ستي ساوتري – غلام فاطمه: شمس نورالدين
هون هون، اڄ مان اداس آن........ هن غير شاعراڻي موسم ۾ منهنجو بي سرو آواز، ويتر هانءُ ٿو کائي ! عالم جا الله ! آواز ۾ ئي ڪجهه مڌرتا ڏينم ها؟ پوءِ ڇا ڪريان؟ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ کپي ٻيلي، نه ته هي قيامت جو ڏينهن جيستائين کُٽي، تيستائين هي اداسيون ته منهنجي روح کي چٿي ڇڏينديون ! ڪجهه لکجي ئي ڀلا !!.
مون هيٽر آن ڪيو. نيزن جي پليٽ ڀري ڀرسان رکيم ۽ ڪاپي پينسل کڻي اڃا ويٺس مس ته دادر دارا شروع ٿي وئي. توبهه هي ميوزيڪل ڪال بيل به وڏو عذاب آهي. نه وقت نه مهل، هر گهڙيءَ بي - سُري تان، دادر دارا. مون اٿي وڃي گيٽ کوليو.
الله ! هيءَ ته هوءَ آهي. هوءَ – جيڪا زندگيءَ جي اکين ۾ اکيون اٽڪائي ڄاڻي، جيڪا تخيل ۽ احساس کي پروڙي ڄاڻي، جيڪا لطيف جذبن کي اهڙيءَ طرح پروڙي ڄاڻي جو. پر سندس حياتيءَ جي ڊڪشنريءَ ۾ ته حياءَ جو لفظ ممنوع آهي نه ! پنهنجي سموري بي حيائي ۽ بيباڪيءَ باوجود هوءَ مون کي ڏاڍي پياري هئي ۽ آهي.
”ڇا ٿي سوچين؟“ اها ئي مخصوص کل --- مون کي به کل اچي وئي.
”هون ! ته اڄ ورهين کان پوءِ توکي منهنجي ياد اچي وئي.“ هوءَ بيگ لوڏيندي اندر آئي.
”ڪٿان ٿي اچين؟“ مون هن جي سراپا کي جاچيندي پڇيو.
”ڪٿان نه ڪٿان ته ايندي ئي هونديس !“ هن انهيءَ ساڳئي مخصوص لهجي ۾ جواب ڏنو. جيڪو هن ڪاليج جي فرسٽ ييئر جي امتحان ڏيڻ کان فوراّ پوءِ اختيار ڪيو هو. اهائي لاپرواهي، اهو ئي انداز ۽ اها ئي خود سري ! هن کي ڪنهن جي پرواهه ڪا نه هئي ۽ نه پرواهه ڪرڻ جو ڪو سندس ارادو ئي هو. مَريادا جا ليڪا ته ڪڏهن جو اورانگهي چڪي هئي. جيڪا ٿوري گهڻي هئس سندس لهجي جي بيپرواهيءَ اها به لٽي ڇڏي هئس، پر مون کي هوءَ ڏاڍي پياري هئي، پنهنجي زندگيءَ جي سڀني لاهين چاڙهين سميت !.
