سرڪاري اسپتال
عيد ۾ ٻه ڏينهن پيا هئا امتياز ۽ منهنجي عيد جي حوالي سان تياري زور شور سان هئي،
صبح جو 7 وڳي دروازو کڙڪيو
پڇيم ڪير؟
چيائين، ماما مان امتياز آهيان، جلدي تيار ٿي ڪم جي دير ٿي وئي آهي، اڄ هفتو به آهي ڇاڪاڻ ته اڄ هفتي جا ٺيڪيدار کان پئسا به وٺڻا آهن ۽ سڀاڻي عيد جي خريداري به ڪرڻي آهي،
امتياز چوڻ لڳو
چيم بس پنج منٽ وڏا آهن هاڻي ٿو تيار ٿيان،
تيار ٿي ٻاهر نڪتس ته امتياز موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪيون بيٺو هو،
آ يار جلدي ويھ ڪم جي دير ٿي وئي آ، ٺيڪيدار به ڪاوڙيو بيٺو هوندو،
امتياز چوڻ لڳو،
ماما اڄ پئسا ملندا ٻين ڏينهن عيد به آهي پاڻ سنڌ جي ٽوئر تي به هلنداسين وڏو مزو ايندو ماما،
منهنجو ڀاڻيجو امتياز ٻاراڻيون ۽ عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳو
ڳالهيون ڪندي ڪندي آخر ڏهرڪي به پهچي وياسين،
چيو مانس مون کي دوڪان تي ڇڏ تون وڃ ڪم تي،
چيائين اڄ چانھ پيار صفا ڀلي،،
مون چيو چانھ جام،
هوٽل واري ڏي فون ڪري چانھ ۽ بسڪٽ جو آرڊر ڏنم،
جهٽ گهڙي کان پوِ چانھ ۽ بسڪٽ به اچي ويا،
امتياز چانھ پي بسڪٽ کائي موڪلائڻ جي ڪئي،
چيم ٺيڪ آ تون هلي پئو پر شام جو وقتي اچجان ته جئين درزي کان ڪپڙا کڻون ۽ چپل وغيره به وٺون،
چيائين ٺيڪ آ مان شام جو وقتي ايندس،
امتياز مزدوري لاِ ميرپور ماٿيلي ڪم تي ويو ۽ مان دوڪان جو شٽر مٿي ڪري دوڪان جي صفائي شروع ڪيم،
دوڪان جي صفائي ڪري، منهن ڌوئي جئين ئي صوفي تي آرام ڪرڻ لاء ويٺس ته موبائيل جي گهنٽي وڳي،
ڪال اٽينڊ ڪري پڇيم ڪير؟
چيائين ڪير کي ڇڏ، جلدي ميرپور سول اسپتال پهچي وڃ،
چيم ڇو ادا خير ته آهي؟
چيائين بس خير ناهي تون جلدي پهچ،
پڇيم وري به ڪجھ ته ٻڌائي،
چيائين تنهنجو ڀاڻيجو امتياز ۽ ان جا 2 ساٿي ٽرالر جي ٽڪر ۾ ايڪسيڊنٽ ٿي پيا آهن جلدي اسپتال پهچ،۔
اهڙي افسوسناڪ خبر ٻڌي منهنجي ته پيرن هيٺيان زمين ئي نڪري وئي،
دوڪان کي اڪيلو ڇڏي موٽر سائيڪل کي ڪڪ هڻي اسپيڊ ۾ ميرپور اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ وڃي پهتس،
ايتري ۾ اتي موجود ڪجھ دوست منهنجو اڳ جهلي چئي رهيا هئا ته يار هتي ڊاڪٽر ڌيان به نٿا ڏين ۽ نه ئي سهڻي نموني هنن جو چيڪ اپ ڪن ٿا، ڊاڪٽر صرف ايترو چئي کسڪي ويا آهن ته هنن جي ذندگي خطري ۾ آهي ۽ هنن کي جلدي شيخ زاهد هاسپيٽل رحيم يار خان کڻائي وڃو،
سوچيم هڪ ته امتياز هيو 2 ٻيا ڪير هئا،
جڏهن ايمرجنسي وارڊ پهتس ته ڏسان پيو هي ته منهنجو سئوٽ آفتاب ۽ منهنجو ويجهو مائٽ اصغر آهي،
پنهنجي جگرن کي رت ۾ گاڙهو لال ڏسي اندر ۾ ڪپجان، ٽڪجان، ۽ وڍجان پيو،
دوستن کان پڇيم اسپتال ته خالي پئي آ ڊاڪٽر ڪاڏي ويا؟
هڪ دوست آڱري جو اشارو ڪندي چيو او هن سامهون واري ڪمري ۾ ويٺا اٿئي،۔
هڪدم ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ ويس،
چيم ڊاڪٽر صاحب هتي مريض ٽڙپن ٿا پيا ۽ اوهان هتي A/C واري ڪمري ۾ آرام سان ويهي موبائيل جا مزا پيا وٺو،
