل آهي سمورو سچ آهي، هي هڪ سچي وارتا آهي جنهن کي مون ڪهاڻي جو ويس پارايو آهي، هي ڪهاڻي هلال پاڪستان جو حصو پڻ ٿي چڪي آهي، هن ڪهاڻي ذريعي مون سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ڪارگرگي کي به نروار ڪيو آهي ته ساڳئي وقت حڪومت جي نااهلي کي پڻ عيان ڪيو آهي، هي ڪهاڻي جڏهن مون سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي ته ادبي دوستن ۽ سينئر ڪهاڻيڪارن پاران مون کي سٺي موٽ ملي، ان کان بعد ڪهاڻي لکڻ ڏانهن منهنجو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو.
منهنجي ٻي ڪهاڻي جيڪا باعنوان "فيسبوڪي دوست جو وڇوڙو" آهي هي ڪهاڻي پڻ حقيقت تي مبني آهي، هن ٻنهي ڪهاڻين ۾ تذڪرو ڪيل درد ۽ پيڙاء کي مون ڀوڳيو آهي، منهنجون ٻيون ڪهاڻي فرضي ۽ تصوراتي آهن، مون پنهنجي ڪهاڻين ۾ عام اديبن جيان اجاين ۽ اوپرن لفظن جو استعمال هرگز ناهي ڪيو، هڪڙا ماڻهو ڇا ڪن ٿا جو پنهنجي تخليقن منجھ اهڙا ته پراسرا لفظ لکن ٿا جو عام فرد ته ڇا پر ڪو ڏاهو به سمجهڻ کان قاصر رهي ٿو، اهڙا ماڻهو رڳو شهرت جا بکيا آهن، مان پنهنجي ذات جي هروڀرو تشهير نٿو ڪرڻ چاهيان، منهنجي ڪهاڻين ۾ لفظ بنھ سادا ۽ هر فرد کي سمجھ ايندڙ آهن، مان پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سماج تي تنقيد ڪئي آهي، انڌن عقيدن، ۽ رجعت پرست سوچن ۾ جڪڙيل سماج کي سڌارڻ جي ننڊڙي ڪوشش ڪئي آهي، هي منهنجو پهريون پورهيو آهي، ظاهر ڳالھ ڪمي پيشي ته لازمي هوندس، پر مان چوندس ته ڪمي پيشي کي نظرانداز ڪري ڪهاڻين ۾ سمايل حقيقت کي تسليم ڪيو ۽ ان تي عمل پيرا ٿيو. پئسن جي قلت سبب هن مجموعي کي ڪنهن به اداري پاران ناهي ڇپرايو تنهن ڪري هي مجموعو سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نانء ڪيان ٿو، مون کي اميد آهي ته دوست هن مجموعي کي پڙهي پنهنجي قيمتي رايي کان آگاھ ضرور ڪندا.
آخر ۾ مان ان محبتي مٺڙي ۽ پياري دوست نوجوان ٽهي جي بهترين ليکڪ سائين يوسف جميل لغاري صاحب جو دل سان شڪر گذار آهيان، جنهن نه فقط هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو پر منهنجي هن مجموعي کي به منظرعام تي آڻڻ ۾ منهنجي دلي مدد ڪئي، سچ ته اهو آهي جو هن ڪتاب کي منظرعام تي آڻڻ جو سمورو ڪريڊٽ سائين يوسف جميل لغاري ڏانهن ئي وڃي ٿو، ان کان بعد مان پياري دوستن ليکڪ حميد شڪيل چانڊيو، ليکڪ حاڪم چانڊيو، سينئر ڪهاڻيڪار سائين محمد دين راڄڙي صاحب ۽ سائين محب ڀيل، سنڌ جي سهڻي ڪوي سائين ملزم سومرو جو به شڪرگذار آهيان جنن منهنجي هن مجموعي لاء تاثرات لکيا. سنڌ سلامت سٿ جون پڻ مھربانيون جن منھنجي ھن ڪتاب کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شامل ڪيو.
دعائن جو طلبگار
ساجد حسين سومرو / ڏهرڪي
03083601844