ڪھاڻيون

منٽو جا 100 سال

اردوءَ جي نامياري افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي 13 چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ھن مجموعي جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ ۽ شاعر بشير منگي آھي.
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1136
  • 576
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منٽو جا 100 سال

شريفان

قاسم جڏهن پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيو ته هن کي پنيءَ ۾ لڳل گوليءَ جو درد وڌي ويو. هو جڏهن ٿورو اڳتي وڌيو ته هن جي اڳيان پنهنجي زال جو لاش زمين تي پيل نظر آيو، جنهن کي ڏسي هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ۽ هن جي دماغ ۾ انتقام جي باهه ڀڙڪي اٿي، جيڪر ڪهاڙو کڻي ٻاهر نڪري پئجي ۽ هر طرف لاش ڪيرائجن، پر هن کي پنهنجي ڌيءَ شريفان جو خيال آيو.
“شريفان....... شريفان..... هن وڏي رڙ ڪري سڏ ڪيو” سامهون دالي جو در بند هو. قاسم سوچيو ته شريفان شايد خوف کان در بند ڪري لڪي ويٺي هوندي. هو دروازي ڏانهن وڌي در سان منهن لڳائي رڙ ڪئي “شريفان ... شريفان....” ........ مان آهيان تنهنجو پيءُ” پر اندران ڪو به جواب نه آيو. قاسم زور سان دروازي کي ڌڪو ڏنو ۽ دروازو کلي پيو ۽ پاڻ ذري گهٽ اونڌهي منهن ڪريو هو، پر هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ هو جڏهن مٿي اُٿڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته هن جي هٿن کي ڪجهه محسوس ٿيو...... ۽ هن کان هڪ هيانءُ ڏاريندڙ رڙ نڪري وئي.
ٿورو اڳيان هن جي نوجوان ڌيءَ جو لاش زمين تي پيل هو. ننگي... بلڪل ننگي، ڀورو ماس ڀريل جسم، ڇت ڏانهن اُڀا ٿيل اُرهه... هڪدم قاسم جو وجود ڌڏي ويو. هن کان جيءَ جهوريندڙ رڙ نڪري وئي ۽ پو هن جي رڙ چپن اندر ئي دٻجي وئي ۽ هن جون اکيون بند ٿي ويون. بس هن جي چپن اندر ئي دٻجي وئي ۽ هن جون اکيون بند ٿي ويون، بس هن جي چپن مان هلڪو آواز نڪتو “شريفان” هن اکيون بند ڪري ڪجهه ڪپڙا کڻي شريفان جي لاش مٿان اڇلائي هن جي ننگي جسم کي ڍڪي، دالي منجهان نڪري آيو.
ٻاهر نڪري هن پنهنجي زال جي لاش ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ڇاڪاڻ جو هن جي ذهن ۾ شريفان جو ننگو لاش ڦري رهيو هو، هن ڪنڊ ۾ پيل ڪُهاڙو کنيو ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
قاسم جي ساڄي پنيءَ ۾ گولي لڳل هئي جنهن ڪري درد هن کي ستائي رهيو هو، هن جي وفادار پيار ڪندڙ زال قتل ٿي چڪي هئي پر هن کي ان جو ايڏو خيال نه هو جيڏو کيس شريفان جي ننگي لاش جو ..... بس هن جي ذهن ۾ شريفان جي لاش جي ننگي تصوير ڦِري رهي هئي.
ڪهاڙو هٿ ۾ کڻي قاسم سنسان بازار مان ڦاٽندڙ لاوي وانگر وهندو هلندو رهيو. چوڪ تي هن جي هڪڙي سِکَ سان نوڪ جهوڪ ٿي. سِک نوجوان وڏو اڪڙيل نوجوان هو پر قاسم هن تي ڪهاڙيءَ جا لڳاتار وار ڪري ان سک جو لاش زمين تي ڪيري وڌو جيئن تيز طوفان ۾ مضبوط کان مضبوط وڻَ به اچي پٽ پوندا آهن.
