ايرکا: ثميره زرين
هن جي دل چاهيو پئي ته جيڪر هو نه وڃي ۽ فون تي معذرت ڪري ڇڏي. پر پوءِ ڳالهه اها هئي، جو مسٽر سعيد جڏهن پهريون هتي چارج وٺي ساڻس ملڻ آيو، ته هي هتي ڪين هو. هنيئر وري ڊنر تي اچڻ لاءِ انويٽيشن موڪلڻ کان پوءِ به فون تي جنهن خلوص سان اچڻ جو اصرار ڪيو هو، تنهن کي هو ريٽي ڪين پئي سگهيو. ناواقفيت هجڻ ڪري هو سندس نه وڃڻ تي ڪنهن غلط فهميءَ ۾ پئجي سگهيو ٿي. ان ڪري رياض کي وڃڻو پيو.
هن واچ ۾ ٽائيم ڏٺو، پوڻا ست ٿيا هئا. اڃا سوا ڪلاڪ باقي هو. تنهن ڪري هو بي فڪريءَ سان بلئنڪيٽ مٿان وجهي ريڊرس ڊائجسٽ جا ورق اٿلائڻ لڳو.
ائين ڪندي کيس هرو ڀرو پڙهڻ جو خيال به ڪين هو، پر پنهنجي عادت کان باز به ڪين اچي سگهيو ۽ رابرٽ ٿامس ايلين جي لکيل ”بٽ آءِ لائيڪ ٽو فائٽ وٿ مائي وائيف “ پڙهڻ ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو، جو کيس ياد ئي ڪين رهيو ته اٺ ٿيڻ ۾ باقي ٿورو ٽائيم مس آهي ۽ نسرين تيار ٿيڻ لاءِ ڪڏهن جو پنهنجي ڊريسنگ روم ۾
وڃي چڪي آهي.
هو مدهوشيءَ کان تڏهن سجاڳ ٿيو، جڏهن نسرين تيار ٿي ٻاهر نڪتي. هن کي ايئن بيپرواهيءَ سان پڙهڻ ۾ مشغول ڏسي چڙ مان چيائين:
”اُف هي تنهنجا ڪتاب – جڏهن ڏس ته ڪتاب ۾ ئي منهن پيو آهي، ڀلا ڊنر تي ڪين هلڻو آهي ڇا؟“
سندس ناراضگيءَ جو ذرو به اثر قبول نه ڪندي رياض مرڪي چيو : ” پر ايني ڏس ته آئون پڙهان ڇا ٿو؟“ ائين چئي هن اسٽوريءَ جي هيڊنگ کڻي هن جي سامهون ڪئي. نسرين مرڪي چيو : ”واهه واهه مبارڪ خيال آهي.“
رياض بناوٽي اداسيءَ مان چيو :”پر افسوس منهنجي اها حسرت ڪڏهن به پوري ٿي نه سگهي. انهيءَ ۾ ڏوهه به سڄو تنهنجو آهي. ڀلا ڪوئي ايڏو پيارو نه لڳي ته ڪنهن کي گتي پئي آهي، جو ايئن پيار ڪندو وتي.“
نسرين کان ٽهڪ نڪري ويو. ”ها، عقلمند به انهيءَ کي ٿو چئجي، جو ماڻهو پنهنجيون ڪمزوريون ٻئي مٿان مڙهي سگهي. چڱو ڀلا هاڻي جلد تيار ٿي وٺ.“
نسرين کان ٽهڪ نڪري ويو.”ها عقلمند به انهيءَ کي ٿو چئجي، جو ماڻهو پنهنجيون ڪمزوريون ٻئي مٿان مڙهي سگهي. چڱو ڀلا هاڻي جلد تيار ٿي وٺ.“
رياض بلئنڪيٽ پري ڪري اٿي کڙو ٿيو. هن کي چرچو سمجهي آيو. اوٻاسي ڏيندي چيائين :” اونهون سعيد وڃي کڏ ۾ پوي، اسان ڪو نه ٿا هلون.“
ائين وري ڪيئن ٿيندو اڳ ۾ چوين ها ته مان تيار ڪو نه ٿيان ها؟“
”اڙي تڏهن تون تيار ٿي آئي آهين، ڀلا ڏسان ته............“
ائين چئي هن ڏانهنس نهاريو ته ڏسندو ئي رهجي ويو. پيڪاڪ بلو رنگ جي سلڪ جي ساڙهي ۾ هن جو سڊول جسم يوناني تراشيل مجسمي جيان لڳو. هو اڪثر ميڪ اپ ڪين ڪندي هئي. پر اڄ ڪيو هئائين. هوءَ سچ پچ بيحد خوبصور نظر پئي آئي. هن مرڪي کيس چيو :” چنڊ به ڪيئن چوانءِ، ايني، جو ان ڏينهن لائيف مخزن ۾ شايع ٿيل چنڊ جون ويجهي کان نڪتل تصويرون ڏسي هاڻ ايئن چوڻ جي همٿ ئي نٿي ٿئي. هنيئر مان ته منجهي پيس ته توکي ڪنهن سان تشبيهه ڏيان؟“
”آئون به توکي چڪور ڪيئن چوان جو چڪور ته ننڍڙو پکي آهي. تون پکي ته ڪو نه آهين ۽ پر به ڪو نه اٿئي.“
ائين چئي ٻئي کلي ويٺا، ”بس هينئر چرچو ختم، هاڻي جلد تيار ٿيءُ.“ نسرين کيس ياد ڏياريو. رياض چپٽي وڄائيندي چيو: ”منٽن ۾. ڀلا مان عورت ٿوروئي آهيان، جو مون کي هيئر ڊريسنگ ۽ ميڪ اپ ڪندي گهڻي وقت جي ضرورت ٿئي؟“ تڪڙو ڪپڙا بدلائي، هو ٻاهر نڪتو ۽ ٽاءِ ڳلي ۾ وجهي، هن نسرين اڳيان ٿورو ڪنڌ جهڪايو. هوءَ سندس مطلب ته سمجهي وئي ۽ ٽاءِ جي ناٽ ٻڌڻ لڳي ته رياض آهستي سندس وارن مان گل ڪڍي ورتو، ”ويچارو معصوم گلڙو . ڏس ته ڪيڏو نه ڊنل ٿو نظر اچي. تنهنجن ڪارن ريشمي وارن ۾؟ “ ائين چئي هن گل پنهنجي ڪوٽ جي ڪالر ۾ وجهي ڇڏيو.
