باب ٻارهون
ڪراچيءَ وارن به امن جو منهن ڏٺو. دفنائڻ کان اڳ امن جو منهن بي امنيءَ جي ڏينهن کان به دکدائڪ هيو.
عثمان علي اڃان پالارا نه موٽيو هيو، هو گورا قبرستان ويو جتي سمينٽ جي صليب تي پٿر جو عيسا هيو. ان کان ويهه قدم اتر طرف جتي ميريءَ جو ميرو ٿي ويل مجسمو پنهنجو سڄو هٿ ڪڍي هڪ معصوم ٻار جي قبر تي ڇانوَ ڪري بيٺل هيو. ان جي اولهه طرف جتي هڪ قبر جي پاسي کوٽيل عيسا جي يارهن حوارين جون سمجهه ۾ نه ايندڙ مورتيون اُڪريل هيون، انهن مان هڪ حواري آڱر سان اشارو ڪري رهيو هيو، ڪجهه قدم پري سڪل ٻوڙن وٽ لزا جي قبر هئي.
هو پهريون به اتي اچي چڪو هيو پر ڪرنل مارٽن جي موجودگيءَ ۾ قبر جي مٽي ڇُهي نه سگهيو هيو. ماڻهو مري ويل سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قبر جي مٽيءَ ڇُهندو آهي، ڇو جو ماڻهو پاڻ مٽي آهي ۽ مٽيءَ جو مٽيءَ سان رابطو هوندو آهي. خبر نه آهي خدا ڇو ماڻهوءَ کي مٽيءَ مان ٺاهيو، جيڪڏهن اشرف المخلوقات هيو ته سون مان ٺاهي ها، گهٽ ۾ گهٽ غريب بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي ذرو ذرو پاڻ وڪڻي پيٽ گذر ته ڪري ها.
عثمان علي لزا جي قبر تي پهتو ته ان ڪتبي تي نظر ڪئي، اتي لکيل هيو لزا مارٽن ۽ هيٺان موت جي تاريخ سترهن اپريل ٻه هزار اٺ، تاريخ پڙهي عثمان عليءَ جو ڇرڪ نڪري ويو. اها سوڀيا جي اغوا ڪرڻ کان چوڏهن ڏينهن پوءِ جي تاريخ هئي. هن کي پڪ ٿي وئي ته ان قبر ۾ لزا نه، سوڀيا دفن آهي، هو قبر کي ڀاڪر پائي رُنو ۽ هن جي ڍڍڪرون ڀري روئڻ تي قبرستان جو مجاور بائرن هن مٿان آيو. ان کي اتي هڪ اڻ ڏٺل چهري وارو شخص نظر آيو.
“هيءَ ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ جي قبر آهي.” ان چيو. “تون ان جو ڇا ٿيئن؟”
عثمان عليءَ آلا نيڻ کڻي ان کي ڏٺو ۽ پوءِ ڳوڙها اگهي وراڻيو.
“مان ڪرنل مارٽن جي گهوڙن جو مالشي آهيان.”
“هڪ مالشيءَ جو مالڪ جي ڌيءَ سان ايڏو لڳاءُ؟”بائرن چيو.
“ڪجهه وقت اڳ اهو گهوڙو مري ويو جنهن تي لزا سواري ڪندي هئي. منهنجو ان گهوڙي سان لڳاءُ هيو. جيئن ته گهوڙن جون قبرون نه هونديون آهن، انڪري مان گهوڙي جي موت تي دل کولي روئي نه سگهيو هيس، هاڻي لزا جي قبر تي ان گهوڙي کي ياد ڪري رنو آهيان.”
بائرن جيڪو ماچيس جي تيليءَ سان ڪن کوٽي رهيو هيو، ان محسوس ڪيو جيئن اها ٻري پئي هجي.
“ڪرنل مارٽن کي منهنجا سلام چئجانءِ” بائرن چيو. “ٻڌائجانءِ ته قبر ۾ سندس ڌيءَ دنيا کان وڌيڪ محفوظ آهي.”
