ٽوبا ٽيڪ سنگهه
ان سلسلي ۾ ٻنهي حڪومتن وچ ۾ ڪانفرنسون، گڏجاڻيون منعقد ڪيون ويون، نتيجو اهو نڪتو ته ٻئي حڪومتون ان ڳالهه تي راضي ٿي ويون ته پاڳل قيدين جي مٽاسٽا ڪئي وڃي نيٺ هڪ ڏينهن مقرر ٿيو. مسلمان پاڳلن کي پنهنجن پنهنجن مائٽن ڏانهن اُماڻڻ جو بندوبست ڪيو ويو ۽ حڪومتن وچ ۾ ڪاغذي ڪارروائيءَ کان پوءِ سرحدن ڏانهن انهن پاڳلن کي روانو ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪستان مان گهڻي ڀاڱي هندو ۽ سِک هندوستان هليا ويا ان لاءِ پاڪستان ۾ ڪو اهڙو مسئلو پيش نه آيو. پر ڪجهه سِک پاڳل ضرور هئا جن کي حفاظت سان هندوستاني سرحد ڏانهن روانو ڪرڻ ضروري هيو.
هتي لاهور ۾ جڏهن پاڳلن جي مٽاسٽا جي خبر پهتي ته عجيب ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون. هڪ مسلمان پاڳل جيڪو ٻارنهن سالن کان زميندار اخبار پڙهندو هو، ان کان هڪ پاڳل دوست پڇيو مولوي صاحب “پاڪستان ڇا آهي؟” ته هن وڏي غور و فڪر کان پوءِ جواب ڏنس:
“هندوستان ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي پاڪيون ٺاهيون وڃن ٿيون” هي جواب ٻڌي هُن جو دوست مطمئن ٿي ويو. اهڙي طرح هڪ سِک پاڳل ٻئي سِک پاڳل کان پڇيو “سردار جي، اسان کي هندوستان ڇو روانو ڪيو وڃي ٿو؟... اسان کي اتان جي ٻولي ڳالهائڻ به نه ٿي اچي”.
دوست ٻڌي مسڪرايو ۽ وراڻيو ته “مون کي ته ٻولي اچي ٿي.... هندوستاني وڏا حرڪتي ۽ آڪڙ ڪري گهمندا آهن”.
هڪ ڏينهن وهنجندي هڪ مسلمان پاڳل زور سان پاڪستان زندهه باد جا نعرا هڻندي ترڪي زمين تي ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. پاڳل خاني ۾ ڪجهه اهڙا به پاڳل هئا جيڪي پاڳل نه هئا. انهن ۾ اڪثريت اهڙن قاتلن جي هئي جن کي مائٽن پاڳل خاني ۾ قيد ڪرايو هو ته جيئن هو ڦاسي کان بچي وڃن. هي قيدي ڪجهه ڪجهه سمجهن پيا ته هندوستان جو ورهاڱو ڇو ٿيو آهي، پاڪستان ڇا آهي؟ ، پر اهي رونما ٿيندڙ روزانو جي واقعن کان بي خبر هئا. اخبارن پڙهڻ سان ايتري خبر نه پوندي هئي، پاڳل خاني جا سپاهي به اڻپڙهيل ۽ جاهل هئا، انهن کي صرف ايتري خبر هئي ته هڪ ماڻهو محمد علي جناح آهي، جنهن کي قائد اعظم چون ٿا، اهو مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ ٺاهي رهيو آهي، جنهن جو نالو پاڪستان آهي، اهو پاڪستان ڪٿي ۽ ڪهڙي جاءِ تي ٺهندو، ان بابت ڪا خبر ڪا نه هئي، اُهي پاڳل ۽ نيم پاڳل حالتن کان ڏاڍو مايوس هئا ۽ سخت پريشان هئا ته پاڪستان ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن هوُ پاڪستان ۾ آهن ته اهو ڪيئن آهي، اڳ ۾ ته هو لاهور ۾ رهندي به هندوستان ۾ هئا.