قاسم جي رڳن جو خون وڌيڪ گرم ٿي چڪو هو ڀرسان رستي جي ٻي پاسي ڪجهه ماڻهو نظر آيا قاسم تيز تير وانگر ان طرف وڌيو ۽ انهن ماڻهن جي جڏهن هن تي نظر پئي ته هو “مهاديو” جا زوردار نعرا هڻڻ لڳا. قاسم انهن نعرن جي جواب ۾ انهن کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندي حملو ڪيو، هو ڪهاڙي سان وار ڪندي هڪ هڪ کي ماريندو رهيو چند گهڙين ۾ انهن ماڻهن جا لاشا رستي تي تڙپندا نظر آيا ڪجهه اتان ڀڄي نڪتا، قاسم جو ڪهاڙو هوا ۾ ڦرندو رهيو، هن جون اکيون بند هيون ڪهاڙو لهرائيندي لهرائيندي هن جا پير هيٺ ڪريل لاشن سان ٽڪرايا ۽ هو به هيٺ ڪري پيو. هن سوچيو ته شايد هن کي ڪنهن ماڻهوءَ حملو ڪري ڪيرائي وڌو آهي هن ڪاوڙ مان گاريون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ رڙ ڪندي چيو، “مون کي به ماري ڇڏيو... مون کي به ماري ڇڏيو”
پر جڏهن هن کي اهڙي ڪا به شيءِ محسوس نه ٿي ۽ نه ئي ڪو هن جي بدن تي وار ٿيو هو ته هن پنهنجون اکيون کوليون ۽ پنهنجي چوطرف ڏٺو ته هن جي اڳيان ڪيترن ماڻهن جا خون ۾ لت پت لاش پيا هئا.
ٿوري وقت لاءِ قاسم کي مايوسي ٿي ڇاڪاڻ جو هن جي دنيا ويران ٿي چڪي هئي. هو به مرڻ پيو چاهي پر هن کي هڪدم شريفان جي ننگي لاش جي تصوير اکين اڳيان ڦِري آئي. هن جي سموري وجود جي بارود کي ڄڻ ڪنهن تيلي هڻي ڇڏي هجي، هو جلدي اٿي بيٺو ۽ هٿ ۾ ڪهاڙو کنيو ۽ ڦاٽل لاوي وانگر رستي تي وهڻ لڳو.
هو جنهن بازار ۾ گهميو پئي اهي سڀ جو سڀ ويران هيون هو هڪ گهٽيءَ ۾ داخل ٿيو ان گهٽيءَ ۾ اڪثريت مسلمانن جي رهائش پذير هئي هن کي اتي سخت مايوسي ٿي هو تڪڙ ۾ ان گهٽيءَ مان نڪري وري بازار ۾ آيو، اتي هن پنهنجو ڪهاڙو هوا ۾ لهرائيندي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندي للڪاري رهيو هو.
قاسم هاڻي ماءُ ڀيڻ کان سواءِ ڌيءَ تي به گاريون ڏيڻ شروع ڪيون، هو هڪ ساهيءَ ۾ ڪيتريون ئي گاريون ڏئي ويو پر پوءِ به هن کي ڪاوڙ سبب چين نه آيو. هو هڪ گهر ڏانهن وڌيو جنهن جي دروازي تي ڪجهه هنديءَ ۾ لکيل هو، دروازو اندران بند هو، قاسم جي ذهن تي چريائپ ۽ وحشت ڇانيل هئي هن دروازي تي ڪهاڙي جا وار ڪيا ٿوري دير ۾ دروازو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پيو، قاسم گهر اندر داخل ٿيو، ننڍڙو گهر هو، گهر جي آڳر ۾ بيهي زوردار گاريون ڏيندي چوڻ لڳو “ٻاهر نڪرو... ٻاهر نڪرو....”.
سامهون دالي ۾ ڪنهن انساني جسم جي حرڪت پيدا ٿي قاسم ان کي زرودار گاريون ڏيڻ لڳو، دالي جو دروازو اوچتو کُلي پيو، هڪ نوجوان حسين ڇوڪري سامهون نظر آئي.
قاسم ڪاوڙ مان پڇيو “ڪير آهين تون.....”
