ذهن کي ڌونڌاڙيندڙ رَڙِ: ستار پيرزادو
زميني منزل تي فليٽ، ڪل چار ڪمرا، جن مان ٻه سمهڻ لاءِ، ٽيون مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ ۽ چوٿون تي وي ڏسڻ لاءِ مخصوص ٿيل. سڀئي ڪمرا هڪ ٻئي سان دروازن جي آمهون سامهون هئڻ ڪري گڏيل، سواءِ ٻاهرين دروازن جي، سڀ اندريان کليل. ڪمري ۾ ٻڙيءَ وارو کيرائون بلب ٻرڻ ڪري ايتري روشني هئي جو اکين سڀ ڪجهه ڏٺو پئي. هڪ سمهڻ واري ڪمري ۾ بيمار گهر واري ستل. ٽي ويءَ واري ڪمري ۾ ڌيءَ ۽ مهمانن واري ڪمري ۾ پُٽُ ستل.
ننڊ بنهه اچاٽ ٿي وئي هئي. ان ڪر کٽ تان اٿيس، اول بيمار گهر واريءَ جي ڪمري ۾ ويس، هوءَ کونگهرا هڻي رهي هئي. مان ڪجهه وقت ماٺ ڪري هن جي مٿان بيٺو رهيس، پر هن جي جسم ۾ ڪا به چُر پُر نه هئي ۽ بنا ڪنهن احساس جي کونگهرا هڻي رهي هئي. سمجهيم ته اها رَڙِ هن نه ڪئي آهي. سندس بيماريءَ واري حالت ڪري هن لاءِ اڪثر ڊَپُ ذهن تي سوار هوندو آهي. ان ڪري اول سندس ئي ڪمري ۾ ويو هوس. پر سڀ ڪجهه ٺيڪ ڏسي واپس وريس ۽ سڌو ڌيءَ جي ڪمري ۾ ويس.
راتيون ته سرديءَ جون هيون، سڀني جي مٿان ڪمبل پيل هئا. ڌيءَ به ڏٺم ته بنا ڪمبل لاهڻ جي ستي پئي آهي. جوانيءَ جي ڇتي ننڊ، پڙهائيءَ تي مٿي ماري ڪرڻ، گهرو ڪم ڪار ڪرڻ، رڌ پچاءُ ۽ تيماداري ڪرڻ کان پوءِ جو هوءَ سمهندي آهي ته ڪڏهن ته کيس صبح جو به مان ئي اٿاريندو آهيان ته هاڻ صبح ٿي ويو آهي. اٿي ته نيرن ٺاهي، جيئن زندگيءَ جي ساڳئي محور تي چاڪيءَ جي اکين ٻڌل ڏاند جيان ڦيرا پائڻ ۽ گهاڻي ۾ وهڻ لاءِ جسم کي توانو ڪري وڃي جٽجي، ڏٺم ته هوءَ به گهري ننڊ ۾ ستل هئي. سندس چهرو به ڪمبل ۾ ويڙهيل هو. مون سندس مٿان بيهي هن کي سڏ ڪيو : ’بابا‘. مان اڪثر ڌيءُ ۽ پُٽَ کي سڏڻ مهل نالي وٺڻ کان سواءِ فقط ’بابا. “ سڏيندو آهيان. اها عادت تڏهن کان پئي هئم، جڏهن کان هو ٻئي ٻاراڻي وهي اُڪري، جوانيءَ واري وهيءَ ۾ پير پائي چڪا هئا. مون کيس ٻيهر سڏ ڪيو ؛”بابا.“
ڪو به جواب نه آيو. اها ئي ماٺ، اهو ئي هلڪو کونگهرو. هاڻ بنا ڪنهن گرم ڪپڙي جي بت تي هئڻ ڪري هلڪو سياٽو محسوس ڪرڻ لڳس. ڄاتم ته اها رَڙِ هن به نه ڪئي آهي، نه ته انهن ٻن سڏن تي ضرور جواب ڏئي ها.