چيائين گهڻي ڊيگھ نه ڪر، وڃي پنهنجي مريضن کي رحيم يار خان کڻائي وڃ، جلدي کڻائي وڃ نه ته هنن جا پساھ اتي ئي پورا ٿي ويندء، ڇاڪاڻ ته امتياز کي دماغ وارو ڌڪ آهي ۽ هي ڌڪ تمام خطرناڪ ٿئي ٿو، چيائين ٻين ڏي ته خير آ باقي امتياز جي حالت تمام ڳڻتي جوڳي آهي،
چيم سائين ٿورو هلي چيڪ اپ ته ڪيو،
چيائين ٽر اکين کان، وڌيڪ مون کي ڊسٽرپ نه ڪر،
چيم ڀلا ايمبولينس جا ڊرائيور ڪٿي آهن،
چيائين ڇورا تون ته ڪو زليل ماڻهو آن، وڃي هوڏي مر، ڏس وڃي ڪٿي نه ڪٿي بيٺا هوندء،
ڊاڪٽر جو رويو ڏسي، منهنجو همت حوصلو جوش ۽ جذبو تمام گهٽجي ويو، مان پريشاني ۾ وڪوڙجي ويس، مون کي هر طرف اونداهي نظر آئي، ٻي طرف منهنجي ذهن ۾ امتياز جو رت هاڻو جسم بار بار اڳيان پيو اچي،
پورو هڪ ڪلاڪ اسپتال جي اندر گهمي گهمي ٿڪجي پيس پر ڊرائيور لڀن ئي ڪونه،
آخر تنگ ٿي ايم ايس ڏي ويس،
چيم، سائين ايم ايس صاحب هي ڪهڙي بدمعاشي، بدتميزي، گنڊا گردي، ۽ لاپرواهي آهي، جو اسان جا مريض هتي زخمن ۾ ٽڙپي ٽڙپي مري رهيا آهن ۽ اوهان جا ڊاڪٽر A/C واري روم مان نڪري صرف چيڪ اپ ڪرڻ جي زخمت به نٿا ڪن، ڇو سائين هي ڪهڙي داداگيري آ، صاحب ڳالھ ٻڌ جيڪڏهن منهنجي مائٽن کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو زميوار تون ۽ تنهنجا هي ڊاڪٽر هوندا، تون مونکي شايد سڃاڻي ڪونه ٿو مان ڦلاڻي اخبار جو رپورٽر آهيان،
پهرين ته ايم ايس صاحب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو لال ٿي ويو پر جنهن مهل رپورٽر جي ڳالھ ڪيمپوء ٿڌو ٿي ويو،
ڪرسي تان اٿي ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو،
بابا خير آ خير آ سرڪاري ادارن ۾ ائين ٿيندو رهندو آ، تون ناراض نه ٿي توکي ڊاڪٽر به ملن ٿا ايمبولينس به ملي ٿي،
ايم ايس هڪدم پنهنجي کيسي مان موبائيل ڪڍي ورتو،
شايد ايمبولينس واري ڊرائيور ڏي پيو ڪري،
هيلو ڪاٿي آهيو ڙي، هتي مريض ٽڙپن پيا توهان پنهنجي لاپرواهي ۾ مست آهيو، ٻڏي نٿا مرو،
ايتري ۾ ڊرائيور ڊوڙندو اچي ايم ايس واري ڪمري ۾ پهتو،
جي سائين جي خير ته آهي،
ڊرائيور چوڻ لڳو،
هيڏي ڇا لاء ٿو اچين هوڏي ايمرجنسي وارڊ وڃ ۽ مريضن کي رحيم يار خان کڻائي وڃ،
ايم ايس ڊرائيور کي چوڻ لڳو،
پر تيستائين تمام دير ٿي چڪي هئي، امتياز جو ساھ نڙي تائين پهچي چڪو هو،
امتياز کي ميرپور مان کڻي جئين ئي رحيم يار خان شيخ زاهد هاسپيٽل جي ايمرجنسي وارڊ پهتاسين ته ڊاڪٽرن مريض کي ڏسڻ شرط ٻڌايو ڇوڪرو ته ختم کڻي آيا آهيو،
منهنجون ته دانهون ۽ رڙيون نڪري ويون، اي ڪائنات جا خلقڻهار هي ڇا ٿي ويو
پر وري ڊاڪٽر آٿت ڏيندي چيو گهٻرايو نه، مريض جي ريڙه جي هڏي ڀڳل آ جنهن سبب هن جي جسم جو ساھ بلڪل ختم ٿي ويو آهي ڪجھ ڏينهن علاج ڪنداسين پوء طبيعت ۾ بهتري اچي ويندس،
وقت گذرندو رهيو، امتياز جو علاج هلندو رهيو، پر طبيعت ۾ ڪو به سڌارو نه آيو، آخر اهو وقت به آيو جڏهن راولپنڊي ۽ ڪراچي جي ماهر ڊاڪٽرن امتياز کي لاعلاج ڪري ڇڏيو، ۽ هاڻ مسقتل طور نوجوان امتياز کٽڙي جي حوالي ٿيل آهي،