سياسي ڀوتار
اليڪشن ۾ ڪجھ ڏينهن پيا هئا ته هڪ ڏينهن منهنجو شهر وڃڻ ٿيو شهر پهچڻ شرط مختلف اميدوارن پاران لڳايل ڪيمپن تي سياسي گيتن جي گونجار هئي، ائين لڳو پئي ڄڻ هي ڪيمپن وارا هڪٻئي سان مقابلو ڪيون بيٺا آهن ته جنهن جي راڳ جو آواز وڏو............ سو هڪ ڪيمپ تي هڪ وڏي آواز ۾ گيت هلي رهي رهيو هو جنهن جا ٻول هئا " ڀُٽي جا دشمن اسان ڳولهي ڳولهي مارينداسين " ان کان بعد ٿورو اڳتي وڌيس ته هڪ ٻي ڪيمپ تي ٻيو گيت ٻڌڻ ۾ آيو جنهن جا ٻول هئا " روڪ سڪو تو روڪ لو تبديلي آئي ري " اهڙي طرح تقريبن 8 ڪيمپن تي مختلف سياسي پارٽين جا گيت وڏي آواز ۾ گونجي رهيا هئا، انهن ڪيمپن جي پاسي مان جيڪو ماڻهو به گذري پيو ڪنن تي هٿ ڏئي پوء گذري پيو ڇاڪاڻ ته اسپيڪرن جو آواز وڏو ڪيون بيٺا هئا،
نه اُهي ڪيمپن وارا آزان جي وقت گيتن جو آواز بند ڪن پيا ۽ نه ئي وري ڪنهن معزز جي چوڻ تي گيت بند ڪن پيا، بس رڳو جُهمر جو ٽڙڪو لڳو پيو هو، ڪجھ وقت آئون سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳس، هي ڪهڙا مسلمان آهن جيڪي آزان جو به احترام نٿا ڪن، چلو خير شهر مان گهر جو سامان وغيره وٺي ڳوٺ پهتس ڏسان ته ڳوٺ جا ڪجھ فرد هٿن ۾ گلاب جا گل کڻي ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺل آھن آئون به جلدي ۾ گهر ڏي سامان رکي پوئين پيرن واپس آيس، غُلو کان پڇيم، غُلو ڏي خبر خير ته آهي هي ڇا جو مانڊاڻ متل آهي؟
چيائين ڀوتار ورڪ تي اچي ٿو اُن جي آسري ۾ بيٺا آهيون، ڀوتار ته 2 وڳي اچڻ جو وقت ڏنو هو پر هِن مهل 4 ٿين ٿا اڃان تائين ناهي آيو،
دل ۾ سوچيم اِهي وڏا ماڻهو هوندا به اِئين آهن، ڪجھ گهڙيون غُلو سان حال احوال اورڻ کانپوء، ڏسان ته ڪچي رستي تان 20 گاڏيون ڌوڙ اڏامديون اسان جي ڳوٺ طرف اچن ٿيون، ڳوٺ وارن جي چهري تي مرڪ اچي وئي، ڳوٺ وارن چيو ڀوتار اچي ويو جهٽ گهڙي کانپوء ڀوتار به هڪ وڏي لينڊ ڪروزر گاڏي مان پنهنجا قدم مبارڪ زمين تي رکيا، هيڏانهن هڪ همراه وڏي آواز ۽ هڪئي ساهي ۾ چيو نعراااااااااا اي،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، اتي موجود ماڻهن نعري جو جواب ڏئي ڀوتار جي مٿان گلن جو مينهن وسائي ڏنو،
مون کي سمجه نه پئي آيو ته آخر ڀوتار ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جو ان جي مٿان گلاب جا گل مينهن وانگر وسي رهيا آهن، سوچيم هي ڀوتار ته اهو آ جيڪو پوئين اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ جي لالچ ۾ ڳوٺ وارن کي ترقي جا ڪوڙا خواب ڏيکاري ووٽ وٺي ڪامياب ٿيڻ کانپوء ڳوٺ ڏي منهن ئي نه ڪيائين،،،، اتي موجود هر ماڻهو جي خواهش هئي ته آئون ڀوتار کي ڀاڪر پائي ملان پر ڀوتار ووٽن جي لالچ ۾ مجبورً ماڻهن سان ملندو رهيو، ان کان بعد ڀوتار اوطاق تي پهتو، اوطاق تي پهچڻ شرط ڀوتار سڀني ڳوٺ وارن کي خوش چڱو ڀلو ڪري چيائين، ڳوٺ واراؤ آئون شرمنده آهيان ته 5 سالن ۾ اوهان جي ڪابه سار ناهيان لڌي، مان اوهان جي مسئلن کان بلڪل واقف آهيان، بس هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي آزمائي ڏسو ڏاڙهي تي هٿ گهمائيندي چيائين
آئون مڙساڻو واعدو ڪيان ٿو جيڪڏهن آئون اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ويس..
