اکڙيون ميگهه ملهار: حميد سنڌي
ان گهر جو ٻيو وڏو اهڃاڻ، گهر جي وڏي منهنجي ڏاڏي سونل هئي، جيڪا سنئين سڌي، بنا ڪنهن وَرَ وَڪڙَ جي سنئين راند سوٽي واريءَ ۾ يقين رکندي هئي. هن جا فيصلا سڀني ڪٽنبن ۾ وڏي خاندان لاءِ هڪ قانون جو درجو رکندا هئا. پاڻ ۾ سڱن پنڌن جا معامرا هجن يا ننڍن جهيڙن جهٽن جا فيصلا هجن، يا ڪنهن ٻاهرين ڪٽنب سان پير کڻجي يا نه ؛ سندس حڪم اٽل هوندو هو. چون ايئن ٿا ته اسان جو ڏاڏو مرحوم جيڪو هن خاندان جو وڏو هو، تنهن جو حڪم به ايئن نه هلندو هو، جيئن ڏاڏي سونل جو حڪم. سندس ڌاڪو به ڌاڪو هو، جو ڏاڏو سائين سندس سامهون ماٺ ٿي ويندو هو، ڏاڏي سونل جي مک تي دَيا ۽ ارادي جي پختائي واسو ڪري ويندي هئي، ۽ خاص طرح جنهن وقت فيصلي جو وقت هوندو هو يا ڪنهن سان اختلاف ڪرڻ جو وقت هوندو هو . پر سندس حياتيءَ ۾ ڪيترا اهڙا واقعا به پيش آيا، جيڪي ڪي قدر سندس مرضيءَ جا نه هئا ته کيس ڪڏهن ان جو ڏک به ٿيندو هو. ماسي آسيت ڪاسائڻ جو صدمو کيس ڄڻ جيئري ماري ويو.
هن گهر جي ڏيڍيءَ کي جيئن وَرَ وَڪڙَ هئا تيئن قائدا ۽ قانون به پنهنجا هئا. انهن کي عمل ۾ آڻڻ، نبيرڻ، ڏاڏي سونل جي اختيار ۾ هيو. کيس خاص اختيار هو ته نُهرِن کي پنهنجي مائٽن ڏي موڪلي ڏي يا نه. سندس پُٽن جي مرضي ڀلي هجي، پر ڏاڏي سونل کين گهڻو ڪري نه ڇڏيندي هئي. گهرن جي وڏڙن جي انهيءَ فيصلي جي پابندي ۽ پوئيواري ڪرن زميواري هوندي هئي ته جيڪي نُهرون ڌاريون هيون، انهن جي عزيزين، قريبن کي ملڻ جي اجازت صرف انهن وَرَ وَڪڙَ ڏيڍين ۾ هئي، جيئن ڌارين ماڻهن جو وڏي گهر جي رهواسين تي پاڇو به نه پوي. هوءَ پنهنجين نهرن ۽ نين ڪنوارين سان سٺو هلندي به ٻاهر اچڻ وڃڻ جي پابنديءَ تي سخت رويو رکندي هئي. سندس چهري تي ان وقت سختي اچي ويندي هئي ۽ سنهڙن چپن جون ڪنڊون سوڙهيون ۽ مرڪ کان به آجيون ٿي وينديون هيون، جڏهن نهرن جا پيئر يا ڀائر ساڻن ملڻ ايندا هيا. هوءَ ڏيڍيءَ جا ٻاهريان دَرَ ۽ اوريان دَرَ بند ڪرائي وچ واري حصي ۾ کين پنهنجي وارثن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏيندي هئي. حڪم وڏڙن جو هوندو هو ۽ ان حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڏاڏي سونل بندوبست ڪندي هئي. انهن نهُرن يا نين ڪنوارين جون مائر ڀينر يا مائٽياڻيون اندر اينديون به هيون ته سندن آڌر ڀاءُ ڪو وڻندڙ نه هوندو هو جو هو ڌاريا هيا ۽ هي نهرون يا ٻيون ڪنواريون ”ڌاريون “ سڏبيون هيون. هئي جنهن جو آڌرڀاءُ ٿيندو هيو، اها هئي ماسي آسيت ڪاسائڻ جيڪا هڪ ڇٻيءَ ۾ جيرن، بڪين ۽ ٻوٽين جون شيخون پچائي وجهي کڻي ايندي هئي. سندس اچڻ سان سڄي گهر جا ٻار ٻچا ۽ مايون خوش ٿي کائنس جيرن، بڪين، ۽ گوشت جون پڪل مرچن مصالحن سان ٻُرڪيل شيخون وٺي سوساٽ ڀري کائينديون هيون، پر وڏي خوشي ڏاڏي سونل کي ٿيندي هئي، وسيع ورانڊي ۾ هو ٻئي ڄڻيون جڏهن کٽ تي چڙهي ويهي پنهنجيون پرايون ڳالهيون ڪنديون هيون تڏهن وقت ڄڻ ته بيهجي ويندو هو. ماسي آسيت جي ڳالهين ۽ چؤٻولن تي ڏاڏي سونل ايڏو ته کلندي ٽڙندي خوش ٿيندي هئي ۽ سندس ٽهڪڙا گونجندا هئا جو ائين لڳندو ئي نه هو ته هيءَ ڏاڏي سونل آهي – هڪ سخت گير منتظم ۽ هن گهر جي پنهنجن قائدن قانونن جي پاسبان.
ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي هيءَ دوستي ورهين جي ساٿ جو نتيجو هئي. ماسي آسيت جو هن حويلي ۾ اچڻ وڃڻ شايد منهنجي ڄم کان به اڳ جو هجي. مون جڏهن کيس ڏٺو ته کيس ڏسندو ئي رهجي ويو هيس. ڏاڏيءَ جو مون سان گهڻو پيار هوندو هو. ماسي آسيت ايندي هئي ته ڏاڏي ڪڏهن ٽڪو يا آنو خرچ ڪري مون کي پڪل ننڍي شيخ وٺي به ڏيندي هئي. مان سوسٽ ڀريندو، پڪل جيرا يا ٻوٽين جا ٽڪر چٻاڙيندو هوس. ماسي آسيت جو پوٽو گلڻ وڏڙو ٿيو ته ساڻس گڏ ايندو هو. ڏاڏي ان کي به پئسو ٽڪو خرچي ڏيندي هئي ۽ پئي مون سان گڏ کيس به مٺيون ڏيندي هئي. مان ڀرسان ئي ويٺو گلڻ سان کيڏندو هوس ۽ ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي ڪچهري نه کٽندي هئي.ماسي شام جو گهڻو ڪري ڇٻو خالي ڪري ئي نڪرندي هئي. اوڙي پاڙي جا ٻار به هتان اچي پڪل شيخون وٺي ويندا هئا. ماسي آسيت ڪڏهن بيمار ٿيندي هئي ۽ نه ايندي هئي ته سڀني کي اُون ٿي پوندي هئي ۽ سڀئي گهر جا ڀاتي پيا پڇندا هئا. پر وڏي ڳڻتي ڏاڏي سونل کي هوندي هئي. ماسي چاڪ ٿي وَري اچڻ لڳندي هئي ته سڀني کان وڌيڪ ڏاڏي سک جو ساهه کڻندي هئي. ماسي آسيت کنگهندي به ڏاڍو هئي پر ٻيڙي پيئڻ نه ڇڏيندي هئي. ڏاڏي کيس منع ڪندي هئي ۽ پنهنجي چلم سندس ويجهو ڪندي چوندي هيس ”ادي آسيت اها نڀاڳي پن جي ٻيڙي نه پي، ڦوڪ ڀرڻي اٿئي ته چلم جي ڦوڪ ڀر، هيءَ ٿڌي اٿئي.“
ماسي هڪ ڦوڪ ڀري وري پن جي ٻيڙي ڪڍندي هئي، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن کنگهه اڀرندي هيس ته ماسي ساڻي ٿي ويندي هئي. ڏاڏي کيس پاڻي پياريندي هئي، پُٺيءَ کي مهٽيندي هيس ۽ هوءَ سامت ۾ ايندي هئي ته اهي ئي گهر گهر جا قصا، ڪنهن جي گلا ته ڪي پنهنجا سور، ڏاڏي پنهنجي نُهرن جون شڪايتون ڪندي هئي ته ڀڻڪي سان. باقي پنهنجي پُٽن سان ۽ نياڻين سان پيار هوندو هيس.