مهمانن جي ويهڻ واري ڪمري کي در ڪونهي. ٽي ويءَ واري ڪمري ۽ مهمانن واري ڪمري جي وچ واري ديوار ئي ڪانهي. ان ڪري اسان هڪ وڏو ۽ ٿلهو پردو وچ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان ڪمري ۾ قالين وڇايل آهي. پاسي سان هڪ ديوار سان ٽن ماڻهن جي ويهڻ وارو صوفا ۽ ان جي سامهون واري ديوار سان رکيل ٻه هڪ هڪ ماڻهوءَ جي ويهڻ وارا صوفا رکيل آهن. ٽن ماڻهن جي ويهڻ واري صوفا جي ڀرسان چئن پنجن فٽن وارو هڪڙو ڪاٺائون کليل ڪٻٽ رکيل آهي، جيڪو هيٺ کان وٺي مٿي تائين ڪتابن سان سٿيل آهي. ان ئي ڪمري ۾ هيٺ بسترو لڳائي پُٽ سمهندو آهي. نوجوان آهي، بيروزگار آهي. فقط مئٽرڪ تائين پڙهيل هئڻ ڪري نوڪري ملڻ ۾ دقت اٿس. هو دوستن سان گهمي ڦري دير سان اچي سمهندو آهي. اسان وٽ هر ڪمري ۾ هڪ گهڙيال پڻ لڳل آهي. ڏٺم ته هو به ڪمبل ۾ ويڙهيو سيڙهيو کونگهرا هڻي رهيوآهي. پوءِ به جهٽ پلڪ لاءِ سندس مٿان خاموشيءَ سان بيٺو رهيس پر کيس سڏ ڪرڻ مناسب نه ڄاتم ڇاڪاڻ جو هن جي بنا چر پر جي سڌو ستل هئڻ ڪري پڪ ٿيم ته اها رڙ هن به نه ڪئي آهي.
واپس ڪمري ڏانهن آيس. ان جي باوجود جو هر ڪنهن جي ننڊ ۾ هئڻ جي پڪ هئم تڏهن به وري هر ڪمري تي آخري نگاهه اڇلايم. متان هاڻ ڪنهن ۾ چرپر آئي هجي. پر ڏٺم ته هر ڪو جيئن جوتيئن ستل رهيو.
ذهن سوچڻ شروع ڪيو، مون رڙ ته چٽي ٻڌي هئي. رڙ به ايڏي جو دير تائين ڪن ڌَوندَا رهيا هئا، جي اها رڙ اسان مان ڪنهن به نه ڪئي آهي ته پوءِ اها ڪٿان ۽ ڪيئن بند دروازو اورانگهي، سڌو اچي منهنجي ڪنن سان ٽڪرائي آهي؟ ته پوءِ ٻاهران ايڏي رڙ ڪنهن ڪئي آهي. جيڪا بند ٿيل دروازا به جهلي نه سگهيا آهن؟
هنڌ تي اچي ليٽان ٿو. ڇڪي ڪمبل مٿان وجهان ٿو. پر چهرو اڻ ڍڪيل ئي ڇڏي ڏيان ٿو. اکيون ٻوٽي ننڊ ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ ڪامياب نه پيو ٿيان.
