ڪھاڻيون

منٽو جا 100 سال

اردوءَ جي نامياري افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي 13 چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ھن مجموعي جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ ۽ شاعر بشير منگي آھي.
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1136
  • 576
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منٽو جا 100 سال

ٿڌو گوشت (جسم)

ايشر سنگهه جيئن ئي هوٽل جي ڪمري ۾ داخل ٿيو، ڪلونت ڪور پلنگ تان اٿي بيٺي. هن پنهنجي تيز نظرن سان هن کي گهوري ڏٺو ۽ دروازي جي هڙڪي ڏئي ڇڏيائين. رات جا ٻارنهن ٿيا ها، شهر ۽ ان جي پسگردائي عجيب پُراسرار قسم جي خاموشيءَ ۾ غرق هئي.
ڪلونت ڪور پلنگ تي پلٿي ماري ويهي رهي، ايشر سنگهه سُٽ جيان اُلجهيل خيالن کي سُلجهائي رهيو هو، هو هٿ ۾ ڪرپان کنيو ڪنڊ ۾ بيٺو هو، چند لمحا خاموشيءَ ۾ گذري ويا. ڪلونت ڪور کي پنهنجو پلٿي ماري پلنگ تي ويهڻ پسند نه آيو ۽ هوءَ پنهنجون ٻئي ٽنگون پلنگ کان هيٺ لٽڪائي لوڏيندي رهي. ايشر سنگهه پوءِ به ڪجهه نه ڳالهايو.
ڪلونت ڪور صحتمند هئي، ويڪرن ڪُلهن واري ماس ڀرل عورت هئي، هن جا اُرهه اُڀريل، تيز اکيون، هن جي چپن تي وارن جو سرمئي ڇانورو، کاڏيءَ مان خبر پوي پئي ته هوءَ وڏي بي خوف عورت هئي.
ايشر سنگهه سِرُ جهڪائي ڪمري جي ڪنڊ ۾ چپ چاپ بيٺو رهيو. هن جي مٿي تي ڇڪي ٻڌل پڳڙي ڍلي ٿي رهي هئي، هن جي هٿ ۾ جيڪو ڪرپان هيو اهو هٿ به آهستي آهستي ڍلو ٿيندو ويو، ايشر سنگهه قدڪاٺ ۾ ائين پئي لڳو ته هو ڪلونت ڪور جهڙين عورتن لاءِ پسنديده مردُ هو.
ڪجهه گهڙيون ٻيون به خاموشيءَ سان گذري ويون، ته آخر ڪلونت ڪور خاموشيءَ کي ٽوڙيندي پنهنجي تيز نظرن کي جهڪائيندي صرف ايترو چيو “ايشور جان....”.
ايشر سنگهه ڪنڌ مٿي ڪري ڪلونت ڪور کي ڏٺو پر هو هن جي نگاهن جي گولين جو تاب سهي نه سگهيو ۽ منهن ٻي طرف موڙي ڇڏيو.
ڪلونت ڪور رڙ ڪندي چيو “ ايشور جان ..... پر هن آواز کي فورن دٻائي ورتو ۽ پلنگ کان اٿي ايشور ڏانهن وئي ۽ چيو “هيترا ڏينهن ڪٿي هُئين؟”
ايشر سنگهه پياسن چپن تي زبان ڦريندي چيو “مون کي ڪا خبر ڪانهي”.
ڪلونت ڪور ڪاوڙ مان چيو “هي به ڪو جواب آهي”
ايشر سنگهه ڪرپان هڪ طرف اُڇلائي پلنگ تي ليٽي پيو، ائين پيو معلوم ٿئي ته هو ڪيترن ئي ڏينهن کان بيمار هو. ڪلونت ڪور پلنگ ڏانهن ڏٺو جنهن تي ايشر سنگهه ليٽيل هو، هن جي دل ۾ همدردي پيدا ٿي ۽ هن ايشر جي نرڙ تي هٿ رکي نهايت پيار مان پڇيو “جاني توکي ڇا ٿيو آهي؟”
ايشر سنگهه جون نگاهون ڇت ۾ کپيل رهيون، ڪلونت جي آواز تي هن ڇت کان نگاهون هٽائي ڪلونت جي مايوس چهري ڏانهن نهارڻ لڳو.... “ڪلونت” هن جي آواز ۾ ڏک سمايل هو، ڪلونت ڪور ويڙهجي پنهنجي هيٺين چپ کي ڏندن ۾ دٻائيندي “جيءُ جاني” چئي ڪري هوءَ پنهنجي هيٺين چپ کي ڏندن سان ڪرٽڻ لڳي.