هڪ پاڳل پاڪستان ۽ هندوستان، هندوستان ۽ پاڪستان جي چڪر ۾ وڌيڪ پاڳل ٿي پيو، هو هڪ ڏينهن ٻهارو ڏيندي هڪ وڻ تي چڙهي ويو، ۽ ڏار تي ويهي ٻه ڪلاڪ مسلسل تقرير ڪندو رهيو. جيڪا پاڪستان ۽ هندوستان جي ورهاڱي بابت هئي، سپاهين وڻ تان هيٺ لهڻ لاءِ چيس ته اُهو پاڳل وڌيڪ مٿي وڻ تي چڙهي ويو. سپاهين هن کي وڌيڪ ڊيڄاريو ۽ دڙڪا ڏنا ته پاڳل چيو:
“مان هندوستان ۾ رهڻ ٿو گهران پاڪستان ۾ نه...، ٻي صورت ۾ مان هن وڻ تي رهڻ پسند ڪندس”.
وڏي مشڪل سان پاڳل کي وڻ تان هيٺ لاٿو ويو... هو لهڻ سان پنهنجي سِک دوستن سان ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو، ان خيال کان ته ان جو دوست هندو ۽ سِک هن کي ڇڏي هندوستان هليا ويندا.
هڪ ايم ايس سي پاس ريڊيو انجنيئر جيڪو مسلمان هو ۽ ٻين پاڳلن کان الڳ ٿلڳ رهندو هو، باغ ۾ سارو ڏينهن خاموش ٽهلندو هو، ان ۾ هڪ تبديلي نمودار ٿي. ان ڏينهن هن پنهنجي جسم تان ڪپڙا لاهي ڦٽي ڪيا. ۽ ننگو ساري باغ ۾ ٽهلندو رهيو.
چينوٽ جي هڪ ٿلهي متاري مسلمان پاڳل جيڪو مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن رهي چڪو هو ۽ ڏينهن ۾پندرهن سورنهن ڀيرا وهنجندو هو، تنهن وهنجڻ واري عادت ڇڏي ڏني. ان پاڳل جو نالو محمد علي هو. تنهن هڪ ڏينهن پاڳل وارڊ ۾ رڙيون ڪندي اعلان ڪيو ته مان قائد اعظم محمد علي جناح آهيان. ساڳي وارڊ ۾ قيد هن پاڳل کي ڏسي ٻيو سک پاڳل قيدي پاڻ کي ماسٽر تارا سنگهه سڏائڻ لڳو ۽ هو پاڻ ۾ وڙهڻ جون تياريون ڪرڻ لڳا. پر سپاهين ٻنهي قيدين کي خطرناڪ پاڳل قرار ڏيئي الڳ الڳ وارڊن ۾ بند ڪري ڇڏيو.
لاهور جي هڪ هندو وڪيل هو جيڪو محبت ۾ ناڪام ٿي پاڳل ٿي پيو هو، جڏهن هن ٻڌو ته امرتسر هندوستان ۾ هليو ويو آهي ته هن کي سخت صدمو رسيو، امرتسر ۾ رهندڙ هندو ڇوڪري سان محبت ڪندو هو، ڇوڪري وڪيل کي ٺُڪرائي ڇڏيو هو، پر وڪيل اڄ به ان ڇوڪري کي ديوانگي جي عالم ۾ به وساري ناهي سگهيو، وڪيل ورهاڱي ڪندڙ سياسي اڳواڻن کي گاريون ڏيئي رهيو هو، جن جي ڪري هندوستان کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهايو پيو وڃي، جنهن ڪري هن جي محبوبه هندوستاني ٿي وئي ۽ پاڻ پاڪستاني”.
جڏهن پاڳلن جي مٽاسٽا واري ڳالهه هلي ته وڪيل کي پاڳلن سمجهايو، ته هو دل برداشت نه ٿي، هن کي به هندوستان موڪليو ويندو. اتي هندوستان ۾ جتي هن جي محبوبه رهندي آهي، پر هُو لاهور ڇڏڻ نه پيو چاهي ان خيال کان ته هن جي وڪالت واري پريڪٽس امرتسر ۾ هلي نه سگهندي.