بائرن هليو ويو ۽ عثمان عليءَ پنهنجي ڳالهايل ڪوڙ تي ان ڪري شرمندگي محسوس نه ڪئي جو اها ڳالهه پاڻ ڪوڙي هئي ته ان قبر ۾ لزا دفن آهي. هو قبرستان مان موٽي شهر آيو ته شهر قبرستان ٿي چڪو هيو، ڪجهه مجاهدن جي شهادت کانپوءِ آزاديءَ جي تحريڪ عروج تي هئي، تحريڪ جو عروج تڏهن ٿيندو آهي جڏهن جيلن جي آدمشماري وڌي ويندي آهي ۽ اهڙي آدمشماريءَ کي گهٽائڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ڦاهيون، ڦٽڪا، ٻوريون ۽ نامعلوم گوليون شامل هونديون آهن.
هن کي ڪراچيءَ جي روڊن تي ڪارن ڌاڳن واريون ڳاڙهيون ترڪي ٽوپيون ائين نظر آيون، جيئن ڪميت پڇ لوڏي جنگ جي ميدان جي تياري ڪندو هجي. سلطنت عثمانيا جي سوويز معاهدي کانپوءِ ٽڪر ٿي وڃڻ ڪري مسلمان متحد ٿي ويا. انگريزن خلاف، خلافت تحريڪ ائين هلي جيئن “خلافت” ۽ “خلاف” ۾ “ت” جو فرق هجي، جيڪا “ت” تباهيءَ جو پيغام هئي.
ڳاڙهي ترڪي ٽوپي ايڏي ته اهميت حاصل ڪري وئي جو دنيا جي انقلابين پنهنجين ٽوپين کي ڳاڙهو رنگ ڪيو.
ڪميونسٽ انقلاب پويان ڳاڙهي رنگ جو وڏو ڪردار هيو، دنيا ۾ ڳاڙهي ٽوپيءَ ڪميونسٽ انقلاب ته ڪامياب ڪيا پر هندوستان ۾ ڳاڙهي ٽوپي ڪامياب نه ٿي سگهي، ٿي سگهي ٿو ان جو سبب ٽوپي ۽ ٽوپلو هجي ڇو جو ڪميونسٽ ڳاڙهي ٽوپي پائيندا هيا ۽ خلافت وارن جي ڳاڙهي ٽوپي دراصل ٽوپلو هيو.
ان ڏينهن خالق ڏنا هال ۾ خلافت تحريڪ جي اڳواڻن تي مقدمو هلڻو هيو. عثمان عليءَ اهو تاريخي واقعو اکين سان ڏسڻ پئي چاهيو. بندر روڊ بند هيو. هن کي خبر هئي ته اهو سدائين بند هوندو آهي ڇو جو بندر جي “ر” رستو ۽ باقي “بند” هيو. هو قلعي پويان سٽي ڪورٽ وارو رستو وٺي لڪندو اتي پهتو، هن محسوس ڪيو، انگريز عملدارن کي لڪڻ باوجود هو نظر اچي رهيو آهي پر اهي کيس روڪي نه رهيا آهن. اهڙو احساس هن لاءِ حيرت جو سبب هيو. هن پاڻ کي هٿ هڻي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو موجود هيو ۽ ڪنهن به خواب جو حصو نه هيو، ته پوءِ هو ماڻهن جي نظرن کان محفوظ ڪئين هيو؟ اهو سوچي هو هلڻ لڳو ته سمجهيائين سندس قدم زمين کان ٻه فوٽ مٿي آهن. جيڪو احساس هن لاءِ نه وڻندڙ هيو. هن چاهيو پئي ته سندس قدم زمين تي هجن پر هو ائين ڪري نه سگهيو، جڏهن خالق ڏنا هال جي ڏاڪڻين تي پهتو ته ترڪي ٽوپيءَ وارا اڳواڻ اتي آيا. ان کان اڳ جو اهي اندر وڃي عدالت کي منهن ڏين، هو انهن جي قدمن ۾ ڪري پيو پر حيرت ٿي ته انهن مان ڪنهن به هن ڏي نه ڏٺو. جيئن هو نه هيو، هن جو پاڇو هيو، جيڪو جهڙ جي صورت ۾ خالق ڏنا هال مٿان لنگهي ويو. هن خلاف تحريڪ جي اڳواڻن کي پيرن ۾ وچڙي اهو عرض ڪرڻ پئي چاهيو ته “قبلا مان تاريخ جو شاگرد آهيان، منهنجي دانهن ٻڌو. مذهب جو ٻج نه پوکيو. اهو ٻج وڻ ٿيندو ۽ ان وڻ جي ڇانوَ ۾ بگهڙ انسانن جو گوشت کائيندا. اها خلافت نه هوندي پر اهڙا خليفا پيدا ٿي پوندا، جن جون اکيون ڦريل، مڇون وڌيل ۽ فوجي وردين ۾ هوندا. گدڙ انهن جا هٿ چمندا، بي گناهه ڦاهيءَ چڙهندا، مذهب جي نالي ۾ آمريت مڙهي ويندي. الله جي نالي امداد گهري ويندي.”