هن سان منهنجي دلچسپي ته عمر جي انهيءَ حصي کان هئي، جنهن کي آئون ”المست“ دؤر چوندي آهيان. ٽيهه سال پراڻي ستن سالن جي معصوم دلچسپي ! ---- صبح جو سويل اسان بخاري ۾ ڪوئلن جو مچ مچائي، اوٻاريل بيدن ۽ ملتاني حلوي تي سياري جي صبح کي جي آءُ ڪندا هئا سين ۽ ايتري ۾ وڏي واڪ سڏ ڪن تي پوندو هو ”او ڀائي او پيسو مل هيڏانهن، اڳ ۾ مون کي ٽي پن دال جا ڏئي وڃ، پهر ٿيو آهي تنهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺي. بک ۾ ساهه ٿو وڃيم. جلدي ڇو نه ايندو آهين ڀائي؟ ”توبهه“. منهنجو ڀاءُ چڙي پوندو هو. ڪيڏي پٽاڙ آ ڇوريءَ کي. اڃا صبح مس ٿيو آهي ۽ هن کي پهر به گذري ويا اوسيئڙي جا.“ ۽ منهنجي ڀاءُ جو حلوي جي پليٽ تي حملو شديد ٿي ويندو هو. مون کي تعجب لڳندو هو سوچيندي هئس ته مان به جيڪر هن وانگر ڇڙواڳ هجان ها. آئون به پئسي جا ٽي پن دال جا وٺي صبح صبح جو در جي چائنٺ تي بيهي چٽيان ها !!“ ۽ هن جو زبان ڪڍي پن کي چٽڻ اکين اڳين ڦري ويندو هوم. ----”اون ! اهڙو بکيو به ڇا ٿجي؟“ فوراّ سوچ کي لغام ڏيڻو پوندو هوم. ”ايڏي چٽ چٽ ڇا جي لڳائي اٿي. حلوو ٿي کائين يا هڏا ٿي چٻاڙين !“ چاچيءَ جو آواز ٻڌي ڇرڪ نڪري ويندو هوم. اسان جي چاچي به الله جي پناهه ! چڱي خاصي خدائي فوجدار هئي اسان ٻارن لاءِ ! هن وات وڏي، پيٽ پخال ڇوريءَ کي ته ڪوئي ڌڻي سائين هو ئي ڪو نه ! نه ابو هوس نه ادو. هڪ البيلي ماءُ هئس ٻئي آزاد خيال. ناني.... باقي رشتا ناتا ته ڌڻيءَ اسان جي قسمت ۾ لکي ڇڏيا هئا. جيتري وڏي حويلي هئي، اوترا گهڻا ٻنڌڻ هئا، اوترو وڏو پراڻو ويڪرو رَکُ رکاءُ هو. منهنجو ته ڪڏهن ڪڏهن ساهه ٻوساٽبو هو. اهڙين گهڙين ويلي هوءَ مون کي وڌيڪ خوشنصيب لڳندي هئي. اهڙيءَ طرح هن سان منهنجي دلچسپي نا سمجهيءَ جي دؤر کان ئي هئي.
مون هن کي آڻي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو. ”ڇو منهنجي هيءَ بيگ نظر نه آئيه ڇا؟“ هن وري کليو.
”نظر ڀلا ڇو نه ايندي تنهنجي بيگ؟ مان اجهو ٿي گيسٽ روم ٺيڪ ڪري وٺان.“ مون پاسي واري ڪمري جو دَر کوليو. هوءَ به پٺيان پٺيان هلي آئي. ”هون ! گهر ايترو وڏو آهي، جو هڪ مهمان جي گنجائش نڪري ٿي اچي.“ گنجائش دل ۾ هئڻ کپي ۽ خبر اٿئي ته ڏينهن، مهينا سال به تنهنجي خيال کان مونکي اڃا بيگانو نه ڪري سگهيا آهن.“ هوءَ مرڪي ! اها ئي مرڪ، جنهن ۾ نه شرمائڻ جو هٺُ ڀريل هو، جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن دل جي چوٽ جو اوائلي درد جهلڪي اٿندو هو. ها، ڪنهن زماني ۾ هن وٽ به هڪ ثابت، سالم، مٺڙي، پياري، نرم ڪومل دل هئي ! جيڪا ٿوري گهڻي ڳالهه تي ڏکوئجي پوندي هئي. ۽ اکيون جل ٿل ٿي وينديون هيس. پر اها فرسٽ ييئر جي زماني جي ڳالهه هئي، انهيءَ کان پوءِ ڪاليج جا ٽي سال ۽ ان کان پوءِ جي عرصي جون هن بابت ڳالهيون جيڪي مون ٻڌيون ۽ جڳ ٻڌيون.
