ڪھاڻيون

منٽو جا 100 سال

اردوءَ جي نامياري افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي 13 چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ھن مجموعي جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ ۽ شاعر بشير منگي آھي.
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1176
  • 582
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منٽو جا 100 سال

سئو ڪينڊل پاور جو بلب

هو چونڪ تي قيصر پارڪ کان ٻاهر جتي چند ٽانگا بيهن ٿا، بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي خاموش بيٺو سوچي رهيو هو.
هن پارڪ ۾ ٻه سال اڳ وڏي رونق هوندي هئي ۽ هاڻ اُجڙي ويو آهي. هن باغ ۾ ڪنهن وقت مرد ۽ عورتون خوش لباس ۾ گهمندا ڦرندا نظر ايندا هئا. هاڻي هتي ميرن ڪپڙن وارا واندا موالي بي مقصد ڦيرا ڏيندا ٿا وتن. بازار ۾ گهڻي رش هئي پر اهو مزو ڪو نه هو. جيئن ڪنهن ميلي ۾ هوندو آهي. اوسي پاسي سيمنٽ جون ٺهيل عمارتون پنهنجو رنگ روپ وڃائي چڪيون هيون. مٿي ۾ مٽي، ڦاٽل وات ۽ ڏرا ڏنل اکين سان اهي عمارتون هڪٻئي کي نهاري رهيون هيون. ڪنهن بيوهه عورت وانگر! هُو حيران هو ته اهو ڪجل ۽ اهو سينڌور ڪيڏانهن اڏامي ويو ۽ اهي سُر ڪٿي غائب ٿي ويا جو هن ڪڏهن هتي ٻڌا هئا! گهڻي عرصي جي به ڳالهه ناهي. هو ڪالهه ته (ٻه سال به ڪو عرصو آهي) هتي آيو هو. ڪلڪتي کان جڏهن هن کي هتي هڪ ڪمپنيءَ سٺي پگهار ڏئي گهرايو هو ته هن کي قيصر پارڪ ڀرسان گهڻي ڪوشش باوجود به ڪرائي تي ڪمرو نه ملي سگهيو هو، پر هاڻ ته ڌوٻين ۽ موچين جا فليٽن ۽ ڪمرن تي قبضا آهن.
جتي ڪنهن شاندار فلم ڪمپنيءَ جو دفتر هوندو هو، هاڻي اتي چُلها ٻري رهيا آهن، جتي شهر جون وڏيون هستيون جمع ٿينديون هيون. هاڻ اُتي ڌوٻي ميرا ڪپڙا ڌوئي رهيا آهن.
ٻن سالن ۾ هيڏو وڏو انقلاب!
هو حيران هو پر هن کي آيل اُن انقلاب جو پسمنظر معلوم هو. اخبارن ۽ انهن دوستن وسيلي جيڪي شهر ۾ موجود هئا. انهن ذريعي خبر چار ملي ويندي هئي ته ڪهڙو طوفان آيو. پر هو سوچي ٿو ته هتي ڪهڙو عجيب طوفان آيو هو جنهن عمارتن جا نقش به بدلائي ڇڏيا هئا ماڻهن هڪٻئي کي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ عمارتن جي خشڪ ڪاٺين ۽ سرن سان اهڙو ڪجهه سلوڪ ڪيو هو، هن ٻڌو هو ته ان طوفان ۾ عورتن کي ڪپڙن کان آجو ڪري انهن جي بي حرمتي ڪئي وئي. هاڻي هن جي جيڪو آس پاس هو اهو سڀ اگهاڙو، لٽيل جوانيءَ جهڙو منظر هو.
هو بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي، پنهنجي هڪ دوست جو انتظار ڪري رهيو هو. جنهن جي مدد سان هو پنهنجي رهائش جو ڪو جوڳو بندوبست ڪرڻ چاهي پيو. ان دوست هن کي قيصر پارڪ ڀرسان جتي ٽانگا بيهن ٿا، انتظار ڪرڻ لاءِ چيو هو.