عثمان علي ٻاڏائيندو رهيو پر ڪنهن هڪ نه ٻڌي، هو سوچڻ لڳو ته آخر هن جو آواز ڇو نه ٻڌجي رهيو آهي. ڇا هو گونگو آهي؟ هو پاڻ آهي يا نه آهي؟ پوءِ وري پاڻ کي ڇُهي ڏٺائين، پڪ ڪيائين ته روح نه آهي، پر جسم آهي ۽ ان اندر روح آهي. خلافت اڳواڻ هن کي لتاڙيندي عدالت ۾ ويا ۽ کين ٻه ٻه سال ٽيپ جي سزا آئي، عثمان عليءَ سوچيو، انهن جي سزا ۾ هن جو ڏوهه آهي، جيڪڏهن هو انهن کي روڪي سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته کين سزا جو منهن ڏسڻو نه پوي ها پر پوءِ سمجهيائين اهو قسمت جو فيصلو آهي ڇو جو تاريخ ۾ لکيل آهي ۽ تاريخ ۾ اڪثر قسمت جا فيصلا درج هوندا آهن، ڇو جو تاريخ مقدر جا ورق آهن ۽ مقدر جا ورق فرشتا آهن، انڪري تاريخ ۾ انسانن جو گهٽ فرشتن جو ذڪر وڌيڪ هوندو آهي.
اهي اهڙا ڏينهن هيا جو ڪراچيءَ جو سڄو شهر هيٺ مٿي ٿي لڏي رهيو هيو. زلزلو نه آيو هيو ڇو جو زلزلي ۾ ڌرتي ڌڏندي آهي ۽ ماڻهو مرندا آهن پر تن ڏينهن ماڻهو ڌڏيا ۽ ڌرتي مري وئي. ماڻهن جي ڌڏڻ جو سبب هندو مسلم اتحاد کي ڪاپاري ڌڪ هيو. انگريزن اقتدار بچائڻ لاءِ مذهب جو سهارو ورتو. انهن ماڻهن ۾ مذهب جو روح ڦوڪيو. سنڌ ڌرتيءَ تي هندو، هندو ٿي پيا ۽ مسلمان، مسلمان. ان کان اڳ خدا ۽ ڀڳوان ۾ ڪو فرق نه هيو. هاڻي ڀڳوان جي بت مان خدا جو روح خارج ٿي ويو.
پالارا پهچڻ کان اڳ عثمان علي تاريخ جا اهي سڀ واقعا اکين سان ڏسڻ پيو چاهي جن جو شهر ۾ هو اڪيلو گواهه هيو.