نسرين هٿ وڌائي گل ڪوٽ مان ڪڍي پلنگ تي اڇليندي ساڳئي نوع ۾ چيو، ”ويچارو معصوم گلڙو ڏس ته ڪيڏو نه ڊنل ٿو نظر اچي، تنهنجي ڪاري ڪوٽ ۾. سمجهي ٿو شايد ڪنهن گهوٽ جي ڪوٽ جي زينت بڻيو آهيان. جيڪو پنهنجي ڪنوار ڏسندي ئي، مون کي وساري ڇڏيندو.“
رياض کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويو. کلي چيائين، ”تو ۾ شرارت نه هجي ها ته آءٌ توسان شادي ئي نه ڪريان ها.“
” ۽ مان به.“
ڪار ڊرائيو ڪندي اوچتو هن کي ياد آيو.
”ايني ڀلا، تون مسٽر سعيد جن کي سڃاڻين؟“
نسرين ڪنڌ لوڏي ناڪار ڪئي.
رڪارڊ پليئر تي ڌيمي سر تي ٽينگو جو ن ڌنون وڄي رهيون هيون. ڊرائينگ هال مان سگريٽ ۽ سينٽس جي مليل خوشبو جو هڳاءُ پئي آيو.
هو اندر آيا ته ميزبانن هنن جو پُرتپاڪ خيرمقدم ڪيو. نسرين، سعيد کي ڏٺو ته ڪا گهڙي هڪي ٻڪي رهجي وئي. مسز سعيد ته نه البت سعيد هن جو واقف نڪري پيو. هن حيرت مان چيو،”اڙي سعيد تون. مون کي سچ پچ خبر نه هئي، نه ته آءُ.............“
سعيد لڪل تنز مان وراڻيو، ”پر مون کي ته اها خبر هئي ته مسز رياض نسرين آهي.“
رياض پنهنجي چرچائي عادت کان باز رهي نه سگهيو. کلي چيائين، ”تڏهن افسوس چئبو جو مسز سعيد منهنجي واقف نه نڪتي.“
مسز سعيد گهڙيءَ لاءِ پنهنجي موٽي جسم کي وساري ڪنوار ٻوٽيءَ جيان شرمائجي وئي.
هو هلي صوفي تي ويٺا ته نسرين، رياض کي ٻڌايو ته ” ٻه اڍائي سال اڳ هي اسان جو پاڙيسري ٿي رهيو آهي ۽ منهنجي ساهيڙي شميم جو ڀاءُ به ٿئي.“
”اسان تن ڏينهن ۾ شايد هڪ شام گڏجي گذاري هئي،“سعيد نه ڄاڻ ڪهڙي جذبي تحت چيو.
رياض؛ سعيد کي ڏٺو. هو کليل ڪڻڪائي رنگ جو قداور جوان هو ۽ ڪافي سمارٽ پئي لڳو. هن جي اکين جي چمڪ ڏسي، اهو اندازو چڱيءَ طرح پئي ٿي سگهيو ته هو پوليس کاتي لاءِ بلڪل فٽ ماڻهو آهي. ۽ انهيءَ ماحول جي سختين ۽ بدمعاشين کان آجو ڪين رهي سگهيو آهي.
سندس مسز رنگ جي ته ڪافي سفيد هئي پر موٽي ايتري هئي جو ڪنهن به
طرح سعيد جي زال نه پئي معلوم ٿي. هر ملندڙ کيس ڏسي سعيد جي قسمت
تي افسوس ڪرڻ کانسواءِ ڪين رهي پئي سگهيو.
