قسمت
سياري جي سرد ۽ سانت رات ۾ رمضان ۽ سندس وني هڪئي کٽ تي سمهي رهيا هئا، رمضان اڀ ۾ اکيون اٽڪائي سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا پئي کاڌا، هو سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر نڪري پنهنجي وني کي چوي ٿو،
گل خاتون
جي ڪيان؟
گل خاتون مون کي ته سوچون ڪا هڪ ساعت سمهڻ نٿيون ڏين،
ڇو رمضان ڇا مسئلو آهي؟
گل خاتون سوچان ٿو پاڻ وارو نوجوان پٽ شاهزيب نه ڪم ڪري ٿو ۽ نه ئي پنهنجي پيرسن پيء جو ڪو احساس ڪري ٿو، هو سڄو ڏينهن ڇڙواڳ ڇوڪرن سان شهر جون گهٽيون، ۽ بازارون رلندو آهي،
گل خاتون هاڻ ته منهنجي جسم ۾ مزدوري ڪرڻ جيتري قوت ناهي رهي، آخر نوجوان نياڻي جو به بار ويٺو آهي، ان جو به ڪٿي بلو ڪرڻو آهي، پر اهو به تڏهن ٿيندو جڏهن جيب ۾ پئسا هوندا، مون کي سمجھ نٿو اچي ته آخر پنهنجي گهر جو سسٽم ڪئين هلندو؟
جيڪڏهن شاهزيب کي چڱائي ڀلائي چوان ٿو ته هو خودڪشي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، آخر وڃان ته وڃان ڪاڏي؟
رمضان الله وڏو آ، ڪائنات جو مالڪ غريبن کي ڏکيو ڪونه ڇڏيندو، تون هاڻ آرام سان ننڊ ڪر، سڀاڻي سوير شاهزيب کي گڏجي سمجهائينداسين، الله ڪندو سمجهي ويندو ۽ ڪم ڪار ڪري تنهنجو ڀرجهلو ٿيندو،
نه گل خاتون مون کي نٿو لڳي ته شاهزيب منهنجو ڀرجهلو ٿيندو، يا وري پنهنجو چيو وٺندو،
رمضان تون هاڻي آرام ڪر، سڀاڻي انهي ڳالھ کي ڏسنداسين،
ٺيڪ آ گل خاتون، غريبن جي الله کي پارت، ائين چئجي رمضان سمهي رهي ٿو،
آخر رات پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ٿي، ۽ صبح جو سج اڀري ٿو، رمضان جا گهرڀاتي به ننڊ مان سڄاڳ ٿي پون ٿا،
چانھ وغيره ٿئي ٿي، سڀئي چانھ پيئن ٿا،
شاهزيب منهن هٿ ڌوئي، چانھ وغيره پي، ٻاهر وڃڻ لاء تيار ٿئي ٿو ته امڙ پڇيس ٿي، ابا ڪاڏي ٿو وڃين؟
ڪاوڙ ۾ چيائين جاڏي وڃان تنهنجو ڇا،
امڙ چيس پٽ ٿورو سڌري وڃ، ماحول خراب لڳو پيو اٿئي، ڪٿي حقون ناحقون ڦاسي نه وڃين، سياڻو ٿي ٻچا، پنهنجا پير سنڀاري وڃ، تنهنجو ابو پوڙهو ٿي چڪو آهي، ڪجھ ان جي مدد ڪر، ڪو ڪم ڪار ڪر،
هو بيزاري مان چوي ٿو، ڇا ڪيان امڙ منهنجي قمست ۾ ڪم لکيل ئي ڪونهي، مون کي ڪٿي ڪم ملي ئي ڪونه ٿو،
ايتري ۾ هنن جي گهر، پاڙي وارو ماستر شبير اچي ٿو،
شبير چوي ٿو ادي گل خاتون ڇا تي سويري سويري ڪروڌ لاٿيون بيٺي آهين،
ادا شبير نوجوان پٽ گهر ۾ ويٺو آهي ۽ ڪراڙو پيء ڪمائي گهر جو چرخو هلائي ٿو، اڄ هن کي سمجهائي رهي آهيان ته پٽ ڪم ڪار ڪر، نه ته ماڻهو ٿڪون هڻنداء،