حياءَ کي زندگيءَ جي پيچرن ۾ جهڙيءَ طرح هن لتاڙيو، اهڙي همت، انهيءَ دؤر ۾، جنهن ۾ نينگرين جو تعليم پرائڻ ئي وڏي دل جگر جو ڪم هو، هن کان سواءِ ٻي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. ڪڻڪ جو هڪ داڻو، جنهن عرش جي عظمت کي فرش ڀر ڪيرايو. اهڙو ئي هڪ واقعو هن جي زندگيءَ کي باهه ڏئي ويو. اها رات جڏهن هن مون کي ڌونڌاڙي سومهڻي جي نماز لاءِ اٿاريو ۽ پاڻ مصلي تي بيهي رهي. مون دل ئي دل م هن کي پاراتا پئي ڏنا، ڇاڪاڻ ته هن جي ئي ڪري حويليءَ کان هاسٽل تائين نماز منهنجو پيڇو پئي ڪندي آئي . حويليءَ ۾ منهنجي ڏاڏي ساهه کڻڻ نه ڏيندي هئي، هتي هيءَ جا ايندي ويندي چوندي : ”نماز پڙهئيه هل ته فرض پڙهي اچون، پوءِ ٿا ڪلاس اٽينڊ ڪريون.“
سڄي عمر پيسو مل جي دال کائي هيءَ الاجي ايتري مذهبي ڪيئن ٿي پئي هئي..... ڪڏهن ته دل چوندي هئي ته روم مٽائي ڇڏيان پر پنهنجن کان پري، اجنبي شهر ۽ ماحول ۾ ڀائر ڀينر، سنگتي ساٿي، جنهن مون کان وسارايا، سا هوءَ ئي ته هئي. هن جي دل هئي يا سڪ جو ساگر ! هن جي خلوص جي وسعت ۾ ساري ڪائنات هوند سمائجي وڃي ايتري ته پيارين پيارين، اجرين نيڪ عادتن جي مالڪ هئي هوءَ. آئون جيڪا حويليءَ ۾ پلي هئس، سا به جيستائين پروفيسر جي منهن ۾ سامهون نه ڏسندي هئس، تيستائين ليڪچر سمجهه ۾ نه ايندوهو. ۽ هن کان پرفيسر سوال پڇندوهو ته، اکيون مٿي کڄنديون ئي نه هيس. هميشه نگاهه جهڪائي ڳالهائيندي هئي. مخالف جنس سان. هن جي حياءَ داري اڳيان ته منهنجي شرم حياءَ کي به شرمندو ٿيڻو پيو. آئون جيڪا نيڪن جي اولاد هيس. حويليءَ جي چؤديواريءَ ۾ پلي هيس، جنهن ڪنهن چائنٺ تي بيهي ڪا شئي وٺي نه کاڌي هئي وڏي وات ڪنهن سان ڳالهايو نه هو، مٿي تان ڪڏهن رئو لاٿو نه هو ۽ هتي ڪاليج ۾ هوءَ اڪيلي ئي هئي، جنهن جي وارن جي ڊيگهه ڏيڍ سال ۾ به ڪنهن ڪو نه ڏٺي هئي. اها رات.............
مان وضو ڪري جيئن ڪمري ۾ آيس ته در ٻاهران هن جو سؤٽ بيٺو هو. چپ چاپ جهڙو بت. ”اچو ادا هن وقت ڪيئن؟“ مون ٿورو حيران ٿي کائنس پڇيو. هوءَ ان وقت سجدي ۾ هئي........ هن جي سؤٽ مون کي ٻاهر سڏي ٻڌايو ته هن جي ٻي ننڍي ڀيڻ، جيڪا سائنس اسٽوڊنٽ هئي ۽ شهر ۾ ئي پنهنجي سؤٽ سان گڏ سندس شادي شده دوست جي گهر رهندي هئي، سا انهيءَ دوست سان ڀڄي وئي. هن مون کي وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻي هو به هي شهر ڇڏي رهيو آهي جو هاڻي ڪهڙي منهن سان هتي رهي سگهندو ۽ آئون هيءَ خبر مناسب سمجهان ته هن کي ٻڌائي ڇڏيان. ۽ پوءِ هو هليو ويو. آئون الائجي ڪيتري دير اتي بيٺي رهيس. بلڪ خالي خالي، سوچڻ سمجهڻ جي طاقت ئي ڪو نه پئي ڀانيم پاڻ ۾ - پوءِ جڏهن ڪمري ۾ گهڙيس ته هوءَ بنهه منهنجي پٺيان بيٺي هئي. ويران ويران چپ چاپ، پيلي زرد ڄڻ ته نانگ چڪ هڻي رتُ چوسي ورتو هيس. ”هيلو“، مون ڦڪي مرڪ سان کيس ڏٺو . هن ويران اکيون کڻي مون ۾ کپايون ۽ مون نظر جهڪائي ڇڏي. اها گهڙي جڏهن آدم جنت مان ڌڪيو ويو، اها رات جڏهن منهنجي ملائڪ صفت سهيليءَ جي ننڍي ڀيڻ شادي شده ماڻهوءَ سان ڀڄي وئي. ۽ پوءِ اها خبر سڄي ڪاليج ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي ته هن جي ڀيڻ هڪ شادي شده ماڻهوءَ سان بنا نڪاح جي زال جي حيثيت ۾ ٿي رهي. ۽ هن جي هر لنگهه تان فقرا ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا ته : ”ڀت بنياد تي ويندي نه ! “
”ڪنيءَ ول جو ڪو ميوو مٺو به ٿيو؟“.