ٻه سال ٿيا جڏهن هو نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هتي آيو هو، تڏهن ٽانگا اسٽينڊ وڏو مشهور هو شاندار ٽانگا تيز رفتار چست گهوڙا هتي سواريءَ جي انتظار ۾ بيٺل رهندا هئا. ڇاڪاڻ جو هتي عياشي جو هر سامان مهيا ٿيندو هو. سٺا هوٽل ۽ ريسٽورنٽ قريب هئا. سٺي چانهه ۽ سٺي ماني ۽ ٻيا لوازمات ترت پورا ٿيندا هئا. شهر جا سمورا دلال هت ملي ويندا هئا. ان حوالي سان قيصر پارڪ ۾ وڏين وڏين پارٽين دوران روپيا ۽ شراب پاڻيءَ وانگر وهندو هو. هن کي ياد آيو ته ٻه سال پهريان هن پنهنجي دوست سان گڏ هتي ڪيئي عياشيون ڪيون هيون. سهڻي کان سهڻي ڇوڪري هر رات هنن جو جهول ۾ هوندي هئي. اسڪاچ مهانگي هئڻ ڪري ملي نه سگهندي هئي. پر هتي هڪڙي منٽ ۾ اسڪاچ بوتل ملي ويندي هئي.
ٽانگا هاڻ به بيٺا آهن پر اهي پتل سان جوڙيل سنج ۽ چمڪ ٽانگن ۾ هاڻي نظر ڪو نه ٿي اچي. هن گهڙيءَ ۾ وقت ڏٺو، پنج ٿيا هئا فيبروريءَ جا ٿڌڙا ڏينهن هيا شام جا پاڇا لڙي چڪا ها. هن دل ۾ پنهنجي دوست تي لعنت ملامت ڪندي سڄي هٿ تي هڪ ويران هوٽل ۾چانهه پيئڻ لاءِ وڃڻ وارو هو ته پويان ڪنهن هن کي آهستي سڏ ڪيو. هن خيال ڪيو ته شايد هن جو دوست آهي، پر جڏهن هن پوئتي ڏٺو ته هڪ اڻ واقف شخص سامهون بيٺل هو. سندس عام شڪل صورت، لٺي جي نئين سلوار جيڪا ڪجهه ميري هئي، نيري ڪلر ۾ پاپلين جي قميص جيڪا لانڍري ۾ وڃڻ لاءِ بيتاب هئي، تنهن کي مخاطب ٿيندي چيو:
“اوهان مونکي سڏيو؟”
هن آهستي جواب ڏنو
“جي”
هن سوچيو ته مهاجر آهي، پني ٿو “ڇا کپئي؟”
هُن جواب ۾ چيو ته
“جي ڪجهه به نه” هن ويجهو اچي چيو “ڪجهه گهرجي توهان کي...؟”
“ڇا؟”
“ڪائي ڇوڪري” اهو چئي هو ٿورو پوئتي ٿيو.
هن جي سيني ۾ هڪ تير لڳو، ڏسو ته ههڙي دور ۾ به ماڻهن جا جنسي جذبا ڳولهيندي ڦرندي رهي ٿو! ۽ پوءِ انسانيت بابت ڪيئي حوصلا شڪن سوال هن جي دماغ ۾ ڦرندا رهيا.
“ڪٿي آهي ڇوڪري؟”
هن جو لهجو دلال لاءِ اميد ڀريل ڪو نه هو. چند قدم اڳتي کڻي چيو:
“جي نه، اوهان کي ضرورت ڪانهي”
هِن هُن کي روڪيو، “اهو تو ڪئين ڄاتو، انسان کي هر وقت ان شيءِ جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا تون مهيا ڪري سگهين ٿو، سوريءَ تي به ۽ ٻرندڙ باهه ۾ به.....؟”
هو فلسفي بڻجڻ وارو هو، پر خاموش رهيو.