يورپين وارڊ ۾ ٻه اينگلو انڊين پاڳل قيد هئا انهن کي جڏهن اها خبر پئي ته انگريز هندوستان آزاد ڪري هليو ويو آهي ته انهن کي سخت صدمو رسيو. هو پاڻ ۾ لڪي لڪي ان ڳالهه تي بحث ڪندا هئا ته هاڻي هن پاڳل خاني ۾ هنن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو. يورپين وارڊ رهندو يا ان کي بم سان اڏايو ويندو، ناشتو ملندو يا نه ڊبل روٽي ملندي يا اندين چپاتي...؟
هڪ سِک هو، جنهن کي پاڳل خاني ۾ داخل ٿئي پندرنهن سالن جو عرصو ٿي چڪو هو. هر وقت هن جي زبان تان عجيب و غريب جملا ٻڌڻ لاءِ ملندا هئا. هن پاڳل کان ننڊ ڪوهين ڏور هئي. رات ڏينهن جاڳي گذاريندو هو. سپاهين جو چوڻ هو ته پندرنهن سالن ۾ هن ڪڏهن به ننڊ نه ڪئي نه ئي ليٽندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي وقت گذاريندو هو.
هو اڪثر بيٺل نظر ايندو هو جنهن ڪري هن جا پير ۽ پنيون سڄيل رهنديون هيس. هو جسماني تڪليف باوجود به ليٽي آرام نه ڪندو هو. هندوستان ۽ پاڪستان پاڳلن جي وچ ۾ پاڳلن جي مٽاسٽا متعلق جڏهن به پاڳل خاني ۾ گفتگو ٿيندي هئي ته هو غور سان ٻڌندو هو ڪو هن کان ورهاڱي بابت پڇندو هو ته تنهنجو ڇا خيال آهي؟ ته هو چپن ۾ ڀڻڪي پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ هليو ويندو هيو، هڪ ڏينهن هو ڏاڍو پريشان هو ۽ هن ٻين پاڳلن کان پڇڻ شروع ڪيو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي؟ جتان جو هو رهاڪو هو پر اهو ته ڪنهن به پاڳل کي معلوم نه هو ته هندوستان ۾ آهي يا پاڪستان ۾ جيڪو ٻڌائي پيو اهو پاڻ اُلجهي پيو پوي ته سيالڪوٽ پهريون هندوستان ۾ هو هاڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پاڪستان ۾ آهي ڪهڙي خبر ته لاهور جيڪو هاڻ پاڪستان ۾ آهي اهو سڀاڻي هندوستان ۾ هليو وڃي يا سمورو هندوستان ئي پاڪستان بڻجي وڃي! يا اهو ڪير به نه ٿو ٻڌائي سگهي ته هندوستان ۽ پاڪستان ٻئي ملڪ هڪ ڏينهن منڍان کان ئي ڌرتيءَ تان غائب ٿي وڃن.
پاڳل خاني ۾ هو صحت صفائي تي گهٽ ڌيان ڏيندو هو، هن جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وارَ وڏا ٿي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا هئا. هن جي شڪل ڊيڄاريندڙ ٿي چڪي هئي پر هو هڪ خوددار انسان هو، پندرنهن سالن ۾ هن ڪنهن سان به جهيڙو فساد نه ڪيو، پاڳل خاني جا پراڻا ملازم هن بابت ٻڌائين ٿا ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ وڏي زرعي زمين جو مالڪ هو، وڏو زميندار هو، اوچتو هن جو دماغ ڦري ويو ۽ چريو ٿي پيو، هن کي مائٽن لوهي زنجيرن ۾ جڪڙي هتي کڻي آيا هئا ۽ پاڳل خاني ۾ داخل ڪرائي هليا ويا. مهيني ۾ هڪ ڀيرو ملاقات لاءِ ڪو نه ڪو ايندو هوس، خير خيريت وٺي هليو ويندو هو، ڪافي عرصو اهو سلسلو هليو پوءِ جڏهن هندوستان ۽ پاڪستان جي هندو مسلمانن وچ ۾ جهيڙا شروع ٿيا ته هن جي مائٽن جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو.
