ڪھاڻيون

آکاڻي – ۲

سنڌ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪهاڻين ۽ عالمي ادب مان چونڊ ڪهاڻين جي ترجمن تي مشتمل آکاڻي سيريز جو سهيڙيندڙ ستار پيرزادو آھي.
ھن ڪتاب ۾ حميد سنڌي، رسول ميمڻ، ستار پيرزادي، جان خاصخيلي، امرلال هنگوراڻي، آسانند مامتورا، شمس نورالدين، ثميره زرين، گورداس واڌواڻي، موهن ڪلپنا جون لکيل سنڌي ڪهاڻيون شامل آھن، جڏھن تہ پرڏيهي ادب مان خليل جبران، سعادت حسن منٽو، موپاسان ۽ گرهام گرين جون ڪهاڻيون شامل آھن جن جو سنڌي ترجمو ستار پيرزادي، ولي رام ولڀ، جيوت چاولا ۽ ميمڻ علي بخش ڪيو آھي.
Title Cover of book آکاڻي – ۲

ٻڍيءَ جي ٻاجهه: امر لال هنگوراڻي

بنهه سادي، جهوني زماني جي. پُٽ جو تڪرار نٿ تي، نٿ نڪ مان نه لاهي. چي :”سهاڳ جي نشاني !“ پر سهاڳ سدائين ڀاڳ ۾ نه هيس. چي : ”سهاڳ کان پوءِ سونهن ڪهڙي ڪم جي؟ سسي لٿي ته مڻيو منڊي ڪيڏانهن ڪبو؟“
پُٽ شادي نه ڪري. دل ۾ اونو هوس ته امڙ جهونن خيالن جي، هوڏانهن هوءَ اصل نون خيالن جي نٽوئي، پائوڊر ۽ لپسٽڪ جي ڪمي ڪا نه هئي. لپسٽڪ به اهڙي لڳائي جهڙي ”پانن پڪ“، نهن ڳاڙها، ڪپڙا رنگ برنگي. سو چوڪر کي اهو اونو ته اُٺان ميهان دا ڪيها ميلا؟
پر ڇوريءَ جا ڇال، لال نه لنگهي سگهيو. شادي ڪيائين ته ٻيا سڀ شاديءَ تي آيا پر لال جي ماءُ گهر ويٺي. چي :”جڏهن وني وٺي ايندين، تڏهن ڪنوار سان درَ تي گڏجنديس.“ جهونيءَ ريت ۽ رواج، گهوٽ ۽ ڪنوار کي در تي گڏي، ڍڪڻ رکيائين ڪنوار جي مٿي تي ۽ ڍڪڻ جي مٿان رکيائين ڏيئو. ڪنوار وائڙي ٿي ويئي. دل ۾ چي : ”هيءُ ڪهڙو هوليءَ جو سانگ !“ لال جي ماءُ چيس، ” ڍڪڻ ٿي گهر جي ڪچائي ڦڪائي ڍڪجانءِ ۽ ڏيئو ٿي اوندهه ۾ اجالو ڪج.“
لال جي ماءُ ريل ڇيل ڇڏيو. ايئن ڪو نه هو ته لاچار کي آچار هو. پاڻ خوش ٿيندي هئي. هنن کي چوڄ ۽ اوج ڪندو ڏسي گد گد پئي ٿيدي هئي. ڇوريءَ جا ڇال نه هئا پر اڇانگ واسينگ جهڙا وار، جي لهرن وانگر پيا لڏندا هئا، ڪٽائي باب ڪرايائين. لال کي لهس نه آئي. اندر ۾ اهو سور لهس ڪري پيتائين. وري لوري لڳس فراڪ جي. لال چي : ”پرڻيل ڪيئن فراڪ پائي؟ لڄ جهڙي ڳالهه آهي. بي حيائيءَ کي به ڪا حد ٿيندي آهي. سڀ ليڪا لنگهائي ويٺي آهين. ماڻهو ڇا چوندا؟“ پر ڇوري ڇڙي بيٺي، جنهن ڪڏ تي بيٺي، تنهن هوڏ تان ڪيئن لهي؟ لال چي :”ڏس، امڙ ڪيڏي نه درياهه دلي ڏيکاري. جڏهن تو وار ڪٽايا، پاڻ چوڻ لڳي ته منڊم ٿي آهي. منهنجي دل کي چوٽ لڳي. جن وارن کي آڱرين تي ويڙهي راند ڪندو هوس. سي ڪٽجي ويا ! ڄڻ ته بدن جو عضوو ڪٽجي ويو. پر امي پيئي مشڪي. چي :”نئين لهر آهي.“ نه عذر ڪيائين نه اعتراض. هاڻي جو فراڪ پائيندينءَ ته کيس رنج ٿيندو. “ گوميءَ لال جي زال چيو : ”اميءَ جو خيال نه ڪريو. امي ڄاڻي مان ڄاڻان، توهان کي ته اعتراض ڪونهي؟“ لال کي پڪ هئي ته ڪڏهن نه هيءَ مک ڳڙڪائڻ قبول ڪندي. کيس به ڳالهه نه ٿي وڻي. پر هن جي دل وٺي چوڻ لڳو : ”مون کي ڪهڙو اعتراض؟“
هفتي جي اندر گوميءَ فراڪ پاتو. لال جي ماءُ آنند ۾. ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. چي :”سڌ ٻڌ جنسي منڊم.“ ڏسي پئي ٺري. لال وائڙو ٿي ويو. چي : ”امي ! بابي جي ڏينهن ۾ ڪهڙا خيال هيئي ۽ هنيئر ڇا ٿي ويو اٿئي؟“ لال جي ماءُ جا ورَ جي ويچار ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ چيائين : ”بلي، مان اوهان کي ڇو جهليان؟ ڏاڍا ڏک ڏٺاسين. رات ٿيندي هئي ته سڄي گهر جو ڪم لاهي، پوءِ سس کي زور ڏيندي هيس، جيسين ننڊ اچيس. هوڏانهن پاڻ نهاري نهاري سمهي پوندا هئا. شادي ٿي، رات گڏ گذاريسين. صبح جو چون ته مڙس کان منهن ڍڪ. انڌو لاڙڪاڻي جو رواج. رئي مان لوڪؤن لڪي، واجهه پائي، اکيون کڻي نهاريندي هيس. سندس لاءِ پيئي سڪندي هيس. ڏينهن جو مجال آهي. جو ٻين لاءِ ٻڙڪ ڪڍون. رات پيئي روئندي هيس. هڪڙي ڏينهن جهلي نه سگهيس، ڏينهن جو اڪيلو ساڻس ڳالهايم. سس مٿان اچي ويئي. پاڻ ڪن ٻوساٽي هليا ويا. سس چوڻ لڳي، ”پرڻئي گهڻا ڏينهن ٿيا ٿوَ؟“ ٽنڪوماري چيائين، ”اڳ ٺهيل هئا. “ اهو ڏنيهن، اهو شينهن، وري سڄي عمر ۾ اميءَ جي منهن تي ڪو نه ڳالهايوسين . توکي سانڀر آهي، ڪڏهن پنهنجي پيءُ سان مون کي گڏ کٽ تي ويٺل ڏٺئه؟“
لال ڪنڌ سان ”نه “ جي ڌوڻ ڪئي. لال ماءُ چوڻ لڳي، : ”جڏهن پاڻ بيمار ٿيا، تڏهن هڪ ٻه دفعا پاسي ۾ ويهڻ لاءِ چيائون. آءٌ سکڻي لڄ جي ماري، سو ڪيئن ٿي لوڪ لڄا النگهن ڪريان؟ شرم کان پاسو ڪيم. اهڙي ته ڪل ڪا نه هئي ته اها سندس پڇاڙيءَ جي آرزو هئي، جا هن نڀاڳيءَ پوري ڪا نه ڪئي.“ ايئن چئي سڏڪا ڀري اکين مان نير وهائڻ لڳي.

(چونڊ : سنڌي ڪهاڻيون، ڀاڱون پهريون، 1981ع ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهلي، تان کنيل.)