منٽو سال 2012ع
منٽو جا جيڪي افسانا بشير منگيءَ ترجمي لاءِ چونڊ ڪيا آهن، ان ۾ ”کولي ڇڏ“، ”ٽوبا ٽيڪ سنگهه“، ”ڪرامتن وارو مولوي“، ”پيرنِ“، ”ڪاري سلوار“، ”سئوڪينڊل پاور جو بلب“ ”دونهون“، ”بوءِ“، ”ٿڌو گوشت“، ”شريفان“، ”هوءَ ڇوڪري“، ”ڀنگياڻي“ ۽ ”لاري اڏو“ شامل آهن. بشير منگيءَ پاران ترجمو ڪيل تيرنهن افسانن جو مجموعو سنڌي پڙهندڙن جي خدمت ۾ منٽو سال 2012ع جي حوالي سان پيش ڪجي ٿو. اُميد آهي ته چونڊ افسانن وارو مجموعو ”منٽو جا سئو سال“ سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ماڻيندو. بشير منگيءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي ادب جي دنيا ۾ هو شاعر ۽ ڪالم نويس جي حيثيت سان سڃاڻپ رکي ٿو هن وقت ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جهنڊي هيٺان هن جي رهنمائي ۽ خدمتن جو اعتراف سمورا دوست ڪن ٿا. هن ۾ جرئت ۽ بيباڪي به سعادت حسن منٽو واري ئي آهي. منٽو جيئن دليراڻي انداز ۾ لکيو آهي، ان ڪري ترجمو ڪرڻ واري جو به دلير ۽ جرئتمند هجڻ ضروري شرط آهي. ان ڪم لاءِ جنهن جرئتمند ماڻهوءَ جي ضرورت هئي ان لحاظ کان منهنجي چونڊ بشير منگيءَ جي لاءِ درست ثابت ٿي آهي. هن جي محنت ۽ منٽو سان عشق، سنڌي زبان ۾ ويس پاتل چونڊ ڪهاڻين کي پڙهي محسوس ڪري سگهي ٿو.
”ڪُن فيڪون“ ته صرف قادر مطلق وٽ آهي. انسان ۽ هر جاندار کي زندگيءَ ۾ سخت محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. مشهور سائنسدان آئن اسٽائن کان هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويو ته توهان قسمت تي ڪيترو يقين رکو ٿا؟ جواب ۾ آئن اسٽائن قسمت تي يقين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هو صرف محنت تي يقين ۽ ايمان رکي ٿو ۽ جڏهن انٽرويو ڪندڙ پنهنجي ڳالهه يعني قسمت تي يقين ڪرڻ لاءِ زور ڏنو ته آئن اسٽائين انٽرويو ڪندڙ جي دل رکڻ لاءِ چيو ته جيڪڏهن تون زور ڏئي چوين ٿو ته مان زندگيءَ ۾ قسمت جو عمل دخل هڪ سيڪڙو مڃڻ لاءِ تيار آهيان، باقي نوانوي سيڪڙو محنت تي يقين ڪيان ٿو.
بشير منگي ۽ راقم الحروف به آئن اسٽائين وانگر سائنسي انداز فڪر تحت ڪم ڪيون ٿا.سئو سيڪڙو محنت تي ئي يقين رکون ٿا. اڄ اسان جنهن منٽو جي چونڊ ڪهاڻين کي سنڌي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيا آهيون اهو به محنت تي ئي ايمان رکندو هُئو ۽ هو زماني جي تڪليفن گردشن سان مقابلو ڪندي وات مان رتُ وهائيندي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. صرف ٽيتاليهه سالن جي عمر ۾ اردو ادب جي جهول ۾ عظيم شاهڪار افسانا ڏئي ويو. جنهن کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪو به اردو افسانو منٽو جي افسانن کان اڳ ڪڍي نه سگهيو آهي.
عرفان احمد خان (لاهور)