مون کي اهو سڀ ڪجهه ياد آهي ۽ اهو صبح به ياد آهي ته جڏهن ڪاسائين جي پاڙي مان اوطاق تي نياپو آيو ته رات ماسي آسيت گذاري وئي. سڄو گهر وسميءَ ۾ اچي ويو، نيٺ ڏاڏيءَ کي به ٻڌايو ويو. آسيت ۾ ساهه هيس، ته هوءَ ماٺ ۾ اچي وئي، چون ائين پيا ته صدمي ڪري کيس ڳوڙهو به نه آيو، سندس اکيون خشڪ هيون. هوءَ سنبري ته ڪاسائين جي پاڙي وڃان ۽ وڃي آسيت جو منهن ڏسي اچان. هن اوطاق تي نياپو موڪلي ٽانگو پئي گهرايو ته اوطاق تان گهر جي وڏي، ننڍي ڏاڏي عثمان جو حڪم آيو ته ڪاسائين ۽ حجمن جي پاڙي ۾ اسان جون مايون نه وينديون آهن، تنهن ڪري زالاڻو پيرُ نه ڀربو ۽ ڏاڏي سونل يا ڪو ٻيو به نه وڃي.
ڏاڏيءَ کي تنهان ئي ماٺ اچي وئي. ماسي آسيت آهستي آهستي هن وڏي گهر جي ڪنهن وسريل باب جيان ميساربي پئي وئي پر ڏاڏي اُنهيءَ کٽ تي چپ چاپ ويٺي هوندي هئي. هن آهستي آهستي چلم به ڇڪڻ ڇڏي ڏني هئي، هوءَ منجهند جو ان وقت ورانڊي کان پئي ٻاهر نهاريندي هئي ڄڻ کيس اوسيئڙو هجي ته ماسي آسيت ضرور ايندي. آسرو پلجي ويندس ته ململ جو آرَ تي ڀريل رَئو ڊگهو ڪري پاڻ مٿان وجهي منهن ڍڪي سمهي رهندي هئي.هن گلوءَ جي پڇا ڪئ هئي. پر گلو جو پنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ ڏينهن رات روئندو هُيو کيس پڻس مائٽن وٽ شهر کان ٻاهر موڪلي ڏنو. اَبو، چاچا، ٻيا عزيز قريب ڏاڏي سونل جو ڏک سمجهندا هئا. وٽس هاڻ اچي گهنو رهندا هئا. ماسي آسيت لاءِ ڪو نه ڪڇندا هئا پر لڳندو ائين هو ته وٽس تعزيت لاءِ ويٺا آهن. ڏاڏي عثمان اسان جي ڏاڏي جي ننڍي ڀاءُ گهر کي ماسي آسيت جي ويچار ۾ ڏٺو ته سڀني کي دڙڪا ڏنائين، ”اڙي انهيءَ ڪاسائڻ جو تڏو وڇايو اٿوَ ڇا؟ اها ڪاسائڻ توهان جي ماءُ لڳندي هئي جو گهر اونڌو پيو آهي؟“
گهر کي جو ماٺ هئي ته ڏاڏي سونل به چُپ هئي. هوءَ جا ٺهي جُڙي ڪنن ۾ پنڙا پائي ڦڻي ڦوڪار ڪري کٽ تي ويهي حڪم هلائيندي هئي، تنهن هاڻ نه رڳو پنهنجو حڪم هلائڻ ڇڏي ڏنو، آهستي آهستي حاڪمن جا حڪم مڃرائڻ به ترڪ ڪندي وئي. نُهرن کي هلڪي سلڪي ڇُٽ ڏئي ڇڏيائين. هاڻ هوءَ ڪنهن کي به نه روڪڻ لڳي. آهستي آهستي هن حويليءَ ۾ اڳ کان وڌ ٽهڪڙا گونجڻ لڳا، آزاديءَ جي هوا گهلڻ لڳي. ننڍي ڏاڏي عثمان کان بچ بچاءُ ڪري هيءُ گهر وڻندڙ ماحول ۾ هلڻ لڳو. ڏاڏي سونل ويچاري اڪيلي ئي پئي هئي ۽ پوئتي به پوندي وئي. ڪو چڱو وقت گذري ويو پر ڏاڏي سونل جا ٽهڪڙا ڊاڙا، ٺڪاءُ ڪنهن نه ٻڌا.
