ڪھاڻيون

آکاڻي – ۲

سنڌ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪهاڻين ۽ عالمي ادب مان چونڊ ڪهاڻين جي ترجمن تي مشتمل آکاڻي سيريز جو سهيڙيندڙ ستار پيرزادو آھي.
ھن ڪتاب ۾ حميد سنڌي، رسول ميمڻ، ستار پيرزادي، جان خاصخيلي، امرلال هنگوراڻي، آسانند مامتورا، شمس نورالدين، ثميره زرين، گورداس واڌواڻي، موهن ڪلپنا جون لکيل سنڌي ڪهاڻيون شامل آھن، جڏھن تہ پرڏيهي ادب مان خليل جبران، سعادت حسن منٽو، موپاسان ۽ گرهام گرين جون ڪهاڻيون شامل آھن جن جو سنڌي ترجمو ستار پيرزادي، ولي رام ولڀ، جيوت چاولا ۽ ميمڻ علي بخش ڪيو آھي.
Title Cover of book آکاڻي – ۲

دوست

منهنجا دوست، مان اهو نه آهيان. جيڪو نظر ٿو اچان. منهنجو ظاهر ته اصل ۾ منهنجو لباس آهي. هائو، فڪر ۽ ڏک ڀريو هڪ لباس، جيڪو مون کي تنهنجن سوالن کان پناهه ۾ رکي ٿو ۽ توکي منهنجي بي اعتماديءَ جو گلا گو ڪرڻ کان بچائي ٿو. منهنجو روح خاموشيءَ جي پردن ۾ لڪل آهي ۽ هميشه اتي لڪو رهندو، نه ان کي ڪو ڏسي سگهندو ۽ نه ئي ڪو ان تائين پهچي سگهندو.
اي منهنجا دوست، مان ائين نه ٿو چوان ته مان جو ڪجهه چئي رهيو آهيان، تون ان کي سچ سمجهه ۽ جو ڪجهه مان ڪريان ٿو، تون ان جي تائيد ڪر، ڇو ته منهنجيون ڳالهيون منهنجيون ناهن پر تنهنجن ئي خيالن جو پڙاڏو آهن ۽ منهنجا افعال تنهنجيون ئي اميدون آهن، جيڪي مجاز جي لباس ۾ ظاهر ٿين ٿيون.
منهنجا دوست، جڏهن تون چوين ٿو ته هوا جو رخ اوڀر ڏانهن آهي، تڏهن مان هاڪار ٿو ڪريان ته برابر هوا جو رخ اوڀر ڏانهن آهي. ڇو ته مان توکي نه ٿو ٻڌائڻ چاهيان ته ان ويل منهنجي ذهن جي هوا جي بدران سمنڊ جو خيال آهي. تون منهنجي بيچين خيالن جي گهرائيءَ تائين پهچي نٿو سگهين ۽ نه مان ئي چاهيان ٿو ته تون انهن جي تري تائين پهچين، ڇو ته مان سمنڊ تي اڪيلو ئي رهڻ ٿو گهران.
منهنجا دوست، جڏهن تولاءِ ڏينهن هوندو آهي، تڏهن مون لاءِ رات هوندي آهي. ان هوندي به مان منجهند جي انهن سونهري ڪرڻن جي ڳالهه ڪندو آهيان، جيڪي پهاڙن تي ناچ ڪندا رهندا آهن. ۽ ان ارغواني ڇانوري جون ڳالهيون ڪندو آهيان، جيڪو واديءَ جي هوريان هوريان ڇائبو ويندو آهي. ڇو ته تون منهنجين اونداهين جا گيت ٻڌي نه سگهندين ۽ نه ستارن وٽ مون کي پر ڦڙڪائيندي ڏسي سگهندين. منهنجي دل به اهو ئي چاهي ٿي ته تون منهنجا گيت نه ٻڌي سگهين نه منهنجي پرن کي ڦڙڪندو ڏسي سگهين. ڇو ته مان رات جو اڪيلائيءَ ۾ ئي رهڻ پسند ڪندو آهيان. منهنجا دوست جڏهن تون پنهنجي جنت ڏانهن پرواز ڪندو آهين، تڏهن مان پنهنجي دوزخ جي اونهائين ۾ لهي ويندو آهيان. ان وقت به تون مون کي اپار خليج ۾ سڏيندو آهين.
منهنجا همدم، منهنجا ساٿي، مان توکي ”منهنجا ساٿي، منهنجا همدم“ چئي جواب ڏيندو آهيان، ڇو ته مان نه چاهيندو آهيان ته تون منهنجي دوزخ کي ڏسين، ڇو ته ان جون ڄڀيون تنهنجين اکين جي نظر کي چنجهو ڪري ڇڏينديون ۽ ان جو دونهون تنهنجو ساهه بند ڪري ڇڏيندو. مون کي پنهنجي دوزخ سان ايتري محبت آهي جو مان نه چاهيندو آهيان ته تون اتي اچين. مان پنهنجي دوزخ ۾ اڪيلو ئي رهڻ پسند ڪندو آهيان.
منهنجا دوست، توکي سچ، سونهن ۽ سئين واٽ سان محبت آهي ۽ مان به تولاءِ ايئن ڀائيندو آهيان ته انهن شين سان توکي محبت ڪرڻ بجا ۽ لازم آهي، پر مان دل ۾ تنهنجي ان محبت تي کلندو آهيان. ان جي باوجود به مان اهو نه چاهيندو آهيان ته تون منهنجي اها کل ڏسي سگهين، ڇو ته مان کلڻ لاءِ به هيکلائي پسند ڪندو آهيان.
منهنجا دوست، تون نيڪ محتاط ۽ جهانديده آهين، مان ڄاڻا ٿو ته تون هر ڳالهه ۾ نرالو آهين منهنجا دوست. ان ڪري مان به توسان سوچي سمجهي ڳالهيون ڪرڻ چاهيندو آهيان. ان جي باوجود به مان ديوانو آهيان ۽ پنهنجي ديوانگيءَ کان ڌار رهڻ پسند نه ڪندو آهيان، منهنجا دوست، حقيقت ۾ تون منهنجو دوست ناهين، منهنجا دوست، پر مان توکي اهو ڪيئن سمجهايان ته منهنجو رستو تنهنجي راهه کان مختلف آهي. ان جي باوجود به اسين هٿ ۾ هٿ ڏئي، گڏجي هلي رهيا آهيون.