ايشر سنگهه پنهنجي پڳڙي لاهي هڪ پاسي رکي ڇڏي، ڪلونت ڪور کي سهارو ڏيڻ وارين نگاهن سان ڏٺو، هن جي گوشت ڀرل ڪُلهي تي ٿڦڪي هنئي ۽ مٿي کي ڌوڻيندي پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو “هن ڇوريءَ جو دماغ ئي خراب آ....”
مٿي کي ڌوڻڻ سان هن جا وار کُلي پيا، ڪلونت ڪور هن جي وارن ۾ پنهنجي هٿ جي آڱرين سان ڦڻي ڏيندي وڏي پيار مان پڇيو “ايشر جان! هيترا ڏينهن تون ڪِٿي هُئين؟”
“... هن جي ماءُ جي گهر”
ايشر سنگهه، ڪلونت ڪور کي گهوري ڏٺو ۽ اوچتو ٻنهي هٿن سان هن جي اڀريل اُرهن کي مهٽڻ لڳو “قسم واهه گروءَ جو! وڏي جاندار عورت آهين”
ڪلونت ڪور ايشر سنگهه جي هٿن کي هيٺ جهٽڪو ڏئي پڇيو “توکي منهنجو قسم ٻڌاءِ تون ڪٿي هُئين...؟” شهر ويو هُئين ڇا؟”
ايشر سنگهه پنهنجي وارن کي ويڙهيندي جواب ڏنو “نه..”
ڪلونت ڪور کي ڏاڍو غصو آيو “نه تون ضرور شهر ويو هُئين.....” جتان تون ڪيترائي روپيا ڦر ڪيا هوندا جيڪي تون مون کان لڪائين ٿو”
“اهو پنهنجي پيءُ جو پٽ ئي ناهي جيڪو توسان ڪوڙ ڳالهائي....”
ڪلونت ڪور ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي وئي پر هوءَ فورن ئي تيز لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳي “مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان رات توکي ڇا ٿيو هو....؟ چڱو ڀلو مون سان سُتل هُئين خوش هُئين، مون کي تون سڀ ڳهه پارايا هُئا جيڪي تون شهر مان ڦر ڪري آيو هُئين، مون کان چُميون وٺي رهيو هُئين پر نه ڄاڻ اوچتو توکي ڇا ٿي ويو جو جلدي اُٿي ڪپڙا پائي مون وٽان هليو وئين....”
ايشر سنگهه جو رنگ هيڊو ٿي ويو، ڪلونت ڪور هن کي چيو “ڏس تنهنجو رنگ پيلو ٿي ويو آهي... ايشر، قسم واهِ گروءَ جو ضرورو ڪجهه دال ۾ ڪارو آهي؟”
“تنهنجو قسم ڪا ڳالهه ناهي”
ايشر سنگهه جو آواز دٻيل هو، ڪلونت ڪور جو شڪ وڌيڪ مضبوط ٿي ويو، هن هيٺين چپ کي دٻائيندي هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي چيو، ايشر جان ڇا ڳالهه آهي، تون اهو ناهين جيڪو اڄ کان اٺ ڏينهن پهريائين مون سان ملڻ آيو هُئين؟”
ايشر سنگهه هڪدم اُٿي بيٺو ڄڻ هن تي ڪنهن حملو ڪيو هجي هن ڪلونت ڪور کي پنهنجي مضبوط ٻانهن ۾ ڀڪوڙي وحشي جانورن جيان هن جي جسم تي چڪ پاتا ۽ چُميون ڏيندي چيو: “جاني، مان اُهو ئي آهيان... زور سان مون کي ڀاڪر پاءِ ته تنهنجي جسم جي هڏين مان گرمي نڪري...”
ڪلونت ڪور هن سان وڌيڪ مزاحمت نه ڪئي صرف اهو چوندي رهي “توکي رات ڇا ٿي ويو هو؟”
“.... ماءُ جو .....”
“ٻڌائيندي نه....”
“ڪا ڳالهه هجي ته توکي ٻڌايان”
“مون کي پنهنجي هٿن سان باهه ڏئي ساڙي ڇڏ جيڪڏهن مان توسان ڪوڙ ڳالهايان”
ايشر سنگهه پنهنجون ٻانهون هن جي ڳچيءَ ۾ وجهندي پنهنجا چپ هن جي چپن تي کپائي ڇڏيا. ايشور جي مُڇن جا وار ڪلونت جي نڪ ۾ هليا ويا....... جنهن ٻئي کلڻ لڳا.
