ڪھاڻيون

اڌوريون خواهشون!

هن مجموعي جو ليکڪ نئين ٽهيءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ساجد حسين سومرو آهي.
سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي.
Title Cover of book اڌوريون خواهشون!

انڌو عقيدو



صابو جي شادي کي ڪجھ ئي مهينا ٿيا هئا، هڪ ڏينهن اچانڪ صابو جي گهر ۾ صابو جي امڙ پنهنجي ننهن کي وڏي وڏي آواز سان ست سريون ٻڌائي رهي هئي، صابو جي امڙ پنهنجي ننهن کي طعنا ۽ مهڻا ڏيندي چئي رهي هئي ته جڏهن کان صابو جي شادي تو جهڙي مڪار ۽ چالاڪ رن سان ڪرائي اٿم، تڏهن کان مون کي تو اهڙا ته تعويذ پيارا آهن، جو منهنجي طبيعت ٺيڪ ئي نٿي ٿئي، علاج ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پئي آهيان پوء به ڪا به ڪسر نٿي پوي، الله ڪندو رن توکي قرآن پڄندئي، شل ٻيڙو غرق ٿيندئي. شل قبر ۾ جيت پوندئي.
صابو جي امڙ پنهنجي ننهن کي مرڻ جهڙا لفظ ڪڍي رهي هئي، پر شابس آ صابو جي وني کي جنهن هڪ لفظ به ٻاهر نه ڪڍيو، هو فقط پنهنجي سس جي زبان مان نڪتل گهٽيا الفاظ ٻڌي روئي رهي هئي، ۽ آسمان ۾ اکيون اٽڪائي ڪائنات جي تخليقار کي اندر ئي اندر ۾ ڏوراپو ڏيندي چئي رهي هئي ته اي منهنجا رب هي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏئي رهيو آهين، پهرين به آئون ننڊپڻ کان بابا وارن جي گهر ۾ ڏکن، دردن، تڪليفن ۽ مصيبتن واري زندگي گذاري آئي آهيان، منهنجا مالڪ شادي کان پوء ته مون کي سک جو ساھ کڻڻ ڏين ها.
صابو جي امڙ پنهنجي ننهن کي منفي انجام تائين پهچائڻ ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهي، ايتري ۾ سج به لهي ويو ۽ صابو به ڪم تان واپس وريو، پر صابو جي گهر واري صابو جي ورڻ کان پهرين پنهنجي پيڪن تائين پهچي چڪي هئي، صابو کٽ تي ويهي پنهنجي وني کي سڏيندي چيو: آسيا او آسيا پاڻي ته پيار،
آسيا جواب ڪونه ڏنو. ٻيهر چيئيس،آسيا پاڻي پيار اڃ لڳي آه.
اڄ ڪم به گهڻو ڪيو اٿم ٿڪجي به پيو آهيان.
پر وري به آسيا جو جواب ڪونه آيو.
ايتري ۾ صابو پنهنجي امڙ کي چيو امان او امان اڄ آسيا ڪونه ٿي نظر اچي ڪٿي غائب آ؟
ڪاوڙ ۾ جواب آيس ابا اهڙو ته زال کي لاڏڪو ڪري ڇڏيو اٿئي جو هو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ بنا توکان پڇڻ جي ڳوٺ ڏي پنهنجي ماء، پيء، ڏي هلي ويندي آهي، اڄ منجهند جو هن مونسان جهيڙو ڪري وڃي پنهنجي پيڪن تائين پهتي آهي،.
پر ڇو امان ڇا ڳالھ آ، لڳي ٿو ضرور تون هن سان جهيڙو ڪيو هوندو.
صابو جي امڙ روئڻهارڪي آواز ۾ چيو ته پٽ صابو تنهنجي وني مون کي مرڻ ڪنڌي تي پهچايو آهي.