پوء شاهزيب ڇا ٿو چوي؟
شاهزيب چوي ٿو منهنجي قسمت ۾ ڪم آهي ئي
ڪونه،
ماستر شبير شاهزيب سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ائين شاهزيب؟ ادي گل خاتون ڇا پئي چوي؟
ها استاد شبير مون کي ڪم ڪٿي ملي ئي نٿو، شايد الله پاڪ منهنجي قسمت ۾ ڪم لکيو ئي ناهي،
تڏهن ماستر شبير چوي ٿو، پٽ قسمت انسان پنهنجي پاڻ ٺاهيندو آهي، قسمت يا نصيب جو انسان سان ڪو به تعلق ناهي،
شاهزيب حيرت مان چوي ٿو استاد اهو ڪئين ڀلا؟ اسان ته هميشه کان ئي ٻڌندا آيا آهيون ته هن معاشري ۾ هر انسان سان جيڪو ڪجھ به ٿئي ٿو اهو ان جي قسمت ۾ لکيل هوندو آهي،
نه شاهزيب نه، ائين بلڪل به ناهي،
باقي ڪئين استاد؟
شاهزيب توکي ته خبر آهي الله پاڪ کي سڀئي انسان پيارا آهن، پوء ڀلا ڪنهن جي قسمت ۾ اميري ڇو لکيائين ۽ ڪنهن جي قسمت ۾ غريبي ڇو لکيائين؟ ڪنهن جي قمست ۾ نماز ڇو لکيائين ته ڪنهن جي قسمت ۾ بي نمازي ڇو لکيائين؟ ڪنهن جي قمست ۾ شراب، ۽ زنا لکيائين ته ڪنهن جي قمست ۾ پرهيزگاري ڇو لکيائين؟
ڪنهن جي قسمت ۾ قرآن جو حافظ لکيائين ته ڪنهن جي قسمت کي اڻپڙهيل ۽ جاهل ڇو لکيائين؟ هاڻي جيڪڏهن ڪو فرد ڦل اسپيڊ ۾ بي ڌياني ۽ لاپرواهي سان موٽر سائيڪل يا ڪار هلائي ٿو ۽ جڏهن ايڪسيڊنٽ ٿي فوت يا هميشه لاء اپاهچ ٿي وڃي ٿو، ڇا اهو به ان جي قسمت ۾ لکيل هو؟ جيڪڏهن هو احتياط ڪري ها ته ڇو نقصان ۾ وڃي ها،
۽ ها ٻي ڳالھ ٻڌ شاهزيب،
جي ٻڌايو استاد،
توهان کي خبر آهي خودڪشي ڪرڻ سخت گناھ آهي، ڇا خودڪشي ذريعي ماڻهن جو موت به قسمت ۾ لکيل هوندو آهي؟ سوچڻ جون ڳالهيون آهن، هي سڀ انسان جون پنهنجون ڪيون آهن، بس مڙيئي انسانن کي قسمت جو بهانو هٿ اچي ويو آهي،
ماستر شبير جون ڳالهيون ٻڌي شاهزيب جون اکيون کلي وڃن ٿيون، هو حيرت ۾ چوي ٿو
استاد شبير توهان جون ڳالهيون بلڪل سهي آهن،
تڏهن ماستر شبير چوي ٿو پٽ همت، حوصلو، جوش، جذبو، ۽ جاکوڙ ڪرڻ سان ڪم ٿئي ٿو، باقي قسم تي ڀاڙڻ بلڪل به غلط آهي،
استاد شبير جون ڳالهيون شاهزيب لاِ اتساھ جون علامت بڻجن ٿيون، هو ٻي صبح جو پنهنجي ابي سان گڏ ڪم تي وڃي ٿو، ۽ اهڙي طرح مسلسل ڪم تي ويندو رهي ٿو، هاڻي ته هن جي گهر جا حالات به آهستي آهستي سهي ٿيڻ لڳا ها، ۽ شاهزيب جيڪو سڄو ڏينهن ڇڙواڳ ڇوڪرن سان رلندو هو، هاڻ اهو پنهنجي محنت ۽ ذريعي پنهنجي ڀيڻ جو ڏاج وٺي شادي به ڪرائي ڇڏيائين ۽ پوڙهي ابي جو ڀرجهلو به ٿي بيٺو آهي،