اڃا تائين جاڳ جلائيندي رهي ٿي. ذهن انهيءَ رڙ تي سوچڻ ڪري، ننڊ کي آڏو اچڻ نٿو ڏئي. هاڻ جاڳ جي جهوريءَ سان گڏ ڪي يادگيريون ڪَرُ کڻن ٿيون. ذهن جي پڙدي تي چٽائيءَ سان اخبار ۾ ڏٺل ان قيامت جي تصوير اکين اڳيان هڪ هڪ ڪئمرائي تصويرن جيان هڪ ٻئي پٺيان پر تيزيءَ سان تبديل ٿينديون ٿيون رهن. سامونڊي طوفان سمنڊ جي تري ۾ ڄڻ ڪنهن باهه جا اهڙا مچ مچائي ڇڏيا آهن جو پاڻي ٻاٽيءَ ۾ ٽهڪڻ ويل ان جي ڍڪ کي به اڇلائي ٻاهر نڪري ايندو آهي. هي سمنڊ آهي يا اڀامندڙ ڪُنو، نه ڪا جهل نه پل. نه ڏسُ نه پتو،، ماڻهو، ويچارا، هيڻا، ڪنهن نه وهيڻا، ڀاڄ، دانهون، ڪوڪون، رڙيون، ڪيهون، سر بچاءَ ۾ ڪيترن کان ٻچا به وسري ويا. پاڻي، اجهل سامونڊي پاڻي، جيڪو اجگر جيڏا ٻيڙا به اٿلائي پٿلائي ڇڏيندو آهي. ان جي آڏو جهوپا، ڪکاوان، ڪنڌيون، ڪچا گهر، اڌ پڪا گهر، مال متاع، سڀ جي مٿان پاڻي ڦرندو ۽ جهڳا جهڻ ڪندو ٿي ويو.ڪيترن جون ڊوڙون، پوڙها، پوڙهيون، ٻار، ٻارڙيون ڪٿي ٿيون پاڻيءَ کان اڳ ڪڍي سگهجن. ڪي لڙهي ويا. مال، ملڪيتون، بچت سچت، الهه تلهه سڀ ناس ٿي ويو.
پر ان طوفان کي آئي وئي ٻه ٽي ورهيه لنگهي ويا هئا. انهن ماڻهن جي رڙ نه ته رانڀاٽ، هاڻ اڄ رات، منهنجي ڪنن ۾ ڪيئن آيا آهن؟ نه – نه ائين نٿو ٿي سگهي؟ ٻيو ڪجهه ٿيو هوندو، نه ته ايترن ورهين پڄاڻان اها هڪڙي رڙ ڪيئن مون تائين پهچي ها. تڏهن ته ڪا نه پهتي هئي. فقط اخباري تصويرون ۽ ٽي وي فلمن ذريعي ئي اها قيامت جهڙي حالت ڏسي، پيرن کان چوٽيءَ تائين ڌڏي ويو هوس. ڪيترو تعداد ماڻهن جي موت جو اخبار لکيو هو؟ هر ڪنهن پنهنجي خابروءَ جي چوڻ مطابق ئي لکيو هوندو. اصل ڪيترو هوندو؟ مان ڪڏهن به ان متاثر علائقي ۾ ويو ڪونه هوس. پوءِ ٻين جي ڏسيل انگن اکرن تي ڀاڙڻو پيو . شايد مان به گيدي آهيان. ڊڄڻو آهيان، حقيقت ڏسڻ بجاءِ، پري هڪ ڪمري ۾ ويهي اندازو لڳائي، مطمئن ٿي ويهي رهيس. پر منهنجي هٿ ۾ به ڇا هو ۽ ڇا آهي؟ امداد هلي آئي به يا نه؟ ماڻهن کي ملي به يا نه؟ ڪنهن جي ڪنهن جي گهر ۾ پهتي؟ ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيترن حصن پتين ۾ ورهائجي وئي؟ ڪير پڇي؟ ڪنهن کان پڇي؟ مان به ڏوهي، هر ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ به ڏوهي.
پر اهي خيال منهنجي ذهن کي اڄ،هن ويل، اويلي ويل ڇو اچي پريشان ڪرڻ لڳا آهن. منهنجو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ته ان واقعي، سانحي سان لاڳاپو نه هو. بس سنڌ واسي، لاڙي ماڻهو، اٻوجهه - اَڄاڻ، غريب ماڻهو ضرور هئا. منهنجو هنن سان سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح واسطو ضرور هو ۽ آهي. پر اها رڙ هن ويل ڪٿان آئي آهي؟ ڪنهن ڪئي آهي؟ ڪٿي ڪرٽ اُڙهو آهي؟ ڪٿي گهاڻو پيڙيو آهي؟ ڪٿي سوري سجائي وئي آهي؟ ڪٿي ڪنڌ ڪپيو ويو آهي؟ ڪٿي؟ ڪٿي؟
تصوير ڦري وئي، رِيلُ اڳتي رڙهي ويو. ڪلاشنڪوف جو برسٽ هليو، چار ماڻهو ٿڏي تي ڍير ٿي ويا، هلندڙ ڦرندڙ، ڏينهن ڏٺي جو، ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. دڪان بند ٿي ويا. گاڏيون، جا جتي سا تتي ؛بيهي ويون. ڪي ڪريا، ڪي لتاڙبا رهيا، ڦٽبا رهيا، ڪجهه ڪيهون، ڪوڪرا، دانهون رڙيون.
