هوءَ ڇوڪري
وقت شام جا چار ٿي چڪا هئا پوءِ به سخت گرمي هئي. سريندر جو جسم سخت گرمي هئڻ ڪري پگهريل هو، سريندر چئن ڪلاڪن ۾ هڪ گلاس پاڻي جو پيتو هو پر هي پگهر ان کي سمجهه ۾ نه آيو هو. هو پگهر ۾ شل ٿي چڪو هو.
جڏهن هن ان ڇوڪريءَ کي پپل جي وڻ هيٺان ڏٺو هو ته هن سوچيو ته دنيا جي خوشقسمت ڇوڪري آهي جنهن کي نه ڪنهن گرمي جو احساس آهي نه وري ڪنهن موسم جو. هوءَ بي پرواهه سخت گرميءَ ۾ پپل جي وڻ هيٺان بي فڪر ويٺي آهي، ٻئي طرف سريندر پگهر ۾ شل هو. هن جي گنجي پگهر سبب هن جي جسم سان چنبڙيل هئي. هو ائين پيو محسوس ڪري ڄڻ ڪنهن هن جي جسم تي موبل آئل هاريو هجي.
سريندر جي اندر ۾ خواهش پيدا ٿي ته هو پگهريل هجڻ باوجود ان ڇوڪريءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀري پيار ڪري.
آسمان جو رنگ خاڪسرو هو. اُڀ تي هلڪا بادل ڇانيل هئا. مٽيءَ ۽ هوا جي ميلاپ سان اُ تي رائو ڇانيل هو، ان رائي منجهان اُس جي جهلڪ موجود هئي پر اها ڇوڪري اطمينان سان پنهنجي ڌن ۾ مگن پپل جي وڻ هيٺان ويٺي هئي.
سريندر هن کي غور سان نهارڻ لڳو، هن جو رنگ گَهرو سانورو هو پر هن جا مهانڊا خوبصورت هئا، جيڪي سريندر جي اکين ۾ چپي رهيا هئا.
مزدور پيشي واري ڇوڪري پئي لڳي. ٿي سگهي ٿو هوءَ پينو فقيرياڻي هجي. سريندر هن بابت مختلف اندازا هڻڻ لڳو پر ڪو به فيصلو ڪري نه سگهيو. هاڻي هو اهو پيو سوچي ته ڇوڪريءَ کي هو گهر اچڻ جو اشارو ڪري يا نه ...؟
گهر ۾ سريندر بلڪل اڪيلو هو، هن جي ماءُ ۽ ڀيڻ ڪوهه مري وييل هيون. والد وفات ڪري چڪو هو، هن جو نننڍو ڀاءُ اسڪول جي هاسٽل ۾ ئي رهندو هو. سريندر جي عمر ستاويهه سالن جي لڳ ڀڳ هئي، سريندر اڳ ۾ پنهنجي گهر جي ٻن اڌڙوٽ عمر جي نوڪرياڻين سان لذت واريون گهڙِون گذاري چڪو هو.
سخت گرميءَ باوجود به سريندر جي اندر ۾ خواهش پيدا ٿي ته هو پپل جي وڻ هيٺان پلٿي ماري ويٺل ڇوڪريءَ وٽ وڃي يا کيس اشارو ڪري ته هو هن ڏانهن هلي اچي ته ٻئي ڄڻا گرمي جي موسم ۾ پگهريل هئڻ باوجود به هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀرين.
سريندر بالڪوني وٽ بيهي زور سان کنگهڪر ڪئي پر ڇوڪريءَ هن ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو. سريندر ڪيترائي ڀيرا زور سان کنگهڪر ڪئي، وري به ڪو نتيجو نه نڪتو ته هن ڇوڪري کي سڏ ڪري ورتو “هيڌانهن .... ٿورڙو هيڏانهن به ته نهاريو!”
پر ان ڇوڪريءَ سريندر ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو نه وري هن طرف نهاريو. هوءَ پنهنجي پني کي کنهندي رهي. سريندر کي پريشاني ٿي ته جيڪڏهن ان ڇوڪري بجاءِ ڪو ڪتو اتي بيٺل هجي ها ته هو ضرور آواز ٻڌي هن ڏانهن ڌيان ڏي ها. جيڪڏهن ڪتي کي هن جو آواز نه وڻي ها ته هو هن مٿان ڀونڪي ضرور ها پر هي عجيب ڇوڪري آهي جيڪا هن جو آواز به ٻڌي نه ٿي سگهي، جيڪڏهن ٻڌي ٿي ته ان کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏي ٿي.