شهر ۾ تاريخ جا واقعا قافلن جي صورت ۾ لنگهي رهيا هيا، سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ جي تحريڪ زورن تي هئي. هندن اهڙي تحريڪ جي مخالفت ڪئي. شهر جي ڪٽر هندو تنظيمن هندن جي من ۾ مسلمانن خلاف نفرت جو ٻج ڇٽيو. من ۾ نفرت جو ٻج ڦٽندو آهي ته وڻ ٿي انسان کي چيري وجهندو آهي. مسلمانن جي سنڌ آزاد پارٽيءَ جي مقابلي ۾ آزاد هند پارٽي جوڙي وئي. سڀ پارٽيون انسانن کي ورهائڻ لاءِ هونديون آهن، سواءِ ٽي پارٽيءَ جي، جنهن ۾ ماڻهو ملندا آهن ۽ کير کنڊ ٿيندا آهن.
هندو مها سڀا شنگهٽن جيڪا پنهنجي نالي جيان ڏکي پارٽي هئي، ان انسانيت کي وڏا ڏک ڏنا، اها ڪٽر هندو مذهبي پارٽي هئي، جنهن هندن جي دلين ۾ مسلمانن خلاف نفرت پيدا ڪئي. ويرو مل بيگراج ان پارٽيءَ جو اڳواڻ هيو. اهو پنهنجي وقت جو اهڙو مُلو هيو، جنهن هندن کي ڏاڙهيءَ خلاف ڀڙڪايو. مرهٽن جي تعاون سان قائم ڪيل “راشٽري سيوڪ سنگ” تنظيم مسلمانن سان ويڙهه لاءِ اهڙا هٿيار ٺاهيا جيڪي سڀ ڪاٺ جا هيا. سنڌي هندو هٿيارن ٺاهڻ ۾ به ايڏائي شريف هوندا آهن، جيڏا عام زندگيءَ ۾. سکر ۾ جڏهن مسجد منزل گاهه وارو واقعو ٿيو ته گهنٽا گهر تي هندن جا سوڍا واٽر جا دوڪان هيا. مسلمانن جڏهن هڪ جلوس جي صورت ۾ اتي پٿر وسايا ته هندن سوڍا واٽر جي بوتلن سان انهن تي حملو ڪيو. هو ڪريٽن مان سوڍا واٽر جون بوتلون ڪڍي جيئن انهن مٿان اڇلائين پيا ته انهن جي روڊ تي ڪرڻ سان بوتلن جي ڦاٽڻ جو آواز پئي ٿيو، ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ اها ڳالهه عام ٿي وئي ته مسلمانن جي جلوس تي هندن جو بمن سان حملو. ڳالهه وڌي وئي ۽ ساڌ ٻيلي کي بچائڻ لاءِ لکي ڏنائون ته مسجد منزل گاهه محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ مسلمانن جي عبادت گاهه هئي.
جنهن وقت ڪراچيءَ ۾ نٿو رام حضرت محمد صه جن خلاف چوپڙي لکي رهيو هيو ته عثمان علي هن مٿان بيٺل هيو. نٿو رام جي ڪچي ڪوٺڙيءَ ۾ ٽيبل تي گاسليٽ وارو لالٽين ٻري رهيو هيو. لالٽين تي هڪ ماڪوڙي جيڏو مڇر گول ڦري ڪڏهن نٿو رام جي ساڄي ڪن وٽ ته ڪڏهن کاٻي ڪن وٽ “ڀون ڀون” ڪري ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو.
عثمان عليءَ هن کان سوال ڪيو. “نٿو رام مڇر مارين ڇو نه ٿو؟” نٿو رام اهو اڻ ٻڌل آواز ٻڌو ۽ جواب ڏنائين “مڇر مارڻ ڏوهه آهي. ڇو جو مڇر ۾ به ڀڳوان آهي، مان مڇر ماري ڀڳوان مارڻ نه ٿو چاهيان.”
عثمان عليءَ جو غيبائتو آواز وري آيو.
“ته پوءِ تون سمجهين ٿو ته تنهنجي چوهٺ صفحن جي چوپڙيءَ ڪري گهڻا ماڻهو ماربا؟”
“مان ماڻهن کي سڃاڻان، پر مسلمانن کي نه، انڪري ماڻهو نه مرندا آهن، پر مسلمان مرندا آهن.”