ايشرسنگهه پنهنجي صدري لاهي ورتي ۽ ڪلونت ڪور کي شهوت ڀريل نظرن سان نهارڻ لڳو “اچ ته هڪ بازي تاس جي کيڏي وٺون!”
ڪلونت ڪور جي چپن تي پگهر جون ننڍيون ننڍيون بوندون ڦٽي آيون. هن هڪ ادا سان پنهنجي اکين جي تارن کي گهمائيندي چيو “هل.... پري ٿي....”
ايشرسنگهه هن جي ماس ڀريل ڪُلهن تي زور سان چونڊي پاتي ته ڪلونت ڪور هڪ پاسي ٿي وئي “چونڊي نه پاءِ مون کي تڪليف ٿي ٿئي”
ايشرسنگهه اڳتي وڌي ڪلونت جو هيٺيون چپ پنهنجي ڏندن هيٺان آڻيندي چپن کي چوسڻ لڳو، ڪلونت ڪور بلڪل پگهرجي وئي، ايشرسنگهه پنهنجو چولو لاهيندي چيو “ها، هاڻي ٿي وڃي ترپ چال...”
ڪلونت ڪور جا چپ ٿڙڪڻ لڳا ايشر سنگهه ٻنهي هٿن سان ڪلونت ڪور جي قميص کي ائين لاٿو جيئن ٻڪري جي کل لاهبي آهي، ڪلونت جي ڪپڙن کي لاهي هن هڪ پاسي رکيو ۽ پوءِ هن جي ننگي گوري بدن کي نهارڻ لڳو، هن زور سان هن ٻانهن تي چونڊي پائيندي چيو “ڪلونت! قسم واه گروءَ جو سخت اڪڙيل جسم واري عورت آهين....”
ايشرسنگهه جي چونڊيءَ سان ٻانهن تي ٿيل ڳاڙهي نشان کي ڪلونت ڪور ڏسندي چيو “وڏو ظالم آهين ايشر”
ايشرسنگهه پنهنجين ڪارين گهاٽين مُڇن ۾ مُسڪرائيندي چيو “اڄ ظلم کي ٿيڻ ڏي؟” ۽ اهو چئي هو ڪلونت ڪور جي جسم سان وڌيڪ کيڏيندي ظلم ڪرڻ لڳو........ ڪلونت ڪور جو هيٺيون چپ ڏندن هيٺان هيو، ايشر هن جي ڪنن جي پاپڙين تي هلڪا هلڪا چڪ پئي پاتا، هن جي اڀريل اُرهن کي مهٽيندو ۽ چوسيندو رهيو، ساڻ هن جي ڳلن کي جيءَ جان سان چمندو رهيو ۽ پوءِ هن جي اڀريل ارهن کي پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي چوسيندو رهيو ۽ هن جي سڄي ڇاتيءَ تي آلاڻ ڪري ڇڏي....
ڪلونت ڪور تيز باهه تي چڙهيل هڪ ديڳڙيءَ وانگر اٻرڻ لڳي پر ايشرسنگهه ان تمام هيلن جي باوجود به پاڻ ۾ اها گرمي پيدا ڪري نه سگهيو. جيترا داوَ هن استعمال ڪيا اهي سڀ جو سڀ هڪ شڪست کاڌل پهلوان وانگر پئي لڳا. هن جو ڪو به داءُ فائدي مند ثابت نه ٿيو ڪلونت ڪور جنهن جي بدن جا سمورا ساز پنهنجو پاڻ وڄي رهيا هئا، ايشر جي غير ضروري ڇيڙ ڇاڙ کان تنگ ٿيندي ڪلونت چيو “ايشر جان، گهڻو ڪجهه ڪيو اٿئي هاڻي پتو کڻي اڇلاءِ!”
اهو ٻڌندي ايشر سنگهه جي هٿن مان تاش جا پتا ڪري پيا ۽ هو سهڪندي ڪلونت ڪور جي پاسي ۾ ليٽي پيو، هن جي نرڙ تان پگهر جا قطرا نمايان نظر پئي آيا، ڪلونت ڪور هن جي مردانگي جاڳائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر هوءَ ناڪام رهي، هاڻي تائين سڀ ڪجهه بنا چوڻ جي ٿيندو رهيو پر ڪلونت جي جسم جا منتظر سمورا عضوا تڙپندي نظر آيا ۽ کيس سخت نااميد ٿيڻ ڪري ۽ هوءَ ڪاوڙجي پلنگ تان لهي آئي سامهون ڪلچ ۾ ٽنگيل چادر لاهي جسم کي ويڙهي منهن سُجايل لهجي ۾ چيو “ايشر اُها ڪير حرام زادي آهي جنهن وٽ تون هيترا ڏينهن گذاري آيو آهين ۽ جنهن تو مان سَتُ ئي ڪڍي ڇڏيو آهي”.