سريندر خفا ٿيندي هڪ وڏي رڙ ڪندي ڇوڪريءَ کي سڏيو ”اي ڇوڪري!“ ڇوڪري وري به هن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، نيٺ سريندر ڪاوڙ مان اٿيو ۽ پنهنجو ململ جو چولو پائي هيٺ لهي آيو. جڏهن ڇوڪريءَ وٽ پهتو ته هو مسلسل پنهنجي پٺيءَ کي کنهي رهي هئي. سريندر هن جي مٿان اچي بيٺو. ڇوڪريءَ هڪ نظر سريندر تي وڌي ۽ هن پنهنجي سلوار کي هيٺ ڪري پنيءَ کي ڍڪي ڇڏيو.
سريندر “تون هتي ڇا پئي ڪرين؟”
ڇوڪريءَ جواب ۾ چيس “ويٺي آهيان.”
“ڇو ويٺي آهين؟”
ڇوڪري اٿي بيٺي، “هاڻي مان اٿي بيٺي آهيان.”
سريندر حيرت ۾ پئجي ويو “تنهنجي اٿي بيهڻ سان ڇا ٿيندو مون کي تون اهو ٻڌاءِ ته تون هيتري دير کان هتي ڇو ويٺي آهين؟”
ڇوڪريءَ چيس “توکي ڇا کپي؟”
سريندر ٿوري دير لاءِ پنهنجي وجود کي ڳولڻ لڳو
“مون کي ڇا کپي.... ڪجهه به نه. مان گهر ۾ اڪيلو آهيان.... جيڪڏهن تو مون سان هلندينءَ ته تنهنجي مهرباني ٿيندي”.
ڇوڪريءَ جي سانوري چپن تي عجيب مسڪراهٽ ظاهر ٿي”مهرباني ... ڇا جي مهرباني..... مان هلان ٿي!”
۽ پوءِ گڏجي هلڻ لڳا. جڏهن هو مٿي گهر ۾ داخل ٿي ڪمري اندر پهتا ته ڇوڪري صوفي بدران فرش تي هيٺ ويهي رهي ۽ پني کي کنگهڻ لڳي... سريندر هن جي ڀرسان ويهي سوچڻ. لڳو ته هاڻي کيس ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪٿان کان ڳالهه ٻولهه شروع ڪجي.
سريندر هن جي بدن جو جائزو ورتو.... هوءَ ايڏي خوبصورت ڪانه هئي، پر منجهس اهي نقش ۽ رنگ روغن ضرور موجود هئا جيڪي نوجوان ڇوڪرين ۾ هوندا آهن.... هن جا ڪپڙا ميرا هئا پر ڪپڙن مان هن جو مضبوط جسم نظر اچي رهيو هو.
سريندر چيس “هيٺ ڇو ويٺي آهين، مٿي صوفي تي اچي ويهه...”
ڇوڪريءَ چيس “نه مان هتي ٺيڪ آهيان”
سريندر به هن سان گڏ هيٺ فرش تي ويهندي چيو،
“تنهنجي مرضي... ڀلا اهو ته ٻڌاءِ تون آهين ڪير ۽ پپل جي وڻ هيٺان ايتري دير کان ڇو ويٺي هئينءَ؟”
“مان ڪير به آهيان، پپل هيٺان ڇو ويٺي آهيان.... ان سان تنهنجو ڪوبه مطلب نه هجڻ گهرجي.” اهو چئي ڇوڪري پنهنجي سلوار جو پاچو هيٺ ڪري پني کي ڍڪي ڇڏيو ۽ کنگهڻ بند ڪري ڇڏيائين.
سريندر ڇوڪريءَ جي مست جوڀن بابت سوچي رهيو هو، هو دل ئي دل ۾ ڇوڪريءَ جي انهن ٻن نوڪراڻين سان ڀيٽ ڪري رهيو جن سان هن ٻه ٽي ڀيرا لذت واريون گهڙيون گذاريون هيون. هو ان نتيجي تي پهتو ته اهي نوڪراڻيون ڍليون ۽ اڌ وهي کائي چڪيون هيون، جيئن سالن کان استعمال ٿيل پراڻيون سائيڪلون هجن، پر هن ڇوڪري جو ته هر پرزو پنهنجي جاءِ تي ٽائيٽ هو.
سريندر ڪڏهن به انهن نوڪراڻين کي پنهنجي صوفي جي زينت نه بڻايو هو. اهي نوڪراڻيون هن کي زوريءَ منٿون ڪري لذت ماڻڻ لاءِ تيار ڪنديون هيون پر سريندر محسوس ڪيو ته هن ڀيري هن کي پاڻ ڪجهه اڳڀرو ٿيڻو پوندو. هو اهڙي مشڪل کان واقف نه هو پر اڄ همت کان ڪم ورتائين ۽ ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ زوردار ٻک وڌائين.