عثمان عليءَ جي ڀٽڪندڙ پاڇي وري ڳالهايو. “نٿو رام ائين نه ڪر، تون پاڻ به مرندي ۽ ماڻهو آهين.”
نٿو رام سوچيو ۽ پوءِ چيو. “ماريندو ڀڳوان آهي، انهن کي ڪهڙي طاقت؟” نٿو رام چوهٺ صفحن جي چوپڙي لکي، مسلمانن جي مذهبي غيرت جاڳي پئي، غيرت اچي ته ماڻهو هڪ يا ٻه ماريندو آهي، پر مذهبي غيرت اچي ته پنهنجا ۽ پراوا سڀ ڪسجي ويندا آهن، نٿو رام تي مقدمو قائم ٿيو. جيئن ڪورٽ کان ٻاهر نڪتو ته عبدالقيوم نالي هڪ شخص ڇرين جا اهڙا وار ڪيس جو ٿڏي تي ڦتڪي مري ويو. عبدالقيوم کي پڪڙي ساڳي ڪورٽ ۾ وٺي ويا. بيٺي پير کيس ڦاهيءَ جي سزا ٻڌايائون، انگريز مئجسٽريٽ دير ئي نه ڪئي. ڇو جو مشهور هيو ته خدا وٽ دير آهي، انڌير نه ۽ انگريز وٽ انڌير آهي، دير نه، انگريز ٿڏي تي انصاف ڪندا هيا. انصاف ملڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته گولي ۽ ڦاهيءَ سان انصاف ڪري ڇڏيندا هيا، انصاف جو وڏو مثال توپ اڳيان ماڻهو ٻڌي اڏائڻ هيو. انگريز انصاف پسند جڙا نوالا باغ ۾ تفريح ڪندا هيا، جنهن جي ڳاڙهن گلن ۾ انسانن جو رت شامل هيو.
انگريزن عبدالقيوم کي ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ ڪنهن به اسلامي رسم کانسواءِ ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو. مسلمانن ان جو لاش ڪڍي جنازي نماز ادا ڪئي ۽ ڪڪري ميدان کان جلوس جي صورت ۾ مظاهرو ڪري جلسو ڪيو. لياريءَ ۾ ان جلوس تي گوليون وسايون ويون، جنهن ۾ نٿو رام جي چوهٺ صفحن جي چوپڙيءَ پويان چوهٺ ماڻهو مارجي ويا.
عثمان عليءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، هو رنو ته محسوس ڪيائين روئڻ جي تعداد کان ڳوڙهن جو مقدار گهٽ آهي، ڳوڙها صرف اکين مان وهندا آهن، حد کان وڌي وڃن ته نڪ مان وهندا آهن، ماڻهو روئي صرف اکيون صاف نه ڪندا آهن پر نڪ به صاف ڪندا آهن. ڳوڙها جڏهن نڪ مان وهن ته ماڻهوءَ جو شان مٽيءَ ۾ ملي ويندو آهي.
عثمان عليءَ جو هونءَ به ڪهڙو شان هيو. جيڏانهن ويو پئي ته ماڻهو هن جي ڳالهه ئي نه پيا ٻڌن. ماڻهو ڀونڪ جلد ٻڌندا آهن، اهو سوچي عثمان علي اطمينان محسوس ڪيو ته هو ماڻهو آهي، ڪتا آهن جن کي هرڪو غور سان ٻڌي ٿو.
هن کي خبر پئي ته سيد، جهيڻا جي اعزاز ۾ ڪارلٽن هوٽل ۾ ماني جهلي آهي. هو ٻيا ڪم ڇڏي، جن ۾ هندو مسلم اتحاد، سوڀيا جي قبر تي ٻيهر حاضري، پالارا واپس وڃي لزا جي حفاظت، پوڙهو پيءُ جيڪو وضوءَ لاءِ پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيو هيو. پتل جو ڪرمنڊل جيڪو ڪرنل مارٽن جي بنگلي ۾ هڪ پٿر هيٺان پيل هيو ۽ جنهن تي سينور چڙهي وڃڻ ڪري، رنگ هيڊي مان ڦري سائو ٿي چڪو هيو ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن کي انهن ڪمن کانپوءِ ڪرڻا هيا. سڀ ڪم ڇڏي هو هوٽل ڪارلٽن پهتو.