هن پاڳل جو نالو بشن سنگهه هو پر پاڳل خاني ۾ هن کي سڀ ٽوبا ٽيڪ سنگهه چوندا هئا. هن کي ڪا به خبر نه هئي ته ڏينهن ڪهڙو آهي يا مهينو، يا ڪيترا سال هن کي قيدخاني ۾ گذري چڪا آهن. هنکي ايتري خبرهوندي هئي ته اڄ هن جا ملاقاتي ايندا هو اڳواٽ سپاهين کي ٻڌائيندو هو ته اڄ هن جا ملاقاتي ملڻ ايندا تنهن ڪري هو ان ڏينهن صابڻ سان وهنجي سهنجي مٿي ۾ تيل وجهي ڦڻي ڪندو هو نوان ڪپڙا پهري هو ملاقاتي مائٽن سان ملڻ ايندو هو.
مائٽن جي سوالن جوابن تي هو خاموش رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهين وچ ۾ چپن ۾ عجيب قسم جو ڀڻڪو ڪري خاموش ٿي ويندو هو.
هن کي اولاد ۾ هڪ ڌيءَ هئي جنهن کي هن ننڍپڻ ۾ روئيندي ڏٺو هو. سا هاڻ پندرنهن سالن جي جوان ٿي چڪي آهي، بشن سنگهه هن کي سڃاڻي ئي نه سگهيو، نوجوان ڌيءَ جڏهن پنهنجي والد بشن سنگهه کي پاڳل خاني ۾ ڏٺو هو ته هو زارو قطار روئڻ لڳي.
هوءَ بلڪل ننڍڙي هئي جڏهن پيءُ کي ڏسي روئي ويهندي هئي، هاڻ هوءَ جوان آهي تڏهن به هوءَ پيءُ کي ڏسي روئي ويٺي.
پاڪستان ۽ هندوستان جو قصو شروع ٿيو ته هن ٻين پاڳلن کان پڇيو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي؟ جڏهن هن کي مطمئن ڪندڙ جواب نه ملندو هو ته هن جي تڪليف ڏسي نه سگهبي هئي، وڏي اذيت مان گذرندو هو، هاڻ ڪو به ملاقاتي هن سان ملڻ ڪو نه ٿو اچي، پهريان ته هن کي مائٽن ذريعي ملڪ ۾ اُٿل پٿل جي خبر چار ملندي هئي ۽ انهن مائٽن جي آمد جي گهڙين جي خبر هوندي هئس پر هاڻ اهو به مشڪل ٿي ويو آهي، هن جي دل جو آواز به ويهجي ويو آهي، ۽ هن جي دل ۾ اُڻتڻ وڌي وئي آهي ڇاڪاڻ جو هن کي مائٽن جي اچڻ جي ڪا خبر ئي نه ٿي پوي.
هن جي وڏي خوشي ان ۾ هئي ته هن جا ملاقاتي اچن ۽ هن سان همدردي ڪن. ساڻ ڪپڙا، ضروري سامان ۽ ميوا وغيره کڻي اچن، ۽ اهي هن کي ٻڌائي سگهن ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه پاڪستان ۾ آهي يا هندوستان ۾؟ پر هن کي يقين هو ته هن جا مائٽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه مان اچن پيا، جتي هن جون وڏيون زرخيز زمينون هيون.
پاڳل خاني ۾ هڪ پاڳل اهڙو هو جيڪو پاڻ کي خدا چوندو هو، ان کان هڪ ڏينهن بشن سنگهه پچيو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه پاڪستان ۾ آهي يا هندوستان ۾. ان پاڳل حسب عادت وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو ته “ٽوبا ٽيڪ سنگهه نه پاڪستان ۾ آهي نه هندوستان ۾، ڇاڪاڻ جو ان بابت مون ڪو به حڪم ناهي ڏنو”.
بشن سنگهه ان خدا آڏو ڪيترا ڀيرا منٿون ميڙون ڪيون ته هو حڪم ڏي ته جيئن جلد جهنجهٽ ختم ٿي پر ان ڏينهن اهو خدا انتهائي مصروف هو. هن کي ٻيا بيشمار حڪم ناما جاري ڪرڻا هئا.