وري ڪئين امان، صابو چيو؟
منهنجا پٽ توکي ته خبر آ آئون بيماري جو علاج ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پئي آهيان پر پوء به بيماري جي پاڙ نٿي پٽجي، تنهنڪري پٽ اڄ آئون هڪ فقير بابا ڏي وئي هيس، هن منهنجو هٿ ڏسي سڄو راز پروڙي ورتو، چيائين ته مائي توسان تعويذ ٿيل آهن، تعويذ به اهڙا ٿيل اٿئي جو تنهنجي زندگي فقط ڪجھ ڏينهن آهي، پوءِ تون هميشه لاِ قبر انڌاري ڪوٺڙي ۾ آرامي ٿيندين.
پوء آئون فقير سائين کان پڇيم فقير سائين، اهڙو ويڌن مون سان ڪنهن ڪيو آهي ۽ ڇو ڪيو آهي؟
فقير مون کان پڇيو:
اوهان جي گهر ۾ گهڻا گهرڀاتي آهن، مون چيو هڪ مان ٻيو منهنجو مڙس ٽيون منهنجو پٽ، 2 منهنجون ڌيئرون ۽ هڪ منهنجي ننهن ٽوٽل 6 گهرڀاتي آهيون،
تنهن تي فقير چيو، اسان فقير تعويذ ڪرڻ واري جو نالو هرگز ناهيون ٻڌائيندا پر جي تون چوين ٿي ته توکي نالو به ٻڌائيندسين، پر هڪڙي شرط تي
چيم شرط وري ڪهڙي فقير؟
چيائين پئسا ڊبل وٺندو سانئين، چيومانس ٺيڪ آ تون نالو ٻڌائي، چيائين توسان تعويذ تنهنجي ننهن ڪيا آهن، تون تنهنجي ننهن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهين تنهن ڪري هو توکي تعويذ ڪري مارائڻ چاهي ٿي، ۽ پنهنجو رستو صاف ڪرڻ چاهي ٿي.
منهنجا سهڻا صابو پٽ فقير جي زبان مبارڪ مان اهڙا سخن سڻي منهنجي زمين پيرن هيٺان نڪري وئي. امان پو ڇا ٿيو فقير ٺيڪ ٿيڻ جو ڪو رستو به ٻڌايو يا نه ۽ ها توکان پئسا گهڻا ورتس؟
ها ابا،
هن پنهنجي پوتي مان ڳنڍ ڇوڙيندي ڪجھ تعويذ ڪڍي پنهنجي پٽ کي ڏيکاريا، چيائين پٽ هي تعويذ ان فقير ڏنا آهن چيائين ته هنن تعويذن کي روزانو ڀرڀات ڌاري هڪ هڪ ڪري ساڙيندي رهجان، چيائين انشاءالله ڪجھ ڏينهن ۾ خير ٿي ويندي،
۽ توکان پئسا گهڻا ورتس صابو چيو؟
ڇهه هزار روپيا ورتائين.
صابو بيزاري واري انداز ۾ چيو امان او امان توکي هاڻي ڇا چوان
نه پٽ نه ڪجھ نه چئو منهنجو فقير سائين تي انڌو عقيدو آهي ڏسجو آئون ڪجھ ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندس، صابو پٽ تون هاڻي هڪڙو ڪم ڪر!
ڪهڙو ڪم امان؟
پنهنجي گهرواري کي طلاق ڏي.
