ڪھاڻيون

اڌوريون خواهشون!

هن مجموعي جو ليکڪ نئين ٽهيءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ساجد حسين سومرو آهي.
سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي.
Title Cover of book اڌوريون خواهشون!

محسوساتي ڪيفيت

محسوساتي ڪيفيت

مون قلم ۽ ڪاغذ هٿ ۾ کنيو آهي، قرطاس ابيض تي محسوساتي ڪيفيت ۽ من اندر جون سوچون ۽ لوچون قلم جي نوڪ سان قيد ڪرڻ پئي چاهيس، اڃان تحرير جو پهريون لفظ لکڻ ويٺس ته ذهن ۾ هڪ معصوم نياڻي جو گهٽا ڏنل لاش تري آيو، جيڪو ڄڻ ته مون کي دانهن ڏئي چئي رهيو هو ته
اي درد وندن جي دانهن قيد ڪرڻ وارا ليکڪ،
ڪجھ مون تي به لکجان، مان به تنهنجي قلم جي ڪجھ مس کپائڻ چاهيان ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي به انسان جي روپ ۾ وحشي درندن جنسي بک جو نشانو بڻائي گهٽا ڏئي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو آهي،
اڃان ان معصوم پنهنجي دانهن پوري ئي مس ڪئي، هڪ خوبصورت ڪنواري ڇوڪري جو لاش ذهن ۾ لامارا پيو ڏي،
جيڪو ڄڻ ته مون کان پڇي رهيو هو ته
اي ليکڪ ڇا پيو لکين؟
ان خاموش ٿيل لاش کي جواب ڏنم ته
درد وندن جي دانهن پيو لکان،
چيائين ٿوري قلم جي مس مون تي به خرچ ڪجان ڇاڪاڻ ته مون کي به سماج جي جاهل ترين انسانن ناحق ڪارو ڪاري جو ڪوڙو بهتان هڻي ڪهاڙيون هڻي الهڙ جواني ۾ قتل ڪري ڇڏيو آهي،
منهنجي اکين کان نير وهي آيا، مان ان بي جان لاش جي دانهن ڪاغذ تي اتارڻ وارو ئي هيس ته پٺيان ڪنهن نوجوان منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو،
چيائين ڪير آهين،؟
چيم ڪاغذ تي درد وندن جي دانهن قيد ڪرڻ وارو ليکڪ آهيان،
چيائين هڪ دانهن منهنجي به قيد ڪر،
مان پڙهيل لکيل، شعور رکندڙ بيروزگار باشعور فرد آهيان، پر مون کي اڄ تائين نوڪري ناهي ملي، هاڻي آئون بيروزگاري سبب پريشان ٿي ويو آهيان، مون کان وقت جي حڪمرانن جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، منهنجا احساس ته پهرين ئي آپگهات ڪري چڪا آهن ۽ خواهشون به خودڪشي ڪري چڪيون آهن، پر اڄ مان پاڻ به آپگهات ڪرڻ پيو وڃان، اگر تنهنجي قلم ۾ طاقت آهي ته لفظن جي ڪارگردگي ذريعي وقت جي حڪمرانن کي منهنجي خودڪشي جي اطلاح ڏئي گهروڙي منهن ۾ ڀونڊا ڏجان،
اهڙي طرح ڪجھ دير کانپوء اهو نوجوان منهنجي اکڙين کان اوجهل ٿي ويو،
ڪجھ ساعت کانپوء لاتعداد مردن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي دانهن، ڪوڪن، ۽ رڙين مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو، ڪو پاڻي جي دانهن پيو ڏي، ڪو پوليس جي ذيادتين جي دانهن پيو ڏي، ڪو گمشده ٿيل فردن جي دانهن پيو ڏي، ڪو قاتل کي گرفتار ڪرائڻ جي دانهن پيو ڏي، ڪو وڏيري جي ظلم، ذيادتين، ڏاڍ، ۽ ڏمر، جي دانهن پيو ڏي،،،
مان بلڪل پريشان ٿي ويس، وائڙو، بيحال ۽ بتال ٿي ويس ڪاغذ ۽ قلم ميز تي رکي ڀڄڻ وارو هيس ته ڪنهن ٻانهن کان پڪڙي ورتو،
چيائين ڪاڏي؟
پڇيم تون ڪير آهين؟
چيائين مان تنهنجي امڙ آهيان،
امڙ؟
ها مان تنهنجي امڙ " سنڌ " آهيان،
مان سنڌ امڙ جو بيحال، حال ڏسي روئڻهارڪو ٿي ويس، پريشان ٿي ويس، نهايت ئي گهٻرائجي ويس، منهنجو دماغ هڪ دم تاريخي ڪتابن ڏانهن مائل ٿي ويو، انهي تاريخي ڪتابن ڏانهن، جنهن ۾ مون پڙهيو هو ته سنڌ ماضي ۾ سهڻي، شاهوڪار، امن پرست، ۽ صوفين، برزگن، ۽ الله وارن جي ڌرتي هئي،
مان سنڌ امڙ کان پڇيم منهنجي جيجان تنهنجي اهڙو حشر ڪنهن ڪيو آهي،
چيائين منهنجو هي حال، چورن، لوٽيرن، ڌاڙيلن، ڌرتي دلالن، ٻاهريان آيل ڌارين، ۽ منهنجي ڪک مان جنم وٺندڙ منهنجي پنهنجن،
منهنجي پنهنجن؟
ها منهنجي پنهنجن، اهي منهنجا پنهنجا جيڪي وقت جا حڪمران آهن،
سنڌ امڙ چيو منهنجا ٻچا انهن منهنجي فطري حسن کي ختم ڪيو آهي، منهنجي روح کي زخمي ڪيو اٿن، منهنجي وسيع ميدان تي رت جي راند پيا کيڏائن، منهنجي جياپي لاء ڪجھ نه پيا ڪن،
آخر ۾ سنڌ امڙ روئندي چيو الله جو واسطو اٿئو مون کي وقت جي منصف کان نياء وٺي ڏيو،
ڪجھ ساعت کانپوء سنڌ امڙ منهنجي اکين کان اوجهل ٿي وئي،،
اهڙي طرح مان پنهنجي تحرير کي پهرين لفظ کان اڳتي نه وڌائي سگهيس، منهنجو دماغ ڪم ڇڏي ويو، لفظن جي ديوي رسي وئي، ۽ منهنجي محسوساتي ڪيفيت مون کان وسري وئي.