مجموعي طور سعيد ڪافي دلچسپ ماڻهو هو. رياض جلد هن سان بيتڪلف ٿي ويو. نسرين، مسز شيخ ۽ مسز سعيد سان ڳالهين ۾ مشغول ٿي وئي. مسز سعيد سان ملي کيس محسوس ٿيو ته هوءَ ذهني طور بلڪل بي وقوف قسم جي عورت آهي. ’الائي سعيد جهڙي جذباتي ۽ چالاڪ ماڻهوءَ جو هن سان ڪيئن نباههُ ٿيندو هوندو؟‘ نسرين سوچڻ لڳي.
اٽڪل ٻه اڍائي سال اڳ، نسرين ويڪيشن گذارڻ لاءِ دل ئي دل ۾ وڏا پروگرا بڻائي گهر آئي هئي. ته اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ سندس پڦي مري وئي، جنهن جي تعزيت وغيره جي ڪري هنن کي تفريحي پروگرامن کان گهڻا ڏينهن پاسو ڪرڻو پيو. سندس ماساتيون، پروين ۽ خالده، به گرميون گذارڻ زيارت هليون ويون هيون. سو اڪيلي حويلي هن کي کائڻ پئي ايندي هئي. انهن ڏينهن ۾ سعيد جن، سندس پاڙي ۾ پنجن سالن کان ڇڏيل خالي جاءِ تي اچي رهڻ لڳا هئا. کين ڏسي نسرين کي ڄڻ ساهه پئجي ويو، مڙيوئي وقت گذارڻ لاءِ ڪا دلچسپي ته ملي.
توڙي جو سعيد جن سان ملي هن کي پتو پئجي ويو ته، هي ماڻهو خوشامد پسند ۽ خوشامد ڪرڻ وارن مان آهن. سندس ڪو جملو پوءِ ڍائيءَ کان خالي نه هوندو هو. سندن گفتگو اڪثر هن قسم جي هوندي هئي، ”ڪالهه شميم کي جيڪا نئلان جي ساڙهي پاتل هئي، اهڙي مون فلاڻي مسنٽر جي بيگم کي ڪاڪ ٽيل پارٽيءَ ۾ ڏٺي هئي. انهيءَ ڏينهن پاڻ جنهن سيٽ تي چانهه پيتي سين اهو ڊيڊيءَ کي هڪ دوست بيجنگ مان گفٽ طور موڪليو هو.“
”هو پولو شرٽ جيڪا سعيد کي پئي آهي، اها کيس سندس هڪ دوست پنسلوانيه مان موڪلي آهي ۽ هوءَ پينٽ جيڪا ان ڏينهن پئي هئس سا هڪ آمريڪي دوست ڪئليفورنيا مان موڪلي اٿس. انهيءَ جي خصوصيت اها آهي جو ان جي ڪريز گهڻي دير تائين خراب نه ٿيندي آهي.“ وغيره............
اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه هن کي ڪڏهن بيزار به ڏاڍو ڪندي هئي. جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو ئي درخت. جيان مڙيوئي نباهڻو پيس، ڀلا هيڏو سارو جبل جيڏو ڏينهن هوءَ ويهي ڪري ته ڇا ڪري؟ ڪتابن سان بنهه ڪو نه پوندي هئس. ڪاليج جي پڙهائيءَ سان لاچار پئي نباهيائين، ذهين هئي نه ته هر سال فيل ٿيڻ جو اعزاز کڻڻو پويس ها. ان جي باوجود هوءَ ڪاليج ۾ ڏاڍي هر دلعزيز هئي. سندس پارٽ وٺڻ کان سواءِ ڪنهن فنڪشن جي ڪاميابي ناممڪن نظر ايندي هئي. ڪامن روم ۾ هن جي اچڻ کان پوءِ ڄڻ ٽهڪڙن جو جلترنگ شروع ٿي ويندو هو. اها طبعي مسرت هن جي چهري تي به صاف نمايان هوندي هئي. هن جو مکڙو سدائين گل جيان پيو ٽڙندو هو.
عادت موجب هوءَ سعيد جن سان به جلد بي تڪلف ٿي وئي. هن جي عادت لاپرواهه ۽ حد درجي جي پُرخلوص قسم جي ته هونئن ئي هئي، ويتر جو سعيد ۽ شميم هن کان ٻه چار سال ننڍا هئا، تنهن ته هن کي ذري به احتياط جي ضرورت محسوس ڪرڻ ڪين ڏني.
سعيد انٽر آرٽس پڙهي رهيو هو ۽ شميم بي اي جي آخري سال ۾ هئي. سعيد جي قابليت جو پتو ان ڳالهه مان بخوبي پئجي سگهيو ٿي ته هن مئٽرڪ ٽئين سال پاس ڪئي هئي. هن ته پهريون درجو انگريزيءَ جو پڙهڻ کان ئي ڪاليج جي رنگينين جا خواب لهڻ شروع ڪيا هئا. پر ڪمبخت مئٽرڪ کي به هن سان ڪو وير هو. جو ڪاليج ۾ گهڙڻ ئي ڪو نه پئي ڏنائينس. نيٺ مس مس جڏهن هِتان هُتان جي ڊُڪَ ڊوڙ کان پوءِ جند آزاد ٿيس ته بسم الله ڪري دل تريءَ تي رکي ڪاليج ۾ گهڙي پيو.