”اڇي چادري ويڙهي هر ڪا ته بيبي فاطمه نه ٿيندي !“.
”حسب نسب آخر پڌرو ٿئي “.
”شرافت اک جهڪائي هلڻ ۾ آ ڇا؟“
”اها ته موروثي آهي، جنهن کي ملي !!“.
”پيءُ ته ڀلو اٿن، پر سندن ماءُ جي پيءُ جي به ته ڪنهن کي خبر هجي نه....“.
”اڙي پڇوس نه ته ستي ساوتريءَ کان، من نانيءَ جو نالو ياد اچي وڃيس. ڇڏيوس ڪري بيبي فاطمه جي نماز کي دير ٿي ٿئي !“
۽ پوءِ ٽهڪ.......ٽهڪن پٺيان ٽهڪ....... منهنجو ته اصل روح ٻوساٽبو هو، سمجهه ۾ نه ايندو هوم ته هن کي ڪيئن تسلي ڏيان؟ ڇا چوانس؟ ڪيئن چوانس؟ پر چوانس به ڇو؟ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن ڇا ڪيو هو؟ ٻين جي فعلن جي هوءَ ڪيئن ذميوار هئي؟ ۽ ان ڏينهن هوءَ ڪاليج ڪو نه هلي ! چيائين، ”مٿي ۾ سور اٿم ! “
اکيون ايتريو ته ڳاڙهيون هيس جو ڀانيم، ساري رات روئنديون رهيون آهن. مان ماٺ ڪري ڪلاس ۾ ويس. ڪهڙا ليڪچر ٿيا؟ ڇا پڇيائون؟ ڇا چيم؟ جواب به ڏنم يا نه؟ اهڙو ڪو هوش نه هيم !!. سندس خالي سيٽ گهڙي گهڙيءَ نظر پئي آئي ۽ بس واپس هاسٽل آيس ته هوءَ ستي پئي هئي. آئون به سمهي رهيس. شام جو جڏهن منهنجي اک لکي ته سانجهيءَ جي ٻانگ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ سامهون دريءَ جي سيخن ۾ آئينو اٽڪائي ميڪ اپ ڪري رهي هئي. هوءَ جيڪا سياري ۾ به ڪولڊ ڪريم لڳائيندي ڪيٻائيندي هئي.
”تو هي ميڪ اپ جو سامان ڪٿان آندو؟“
سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا پڇانس ۽ ڪيئن پڇانس . هيءَ اها ساڳئي آهي، جنهن تي مون کي هر ڪو حق هو . يا هيءَ هن روپ ۾ ڪير آهي؟ شوخ لباس، ڳاڙها خون جهڙا چپ، ۽ ڳل، هي بلش آن، ڪيوٽيڪس، هي عطر عنبير، وارن جو هي اسٽائل، ڪنن وٽان لهرائيندڙ، سيني تي ناچ ڪندڙ ذلف. الاهي ! هيءَ اها آهي، اها ساڳي يا ڪا.............