ايشرسنگهه پلنگ تي ليٽيل سهڪندو رهيو ۽ هو ڪلونت کي ڪوئي به جواب نه ڏئي سگهيو.
ڪلونت ڪور غصي ۾ باهه جيان تپندي چيائين “مان پُڇان ٿي ڪير آهي اُها، چالو عورت....؟ ڪير آهي اُها جنهن توسان پيار ڪيو آهي.... ڪهڙو آهي اُهو چور پتو جو تون مون کي ٻڌائي نه ٿو سگهين؟”
ايشرسنگهه ٿڪل لهجي ۾ جواب ڏنو “ڪير به ناهي ڪلونت! ڪير به ناهي....”
ڪلونت ڪور پنهنجي ماس ڀريل ڪُلهن تي هٿ رکي يقين سان چيو “ايشر، مان اڄ ڪوڙ سچ جي ڄاڻ توکان وٺي رهنديس.... قسم کڻ واءِ گروءَ جو....
ڇا تنهنجي خاموشيءَ جي تهن ۾ ڪا عورت ناهي لڪل؟”
ايشرسنگهه ڪجهه چوڻ چاهيو پر ڪلونت ڪور هن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندي چيو “قسم کڻڻ کان پهريون اهو سوچ ته مان به سردار نيهال سنگهه جي ڌيءَ آهيان.. جي تو ڪوڙ ڳالهائيندين ته تڪو ٻوٽي ڪري ڇڏيندي سانءِ... هاڻي قسم کڻ واهِ گروءَ جو .... ڇا تنهنجي خاموشيءَ جي تهن ۾ ڪا عورت ناهي لڪل؟”
ايشرسنگهه وڏي ڏک سان “ها” ڪئي، اهو ٻڌندي ڪلونت ڪور ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وئي، هن ڪنڊ ۾ پيل ڪرپان کي کڻي مياڻ کي ڪيلي جي کل وانگر لاهي اُڇلائيندي ايشرسنگهه تي وارُ ڪيو.
جهٽ پلڪ ۾ ايشرسنگهه جي جسم مان رت جو ڦوهارو نڪري پيو، ڪلونت ڪور کي اڃان تسلي نه ٿي هن وحشي ٻليءَ وانگر ايشرسنگهه جا وار پٽڻ شروع ڪيا ۽ هن کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيڻ لڳي، ايشرسنگهه هن کي ڪمزور لهجي ۾ التجا ڪندي چيو ته “ڪلونت بس، هاڻي مون کي معاف ڪري ڇڏ” هن جي آواز ۾ درد هيو ان کي محسوس ڪندي ڪلونت پوئتي هٽي بيٺي.
ايشرسنگهه جي ڳلي مان رَتُ وهي رهيو هو، هن پنهنجا ڏڪندڙ چپ کوليا ۽ ڪلونت ڪور کي ڏک ۽ ڪاوڙ واري مليل نگاهن سان نهاريندي چيو “جان، تون ڏاڍو تڪڙ مان ڪم ورتو... پر جيڪو تو ڪيو سو ٺيڪ ڪيو....”
ڪلونت ڪور جي ڪاوڙ وري ڀڙڪي پئي ۽ چيو “پر تون اهو ٻڌاءِ اُها ڪير آهي؟”
رتُ جون ڦينگون ايشرسنگهه جي چپن تي لڳيون ته هو ان رتُ جو ذائقو چکندي هن جي بدن ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي پئي “۽... مان... ۽..... مان.... اِن ڪرپان سان ڇهن ماڻهن کي قتل ڪري چُڪو آهيان... ها ان ڪرپان سان....”
ڪلونت ڪور جي دماغ ۾ صرف ٻي عورت ئي ويٺل هُئي، جنهن لاءِ هو بار بار ايشر کا پڇي رهي هئي، هاڻي به هن پڇندي چيس مون کي ٻڌاءِ ،اُها ڪير آهي حرامزادي....”
ايشرسنگهه جي ڌنڌلائجي ويل اکين ۾ ان وقت هڪ چمڪ پيدا ٿي ۽ ڪلونت ڪور کي چيو “هاڻي وڌيڪ اُن ڀڙويءَ کي گاريون نه ڏي...”
ڪلونت ڪور غصي مان رڙ ڪندي چيو “ مون کي ٻڌاءِ ته هوءَ ڪير آهي....”
