ڪھاڻيون

اڌوريون خواهشون!

هن مجموعي جو ليکڪ نئين ٽهيءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ساجد حسين سومرو آهي.
سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي.
Title Cover of book اڌوريون خواهشون!

ڪمپني جي ڪال

ڪمپني جي ڪال

اڃان روح کي راح بخشيندڙ سج پنهنجي لالاڻ ڪونه ڪڍي هئي، اڃان سڀئي ڳوٺ وارا پنهنجي گرم بستر ۾ سردي جو مزو وٺي رهيا هئا، ۽ اسان جي اڱڻ تي پکين جا ولر پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ ٻيچل جي چنگ وانگر سازندا وڃائي رهيا هئا ۽ ٿڌڙي زمين تان داڻو چڳي رهيا هئا،
آئون به گرم بستر ۾ مزي سان موبائيل پئي هلايم،
اوچتو صبع جو سوير سوير منهنجو دروازو کڙيو، گرم بستر مان اٿندي ته مونکي ٻرو پئي چڙهيو پر تنهن هوندي به اهو سوچي اٿڻو پيو ته يارا صبح جو در کڙڪيو آهي الله خير ڪري،
جيئن ئي دروازو کوليم ته ڏسان ته اسان جي ڳوٺ وارو ڏنو خوشي ۾ ولهور نظر پئي آيو،
چيم، اڙي ڏنا مئا خير ته آهي ڇا تي صبح سان مٿو خراب ٿيو اٿئي، ۽ هي اچانڪ تنهنجي ڀڳل ۽ بي سري چهري تي مرڪ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
ڏني چيو پهرين اندر هل ڪو چانھ چڪو پيار،
ڪو باھ جو مچ ٻارائي، پوء سڀ حقيقت ٻڌايائين ٿو،
ها، ها اچ اچ اندر اچ،
آئون هيڏانهن شريفان کي هڪل هنيم، شريفان او شريفان؟
ايتري ۾ شريفان به اکيون مهٽيندين مون وٽ آئي،
جي ڪيان نورا،شريفان چيو
شريفان ڀاء ڏنو آيو آ، چلھ ۾ باھ ٻار، ڪا گهاٽڙي چانھ تيار ڪر،
شريفان جهٽ گهڙي ۾ باھ ٻاري ۽ آئون ڏني کي چيم اچ ته باھ جو مزو وٺون،
باھ تي ويهڻ شرط ڏني چيو، اڙي نورا ساڙ سڙيا اڄ اسان به زميندار ٿي وياسين،
حيرت مان پڇيم، ڏنا ڏانئڻ وري ڪيئن؟
مئا اڄ ڀلا آڪڙو لڳو ٿئي ڇا؟
نه نورا نه،
آن باقي؟
نورا اڄ صبح جو مون ڏي ڪمپني جي ڪال آئي هئي، ڪمپني وارن چيو، بهائي جان آپ ڪو مبارڪ هو آپ ڪي لاٽري نڪلي هي اور آپ ني جيتين هين پچاس تولا سون اور پچاس لاک ڪيش، اور هان يي رقم وصول ڪرني ڪي لئي آپ ڪو ميري نمبر پي فلحال چار هزار بهيجني هونگي، بعد مين آپ ڪو يي ڪيش رقم اور پچاس تولا سون آپ ڪي گهر کي ايڊريس پر ڀجوا دينگي،
چيم پوء؟
پوء سائين مون کان گهر جي ايڊريس بابت معلومات ورتائون ان کان بعد چيائون ته جلد پئسا موڪليو ته جيئن اوهان ڏي هي سون ۽ ڪيش جلد کان جلد اماڻيون، ۽ هاڻ سوچان ٿو ته سج اڀري ۽ دوڪانون کلن ته ڪمپني ڏي چار هزار موڪليان، پر سوچيم ايترو ڪجھ ڪرڻ کان پهرين پنهنجي ڀاء نورو کي خوشخبري ٻڌائيندو وڃان،
نورو ڀاء هاڻ پريشان نه ٿي پنهنجا سڀ ڏک، درد، دور ٿي ويندا،
چيومانس ڏنا هي سڀ ٺڳي اٿئي،
ڏني چيو نه نورا هي ڪوڙ ناهي،
وري چيومانس ڏنا ڀاء هي سڀ ڪوڙ ٺڳي ۽ فراڊ اٿئي،
پر ڏني ته تري تيل به نه لاهڻ ڏنو،
ڳالهيون ڪندي آخر 9 وڳي جو وقت ٿيو،
ڏني چيو نورا ٽائيم ڳچ ٿي ويو آهي لڳي ٿو ايزي پئسن وارا دوڪان کلي ويا هوندا، هاڻي چڱو آئون هلان ٿو،
ٺيڪ آ ڏنا وڃين ته ٿو پر منهنجي ڳالھ ياد ڪجان هي سڀ ڪوڙ اٿئي،
ڏنو ٽهڪ ڏئي نڪتو اهو پئي ويندو ٿي،
ڪجھ ڪلاڪن کان پوء ڏنو ٻيهر منهنجي گهر آيو،
چيائين نورا خير سان پئسا موڪليا اٿم، پر ها پئسا موڪلڻ کان پهرين ڪمپني وارن سان ڪال تي ڳالهايو هيس، انهن چيو فڪر نه ڪيو اوهان کي 2 ڏينهن اندر گهر ويٺي پئسا ۽ سون ملي ويندو،
چيم ٺيڪ آهي 2 ڏينهن انتظار ڪر، ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿئي،
چيائين مون کي يقين آهي ڪمپني وارا مون سان ٺڳي ڪونه ڪندا ۽ مون ڏي سون ۽ پئسا ضرور موڪليندا،
ڏني کي ڪمپني وارن ته 2 ڏينهن جو وقت ڏنو هو، پر ٻن ڏينهن بدران 5 ڏينهن گذري ويا پوء به نه هن ڏي پئسي آيا نه ئي سون آيو،،،،
آئون هڪ ڏينهن ڏني جي گهر ويس، ڏسان ته ڏنو ويچارو مٿي تي هٿ رکي پريشان ۽ اداس ويٺو آهي،
چيم ڏنا خير ته آهي؟
چيائين يار انهي ڏينهن تنهنجي ڳالھ تي عمل ڪيان ها ته جيڪر اڄ مون کي ڌمڪيون نه ملن ها،
چيم ڌمڪيون؟
ها يار جيڪي پئسا ڪمپني وارن ڏيموڪليا هيم اهي پئسا ڪنهن کان اڌارا ورتا هيم، اڄ اهو منهنجي گهر اچي مون کي ڌمڪي ڏني اٿس ته جيڪڏهن اڄ مون کي پئسا نه مليا ته تنهنجي ٻڪري ڪاهي ويندس،
نورا هاڻ پريشان آهيان ته ان کي پئسا ڪٿان ڏيان؟
چيومانس ان کان پهرين جو هو تنهنجي ٻڪري ڪاهي وڃي هي وٺ 4 هزار هن کي ڏئي اچ ۽ جڏهن توکان پئسا ٿين مون کي ڏجان.