ڳوٺ جي نوجوانن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين
هنن پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار به ڏيندس، ۽ هن ڳوٺ جا روڊ، رستا، ڊرينينج سسٽم، ٺھرائڻ سميت اسٽريٽ لائٽون به لڳائي ڏيندس، ان کان بعد به منهنجي بنگلي جو در اوهان جي لاء 24 ڪلاڪ کليل هوندو جيڪو به اوهان جو ڪم هوندو انهي مهل ٿي ويندو، توهان ڳوٺ وارن جي شابس آ جو اوهان هر ڀيري مونکي ئي ووٽ ڏيندا آهيو،
ڀوتار پنهنجي ڳالھ ختم ڪئي ته ايتري ۾ ڳوٺ جي هڪ معزز چيو ڀوتار اوهان اسان جي اڱڻ تي آيو آهيو اسان اوهان تي هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد ڪيون ٿا ۽ اسان وچن ڪيون ٿا ته سموري ڳوٺ جا ووٽ اوهان کي ئي ملندا،، ڀوتار هلڪي مسڪراهٽ چهري تي آڻي چيائين چاچا وڏي مهرباني، ان کان بعد ڀوتار ڳوٺ وارن کان موڪلاڻي ڪري پنهنجي راھ ڏانهن راهي ٿيو،
آخر ڪجھ ڏينهن ۾ اليڪشن جي تاريخ به اچي وئي ڳوٺ جا سمورا ووٽ به ڀوتار جي کاتي ۾ هليا ويا، سرڪاري نتيجا اچڻ کانپوء معلوم ٿيو ته ڀوتار ڪامياب ٿي ويو، ڀوتار جي ڪاميابي جي خبر ٻڌي ڳوٺ وارن جا چهرا خوشي ۾ ٻهڪي پيا، ڳوٺ وارن سمجهيو هاڻ بدنصيب ڳوٺ کي اسان وارو ڀوتار ڪنوار جيان سينگهاريندو،
تعليم، روزگار، پڪا رستا، صحت جون سهولتون، مطلب ته ڳوٺ وارن سوچيو هاڻ اسان جي زندگي به شهري ماڻهن جيان گذرندي، هاڻ هو ڀوتار مان ايم، اين، اي ٿي ويو،
ڪجھ مهينن کانپوء ڳوٺ وارن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو ته پاڻ ڀوتار کي ووٽ ڏنا ۽ ڀوتار اليڪشن ۾ ڪامياب به ٿي ايم، اين، اي، ويو آهي، هاڻي هلو ته سڀاڻي ايم، اين، اي، صاحب کي واعدو ياد ڏياري اچون،
صبح جو 10 وڳي ڳوٺ وارا ايم، اين، اي، عرف ڀوتار جي بنگلي تي پهتا،
اتي موجود ڀوتار جي نوڪرن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته ڀوتار اسلام آباد آهي، ڀوتار جي غيرمودگي جو ٻڌي ڳوٺ وارا واپس پنهنجي ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيا، 5 ڏينهن کانپوء ٻيهر بنگلي تي ويا پر وري به پتو پيو ته ڀوتار لاهور آهي.
پندرهن ڏينهن کانپوء وري ٻيهر ڳوٺ جا معزز ماڻهو ڀوتار کي واعدو ياد ڏيارڻ لاء سندس بنگلي تي ويا پر وري به معلوم ٿيو ته اڄ ڀوتار ڪراچي آهي، اهڙي طرح ڳوٺ وارا جڏهن به ڀوتار سان ملڻ وڃن ته ڀوتار جو ڏس ڪڏهن لاهور، اسلام آباد، ملتان، ملي ته ڪڏهن ڪراچي، حيدآباد، ۽ سکر ملي، ڳوٺ وارن تقريبن ڀوتار جي پويان ڏيڍ سال پنڌ ڪيو ڀوتار جو ملڻ ته گهوريو پنهنجي جاء تي پر ديدار به نصيب ڪونه ٿيو، آخر اقتدار جي ڀوڄاري ۽ ٺڳ ڀوتار پنهنجا واعدا وفا نه ڪيا، ڳوٺ وارن جو ڳوٺ جي ترقي وارو خواب به چڪناچور ٿي ويو پر ها ڳوٺ وارن ڏاهن کي ڏس ڏنو ته ٻيلي خدا جي واسطي اهڙي ٺڳ سياسي ڀوتار کي ڪڏهن به ووٽ نه ڏجو،،