ست عنصر
پهريون عنصر: مون هن ديواني سان ڪيترا ورهيه گهاريا آهن، ان عرصي دوران منهنجو ڪم ان کان سواءِ ڪجهه به نه هو ته مان ڏينهن جو سندس درد تازو توانو ڪريان ۽ رات جو سندس ڏک نيئن سر پيدا ڪريان، اها روز جي مصيبت مون کان سٺي نه ٿي ٿئي ۽ هاڻ مان بغاوت ڪرڻ تي آماده ٿي ويوآهيان.
ٻيو عنصر: ادا تنهنجي حالت مون کان بهتر آهي. مان هن ديواني جي خوشين جو ساٿي آهيان، سندس کلڻ تي کلندو آهيان. سندس خوشبختيءَ جا گيت ڳائيندو آهيان، مون کي هن جي نچندڙ خيالن سان بيخبر ٿي نچڻو پوندو آهي. تنهنجي بدران مان پنهنجي ڏکويل زندگيءَ جي خلاف احتجاج ڪندس.
ٽيون عنصر: مون محبت جي مُٺل جي باري ۾ اوهان جي ڇا راءِ آهي؟ جيڪو هيجاني جذبات ۽ عجيب و غريب خواهش جي هڪڙي ڀڙڪندڙ ڄڀي آهي؟ نه اهو مون بدنصيب محبت جو ڪم آهي ته مان هن ديواني جي خلاف بغاوت ڪريان.
چوٿون عنصر: مان اوهان سڀني کان وڌيڪ تڪليف ۾ آهيان، ڇو ته منهنجي ذمي نفرت، حقارت جي تباهه ڪندڙ جذبن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. مان اهو بدنصيب قسمت طوفاني عنصر آهيان، جنهن جي پيدائش دوزخ جي اونداهين کاهين ۾ ٿي، مان هن ديواني جي غلاميءَ جي خلاف بغاوت ڪندس.
پنجون عنصر: بغاوت ڪندڙ عنصر مان آهيان، جيڪو غور ۽ فڪر جو عادي آهيان، جو هر وقت سوچ ويچار ۾ گم رهندو آهيان. مون کي پنهنجي بک ۽ اڃ اجهائڻ لاءِ نين نين شين جي تلاش هوندي آهي، انهن مبهم ۽ اڻ ڏٺل شين جي تلاش ۾ جنبيل رهندو آهيان. جيڪي اڃا پيدا ئي نه ٿيون آهن. ها، اها بغاوت ڪرڻ وارو عنصر مان ئي آهيان، اوهين نه آهيو.
ڇهون عنصر: مان عمل جو عنصر آهيان- هڪ رحم جوڳو پورهيت، جيڪو ٿڪل هٿن ۽ آسائتين اکين سان پنهنجي ڏينهن کي ڪيميائي تصورات ۾ بدلائيندو آهيان. ۽ غير محسوس شين کي نئون ۽ دائمي روپ عطا ڪندو آهيان. اهو مان ئي آهيان، جيڪو ان ديواني جي خلاف بغاوت جو جهنڊو اڀو ڪرڻ ۾ توهان مڙني کان اڳي ويندس.
ستون عنصر: ڪيتري عجيب ڳالهه آهي ته توهان ان ديواني جي خلاف صرف ان ڪري بغاوت ٿا ڪريو جو اوهان جو ڪم مقرر ٿي چڪو آهي. ڪاش، اوهان جيان منهنجو به ڪم مقرر ٿيل هجي ها. افسوس جو مون کي ڪو به ڪم سونپيو نه ويوآهي. مان هڪ بيڪار عنصر آهيان. جڏهن اوهان سڀئي زندگيءَ جي تخليق ۾ رڌل هوندا آهيو، تڏهن مان هڪ گمنام جاءِ تي ويٺو هوندو آهيان. ٻڌايو، بغاوت اوهان کي ڪرن گهرجي يا مون کي؟ جڏهن ستين عنصر تقرير ڪئي، تڏهن باقي ڇهن عنصرن هن تي رحم واري نگاهه اڇلائي پر واتان ٻڙڪ نه ٻاڦي، جيئن جيئن رات اونداهي ٿيندي وئي، تيئن تيئن عنصر هڪ هڪ ڪري تسليم ۽ اطاعت جي لذت سان پُر ٿي خوابن جي دنيا ۾ لهندا ويا. پر ستون عنصر ان جاءِ تي اکيون کپائي ڏسندو رهيو، جتي هر شئي جي پويان پس منظر رهي ٿو.