انهن رڙين مان ڪا رڙ ٿي سگهي ٿي. پر انهيءَ ڪهاڻيءَ کي به ورهيه ٿيا، ته پوءِ اها رڙ اڄ، هن ويل منهنجي ڪن ڪيئن پيئي؟ منهنجي ننڊ ڪيئن خراب ڪيائين؟ ڇو؟ ڇو؟ ڇا اهي رڙيون فضا ۾ گونجنديون ٿيون رهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن جي ڪنن ۾ پڙاڏو بڻجي ٻرُن ٿيو ن. اڄ منهنجو وارو هو ڇا؟ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مان هنن کي جهلي پلي ته نه ٿو سگهان. ها، هنن کان نفرت منهنجي اندر م هر وقت کاٽ هڻندي رهندي آهي. ۽ ڪجهه آفيسي دوستن ۾ اظهار جي ويندي آهي. ڪيترائي مون سان متفق هوندا آهن. ڪي ماٺ رهندا آهن، ان ماٺ مان ڪهڙي معنيٰ وٺي سگهجي ٿي؟
تصوير ڦري وئي. ٻوٿاڙا ٻڌل، صرف اکيون کليل. هٿن ۾ ڪلاشنڪوف. مري ويل ماڻهن تي تيلي ٻاري باهه ڀڙڪائي، انهن جي چؤڦير جهمريون هڻي ۽ رڙيون ڪري هوڪرا، ڪوڪرا، هنبوڇيون، نعرا نعرا : ”جيئي، جيئي، ڪير جيئي !“ انسانيت تڙپي، لڇي، ڦٿڪي، ذليل ٿئي، شهيد ٿئي، پوءِ ڪير جيئي ڪيئن جيئي ۽ ڇو جيئي؟ آخر ڪار به ڇو؟ ڇو؟
پر ان واقعي کي به روهيه ٿيا. ڇا فضا مان آواز ختم نه ٿا ٿين؟ انهن مقتول ماڻهن جي پهرين ۽ زندگيءَ جي آخري رڙ مون تائين هاڻ پڳي آهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. مون کي ياد آهي، مان ان واقعي ويل اها خبر اخبار ۾ پڙهي ڪيئن نه پريشان ٿيو هوس. انسان، خدا جو جلوو، الله جومظهر، هن جي ائين ۽ اهڙي نموني ٻئي انسان هٿان تذليل، ڇا قهار واري جبلت انسان تي حاوي ٿي وئي آهي، هونئن رحم ۽ بخشش به ته هن جي صفتن مان آهن، ڇو اهي انسان تي غالب نه ٿيون ٿين؟ حرص، هوس، ڇاجي؟ ڪيتري وقت لاءِ، زندگي گهڻي آ. ’آتي هوئي اذان، جاتي هوئي نماز.‘ بس ان وقت ۾ انسان ڇا ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو. ڇا هيءَ ساري ڪائنات پنهنجي هٿ وس ڪرڻ ٿو گهري؟ اهڙيون ڪوششون جن به اڳ ۾ ڪيون، تاريخ شاهد آهي، ڪٿي آهن؟ ڪيڏانهن ويا؟ فرعون، شداد، هٽلر، سڪندر، نانءُ وري به سرمد شهيد جو احترام سان ورتو ويندو آهي. هاڻ منهنجون اکيون کيرون ويرون ٿيڻ لڳيون. ذهن سوچي سوچي ٿڪجي پيو هو، اکيون ٻوٽجڻ لڳيون. هڪ گهيرٽ آيو ئي مس هو ته وري اها ئي رڙ ٻڌڻ ۾ آيم ۽ مان ڇرڪ ڀري اٿي پيس، پر هاڻ بنهه چٽي هئي ۽ منهنجي پنهنجي ڪمري مان اڀري هئي. ۽ ڪنن سان ٽڪرائجي، جسم جي نس نس کي تحرڪ ۾ آڻي ڇڏيو هئائين. منهنجو جسم ڏڪيو پئي، لوندڙيون ڌنوي رهيون هيم. هر ڪو ستو پيو هو. هر ڪو گُهور ننڊ ۾ هو. هي مون سان ڇا پيو ٿئي؟ ڇو پيو ٿئي؟ منهنجي من ۾ ڪيتريون ئي وارداتون ٿيل ۽ نقش ٿيل آهن. هو هڪ چٽ چڪي رهيو اٿم ڇا؟ ڪهڙي ڳالهه پريشآن ڪري، ننڊ ڦٽائي، ڌيان ڇڪائي رهي آهي. ڪهڙي واردات مونسان، منهنجي ڪنهن مٽ مائٽ سان، ڪنهن اوڙي پاڙي واري سان ٿي آهي؟
ها، اها اهم ڳالهه، منهنجي ڳوٺ جي تاريخ جو پهريون واقعو. رشتي ۾ منهنجي مامي، چئن ٻارن جي ماءُ، جوان امنگ، سندس پيءُ جيڏي مڙس جو چڪي چڪي ناسور ۾ مري وڃڻ. اولاد بنهه ننڍڙو، ڪا به ملڪيت ڪا نه، ٻين جي سهاري، وات بند، گنگ منگ، چئي سگهڻ جو ساهس به ڪو نه . والدين تهان ئي غريب. ان لاءِ ئي ته ڏئي ڇڏائي هئائون. هاڻي واپس ورڻ جون واهون به ناهن ۽ پوءِ ڳوٺ جو هڪ نوجوان دڪاندار سان نياپا، عليڪ سليڪ، شئي شغل، پوءِ سودو پاڌو، ڪڏهن پئسو پنجڙ، پوءِ ميل ملاقاتون. وجهه وٺي شهر تائين هليو وڃڻ. جوان جسم. جوان جذبا، جسم جي جسم کي ضرورت. ڇهاءَ تي ڇاتيءَ اندر هيٺ هيٺ گهراين ۾ مکڙين جو کڙي پوڻ. نيٺ پڪ پڪاڻي. نڪري پوڻ. سڀني کان ننڍڙو ٻار هنج تي، ليڪا لتاڙي، رشتا ناتا، اولاد، جهوپڙيءَ جهڙو گهر، ڳوٺ، ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، لڳ لاڳاپا، سڀ جذبن جي اڌمن ساڙي رک ڪري ڇڏيس ۽ هوءَ پٺيءَ جي پرواهه پلي، بنا پوئتي ڏسڻ جي گم ٿي وئي. خبر تڏهن پئي، جڏهن پٺيان اچي سج لڙيو، شهر اوندهه ۾ ٻڏڻ لڳو. هِن پڇيو، هُن پڇيو، ”اڙي ڪيڏانهن وئي؟“
”شهر ٻار کي وٺي وئي هوندي.“
چئون، پڇئون، پڇا ڳاڇا، ڏسُ پتو، ڪا به ڪل ڪانه.