گهرندڙ کي ڪير نه گهري، شڪل صورت به متاثر ڪندڙ هئس. ڏينهن ۾
ڏهه رومان پيو لڙائيندو هو.
هن دفعي مائٽن جي اصرار تي لاچار ڳوٺ آيو، پر پوءِ نسرين کي ڏسي سندس ناگواري پر ڪري اڏامي وئي، هنيئر اها شام نه هوندي هئي، جيڪا هنن گڏ نه گذاري هجي.
هڪ دفعي شام جو شميم پنهنجي مائٽن سان ملڻ وئي. سعيد کي به تنهن ڏينهن ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ وڃڻو هو، هوءَ باغ ۾ چپ چاپ ويٺي رسالو ”مرر“ ڏسي رهي هئي ته پريان سعيد کي ايندو ڏٺائين. کيس خبر هئي ته هو مئچ ڏسڻ پئي ويو. پر هيئنر جو وٽس آيو آهي ته ظاهر هو ته کيس پنهنجي پينٽ جي ڪريز ۽ جئڪيٽ جي خوبصورتي ڏيکارڻ کان سواءِ ٻيوخيال ڪين هوندس !!. نسرين کي مذاق سجهي آيو. هن کانئس پڇيو، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
”.......................!!“
”چڱو اچ ته بيڊ منٽن کيڏون، طبيعت سست پئي معلوم ٿئي.“
هو اڃا کيس ڪجهه چوي، تنهن کان اڳ نسرين رئڪيٽ کڻي اچي هن جي هٿ ۾ ڏني. هو چپ ته ڏاڍو ٿي ويو، پر هينئر ڪري ته ڇا ڪري؟ ڀلا هيءَ به ڪا راند هئي؟ گل جي ماپ جيترو شٽل ڪاڪ ۽ ٽاريءَ مثل نازڪڙي رئڪيٽ ڀڃي ٻه اڌ ڪري، هتان هليو وڃي. نسرين کيس سوچ ۾ ڏسي، پنهنجي شرارتي مرڪ لڪائي لاڏ مان چيو، ”هل نه، ڇا پيو سوچين؟“
تڏهن الائي ڇو کانئس انڪار ڪرڻ پچي نه سگهيو. دل ئي دل ۾ سڙندو پچندو، هو بيڊمنٽن ڪورٽ ڏانهن هليو. پر سندس، ناگواري گهڻو وقت هلي نه سگهي. هن جون بکايل اکيون نسرين کي کيڏندي سندس جسماني چر پر جو جائزو وٺي رهيون هيون ۽ اها ڳالهه هن لاءِ ڪنهن به طرح ڪرڪيٽ کان گهٽ دلچسپ ۽ گهٽ اهميت واري ڪين بڻي. جڏهن نسرين ڏٺو ته سندس وڃڻ جو ٽائيم بنهه نڪري ويو، تڏهن رئڪيٽ اڇلي چيو، ”بس هيئنر مان ٿڪجي پيس.“ ائين چوندي هوءَ اندر هلي وئي.
ٻئي ڏينهن هن شميم کي سعيد جي اها ڀوڪپائي ٻڌائي ڏاڍا ٽهڪ ڏنا هئا.
***
هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي البم ۾ پنهنجا نوان پرنٽ ٿيل فوٽو لڳائي رهي هئي ته شميم وٽس لنگهي آئي ۽ سندس هڪ تصوير، جيڪا سڄي البم ۾ بيحد سٺي هئي، اها ايلاز ڪري وٺي هلي وئي. نسرين دل ئي دل ۾ پنهنجي سٺي تصوير جي کڄي وڃڻ تي خار کائيندي رهي.
”مصيبت آهي هنن جي دوستي به. انڪار ڪيم ته به تصوير کڻي وئي.“ سندس موڪلون ختم ٿيون ته هر ڪو پنهنجي پڙهائيءَ کي وڃي لڳو. نسرين کي مشغولين ۾ اها نئين دوستي ياد به ڪين رهي.
سياري جي موڪل ۾ هوءَ گهر آئي ته کيس پتو پيو ته سعيد جن به هفتو اڳ اتي آيل هئا. رسمي طور هوءَ ساڻن ملي ته سهين، پر هيئنر کيس انهن جي بڪواس برداشت ڪرڻ جي ضرورت ڪين هئي. ڇو ته خالده جن گهر ۾ ئي هيون ۽ نه ئي هو ڪو هن لاءِ ويٺا هئا. هوءَ آئي ته وري اڳي جيان اچڻ وڃڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنائون. هڪ ڏينهن هنن کيس پنهنجي گهر چانهه جي دعوت ڏني.
