ڪھاڻيون

اڌوريون خواهشون!

هن مجموعي جو ليکڪ نئين ٽهيءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ساجد حسين سومرو آهي.
سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي.
Title Cover of book اڌوريون خواهشون!

انتقامي ڪاروائي

انتقامي ڪاروائي

ربنواز جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان تقريبن 2 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هو، ربنواز پاڻ هڪ بهترين استاد سان گڏوگڏ امن پسند، جهيڙي ٽاڙ، علم عقل ڏاهپ جا درس ڏيندڙ، ۽ پڙهيل لکيل تعليم يافته ڳوٺاڻو هو، هن وٽ هر مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي به خاص مهارت حاصل هيس، هو اسان جي ڳوٺ واري مڊل اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هو، هڪ ڏينهن اچانڪ استاد ربنواز ڊڪندو، ڪرندو، ٿاٻڙندو، اسان جي ڳوٺ پهتو، چهري تي خوف جي لهر ڇانيل هيس ۽ سڄو بت ڪرڙي وانگر ڏڪي رهيو هيس، گهر اندر اچي ڏڪندي ۽ گهٻراهٽ واري لهجي ۾ چيائين ته تڪڙ ڪيو دروازو بند ڪيو ۽ ڪنهن کي ٻڌائجو نه ته ڪو آئون هتي آهيان،
استاد ربنواز خير ته آهي، ادا اصغر پڇيس،
بس ادا خير وري ڪهڙي؟ وڏيري انتقامي ڪاروايون شروع ڪيون آهن، ۽ هن اسان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن انهي ڏينهن وڏيري کي ووٽ ڏيون ها ته جيڪر اڄ چورن، ڌاڙيلن، ۽ ڏوهارين، وانگر اسان جي پويان پوليس نه هجي ها، اڄ وڏيري جي چرچ تي اسان جي گهر ۾ پوليس وڄ جيان ڪڙڪي پئي آهي، ۽ آئون وجھ وٺي هيستائين پهتو آهيان،
استاد ربنواز ڪهڙي وڏيري جي ڳالھ ڪيو ٿا؟ اصغر پڇيس،
ادا اصغر اِهو وڏيرو جيڪو هاڻ نئون ايم، اين، اي ٿيو آهي،
پر اُهو ايم، اين، اي، اوهان جي پويان ڇو لڳو آهي؟
چيائين، ادا اصغر ڳالھ ڪجھ ائين آهي جو اڄ کان 5 ڏينهن پهرين وڏيري جي برادري جي ڪجھ شرپسند ماڻهن منهنجي رستا روڪ ڪري بنا ڪنهن غلطي ۽ بنا ڪنهن سبب جي منهنجو گريبان ڦاڙي مون کي چماٽون هنيون ۽ قتل ڪرڻ جون موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون، آئون جڏهن اهڙي شرپسند ۽ بدمعاشن جي دانهن حد جي ٿاڻي تي کڻي ويس ته ايس، ايڇ، او، منهنجي ايف، آء، آر، داخل نه ڪئي، ۽ ويتر دهمان، دڙڪا، داٻا ڏيندي چيائين، مون کي خبر آ ڙي تون ڪتيرو مڙس ماڻهو آهين، اُنهن غريبن ۽ شريفن سان وڙهي ۽ اُنهن کي ڪُٽي، پنهنجي گريبان ڦاڙهي اُنهن تي ڪوڙا ڪيس ڪرائڻ چاهين ٿو، اهڙي طرح هنن منهنجي فرياد داخل نه ڪئي ۽ مان چُپ ڪري وڃي پنهنجي گهر ويٺس، اصغر ڀاء اوهان کي ته خبر آ آئون اڄ تائين ڪنهن سان اُچائي ناهي ۽ نه ئي ڪنهن سان وڙهيو، یا جهيڙيو، آهيان، مان ته هڪ امن پسند، استاد آهيان،
اُهي شرپسند ڪير هئا اصغر پڇيس؟
اُهي وڏيري جا واٺا هئا،
پر انهن اوهان سان اِئين ڇو ڪيو؟
چيائين دراصل اليڪشن کان ڪجھ ڏينهن پهرين وڏيرو اسان جي ڳوٺ ۾ ورڪ تي آيو هو، ۽ وڏيري منهن هيٺ ڪري چيو ته ڳوٺ وارٶ اسان جي مثال به اُنهن موسمي ڏيڏرن جيان آهي جيڪي سانوڻ جي موسم ۾ ٽران ٽران ڪري ٻاهر نڪرندا آهن، بلڪل اِئين جيئن اسان سياسي ماڻهو اليڪشن جي موسم ۾ بنگلن مان نڪري شهرن، ڳوٺن، ۽ وستين طرف نڪري پوندا آهيون، سو ڳوٺ وارٶ جيئن ته اوهان کي خبر آهي ته اليڪشن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي اسان اوهان وٽ اِها آس اميد کڻي پهتا آهيون ته ماضي کي وساري هن ڀيري اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو انشاالله اوهان جي ڳوٺ کي پئرس بڻائي ڇڏيندس، ۽ بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون وٺي ڏيندس.
معزز هجڻ جي ناطي سڀئي ڳوٺ وارا منهنجي ڪيل فيصلي تي راضي هوندا آهن، سو انهي ڏينهن وڏيري جي اچڻ کان ڪجھ ڪلاڪ پهرين ڳوٺ وارن سان صلاح مشوري کان پوء اها ڳالھ طئي ڪئي سين ته هيل وڏيري کي ووٽ ناهن ڏيڻا، ۽ پنهنجي تڪ تي وڏيري جي مقابلي ۾ پڙهيل لکيل نوجوان فرد بيٺو آهي ووٽ ان کي ڏينداسين.
سو وڏيري پنهنجي ڳالھ ختم ڪئي ايتري مان به اٿي ڪري وڏيري جي اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، چيم سائين گذريل 20 سالن کان اسان اوهان کي ووٽ ڏيندا آيا آهيون ۽ اوهان هر ڀيري ڪامياب ٿيندا آهيو پر اسان جي ڳوٺ ۾ ته هڪ ٽڪي جو ڪم ڪونه ڪرايو اٿئو، سائين اسان معزرت ڪيون ٿا ڇو ته هن ڀيري اسان ڳوٺ واسي پنهنجو قيمتي ووٽ اوهان کي ڪونه ڏينداسين، ايتري ۾ وڏيرو ڪاوڙ ۾ اٿيو هليو ويو..
پوء ڇا ٿيو؟
پوء ڇا اسان جنهن کي ووٽ ڏنا اهو ويچارو وڏيري کان هارائي ويو ۽ وڏيرو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ايم، اين، اي ٿي ويو آهي ۽ هاڻ اسان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اٿس، غريب آهيون صبر ڪيون ويٺو آهيون شل وڏيري کي الله پڄي.