هڪ ڏينهن بشن سنگهه ان خدا مٿان ڪڙڪي پيو، “اوپردي گڙگڙ دي اينڪس سي بي دهيانا دي منگ دي وال آف دي گروجي خالصه اينڊ واهي گورو جي ڪي فتح، جو بولي سو نهال، ست سري آڪال”
مٽاسٽا وارن ڏهاڙن کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽوبا ٽيڪ سنگهه جو هڪ مسلمان دوست ملاقات لاءِ آيو، بشن سنگهه هن کي ڏسي سڃاڻي نه سگهيو ۽ موٽي وارڊ ڏانهن وڃڻ لڳو ته اتي بيٺل سپاهين هن کي روڪي ورتو ۽ چيائونس ته “ هي ماڻهو توسان ملڻ ايو آهي، هي تنهنجو پراڻو دوست فضل الدين آهي”.
بشن سنگهه فضل الدين تي هڪ نظر وڌي ۽ ڪجهه چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳو فضل الدين اڳتي وڌيو هن جي ڪُلهي تي هٿ رکيو، “مان گهڻن ڏينهن کان سوچيان پيو ته توسان مِلان، پر فرصت ئي نه ملي، تنهنجا سڀ مائٽ خيريت سان هندوستان لڏي ويا آهن. مون کان جيتري مدد پُڳي مون ڪئي تنهنجي ڌيءَ روپ ڪور....” هو چوندي چوندي رُڪجي ويو. بشن سنگهه ڪجهه ياد ڪرڻ لڳو “منهنجي ڌيءَ روپ ڪور!” فضل الدين رڪجي رڪجي چيو “جي... هوءَ .... هوءَ به ٺيڪ آهي ساڻ هوءَ به مائٽن سان گڏ هندوستان هلي وئي آهي.
بشن سنگهه خاموش رهيو، فضل الدين چوڻ لڳو “انهن تنهنجي خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ چيو هو......”
پر هاڻي مون ٻڌو آهي ته تون به هندوستان پيو وڃين،
ڀاءُ بلبير سنگهه ۽ ڀاءُ وڌاوا سنگهه کي منهنجا سلام چوندا ۽ ڀيڻ امرت ڪور کي به .... بلبير سنگهه کي چئجانءِ ته فضل الدين بلڪل خوش آهي... ان جون ڇڏي ويل ٻن ڀورين مينهن مان هڪ کي مون ڪُهي ڇڏيو آهي ٻي مينهن بيماريءَ ۾ مري وئي، منهنجي لاءِ ڪا خدمت آهي ته مان هر وقت حاضر آهيان.... ۽ ها هي وٺ تنهنجي لاءِ ڪجهه سامان آندو اٿم....”
بشن سنگهه سامان کڻي ڀرسان بيٺل سپاهيءَ جي حوالي ڪيو، هڪ ڀيرو ٻيهر فضل الدين کان بشن سنگهه پڇيو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي”.
فضل الدين حيرت مان چيو “ڪٿي آهي!”..... اتي آهي جتي هيو.....!” بشن سنگهه وري پچيو......؟”
هندوستان ۾ ...... يا پاڪستان ۾؟”
“هندوستان ۾ .... نه نه پاڪستان ۾” فضل الدين وائڙو ٿيندي جواب ڏنو. بشن سنگهه ڀڻڪندو واپس وارڊ ۾ هليو ويو.
مٽاسٽا جون تياريون مڪمل ٿي چُڪيون هيون، پاڪستان ۽ هندوستان جي قيدي پاڳلن جون فهرستون پاڳل خاني جي انتظاميه وٽ پهچي چُڪيون هيون، ڏينهن به مقرر ٿي چڪو هو.
سخت سردين جي موسم هئي، لاهور جي پاڳل خاني مان هندو ۽ سِکَ پاڳلن جون بسون ڀري پوليس جي پهري هيٺ بارڊر ڏانهن روانيون ڪيون ويون، لاڳاپيل آفيسر به گڏ هئا. واگها بارڊر تي ٻنهي ملڪن جا آفيسر سپرنٽينڊنٽ هڪ ٻئي سان مليا، ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي، بعد ۾ مٽاسٽا جو عمل شروع ٿيو، جيڪو رات دير تائين جاري رهيو.