هوءَ شام جو سندن گهر وئي. تنهن ڏينهن هنن ڊائننگ ٽيبل اهڙي ته اهتمام سان سينگاري هئي، جو هوءَ سمجهي نه سگهي ته آخر اهڙي طرح اثر ويهارڻ جو سبب ڪهڙو هو؟
هو ٽيئي ڳالهين ۾ مشغول ٿي ويا. نوڪر چانهه تيار ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ته سڀ اٿي کڙا ٿيا. نسرين پنهنجو اوور ڪوٽ پئي لاٿو ته سعيد ويجهو اچي کيس چيو :
”افسوس جو اسان وٽ ڪو اهڙو ڄاڻو سکيل نوڪر ڪونهي، جيڪو پارلر
مين جا فرائض سرانجام ڏئي سگهي. بهرحال آئون تنهنجي هيءَ خدمت
ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
پارلر مين رکڻ جو رواج ته مغربي ملڪن ۾ هو. هتي وچولي طبقي کي نه ته ملاقاتين لاءِ خاص نوڪر رکڻ جي ضرورت هئي ۽ نه وري سندس رواج ۾ داخل هو. نسرين کي سعيد جي اهڙي ذهنيت تي دل ئي دل ۾ کل اچي وئي، ڄڻ لاٽ جو پُٽ هجي. جو ملاقاتين لاءِ الڳ نوڪر رکندو !.
هن سوچيو ۽ کلي چيائينس: ” مون کي ڪهڙو اعتراض، البت توکي سو ڊائيننگ ٽيبل تي بنهه نوڪر جيان سَروَ ڪرڻو پوندو.“
سعيد جهومندي چيو، ”منظور آهي.“
ڪوٽ لاهيندي هن جا هٿ ڄاڻي واڻي نسرين جي ڪلهن ۽ ٻانهن کي ڇهندا ويا. نسرين جي چهري تي ناگواري گذري وئي سندس انگريزيت جي حد کان وڌيڪ مظاهري کان تنگ ٿي، موٽندي آخر هن کيس چئي ڏنو، ”سعيد ! اسان ته توکي يورپي سمجهڻ لاءِ تيار آهيون، پر خدا جي واسطي انگريزيت جو ايڏو مظاهرو ته نه ڪندو ڪر. جملي ۾ انگريزي ٽنبي تو سنڌيءَ جو اهڙو ته ستيا ناس ڪيو آهي، جو ٻئي ڪنهن نه ڪيو هوندو؟“
پر هن جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن هن لڄي ٿيڻ بدران چيو، ”ڇا، سچ مان يورپي ٿو لڳان؟“
”ها، اهڙو جهڙو هر نقلي شئي لڳندي آهي.“ هن آهستي ڀڻڪيو. پارٽيءَ تان موٽڻ بعد سعيد متعلق هن جو اهو ئي خيال هو ته هو حد کان وڌيڪ چرٻٽ ڇوڪرو آهي.
هو رات جو ٽرين ۾ ڪراچيءَ پئي ويو. نسرين پنهنجي ڪمري ۾ ليٽي پئي هئي ته اوچتو سعيد اندر گهڙي آيو. هوءَ کيس ڏسي اٿي کڙي ٿي ويٺي.
سعيد هتان هتان جي ڳالهين کان پوءِ کيس چيو، ”مون کي توکي ڪجهه چوڻو آهي. ڪير ڄاڻي هن کان وري پوءِ اهو موقعو ملي يا نه؟“
”نه، نه ڀلي چئو، ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
پوءِ سعيد سون ڪتابن جو نچوڙ هڪ عبارت ۾ پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو.”آءِ لو يو، نسرين.“
نسرين جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون. گهڙي کن لاءِ ته هوءَ گم سم بيٺي رهي. نيٺ هڪ سوال هن جي واتان نڪتو، ”پر تنهنجي دل ۾ آخر اهو ويچار ڪيئن آيو؟“
سعيد اکيون کڻي مٿي ڏٺو. نسرين جي نگاهن ۾ نه ته پيار جي جهلڪ هئي ۽ نه شرم آميز خوشي. هن جي نظرن ۾ سواءِ حيرت جي کيس ٻيو ڪجهه نظر نه آيو.
”ڀلا مان ڇا سمجهان؟“ سعيد چيو.
”اوهه مان هن سلسلي ۾ وڌيڪ هڪ اکر به ٻڌڻ نه ٿي چاهيان، تون هتان هڪدم هليو وڃ. “ نسرين عجيب پريشانيءَ مان سخت لهجي ۾ چيو.
ناڪامي ۽ شرمندگيءَ جي احساس کان سعيد جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا. ڪاوڙ مان نسرين جي هٿن جون مٺيون ڀڪوڙجي ويون. هن جي دل ۾ آيو ته جيڪر هن کي زور سان اهڙي چماٽ هڻي ڪڍي جو سندس آڱرين جا نشان هن جي ڳلن تي ڄمي وڃن ۽ هن جي اکين مان حيرت پر ڪري اڏامي وڃي. جوش ۾ هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.