ٻئي طرف دڪاندار جي ڳولا، ”ڪيڏانهن ويو؟“
”سودو وٺڻ.“
”ايڏي دير ته نه لائيندو آهي.“
”ڪجهه ٿي پيس ڇا؟”
”ڪهڙي ڪل.“
هڪ عرصي کان پوءِ وري واپس وري، ان پڪ تي ته ڪجهه به نه چيو ويندو. ماءُ وٽ رهيل. ٻارڙو ساڻ، هر ڪنهن جي بوڇار برداشت ڪرڻ. ڪنهن جي سوال جو ڪو به جواب نه ڏيڻ. ”اڙي مائي، چئن ٻارن جي ماءُ، اها ئي ڪم ذات.“
”ها، ادي ڪير لنگهي ٿي بيهي، تنهن کي ڪير پلي.“
”توبهه، توبهه، شل نه ائين ڪنهن سان ٿئي.“
۽ هڪ رات، آڌيءَ رات، هن جو سؤٽ، هٿ ۾ بندوق، هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي. ايلاز، ”ڀلا هن ٻار کي پاسي ڪريان.“
”دير نه ڪر.“
ٺڪاءُ.
۽ پوءِ رڙ.
رت ريلا ڪري اڙهو. هر ڪو جاڳي پيو. پر وحشت جي چنبي م ورتل جي آڏو ڪير اچي؟ هر ڪنهن کي پنهنجو جيءُ مٺو. جو ٿيڻ نه کپندو هو، سو ته ٿي گذريو، مئي کي ساهه ته ڪو وجهي نه ٿو سگهي. هُلُ،هنگامو، خون خون، دانهون، ڪوڪون، رڙيون پاراتا، ٻاڏائون ڪجهه به وس نه. ڪو به اونائڻ وارو نه.
”چڱو ٿيو، دير ٿي پر درست ٿيو.“
”ڪني آڱر وڍي چڱي.“
”اڙي هن جا ننڍڙا ٻچڙا؟“
”اهو احساس اهڙا پير کڻڻ وقت نه پئي ٿيس.“
”ڪهڙي خاندان مان هئي، ڪميڻي، ڪم ذات، خاندان جو نڪ ڪپائي وئي، مُئي چڱي ! “
”جوان هئي جذبات به ڪنهن کي جهل ڏين.“
”اڙي هُن ندوري کي به شرم نه آيو.“
”هو به ڇا ڪري، جوان به هو، جذبا هن کي به ساڙڻ لڳا هوندا. واهه ملي پوي. تنهان ئي تؤ وڌي ويندو آهي.“
جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. ماڻهن ۽ کوهن جا وات ڪير بند ڪري؟
ها اها رڙ ٿي سگهي ٿي. ڪيڏو افسوس ٿيو هوم، اها ڳالهه ٻڌي ڪيڏو ڪهڪاءُ آيو هوم . هن جي ٻارڙن کي ڏسي، وس ۾ ڇا هوم؟ بس ذهن م اهڙي عمل لاءِ نفرت. سچ چئجي. ڪيئن چئجي؟ ڪنهن کي چئجي؟ نيڪي ته اصل کان بديءَ جي لبادي ۾ لڪندي وتي. بدي نيڪيءَ جي لبادي ۾ موجون ماڻيندي وتي. انهيءَ ڪري ئي ماڻهو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ وساري ويٺا آهن. مون کي به پرکڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي، ڏو هه هن جو هو يا ڏوهه ڏيندڙ ن جو هو يا ڏوهه وٺندڙن جو هو، يا ڏوهه نڪاح پاڙهيندڙن جو هو يا ڏوهه ان عمل م شريڪ ٿيندڙن جو هو؟ سڀ ڏوهاري، ها گنھگار. ڪنهن تي، سنگ باري ڪجي. ڀل لفظن جي ئي.
مون جڏهن اها خبر ٻڌي هئي، تڏهن پنهنجيءَ پر ۾ سڀني کي هڪ جيترو ڏوهي قرار ڏنو هوم. اهو ئي سبب آهي جو هن جي زندگيءَ جي آخري رڙ جا مون ويجهائيءَ کان ته نه ٻڌي هئي، اها سفر ڪندي، مُندن ۽ فضائن سان جهيڙيندي هاڻ اچي مون تائين رسي آهي ۽ مون کي پريشان پئي ڪري، حقيقت ۾ ذهن کي جهنجهوڙي رهي آهي ته آئندهه گيدي نه بڻج، سچ کي سچ چئي ڏج. پوءِ مچ مچي ته ڀل مچي.