ڇو امان هي ڇا پئي چوين تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آ نه، آئون آسيا کي طلاق هرگز ڪونه ڏيندس، مون کي آسيا جي خبر آ هو ائين ڪري به نٿي سگهي، هن هميشه امن جي پرچار ڪئي آهي، منهنجي امان تو سان تعويذ ناهن ٿيل، هي تنهنجو انڌو عقيدو منهنجو گهر برباد ڪري ڇڏيندو،
بهرحال تون پريشان نه ٿي آئون تنهنجو علاج ڪنهن وڏي نجي اسپتال مان ڪرائيندس، امان تون ته هميشه ويچاري ڊاڪٽر رفيق کان علاج ڪرايو آهي، هن ويچاري کي ڪهڙي خبر ته توکي مرض ڪهڙو آهي، هو ويچارو پاڻ به عطائي ڊاڪٽر آهي،
۽ هو جيڪو تو وارو فقير بابو آ ان جو سڄو ڏينهن ڪوڙ، ڌوکي، فراڊ، ۽ ٺڳي تي گذارو آهي،
پٽ تنهنجي زال مون سان جيڪو لقاء ۽ ويڌن ڪيو آهي اهو سمورو اوهان کي ٻڌايو آهي، هاڻ جيڪڏهن مون کي زنده ڏسڻ چاهين ٿو ته پنهنجي زال کي طلاق ڏي،
امان طلاق ته ان کي ڪنهن به صورت ڪونه ڏيندس، باقي سڀاڻي تو کي ڪنهن وڏي اسپتال ضرور وٺي ويندس،
او منهنجا صدورا پٽ مون کي ڪوبه مرض ناهي مون سان تعويذ ٿيل آهن، جيڪي تنهنجي زال ڪيا آهن،
صابو بيزاري مان هٿ ٻڌي چيس امان الله کي مڃ هاڻي چپ ڪر سڀاڻي ڏسنداسين،
ماني وغيره کائي صابو ۽ ان جا گهرڀاتي ننڊ سمهي پيا، آخر صبح به ٿي وئي، صابو صبح جو تڙ ۽ ناشتو ڪري پهرين ڳوٺ پنهنجي زال کي وٺڻ ويو، زال کي گهر وٺي آيو ۽ پنهنجي امڙ کي چيائين امان تيار ٿي ته تنهنجو هٿ ڏيکاري اچان،
ها ابا تيار ٿيان ٿي، صابو جي امڙ جهٽ ۾ تيار ٿي ۽ پوء موٽر سائيڪل تي چڙهي هڪ سٺي اسپتال ويا، صابو جي امڙ اسپتال ۾ ڊاڪٽر کي پنهنجي بيماري بابت آگاهي ڏني، ڊاڪٽر هن جي پيلي اکين ۽ چهري کي ڏسي بيماري جو اندازو لڳايو ته امڙ توهان کي هيپاٽائيٽس آهي، هن بيماري جو مسلسل 6 ڇھ مهينا دوائن جو ڪورس هلندو پوء اوهان جي هن بيماري مان پاڙ پٽجي ويندي، ۽ اوهان جي طبيعت بلڪل ٺيڪ ٿي ويندي،
ڊاڪٽر پرچي تي ڪجھ دوائون لکي هن جي هٿ ۾ ڏني، ۽ چيائين امان هي وٺو دوائن جي پرچي ٻاهرين اسٽور تان وٺي اچو پوء اوهان کي دوائون کائڻ جو ٽائيم ٽيبل ٻڌايان،
هو اسٽور تان دوائون وٺي آيا، ۽ ڊاڪٽر هنن کي دوائون کائڻ جو وقت به ٻڌائي ڇڏيو، بعد ۾ هو گهر موٽي آيا، گهر واپس موٽڻ شرط هن پنهنجي ننهن کان معافي ورتي،
چيائين امان مون کي معاف ڪجان منهنجو ڪاني لڳي فقير تي انڌو عقيدو هو جنهن جي ڪري آئون توکي گهٽ وڌ ڳالهايس،
آسيا به پنهنجي سس کي جهٽ گهڙي ۾ معاف ڪري ڇڏيو،
بعد ۾ هن دوائون کائڻ شروع ڪيون، ۽ اهڙي طرح هن جي طبيعت ۾ وقت بوقت سڌارو ايندو ويو هن مسلسل ڇھ مهينا وقت جي پابندي جي حساب سان دوائون کاڌيون،
6 مهينن کانپوء ساڳئي اسپتال ۽ ساڳئي ڊاڪٽر ڏي چيڪ اپ ڪرائڻ لاِ ٻيهر ويا، ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪرڻ کان بعد مبارڪ باد ڏيندي چيس ته امان مبارڪ اٿئي اوهان جي هيپاٽائيٽس مان جند آجي ٿي چڪي آهي، ۽ هاڻ اوهان بلڪل ٺيڪ آهيو،