”ڪمبخت، بيوقوف !“
سعيد هليو ويو پر نسرين دير تائين گم سم ويٺي رهي، هن جي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. کيس سعيد تي ڪاوڙ کان وڌيڪ حيرت ٿي رهي هئي. هوءَ کانئس گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه سال وڏي هئي. آخر کيس اهڙي بيوقوفاڻي حرڪت ڪرڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ پاڻ سان وڏيءَ سان عشق، سو به ايڏي بيباڪيءَ سان ! هن کي سعيد جي ذهنيت کان بڇان اچڻ لڳي. اُف اهڙا انڌا جذبا. هن کي ويچار آيو ته سندس ضرورت کان وڌيڪ بي تڪلفي ۽ لفٽ به سعيد کي هن بيوقوفاڻي حرڪت جي همٿ ڏني هوندي. ”توبهه مصيبت آهي، ڪمبختن سان کلي ڳالهاءِ ته ڳلي پئجي ويندا.“ هن پنهنجي منهن ڀڻڪيو.
اها رات سو ڪافي دير هوءَ سعيد متعلق سوچيندي رهي، پر پوءِ هو هن جي ذهن تان هڪ بي ربط خواب جيان ميسارجي ويو.
ان کان پوءِ سعيد وري ساڻس ڪو نه مليو.
انهن ڏينهن ۾ هن جي رياض سان بيحد مختصر ملاقات ٿي. هو سندس پرانهون مائٽ هو. سندس سنجيدگي ۽ خوش مزاجي نسرين جي دل ۾ گهر ڪري وئي ۽ هو ٻئي هڪ ٿي ويا.
سندن شاديءَ کي ٻه سال گذري چڪا هئا. رياض نهايت صاف دل ۽ بيپرواهه قسم جو جوان هو. توڙي جو نسرين ۽ هن جي خيالن ۾ ڪافي اختلاف هو، پر ان جي باوجود هنن جي وچ ۾ ڪڏهن تلخي پيدا نه ٿي هئي. هوءَ رياض جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي ۽ رياض هن جي رت جي ڦڙي ڦڙي ۾. اهڙيءَ صورتحال ۾ سعيد هن لاءِ هڪ وسريل واقعي کان وڌيڪ ڪا اهميت ڪ نه پئي رکي.
اڄ اوچتو سعيد کي ڊي ايس پي بڻيل ڏسي هن کي ڪجهه حيرت به ٿي ۽ ان سان گڏ هن کي سندس آخري ملاقات به ياد اچي وئي.
****
مسز سعيد ڊائيننگ ٽيبل نظر مان ڪڍي هلي وئي. پروفيسر زيديءَ کيس چيو، ”ڪيئن، بيگم رياض، اڳئين دفعي ته توهان سنڌي ڪڙميا ڻي بڻجي، فينسي ڊريس ۾ فرسٽ پرائز حاصل ڪيو هو، هيئنر ڇا بڻجڻ جو ارادو آهي؟“
”آءٌ هينئر ئي ٻڌائي ڇڏيان ته توهان جي سڃاڻڻ جي لياقت جو پتو ڪيئن پوندو؟“ نسرين مرڪي چيو.
سيعد چوڻ لڳو، ”پر ڪنهن ماڻهوءَ جي ارڪانن ۾ اهڙي خصوصيت هوندي آهي، جو لکن جي ميڙ ۾ ڪهڙي به لباس ۾ هجي، سڃاڻڻ ۾ دير نه لڳندي آهي. ڀانيان ٿو ته بيگم رياض انهن منجهان آهي.“
ايتري ۾ نوڪر ڊنر لڳڻ جو اطلاع ڏنو، ته سڀ ڳالهين کي ڇڏي اٿي کڙا ٿيا.
نسرين ڊائيننگ ٽيبل ڏانهن پئي وئي ته سندس ڀرسان لنگهندي سعيد کيس سرگوشي ڪئي، ”مسز رياض آءٌ اڄ به توهان لاءِ پارلرمين جا فرائض سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“
نسرين جي بد ن ۾ ڄڻ باهه لڳي وئي. هن ڪافي گھري ۽ طنزيا لهجي ۾ چيو، ”آءٌ مغربي تهذيب کي اول کان آخر تائين پنهنجو ڪرڻ پسند ئي ڪو نه ٿي ڪريان، تنهن ڪري اهو سوال ئي نٿو اٿي ته تون مون لاءِ پارلر مين بڻج.“
جوش ۾ سندس آواز ڪجهه وڏو ٿي ويو. غير ارادي طور تي رياض منهن ڦيري کيس ڏٺو. سعيد جون اکيون جهڪيل ۽ نسرين جي چهري تي ناراضگي ڏسي هو ڪجهه هڪو ٻڪو ٿي ويو، پر پوءِ اڳتي وڌي ڪرسيءَ تي ويٺو. ڊنر کان پوءِ ٿورور گهڻو راڳ جو پروگرام شروع ٿيو. مجموعي طور هيءَ ڊنر پارٽي ڪافي دلچسپ رهي ۽ سڀني ان مان لطف ورتو. جي ڪنهن کي ان مان لطف نه آيو ته اهو هو سعيد جنهن جي رڳن ۾ نسرين کي ڏسندي ڄڻ چڻگون ڀرجي ويون هيون، هن جي ذهن ۾ گهڙي گهڙيءَ اهو خيال پئي آيو ته کيس شادي ڪئي ٻه سال کن گذري چڪا هئا، پر اڄ به سندس چهري تي ڪنوارين جهڙي نزاڪت هئي. ڪو اڻواقف ته کيس ڏسي شادي شده چوڻ جي همٿ ئي نه پئي ڪري سگهيو. ٻئي طرف سندس زال، جيڪا سندس زال ته نه پر ماسي معلوم پئي ٿي. ان کان به وڌيڪ هن جي دل کي بي آرام ڪرڻ واري ڳالهه اها هئي ته نسرين ۽ رياض هڪ ٻئي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئا. اهو اندازو هن جون شاطر نگاهون گهڙيءَ ۾ سهي ڪري ويون هيون. رياض جو ڳالهه ڳالهه ۾ نسرين جو ذڪر ڪرڻ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيو هو ته هوءَ سندس زندگيءَ جي اول ۽ آخر ساٿياڻي هئي، جنهن کان سواءِ هو ٻي ڪنهن هستيءَ بابت سوچڻ لاءِ به تيار ڪين هو. آهستي آهستي سڀ مهمان رخصت ٿي ويا، ان رات هن پنهنجي مقدار کان وڌيڪ شرابُ پيتو. سعيد خوش مزاج هو. رياض کي ته اهڙا دوست کپندا هئا، سو هو جلدي ان سان گهرو ٿي ويو.