هن ڏٺو اتي سڀ قومپرست، سنڌ جا عظيم ڏاها ۽ تعليمدان ويٺل هيا، اهي مسلمانن جي حقن بابت ڳالهائي رهيا هيا، الڳ ملڪ جو شوق ائين هيو جيئن گهوڙن پالڻ جو شوق. عثمان عليءَ نه ڪئي هم، نه تم. سڌو وڃي جهيڻا جي پيرن کي پڪڙيو.
“سائين ائين نه ڪيو.” هن چيو. “وڏو قتل عام ٿيندو، بي گناهه ماڻهو مرندا، عورتون اغوا ٿينديون، هجرتون ٿينديون، هيڏانهن جا ماڻهو هوڏانهن ته هوڏانهن جا هيڏانهن ٿيندا. مذهبي نفرتون وڌنديون. ٻوليون، نسل ۽ قومپرستيون جاڳي پونديون. جنگيون لڳنديون، ملڪ ٽٽندو، ماڻهو دربدر ٿيندا.”
عثمان علي جڏهن جهيڻا جي قدمن ۾ ڳالهائي رهيو هيو ته جهيڻا پاڻ تقرير ڪري رهيو هيو، اهو سڀني سامهون بيٺل هيو. تقرير ۾ ساڳيا جملا ورجهائي رهيو هيو جيڪي عثمان ان جي قدمن ۾ چئي رهيو هيو. پر ان ورجهايل جملن ۾ عثمان عليءَ جي جملن جو ضد هيو. جهيڻا جي ڳالهه سڀ ٻڌي رهيا هيا، پر عثمان علي ڄڻ ڀت سان ڳالهائي رهيو هيو. ڀت کي ڪن هيا ۽ ڀت ڳالهائي رهي هئي.
عثمان علي سيد سان انڪري ڳالهائي نه سگهيو ڇو جو سيد ماني جهلي هئي، جڏهن هٿن ۾ ماني جهليل هجي ته رحمدل ماڻهو ڀورا ڪري پکين کي کارائيندو آهي، سيد مصروف هيو ۽ هن جي مانيءَ تي هڪ اهڙو جهرڪ لٿو جنهن کيس ٻڌايو ته “هو جهرڪن ۾ نه ڄايو آهي.” سيد کيس دلجاءِ ڏني ته “هو ڪوشش ڪندو ته جهرڪ پکين ۾ شمار ٿئي ڇو جو سنڌ، هند ۾ شمار ٿئي ٿي، وقت ايندو جو سنڌ، هند ۾ شمار نه ٿيندي، ان لاءِ هو سڀ کان پهريون سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهڙي قرارداد پاس ڪرائيندو جيئن سنڌ ڪٿي به شمار نه ٿئي.”
جهيڻا خوش ٿي سيد جي پٺي ٺپي ۽ ٺپڻ جي آواز تي ڄڻ عثمان عليءَ جا ڪن ڦاٽي پيا. هن ٻئي هٿ ڪنن کي ڏنا ۽ محسوس ڪيو جيئن ڇنڊڻ ڪري تاريخ جي صفحن تان مٽي اڏامندي هجي.
عثمان عليءَ پڪو پهه ڪيو ته ڪو هن جي ٻڌي يا نه ٻڌي پر ڳالهائيندو ضرور، ڇو جو بند ڪمري ۾ ڪنهن عورت سان ڪو لچو زيادتي ڪري رهيو هيو ته عورت رڙيون ڪري رهي هئي. لچي چيس “بند ڪمري ۾ تنهنجيون رڙيون ڪير ٻڌندو؟”
عورت جواب ڏنو “ڪو ٻڌي نه ٻڌي، منهنجو ضمير ته ٻڌندو ۽ گواهي ڏيندو ته زيادتيءَ وقت مون مزاحمت ڪئي.”