ايشرسنگهه جي ڳلي جو آواز صاف ٿي ويو “ٻڌايانءِ ٿو.... اهو چئي هن پنهنجي ڳچيءَ تي هٿ ڦيريو ته پنهجي هٿن جي آڱرين تي لڳل رَتُ ڏسي ڪري مسڪرائيندي هن ڪلونت کي چيو “انسان به عجيب شيءِ آهي....”
ڪلونت ڪور هن جي جواب جو شدت سان منتظر ٿيندي چيو “ايشر تون مطلب جي ڳالهه ڪر....”
ايشرسنگهه جي مسڪراهٽ هن جي رتُ هاڻي مُڇن ۾ وڌيڪ ڦهلجي وئي ۽ چيو “مطلب جي ته ڳالهه ڪيان ٿو....”
تون منهنجي ڳچي چيري وڌي آهي هاڻي مان توکي آهستي آهستي سموري ڳالهه ٻڌائيندس...
۽ هو جڏهن پوري ڳالهه ٻڌائڻ لڳو ته هن جي نرڙ تي پگهر جاري هو “ڪلونت منهنجي جان! مان توکي اهو نه ٿو ٻڌائي سگهان ته مونسان ڪهڙي وارتا ٿي آهي....؟ انسان به عجيب شيءِ آهي... شهر ۾ لٽ ڦر هلي پئي، ته مون به ان لٽ ڦر ۾ حصو ورتو، سونا زيور ۽ روپيا جيڪي به منهنجي هٿ لڳا اهي سڀ جو سڀ مان توکي ڏنا پر توکي هڪڙي ڳالهه مان نه ٻڌائي آهي....”
ايشرسنگهه ڪرپان جي گهاوَ جو درد وڌيڪ محسوس ڪندي تڙپڻ لڳو، ڪلونت ڪور ايشرجي وڌندڙ درد ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ وڏي بي رحميءَ سان پڇيو “ڪهڙي ڳالهه آ؟
ايشرسنگهه چيو “جنهن گهر ۾ مان گهريو هئس ان ۾ تقريبا ست ماڻهو موجود هئا، جنهن مان ڇهن کي مون قتل ڪري ڇڏيو ان ڪرپان سان جنهن سان تون مون تي وارُ ڪيو آهي، پر ڇڏ ان ڳالهه کي هاڻي اصل ڳالهه ٻڌ، انهن ۾ هڪڙي خوبصورت ڇوڪري به هئي جنهن کي مان زبردستي کنڀي کڻي آيم، ڪلونت ڪور خاموش ايشرسنگهه جي ڳالهه کي ٻڌندي رهي ڪلونت جان... مان توکي وڌيڪ ڇا ٻڌايان ته اها ڇوڪري ڪيڏي نه خوبصورت هئي، مان ان کي به ماري ڇڏيان ها پر مون ان وقت سوچيو هر روز ڪلونت ڪور جا مزا ته وٺان ٿو اڄ هن خوبصورت ڇوڪريءَ جي ميوي جي رسُ به چوسي مزو وٺان...”
ڪلونت ڪور وچ ۾ صرف “هون هون، ڪري پئي”
۽ پوءِ مان ان خوبصورت ڇوڪريءَ کي ڪُلهن تي کڻي ڪيئي رستا پار ڪري هڪڙي واهه جي ڪنڌيءَ تي ٿوهر جي هيٺان ليٽائي ڇڏيو، پهريون سوچيم ته “هن جي خوبصورت جسم سان کيڌي وٺان“ پر پوءِ خيال آيو ته نه....” اهو چوندي ايشرسنگهه جي زبان ڄڻ سُڪي وئي، ڪلونت ڪور ٿُڪ اڇلي پنهنجي نڙي صاف ڪندي پڇيو “پو اڳتي ڇا ٿيو؟”
ايشرسنگهه نڙيءَ مان مشڪل سان هي لفظ نڪتا “مون... آخر مون پتو اڇلائي ڇڏيو... اهو لفظ چوندي هن جو آواز ٻڏي ويو....
ڪلونت ڪور هن کي ڏاڍو جهنجهوڙيندي چيو “پو اڳتي ڇا ٿيو؟” ايشرسنگهه پنهنجي بند ٿيل اکين کي کوليو ۽ ڪلونت ڏانهن نهاريو ته هن جي جسم جي ٻوٽي ٻوٽي ٿڙڪي رهي هئي، “هوءَ ... مُئل هئي.. لاش هئي... بلڪل ٿڌو جسم..
منهنجي جان، مون کي پنهنجو هٿ ڏي...”
ڪلونت ڪور جئين پنهنجو هٿ ايشرسنگهه جي هٿ مٿان رکيو جيڪو برف کان وڌيڪ ٿڌو هو...”