هفتي کن کان نسرين جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ رياض هميشه جيان پريشان ٿيڻ بدران ڪجهه چپ چپ پئي لڳو. صبح کان وٺي برسات پئي هئي. نسرين آتشدان جي ڀرسان نٽنگ ڪري رهي هئي. رياض ڀرسان بيدليءَ سان ويٺي سرڪاري ڪاغذات ڏٺا.
نسرين خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو، ”ڪيترا ڏينهن ته آءٌ اڪيلي گهر ۾ ويهي بور ٿيندي رهيس، اڄ سوچيم پئي ته ٻاهر نڪرنديس ته برسات ڪرفيو آرڊر لڳائي ڇڏيو.“
”هيترا ڏينهن برابر تون ساڻ نه هوندي هئينءَ پر تنهنجيون ڳالهيون ته هونديون هيون. ايني، اُن ڏينهن به سعيد تنهنجي متعلق ڪافي دلچسپ ڳاليهون پئي ٻڌايون، مون کي ته ريس پئي ٿي ته آءٌ ان وقت توسان ڇو نه مليو هوس.“
نسرين جي دل الائي ڇو لرزي وئي. هن آهستگيءَ مان وراڻيو، ”ان وقت نه مليئن ته ڪهڙو فرق پيو؟ ڇا هينئر اسين گڏ نه آهيون؟“
رياض جي چپن تي مرڪ ڦهلجي وئي هن آتشدان ۾ باهه جي شعلن ۾ اکيون کپائيندي چيو، ”ڪالهه هن پنهنجو البم ڏيکاريو، ان ۾ تنهنجي هڪ تصوير بيحد سٺي هئي، مون کي ايتري ته وڻي وئي جو دل پئي چيو ته جيڪر کانئس گهران پر پوءِ سوچيم ته هن کان وڌيڪ ته آءٌ توتي هجت رکي سگهان ٿو. سو توکان ڇو نه توکي گهران؟“
نسرين هڪي ٻڪي ٿي وئي، گهٻراهٽ مان چيائين، ”منهنجي تصوير پر اها ته مون شميم کي..............“
رياض سندس ڳالهه تي ڌيان نه ڏيندي چيو : ”ها ايني نيگيٽو ڪاپي آهي توڙي پتو اٿم ته ٻي پازيٽيو، پهرينءَ جهڙي سٺي پازيٽيو ٿي نه سگهندي آهي پر پوءِ پهرين تصوير حاصل ڪرڻ ته منهنجي وس ۾ ئي نه آهي.
ائين چوندو هو هلڪي سر ۾ سينڍ وڄائيندو لئبريريءَ ۾ هليو ويو. سندس لڪل ٽوڪ نسرين جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا. ٻئي ڏينهن سج ساڳيءَ چمڪ سان آسمان تي چمڪي رهيو هو ۽ هر ڳالهه حسب معمول ٿي رهي هئي. فرق رڳو اهو هو ته ڳالهائيندي ڳالهائيندي رياض ڪجهه ماٺ ٿي پئي ويو. نسرين جا گهڙي واندي هئي سو وقت سوچ ۾ گم هئي.
رياض جي اکين جي اداسائي ۽ راز ڀري ماٺ ڪنهن ايندڙ طوفان جو پتو ڏئي رهي هئي. نسرين موقعي جي تلاش ۾ هئي ته کيس ڪجهه چوي، پر رياض ڄڻ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪين پئي ڏٺو. جتي بدگماني پنهنجا پير کوڙي اتي پوءِ کڻين پٿر سان مٿو ٽڪرائجي ته به اعتبار جوڳو ٿيڻ ڏکيو هو. هنن جي وچ ۾ ڄڻ شيشي جي ديوار اچي وئي هئي، جنهن مان هو هڪٻئي کي ڏسي سگهيا ٿي پر هڪٻئي جي احساسن کي محسوس نه ٿي ڪري سگهيا. سڄو ڏينهن بنگلي تي هولناڪ خاموشي ڇانيل رهي جيڪا گونگي زبان ۾ چئي رهي هئي طوفان اجهو آيو، ڪي آيو.