“ڏس جيڪڏهن ويجهو آهي ته مان هلڻ لاءِ تيار آهيان ڇاڪاڻ جو مون هتي هڪ دوست کي ملڻ لاءِ وقت ڏنو آهي”
دلال ويجهو آيو “بلڪل قريب آهي”
“ڪٿي؟”
“سامهون واري بلڊنگ ۾”
هن سامهون واري بلڊنگ تي هڪ نظر ڊوڙائي
“هن ۾... هن وڏي بلڊنگ ۾”
“ها”
“مان به هلان؟”
“هلو، پر مان اڳيان اڳيان هلندس” دلال سامهون واري بلڊنگ طرف هلڻ لڳو.
هو سوين هانوَ ڏاريندڙ ڳالهيون سوچيندو دلال پويان هلندو رهيو، سڏ پنڌ جو فاصلو هو جلد طئه ٿي ويو. دلال ۽ هو ٻئي ان وڏي بلڊنگ ۾ آيا جنهن جي ٻاهران هڪ پراڻو بورڊ لٽڪي رهيو هو بلڊنگ جي حالت خراب هئي، جڳهه جڳهه تان نڪتل سِرون، ڪٽيل پاڻيءَ جي نلڪن جا ڪنڪشن ۽ گندگيءَ جا ڍير هئا. هلڪي هلڪي اونداهي ٿي رهي هئي ڏيوڊيءَ مان گذري اڳيان وڌيو ته بلڪل اوندهه ٿي چڪي هئي، ڪشادي صحن مان گذري هڪ پاسي مڙيو جتي عمارت جو ڪم هلندي هلندي رڪجي ويو هو. اگهاڙيون سِرون پيون هيون، چوني ۽ سيمنٽ جو هڪ ڍير پيو هو، جتي ڪٿي بجري وکريل هئي دلال نامڪمل ڏاڪڻ چڙهڻ لڳو ۽ پوئتي ڏسي هن کي چوڻ لڳو “اوهان هتي بيهو مان اچان ٿو”
هو اتي بيهي رهيو، دلال نظر کان اوجهل ٿي ويو، هو منهن مٿي ڪري ڏاڪڻ جي آخري ڏاڪي تائين ڏسڻ لڳو هن کي تيز روشني نظر آئي.
ٻه منٽ مس گذريا. ته هو به آهستي آهستي مٿي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳو آخري ڏاڪي تي جڏهن پهتو ته هن دلال جو ڪڙڪيدار آواز ٻڌو
“اٿين ٿي يا نه”
ڪنهن عورت جواب ڏنس “مون چيو ته مون کي هاڻي سمهڻ ڏي”
هن عورت جو دٻيل آواز ٻڌو.
دلال وري رعب ڪندي چيس “مان چوانءِ ٿو اُٿ.... منهنجو چيو نه مڃيندينءَ ته پو ياد رکجانءِ...”
عورت چيس “تون مون کي ماري ڇڏ پر مان نه اٿنديس، خدا جي واسطي منهنجي حال تي رحم ڪر”.
دلال، عورت کي مڃائڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳو.
“اٿ منهنجي مٺڙي ضد نه ڪر، پنهنجو گذران ڪيئن ٿيندو؟”
عورت چيس “گذارو وڃي پوي جهنم ۾، مان بک ۾ مري وينديس پر خدا جي قسم ٿئي مون کي ننڊ ڪرڻ ڏي.
دلال جي آواز ۾ ڪڙڪي اچي وئي “تون نه اُٿندينءَ حرامزادي...
عورت رڙيون ڪرڻ لڳي “مان نه اٿنديس بلڪل نه اٿنديس، نه اٿنديس”
دلال جو آواز گُهٽجي ويو.
“آهستي ڳالهاءِ ڪو ٻڌي نه وٺي، اُٿ ته هلون، ٽيهه چاليهه روپيا ملي ويندا”.
عورت جي آواز ۾ عرض ۽ التجا هئي “ڏس! مان هٿ ٿي ٻڌانءِ مان ڪيترائي ڏينهن راتيون جاڳي گذاريون اٿم. ڪو رحم ڪر. خدا جي واسطي مون تي رحم ڪر”.