ڇوڪريءَ پاڻ ڇڏائيندي چيو “هي ڇا پيو ڪرين؟”
سريندر هڪ ڀيرو وري پريشان ٿي ويو، “مان..... مان ..... ڪجهه به نه.”
ڇوڪريءَ جي سانورن چپن تي عجيب مُرڪ ظاهر ٿي. “آرام سان ويهه!”
سريندر آرام سان ويهي رهيو، پر جسم ۾ جوانيءَ جي ڀڙڪيل باهه هن کي آرام سان ويهڻ نه ڏنو ۽ هن ڇوڪريءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري سيني سان لڳائي ڇڏيو.
ڇوڪريءَ ته گهڻائي هٿ پير هنيا پر هن ڀيري سريندر هن جي سموري بندن کي گرفت ۾ مضوط ڪري ڇڏيو. ڇوڪري هيٺ فرش تي ڪري پئي ۽ سريندر هن جي مٿان اچي پيو، پوءِ نهايت تيزي سان پنهنجا چپ هن جي چپن تي رکي ڌڙا ڌڙ چميون ڏيڻ لڳو. ڇوڪري بيوس ٿي سريندر جي هيٺان دٻجي وئي هئي.
سريندر سمجهيو ته هاڻي ڇوڪري مطمئن ٿي وئي آهي، تنهن ڪري هن پنهنجا هٿ سندس قميص اندر داخل ڪيا ۽ هن جي ارهن کي مهٽڻ لڳو پوءِ ته سمورو ميدان سريندر جي هٿ هيٺ هيو. ڪجهه ئي لمحن ۾ سريندر پگهر ۾ شل ٿي ويو . سريندر کي پڪ ٿي ته هاڻي ميدان هن جي هٿ ۾ آهي. هن وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ بند ڪئي ۽ ڇوڪريءَ کي پلنگ تي ليٽي پوڻ لاءِ چيو. ڇوڪري فرش تان اٿي پلنگ تي وئي ۽ سريندر به هن سان گڏجي پلنگ تي اچي ليٽيو. ڀرسان پليٽ ۾ مالٽا ۽ ڇري رکيل هئي. ڇوڪريءَ هڪ مالٽو کڻندي سريندر کان پڇيو ”مالٽو کانوان؟“
“ها ها، هڪ ڇو سڀ کاءُ.”
سريندر ڇري کنئي ۽ مالٽو ڇلهڻ لڳو، ڇوڪريءَ مالٽو ۽ ڇري کسي سريندر کي چيو ”مان پاڻ ڇلهي کائينديس.”
هن نفاست سان مالٽي کي ڇلهيو ۽ ان جون ڦارون جدا جدا ڪيون، هڪڙي ڦار سريندر ڏي وڌائي ۽ ٻي پاڻ مزي سان چوسيندي رهي. پوءِ چيائين”تو وٽ پستول آهي؟“
سريندر جواب ۾ چيس”ها آهي ته سهي، پر تون ڇا ڪندينءَ؟”
ڇوڪريءَ جي سانورن چپن تي عجيب مسڪراهٽ ظاهر ٿي. چيائين“مون ائين ئي پڇيو. تو کي ته خبر آهي اڄ ڪلهه هندو مسلمان فساد پيا هلن.”
سريندر ٻيو مالٽو کنيو ۽ چيائين اهي فساد اڄ کان ته شروع ڪونه ٿيا آهن، ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهن. مان پنهنجي پستول سان چار مسلمان قتل ڪري چڪو آهيان جيڪي خطرناڪ خوني ماڻهو هئا.”
“سچ!” اهو لفظ چئي هوءَ اٿي بيٺي .چيائين ”مون کي پستول ته ڏيکار.”
سريندر اٿيو ۽ ٻئي ڪمري مان گولين سان ڀريل پستول کڻي آيو . چيائين ”هان هي وٺ، پر ترس“ هن پستول جي سيفٽي پن ٺاهي ورتي، ڇاڪاڻ جو اهو گولين سان ڀريل هو.
ڇوڪري پستول هٿن ۾ زور سان جهليندي سريندر کي چيو”مان به اڄ هڪ مسلمان مارينديس.“ اهو چئي هن سيفٽي پن کي هڪ طرف ڪيو ۽ سريندر مٿان پستول جا فائر ڪيا. ٿوري دير ۾ سريندر جو جسم پٽ تي وڃي ڪريو.
“هي ڇا ڪري ڇڏيئي؟”
ڇوڪريءَ جي سانورن چپن تي مسڪراهٽ ظاهر ٿي ۽ چيائين “اهي چار مسلمان جيڪي تو هن پستول سان ماريا هئا تن ۾ هڪ منهنجو پيءُ به هو.”