پاڳلن کي بسن مان لاهي ٻنهي ملڪن جي آفيسرن جي حوالي ڪيو ويو. جيڪو ڪم انتهائي ڪٺن هو. ڪجهه پاڳل ته بسن مان هيٺ ئي نه پيا لهن. ڪن کي منٿون ڪري لاٿو ويو ته ڪي ڀڄي پيا وڃن. ڪن کي پڪڙڻ مشڪل ٿي پيو پوي، جيڪي پاڳل ننگا هئا انهن کي ڪپڙا پارايا وڃن پيا ته اهي ڪپڙا ڦاڙي ڦٽي پيا ڪن. ڪو پاڳل گاريون پيو ڏيئي ته ڪو گانا ڳائي رهيو هو ته ڪي وري پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا، ڪي روئي رهيا هئا. مطلب ته وڏو شور ۽ گوڙ هيو، پاڳل عورتن جو به وڏو شور هيو. سردي تيز هئي. پاڳلن جا سيءَ ۾ ڏند کڙڪي رهيا هئا.
پاڳلن جي اڪثريت مٽاسٽا جي حق ۾ نه هئي، هنن کي اهو سمجهه ۾ پيو اچي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي ۽ هنن کي هڪ جاءِ تان کڻي ٻي جاءِ تي زوري ڇو ٿو اڇليو وڃي. چند پاڳلن پاڪستان زنده باد ۽ ڪي وري پاڪستان مرده باد جا نعرا هڻي رهيا هئا. هڪ ٻه ڀيرا جهيڙو ٿيندي ٽري ويو، ڇاڪاڻ جو مسلمانن ۽ سکن کي نعري تي ڪاوڙ پئي لڳي.
جڏهن بشن سنگهه جو وارو آيو ته واگها جي هن پار لاڳاپيل آفيسر هن جو نالو رجسٽر ۾ داخل ڪرڻ لڳو ته هن آفيسر کان پڇيو ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي؟
“پاڪستان ۾ يا هندوستان ۾” آفيسر مرڪندي جواب ڏنس ته اهو پاڪستان ۾ آهي، اهو ٻڌي بشن سنگهه ٽپو ڏئي پاڪستان واري پاسي ڏانهن ڀڄي وڃي پنهنجي باقي دوستن وٽ پهتو. پاڪستاني سپاهين هن کي پڪڙي ورتو. ۽ هن کي هندوستان واري پاسي وٺي وڃڻ لڳا. پر هن هلڻ کان انڪار ڪيو هو زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو ٽوبا ٽيڪ سنگهه هتي آهي.
بشن سنگهه کي ڏاڍو سمجهايو ويو ته هاڻي ٽوبا ٽيڪ سنگهه هندوستان ۾ هليو ويو آهي جيڪڏهن نه ويو آهي ته جلد هن کي اوڏانهن اماڻيو ويندو. پر هن نه مڃيو هن کي زبردستي هندوستان وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بشن سنگهه بارڊر جي وچ واري حصي ۾ پنهنجي سڄيل ٽنگن تي بيهي رهيو. ائين بيهي رهيو ڄڻ هن کي دنيا جي ڪا به طاقت هٽائي نه سگهندي.
بشن سنگهه خوددار ۽ سڌو سنئون ماڻهو هو، ان ڪري هن سان وڌيڪ زور زبردستي نه ڪئي وئي، هن کي اتي بيهڻ ئي ڏنو ويو، باقي مٽاسٽا وارو ڪم هلندو رهيو.
سج نڪرڻ کان اڳ بشن سنگهه کان هڪ زوردار اڀ ڏاريندڙ رڙ نڪتي، ڀرپاسي بيٺل سڀ آفيسر ڀڄندا هن وٽ پهتا، ڇا ڏسن ته پندرنهن سالن کان رات ڏينهن ٽنگن تي بيهڻ وارو ماڻهو، زمين تي اونڌي منهن ڪريل هو، هوڏانهن خاردار تارن جي پوئيان هندوستان هو هيڏانهن تارن جي پوئيان پاڪستان هو. هو بارڊر جي وچ واري زمين جي حصي تي جنهن جو ڪو به نالو نه هو، اهو ئي هن جو ٽوبا ٽيڪ سنگهه هو، جتي هو اونڌي منهن ڪريل هو.