“ بس هڪ ٻن ڪلاڪن لاءِ... پوءِ سمهي پئجانءِ، ٻيءَ صورت ۾ مون کي سختي ڪرڻي پوندي”.
ٿوريءَ دير لاءِ خاموشي طاري ٿي، هن دٻيل پيرن سان اڳتي وڌي ڪمري ۾ نهاريو، جنهن ۾ تيز روشني هئي.
هن ڏٺو ته هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ فرش تي هڪ عورت ليٽيل آهي، ڪمري ۾ ٻه ٽي کائڻ پيئڻ جا ٿانوَ پيل هئا ۽ دلال اُن عورت جي پيرن جي ڄنگهن کي هٿن سان زور ڏئي رهيو هو.
ٿوريءَ دير ۾ دلال عورت کي چيو “هاڻ اُٿ، قسم خدا جو هڪ ٻن ڪلاڪن جي تڪليف اٿئي، پوءِ سُمهي پئجانءِ” عورت هڪدم ڪاوڙ مان اٿي، هوءَ ڪاوڙ ۾ باهه جا اُلا ٿي لڳي ۽ رڙ ڪندي دلال کي چيو “چڱو مان هلان ٿي”.
هو هڪ پاسي ٿي ويو، اصل ۾ هو ڊڄي ويو، دٻيل پيرن سان هو ڏاڪڻ تان تيزيءَ سان لهي آيو ۽ سوچيائين ته هو ڀڄي وڃي، هن شهر مان ئي ڀڄي وڃي، هن دنيا کان ڀڄي وڃي پر ڪاڏي.....؟”
هن سوچيو ته هي عورت ڪير آهي؟ هن تي ايترو ظلم ڇو ڪيو وڃي ٿو؟ هي دلال ڪير آهي؟ ۽ عورت جو ڇا ٿو لڳي؟ هن ڪمري ۾ هيڏو بلب، جيڪو سئو ڪينڊل پاور کان گهٽ ڪونهي، اهو ٻاري ڇو رهن ٿا؟ ۽ ڪڏهن کان رهن ٿا؟
هن جي اکين ۾ تيز بلب جي روشني اڃا تائين چمڪي رهي هئي. هن کي ڪجهه ڏسڻ ۾ ئي نه پئي آيو. هو سچي رهيو هو ته ايڏي تيز روشنيءَ ۾ ڪير ٿو ننڊ ڪري سگهي؟ ايترو وڏو بلب؟ ڇا هو ننڍو پندرهن يا پنجويهه ڪينڊل پاور جو بلب نه ٿا لڳائي سگهن؟
هو سوچي رهيو هو ته کيس هلڪن قدمن جو آواز آيو، هن ڏٺو ته ٻه پاڇا هن جي ڀرسان بيٺل هئا. هڪ دلال جو هو، جنهن چيو:
“ڏسو صاحب”
“ڏسي ڇڏيم”
“ٺيڪ آ نه”
“بلڪل ٺيڪ آ”
“چاليهه روپيا ٿيندا”
“ٺيڪ آ”
هن کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ ڪجهه نوٽ ڪڍي دلال کي ڏنا.
“ڏسو! ڪيترا آهن؟”
نوٽن جي کڙڪڻ جو آواز آيو
دلال چيو: پنجاهه روپيا آهن
هن چيو “پنجاهه روپيا ئي پاڻ وٽ رک”
“سلام صاحب”
هن دل ۾ چيو ته هڪ وڏي سر کڻي دلال جي مٿي ۾ وهائي ڪڍان!
دلال چيس “جناب! هن کي وٺي وڃوس پر هن کي گهڻُو تنگ نه ڪندا، هڪ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پاڻ ئي هتي ڇڏي وڃجوس”.
“ٺيڪ آ”
هو عورت کي ساڻ ڪري وڏي بلڊنگ مان ٻاهر نڪري آيو.