”تون ڇا ڪاڏي وڃين ٿي؟“
”هون !“
”ڪيڏانهن؟“
”جيئڻ جو گُر سکڻ !“
”ڇا؟“
”ڪجهه به نه مٿو نه کاءُ !“
هوءَ ڪاوڙجي پئي. ۽ پوءِ رئو ڪلهن تان هيٺ تي ڪيرائيندي، پرس لوڏائيندي نڪري وئي. رات جي ماني به مون کاڌي الاجي نه، صرف ايترو ياد اٿم ته ڏيڍ لڳي تائين آئون جاڳي هيس هن جي اوسيئڙي ۾. ۽ هوءَ آئي هئي ته سڄو هار سينگار ڄڻ ڪٿي ڌوئي آئي هئي. هن جون جهڪيل جهڪيل، بيباڪ اکيون، منهن ۾ چڀڻ لڳم. هڪ نٺر مرڪ سو چپن تي هيس. انهيءَ گهڙيءَ جي مرڪ کي واضح ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ڪو نه آهن. اها مرڪ جيڪا هن جي پوءِ جي زندگيءَ جو عنوان بڻي. هوءَ جيڪا سراپا سڪ ۽ خلوص هئي، سا هينئر رڳو دل ڏکوئڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي، هوءَ جيڪا مرڪندي به ورلي هئي تنهنجا ٽهڪ ڪاليج جي ورانڊن ۾ ٻڌبا هئا. هوءَ اڄا به منهنجي روم ميٽ هئي. انهيءَ ڳالهه تي منهنجو ڀاءُ به مون سان گهڻو وڙهيو هو : تون به بدنام ٿي ويندينءَ، هن ڪافي هائوس گرل سان گڏ رهندينءَ ته.“ ٻه ٽي دفعا وارڊن به مون کي گهرائي چيو :” چاهين ته روم مٽائي ڇڏ !“ کيس ته نه ٿي ڪڍي سگهي جو ڪاليج جو ڊائريڪٽر اڄ ڪلهه ڪافي هائوس ۾ گهڻو وڃڻ لڳو هو. آئون ائين ڪري نه سگهيس. پنهنجي روح جي گهراين ۾ هوءَ لڪي پئي هئي، مون کي انهيءَ سان اڃا به پيار هو.
هڪ ڏينهن ڪاليج ۾ وري باهه وانگر اها خبر پکڙجي وئي ته سندس ڀيڻ کي ڌيءَ ڄائي آهي ۽ ڀيڻس جي شادي سندس سؤٽ جي دوست سان اڃا ڪانه ٿي آهي.
”ٺهيو، تاريخ هميشه پاڻ کي ورجائيندي آهي.“ ۽ وري اهي ئي ٽهڪ- ڪلاس ۾ اڄ وري هن جو منهن ڏاڍو ڳاڙهو ٿي ويو، ضبط کان، غم کان، غصي کان، يا وري رهيل کيل شرم کان ! ڪهڙي خبر ! پر انهيءَ شام هن سامان پيڪ ڪيو ۽ بيگ کڻي مون ڏانهن آئي.
”آئون وڃان ٿي.“
“ڪيڏانهن؟“
”جتي دل کڻي وڃي.“
”هڪ ڳالهه وڻئي ته ياد رکج. ستي فاطمه، دل جي چئي ۾ ٺوڪر ڪاپاري لڳندي اٿئي !“
”اها دل مون وٽ ڪانهي جيڪا ٺوڪر کائي، هن وقت ته ٺوڪرن ۾ جهان اٿم.“
دل چيو ته چوانس ته اهو وقت پري نه سمجهه جڏهن زماني جي ٺوڪرن ۾ به پناهه نه ملندئي، جواني آئي ۽ وئي. پر ماٺ م رهيم . ڇا چوانس ها ڀلا؟ سمجهن ٻڌڻ جي حد ته هوءَ اورانگهي چڪي هئي.
”تون منهن ڌوئي وٺ، تيستائين هي خانو خالي ٿي ڪري وٺان . پنهنجو سامان ان ۾ رکج.“
مون بيبيءَ جون گڏيون گڏا پاسيرا ڪيا.