ڇوڪريءَ خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي جواب ڏنو “هندو”.
قاسم جو جسم سيٽجي ويو..... هن باهه ۾ ڀڙڪندڙ اکين سان هڪ ڀيرو ان ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريو، جنهن جي عمر مشڪل سان چوڏهن يا پندرهن سال هئي، هن جي هٿن مان ڪهاڙو هيٺ ڪري پيو هن ڪنهن باز جيان جهرڪيءَ جهڙي نازڪ ۽ نفيس بدن رکندڙ ڇوڪريءَ کي جهٽي دالي اندر ڌڪو ڏنو، ان ڇوڪريءَ جي جسم تي پيل ڪپڙن کي ڦاڙي ڦٽي ڪيو، تقريبا اڌ ڪلاڪ هن ان ڇوڪريءَ کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو، پر ان ڇوڪريءَ قاسم اڳيان ڪا به مزاحمت نه ڪئي ڇاڪاڻ جو قاسم جڏهن دالي اندر داخل ٿيو ته هن ان ڇوڪريءَ کي ڌڪو ڏنو هو جيڪا زمين تي ڪرندي ئي بيهوش ٿي وئي هئي.
قاسم جڏهن اکيون کوليون ته هن جا ٻئي هٿ ان ڇوڪريءَ جي نازڪ ڳچيءَ ۾ کُپيل ها، قاسم جهٽڪي سان ڇوڪريءَ جي ڳچيءَ مان هٿ ڪڍي اُٿي بيٺو، هو پگهرجي پيو هو هن هڪ ڀيرو ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريو ته جيئن هن کي آٿت اچي.
هن جي اڳيان ان نوجوان ڇوڪريءَ جو لاش پيل هو ننگو... بلڪل ننگو.... ڀورو ماس ڀريل جسم، ڇت ڏانهن اڀيل ننڍڙا ننڍڙا اُرهه...
قاسم جون اکيون هڪدم بند ٿي ويون ٻنهي هٿن سان هن پنهنجو چهرو ڍڪي ڇڏيو. هن جي بدن تي گرم گرم پگهر برف وانگر ٿڌو ٿي چڪو هو ۽ هن جي رڳن ۾ ڦاٽندو لاوو هڪ پٿر بڻجي چڪو هو.
ٿوري دير ۾ هڪ ماڻهو هٿن ۾ تلوار سميت داخل ٿيو، هن ڏٺو دالي ۾ ڪو ماڻهو اکيون بند ڪري ڏڪندڙ هٿن سان فرش تي پيل ڪنهن شيءِ کي ڪمبل سان ڍڪي رهيو هو هن زوردار رڙ ڪندي پڇيس “ ڪير آهين ڙي تون؟” قاسم کان ڇرڪ نڪري ويو، هن جون اکيون کُلي ويون پر هن کي سامهون ڪجهه به نظر نه آيو.
تلوار سان مسلح ماڻهوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪل ڪندي پڇيس ڪير آهين ڙي تون؟”
“قاسم”
قاسم هڪ ڀيرو وري ڇرڪي پيو هن ٿورو پري بيٺل ماڻهوءَ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو سڃاڻي نه سگهيو، مسلح ماڻهو پريشان ٿيندي قاسم کان پڇيو “تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟”
قاسم ڏڪندڙ هٿن سان ڪمبل ۾ ويڙهيل شيءِ ڏانهن اشارو ڪندي صرف ايترو چيو “شريفان”.
جلد اهو مسلح شخص ڪمبل ۾ ويڙهيل شيءِ ڏانهن وڌيو ۽ هن ڪمبل کولي ڏٺو ته هن کان هڪ اُڀ ڏاريندڙ رڙ نڪري وئي هو ننگي لاش کي ڏسي ڏڪڻ لڳو ۽ پوءِ هڪدم هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون، تلوار هن جي هٿن مان هيٺ ڪري پئي ۽ هو اکين تي هٿ رکي “بملا .....بملا...” چوندو ٿڙندو ٿاٻڙندو در کان ٻاهر نڪري ويو.