ٻاهر ٽانگو بيٺو هو. هو پاڻ اڳيان ويهي رهيو ۽ عورت پوئيان. دلال هڪ ڀيرو وري سلام ڪيو. جنهن تي هن کي هڪ ڀيرو وري دلال تي سخت ڪاوڙ آئي. هن هڪ ڀيرو وري دل ۾ سوچيو ته دلال جي مٿي ۾ سر هڻي مغز ڦاڙي وجهانس.
ٽانگو هلي ٿو ۽ ڀرسان هڪ ويران هوٽل جي دروازي تي رُڪي ٿو. هو ٽانگي مان لهي عورت کي وٺي ڪمري ۾ ويو، جتي هن عورت جي جسم تي هڪ ڊگهي نظر وڌي جيڪا مٿي کان پيرن تائين اُجڙيل هئي. هن جون اکيون سجيل ۽ جهڪيل هيون. هوءَ عورت ائين بيٺي هئي، جيئن ڪا عمارت گهڙيءَ پل ۾ ڪرڻ واري هجي، هن عورت سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“ٿورو ڳچيءَ کي مٿي ته ڪريو”
هوءَ ڇرڪجي وئي “ڇا؟”
“ڪجهه به نه، مون ته صرف ايترو چوڻ پئي چاهيو ته ڪا ڳالهه ٻولهه ڪريو” هن جون اکيون ڳاڙهي ٻوٽيءَ وانگر ٿي لڳيون، جيئن اُنهن ۾ ڪنهن مرچ وڌا هجن.
هوءَ خاموش هئي.
“تنهنجو نالو؟”
“ڪجهه به نه” هن جي لهجي ۾ تيزاب واري تيزي هئي.
“تون ڪٿان جي آهين؟”
“جتان جي به تون سمجهين”
“ تون ايڏو رُخو ڇو ٿي ڳالهائين”؟
عورت هاڻ ڄڻ ننڊ مان اٿي پئي، هن ڳاڙهين اکين سان نهاريندي چيو ته “مون کي جلدي وڃڻو آهي”
هن پڇيس “ڪيڏانهن ويندينءَ؟”
عورت وڏي رکائيءَ ۽ بيزاريءَ سان جواب ڏنس “جتان کان تون وٺي آيو آهين”
“تون هلي وڃ”
“مطلب جي ڳالهه ڪر مون کي تنگ ڇو ٿو ڪرين؟”
هن همدردي ڪندي عورت کي چيو “مان توکي تنگ نه ٿو ڪريان، مون کي توسان همدردي آهي”.
هن بيزار ٿيندي چيو “مون کي ڪائي همدردي نه گهرجي”.
پوءِ هوءَ تنگ ٿي تيز لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳي، “مقصد جي ڳالهه ڪر نه ته .... مون کي وڃڻ ڏي”.
هن ويجهو اچي، هن جي وارن ۾ هٿ ڦيرڻ گهريو ته عورت هن جي هٿ کي زور سان هڪ پاسي ڌڪي ڇڏيو.
مان چوانءِ ٿي مون کي تنگ نه ڪر، مون ڪيترن ڏينهن کان ننڊ ناهي ڪئي، جڏهن کان آئي آهيان ته ننڊ نصيب ئي ڪو نه ٿي آهي. هو مڪمل طور تي عورت سان همدردي ڪرڻ لڳو.
هن چيس “تون هتي سُمهي پئه”
عورت جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، تيز لهجي ۾ چيو “مان هتي سمهڻ نه آئي آهيان هي منهنجو گهر ناهي”.
“تنهنجو گهر اُهو آهي جتان کان تون آئي آهين؟”
عورت وڌيڪ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي.
“اُف بڪواس بند ڪر، منهنجو ڪو گهر ناهي، تون ٻيءَ صورت ۾ مون کي ڇڏي اچ ۽ پنهنجا پئسا واپس وٺ، هن....هن هوءَ گار ڏيندي ڏيندي رهجي وئي.
هن سوچيو ته اهڙيءَ حالت ۾ هن عورت کان ڪجهه پڇڻ يا همدردي ڪرڻ فضول آهي.
هن چيس “هل مان توکي ڇڏي اچان”
هو هن کي وڏي بلڊنگ ۾ ڇڏي آيو.