”نه تنهنجي ڌيءَ گڏين سان راند رمندي آهي.“ هن هڪ سينگار گڏي هٿ ۾ کنئين.”خبر اٿئي، مان پنهنجي ڌيءَ کي گڏن سان کيڏڻ سيکاريندس ته هوءَ منهنجي ڀيڻ وانگر ڪنهن شمن گڏي جي ور چڙهي، گڏي ڪڇ ۾ کڻي ماءُ وٽ ملهائي نه اچي ويهي !“ هوءَ سامهون آئيني ۾ ڏسڻ لڳي، ٿورو گڏيءَ کي ؛گهڻو پاڻ کي !. مون نگاهه ڀري هن کي ڏٺو. هوءَ ڇا سوچي رهي هئي ۽ سندس ارادو ڇا هو؟ هن مون کي گهوريندو ڏسي کلي ڏنو.
”چانهه اڳ ۾ پيئندينءَ يا ناشتي کان پوءِ؟“ مون هن جي کل مان تنگ ٿي پڇيو، ’سوَ جنم به هاڻي هن کي سڌاري نه ٿا سگهن.‘ مون سوچيو.
”کائڻ کي کڻي ڇڏ. باقي پيئڻ جي ڳالهه ڪر. پيئڻ کان ڪو ڪافر انڪار ڪري. “ الا جي ڇا ٿي چوڻ چاهيائين؟ جيڪو مون پئي سمجهيو تنهن مون کي ذهني اذيت ٿي ڏني.
”چڱو تون ڪپڙا مٽائي وٺ “ ۽ مان ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس. نوڪر چانهه جي ٽرالي ڪمري ۾ رکي موٽيو ته آئون ڪجهه رسالا کڻي وٽس ويس. چانهه پيئندي مون هن کان پڇيو، ” اڄ ڪلهه تنهنجي ادبي ذوق شوق جو ڇا حال آهي؟“
کلي چيائين، ”پرل ايس بڪ جي Concubine تي ريسرچ ڪري رهي آهيان.“
”صفا لاهي پاهي بيٺي آهي“. دل ۾ چيم. بظاهر شڪايتي نظرن سان کيس گهوريم. هوءَ نظر جهڪائي مرڪي اها ئي گهايل مرڪ.
”پنهنجي باي ۾ ڪجهه ٻڌائيندينءَ به يا.......؟“
”جيڪو پڇين سو ٻڌايائينءِ ! تو کان سواءِ ٻيو ڪو پڇڻ وارو به ته ڪونهيم.“
”اڄڪلهه ڪهڙو شغل اٿئي؟ ڇا ٿي ڪرين؟ ارادا ڪهڙا اٿئي؟ وغيره وغيره “سمجهه م ئي نه پئي آيو ته ڇا ڇا پڇانس.
”شغل ڪو هڪ هجي ته ٻڌايانءِ. سڄي زندگي ئي شغل، في الحال شادي رچائڻ جي شغل جو سوچي رهي آهيان.“
”ڇا سچ !“ خوش ٿي پڇيم – هوءَ شادي ڪندي، ڪشتيءَ کي ڪنارو ملندو، گهر ٻار واري هوءَ به ٿيندي، سوچي اطمينان ٿيو.
”ڪنهن سان ٿي ڪرين؟“
”ڊاڪٽر حيدر سان.“
”ڇا؟“ ذري گهٽ ڪوپ هٿن مان ڇڏائجي ويم.
”پر هو ته شادي شده آهي؟“
”نه صرف ايترو پر پنجن ٻارن جو پيءُ پڻ آهي، کلي جواب ڏنائين. اها خبر شايد نه به هجئي ته سندس اها شادي به لو مريج آهي .“ خار مان چيم، ”خبر اٿم “ صرف ستن سالن جي ٿوري عرصي ۾ محبت disappointment ۾ بدلجي چڪي آهي، ٻي محبت جٽاءُ ڪندي؟
”اهو ڄاڻيندي به تون ساڻس شادي ٿي ڪرين.“
”ها بلڪل !“ ٿورو کلي.
”توکي چيم نه، مان ڌيءَ کي صرف گڏن سان راند رمڻ سيکاريندس.“ ۽ هن گڏو کڻي گڏيءَ جي پيرن تي اونڌو ڪيو ۽ ساڻس گڏ مون کي به کل اچي وئي.
(ماهوار ”سوجهرو“ ڪراچي جي ٿورن سان)