هڪ ڏينهن مان گهٽيءَ ۾ ٻين سان گڏ اِٽي ڏڪر کيڏي رهيو هئس ته ڏٺم گلو مٿي تي اهو ئي ماسي وارو ڇٻو کنيون اچي پيو. ڇٻي تي ڪپڙو هو پر پڪل شيخون نظر اچي رهيون هيون. هو هاڻ وڏڙو به ٿي ويو هو. مون پري کان هٿ لوڏي کيڪر ڪيس، مان راند ۾ مشغول هيس ۽ هو حويلي ۾ هليو ويو. اوچتو ڏيڍي مان رڙيون ٻڌم، اسان ڊوڙياسين، ڏاڏو عثمان گلوءَ کي ٿڦڙن سان ڪٽي رهيو هيو، ڇٻو اڇلائي ڏنو هيائنس، پڪل شيخون زمين تي وکريون پيون هيون. گلو رنڀون ڪري روئي پيو ۽ ڏاڏي عثمان جي رڙِ پئي پئي.
”هَلُ هتان ڪاسائي، ڪاسائي جا پُٽ، هيڏو سارو ٿي ڪري نياڻين سياڻين پرديدارن ۾ اندر ٿو وڃين. نڪر هتان.“
ڏاڏي عثمان هن کي گهلي هڪ ڏيڍيءَ مان ڪڍي ٻي ڏيڍيءَ، اتان گهيليندو اچي گهٽيءَ ۾ ٻاهر اڇلايائنس. هو اڃا ٻيون رڙيون ڪري ها پر ائين پويان رڙيون ٿي ويون، ”اڙي عثمان نه مار منهنجي ٻچي کي. اڙي ايڏو ظلم نه ڪر معصومن سان.“ ڏاڏي سونل ڏيڍيءَ جا ورَ وڪڙَ سڀ لتاڙي گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ بنا رئي پوتيءَ ۽ جتيءَ جي مٽي ڌوڙ ۾ ليٿڙيل گلوءَ کي ڇاتيءَ سان لائي هيٺ ويٺي هئي، هيءَ هن خاندان جي وڏي هئي، پر هاڻ خاندان جي ريتن رسمن، قائدن قانونن جي رکوال، انهن زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيو هو. هوءَ گلوءَ سان گڏ رڙيون ڪري ۽ پار ڪڍي رهي هئي. ڏاڏو عثمان ڪا گهڙي سُن ٿي ويو هو، پوءِ ڏاڏي سونل کي اٿارڻ لاءِ وڌيو، پر ڏاڏي گهوري ڏٺس ۽ رَڙِ ڪري چيائينس، ”خبردار عثمان ! مون کي يا هن نينگر کي هٿ لاتو اٿئي.“ ڏاڏي سونل يڪدم مون ڏانهن رخ ڪيو.
”بابلا، وڃ وڃي ٽانگو ڪري آ، مان هاڻي هتان ئي ڪاسائين جي پاڙي ويندس، ڏسان ته مون کي ڪير ٿو جهلي.“
منهنجي سئوٽ کي چيائين، ”اڙي وڃ منهنجي وڏي چادري ۽ چمپل کڻي آ.“
هوءَ اتي ئي مٽيءَ ۾ ويٺي هئي ۽ گلڻ کي پرچائي رهئي هئي.
”نه منهنجا ٻچا، بس، بس گهور وڃانءِ، مان هلان ٿي نه تنهنجي گهر، تنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ ته هلان ٿي نه ---“
هوءَ هن دفعي روئندي رهي، سندس اکيون هاڻ ميگهه ملهار ڪيو بيٺيون هيون. جن اڳ وسڻ کان بس ڪئي هئي، تن اڄ وسڻ کان بس نه پئي ڪئي.