عثمان علي به پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ پيو چاهي، هن جڏهن ٻڌو ته سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد پيش ڪرڻ وارو آهي ته هو جهڙ مينهن ٿي ڀڳو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي دروازي تي ويهي سيد جو انتظار ڪرڻ لڳو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ اجلاس هلي رهيو هيو ۽ اسيمبليءَ جي هر سيٽ اڳيان لوٽو رکيل هيو، لوٽو انڪري ته گناهگار ضمير جو ڏوهي هوندو آهي، انڪري اهو عبادت گهڻي ڪندو آهي، رکيل لوٽي ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي هيو جيئن قرارداد پاس ڪري اتي ئي لوٽي مان وضو ڪري خدا کان معافي وٺي سگهن. ان ڪري لوٽو ضمير فروشن لاءِ شرم جو نشان نه هوندو آهي پر انهن لاءِ نجات جو رستو هوندو آهي.
جڏهن سيد نروار ٿيو ته عثمان عليءَ کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. سيد، عثمان عليءَ مان لنگهي اندر هليو ويو، عثمان عليءَ محسوس ڪيو هو هوا بنجي ويو آهي، هو پاڇو آهي، هو روح آهي، هو مئل آهي، ڪنهن کي روڪڻ هن جي وس جي ڳالهه نه آهي، هو ماڻهن کي نظر نه اچي رهيو آهي، ماڻهو هن جو آواز نه ٻڌي رهيا آهن پر ڳالهائيندو ضرور ڇو جو هن هر هاڃو پنهنجين اکين سان ڏٺو هيو. هو هر واقعي جو گواهه هيو.
هن سيٽ تي ويٺل سيد سامهون ڳالهايو. “سائين ترسو، ان جو سِلو سٺو نه ملندو، سنڌ تباهه ٿي ويندي. توهان کي پڇتائڻو پوندو. سڄي حياتي جيل ڪاٽڻو پوندو. ايڏا مذهبي نه ٿيو ڇو جو اڳتي هلي توهان کي مذهب کان توبا تائب ٿيڻو پوندو. اسان جو لکيل پڙهيل ڪاروباري طبقو هليو ويندو. ٻاهران يلغار ٿيندي. اسان کي مهمان نوازيءَ جو سِلو سٺو نه ملندو. اسان کي روڊن تي ماريو ويندو. دهشت گردي عروج تي ايندي. ڀتي خوري ٿيندي. چوديواري محفوظ نه رهندي. فيڪٽرين کي ساڙيو ويندو. سوين مزدور سڙي ويندا، خودڪش ڌماڪا ٿيندا. منهنجي سوڀيا جيان سوين عورتون اغوا ٿينديون، خوف ۽ وهشت جو دور ايندو. اسان تي غداريءَ جا الزام لڳندا، ڪيترائي بي گناهه کڄي ويندا. بندرگاهه، گيس جي ذخيرن ۽ پيٽرول جي کوهن تي اسان جو حق نه رهندو. سنڌوءَ تي ڊيم ٺهندا. پاڻي روڪيو ويندو. اسين رُلي وينداسين. سيد ائين نه ڪر.” سيد ڪن وٽ مک هڪليندو رهيو ۽ قرار داد پاس ٿي وئي.
عثمان علي سنڌ اسيمبليءَ جي ڏاڪڻ تي ويهي روئڻ لڳو. هن سنڌ کي ياد ڪيو جنهن جو لاش اتي بي گور ۽ بي ڪفن پيل هيو ۽ هو اڪيلو ڪنهن بي وس عورت جيان پار ڪڍي رهيو هيو.
“اڙي منهنجي ماءُ مري وئي. اڙي منهنجي بي گور ۽ ڪفن ماءُ. او منهنجي سنڌوءَ جو جنازو، آهي ڪو ٻڌڻ وارو؟ آهي ڪو حيلو وسيلو؟ اهو منهنجي ماءُ....”
عثمان علي پار ڪڍي روئي رهيو هيو ۽ شهر ۾ قرار داد پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ بينڊ وڄي رهي هئي.
•