ٻي ڏينهن هن قيصر پارڪ جي هڪ ويران هوٽل ۾ هن عورت جي سموري داستان پنهنجي دوست کي ٻڌائي ته سندس دوست به داستان ٻڌي خاموش ٿي ويو ۽ سخت افسوس ڪندي هن پڇيو:
“ڇا هوءَ جوان هُئي؟”
هن چيو “مون کي معلوم ناهي، چڱي نموني هن کي ڏسي نه سگهيس. منهنجي دماغ ۾ ته هر وقت اهو خيال اچي ٿو ته مون سِر کڻي دلال جو مٿو ڇو نه ڦاڙيو”.
دوست چيس “واقعي وڏي ثواب جو ڪم هو”
هو وڌيڪ دير تائين هوٽل ۾ پنهنجي دوست سان ويهي نه سگهيو، هن جي دل ۽ دماغ تي گذريل وارتا جو بار هو، چانهه ختم ڪري ٻئي دوست هوٽل مان روانا ٿيا.
هن جو دوست سڌو ٽانگا اسٽينڊ تي آيو ۽ هن جون نگاهون اُن دلال کي ڳولينديون رهيون، پر دلال ڪٿي نظر نه آيو.
وقت ڇهه ٿيا هئا، وڏي بلڊنگ طرف وڃڻ لڳو ۽ ان بلڊنگ ۾ داخل ٿيو. ماڻهو اندر اچي وڃي رهيا هئا پر هو وڏي اطمينان سان ان جاءِ تي پهتو جتي ڪافي اوندهه هئي پر جڏهن هو اُن ڏاڪڻ تي پهتو ته هن کي روشني نظر آئي، هن مٿي نهار ڪئي ۽ دٻيل پيرن سان مٿي چڙهڻ لڳو. ڪجهه دير ڏاڪڻ جي آخري ڏاڪي تي خاموش بيٺو رهيو. ڪمري مان تيز روشني اچي رهي هئي پر ڪائي چُر پُر ۽ نه وري ڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آخري ڏاڪو چڙهي هو اڳيان وڌيو، دروازو کليل هو، هو هڪ پاسو وٺي دروازي مان اندر جهاتي پائڻ لڳو. سڀ کان پهريان هن کي تيز ٻرندڙ بلب نظر آيو. جنهن جي روشني هن جي اکين ۾ گهڙي وئي. هو هڪدم دروازي کان پري ٿي ويو ۽ اوندهه ۾ منهن ڪري پنهنجي اکين کي طراوت بخشڻ لڳو.
ٿوري دير ۾ هن وري دروازي مان نهارڻ شروع ڪيو. هن اهڙيءَ طرح نهار ڪئي جو تيز ٻرندڙ بلب جي روشنيءَ کان بچي سگهي. هن ڏٺو ته فرش تي پيل رلهيءَ تي هڪ عورت ليٽيل هئي، هن اُن عورت کي چتائي ڏٺو جيڪا اگهور ننڊ ۾ سُتل هئي. منهن تي رَئو پيل هيس. هن جو سينو ساهه کڻڻ سان هيٺ مٿي ٿي رهيو هو. ٿورو اڳيان وڌيو ته هن کان وڏي رڙ نڪري وئي پر هن پنهنجي رڙ کي دٻائي ڇڏيو. عورت کان ٿورو پري فرش تي هڪ ماڻهو پيو هو. جنهن جو مٿو چٿيل هو ۽ ڀرسان رت ۾ ڀريل هڪ سر پئي هئي. اهو سمورو منظر هن هڪ ئي نظر ۾ ڏٺو ۽ ڏاڪڻ کان واپس هيٺ لهڻ لڳو.
پير ترڪي پيس ۽ هيٺ وڃين ڦهڪو ڪيو پر هن پنهنجن زخمن جي پرواهه نه ڪئي ۽ هوش حواس قائم رکندي وڏي مشڪل سان پنهنجي ڪمري ۾ پهتو ۽ سموري رات خواب ۾ ڊڄندو رهيو.