اڄ پروفيسر زيديءَ فون تي رياض کي ٻڌايو، ”سعيد ڏاڍي ڪوشش سان پنهنجو ٽرانسفر ٻي جڳهه ڪرايو آهي ۽ هفتي کن ۾ هو هتان هليو ويندو. ايتري قدر جو هو فيئر ويل پارٽيون وٺڻ لاءِ به ڪين ٿو ترسي.“ هيءَ خبر ٻڌي رياض ائين محسوس ڪيو ڄڻ ڪنهن هن جي دل کي مٺ ۾ جهلي زور سان دٻايو هجي. تڪليف ۽ بيقراريءَ کان هن جي عجيب حالت ٿي جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهڻ لاءِ هن جي دل تيار ڪين پئي ٿي. هينئر ان کي غلط سمجهڻ لاءِ کيس ڪو بهانو نه ٿي ملي سگهيو.
شام جا پاڇا لڙي ويا. رات ستارن جڙيل چادر پهري چؤطرف پکڙجي وئي.
ٻاهر رات جي راڻيءَ جي هلڪي خوشبوءَ بيقرار ڪنهن جي هٿن ۽ وارن کي ڳوهي رهي هئي. بنگلي ۾ خوفناڪ سناٽو ڇانيل هو، رڳو ٻن ڪمرن مان هلڪي روشني اچي رهي هئي. بيڊ روم ۾ نسرين پلنگ تي اونڌي ليٽي سڏڪا ڀري رهي هئي. ڊائيننگ ٽيبل تي رکيل کاڌو ڪڏهوڪو ٺري بيڪار ٿي ويو هو. رياض پنهنجي لئبريريءَ ۾ ويٺو سگار پي رهيو هو. سندس وڏين ذهين اکين ۾ اوجاڳو ۽ الڪو جهلڪي رهيا هئا. هو بي مقصد ڪارنس تي رکيل چغتائي جي تصوير ’حيا‘ کي گهوري رهيو هو.
هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هو رڃ ۾ اڪيلو رهجي ويو هجي، سندس قافلو ۽ سندس مسرتن جا ساٿي کيس ڇڏي اڳتي وڌي ويا هجن. هينئر هن جي آسپاس ڪجهه به ڪين هو، سواءِ رڃ جي............ سندس زندگيءَ جي مسرتن جي راڻيءَ کي ڄڻ ننڊ اچي وئي هئي. جنهن کي هو هنيئر ڪڏهن به سجاڳ ڪري ڪين سگهندو. رات ڪافي لڙي وئي هئي.
رات جي راهي نگهبان چنڊ، پنهنجي بزرگاڻي تجربي کان مجبور ٿي اوسيئڙي وچان ڌرتيءَ کي اونڌاهيءَ ۾ ويڙهيل هڪ بنگلي ڏانهن نهاريو. هن ڏٺو :
ڪنول جي گل جهڙي نازڪ نينگريءَ کي سڏڪا ڀريندي ننڊ اچي وئي هئي. هن جا وار وهاڻي تي پريشان پيا هئا. بيڊ لئمپ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن جي ڳلن تي ڳوڙهن جا نشان نظر اچي رهيا هئا، سندس چهرو بيوهه جيان سوڳوار پئي لڳو. چنڊ کان افسوس وچان ٿڌو ساهه نڪري ويو، هن ٻئي ڪمري ڏانهن نهاريو، جنهن جي روشندان مان تيز تيز روشني پئي آئي، هن ڏٺو آتشدان جي ڀرسان آرام ڪرسيءَ تي هڪ جوان ننڊ ۾ ليٽيو پيو هو، هن جي ٻانهن هيٺ پئي لڙڪي ۽ ٽنگون ننڍي ٽپائي مٿان رکيل هيون. ڀرسان رکيل ايش ٽري ۾ لاتعداد سگريٽن جا ٽوٽا پيا هئا. هن جي ڪشادي پيشانيءَ تي پيل گهنج، هن جي بي آرامي ۽ بيقراريءَ جي غمازي ڪري رهيا هئا. آتشدان ۾ پيل باهه مٿان رَکَ ڄمي وئي هئي. پر هن جي دل ۾ اڃا تائين باهه دکي رهي هئي، جنهن جي شعلن ۾ هن جون مسرتون جلي ويون هيون. جنهن جي تپش کان هن جي اک بار بار کلي ٿي وئي.
ٻاهر باغ ۾ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءَ اڃا تائين بيقرار ڪنهن کي ڳولهي رهي هئي، هوءَ ڪنهن جي هٿن ۽ ڪنهن جي وارن کي پرچائڻ لاءِ بنگلي جي بند دروازن سان مٿو ٽڪرائي رهي هئي، پر کيس اندر وڃڻ جو رستو ڪين پئي مليو، تان جو پرهه ڦٽي وئي ۽ چنڊ اداسائيءَ وچان دور پهاڙن پٺيان لڪي ويو.
(ماهوار ’سوجهرو‘ جي ٿورن سان)