ڪھاڻيون

منٽو جا 100 سال

اردوءَ جي نامياري افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي 13 چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ھن مجموعي جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ ۽ شاعر بشير منگي آھي.
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1176
  • 582
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منٽو جا 100 سال

کولي ڇڏ

امرتسر مان اسپيشل ٽرين ٻن پهرن جو ٻين وڳي هلي ۽ اٺن ڪلاڪن جي مسافريءَ کان پوءِ مغل پوره پهتي.
رستي ۾ ڪي ئي ماڻهو مارجي چُڪا ها، ڪيترائي زخمي ٿيا ۽ ڪجهه هيڏي هوڏي ڀٽڪي گم ٿي ويا هئا.
صبح ڏهين وڳي... ڪيمپ جي ٿڌڙي زمين تي جڏهن سراج الدين اکيون کوليون ته پنهنجي چئني طرفن ڏانهن نهاريائين ته کيس ماڻهن جو سمنڊ نظر آيو. هن جي سوچڻ جي سگهه ويتر ضعيف ٿي وئي ۽ هو ميرانجهڙي آسمان ڏانهن تمام دير تائين نهاريندو رهيو______ هونءَ ته هر طرف هل هنگامو متل هو پر پوڙهي سراج الدين جا ڄڻ ته ڪن بند هئا. هن کي ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو. ان دوران ڪنهن کي کيس ڏسي ٿي ورتو ته اهو خيال ڪري گذري پيو وڃي ته ڄڻ پوڙهو ڪنهن اونهي فڪر ۾ غرق آهي_____ ميرانجهڙي آسمان ڏانهن بغير ڪنهن ارادي جي ڏسندي ڏسندي سراج الدين جون اکيون جڏهن سج سان ٽڪريون ته تيز روشني هن جي وجود جي انگ انگ ۾ سمائجي وئي ۽ هو جاڳي پيو. هن جي دماغ ۾ ڪي ئي تصويرون تري آيون. لٽ مار، چوطرف باهه جا شعلا ... ڀڄ ڀڄان....اسٽيشن..... گوليون.... رات ۽ سڪينه....!
سراج الدين هڪدم اٿي بيهي رهيو ۽ چرين جيان چئن طرفن ۾ پکڙيل انسانن جي سمنڊ کي جاچڻ شروع ڪيو.
ٽن ڪلاڪن تائين هو سڪينه... سڪينه... رڙيون ڪندي سڏيندو رهيو ۽ هر ڪيمپ ۾ هن کي ڳوليندو رهيو، پر هن کي جوان ڌيءَ جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو ڪيمپ اندر شور، ڀڄ ڊڪ متل هئي، ڪو پنهنجي ٻار کي پيو ڳولي ته ڪو پنهنجي ماءُ کي، ڪو زال کي ت ڪو ڌيءَ کي ڳولي رهيو هو.
سراج الدين، سڪينه کي ڳولهيندي ڳولهيندي ٿڪجي هڪ جاءِ تي وڃي ويٺو ۽ حافظي تي زور ڏيندي سوچڻ لڳو ته سڪينه هن کان ڪڏهن ۽ ڪٿي جدا ٿي ويئي هئي پر سوچيندي سوچيندي هن جو دماغ سڪينه جي ماءُ جي لاش تي اچي رڪجي ويو جنهن جا سمورا آنڊا ٻاهر نڪتل ها ______ هو ان کان وڌيڪ سوچي نه سگهيو.
سڪينه جي ماءُ مري چڪي هئي ____ ۽ هن سراج الدين جي اکين اڳيان دم ڏنو هو _______ پر سڪينه ڪٿي آهي؟ اهو سوال سراج الدين کان مرندي وقت سڪينه جي ماءُ پڇيو هيو.
“مون کي ڇڏ جيترو جلدي ٿي سگهئي سڪينه کي وٺي هتان ڀڄي وڃ...”
سڪينه سراج الدين سان گڏ هئي، پيءُ ڌيءَ پيرين اگهاڙا ڀڄندا پئي آيا. رستي ۾ سڪينه جو اوچتو رئو ڪري پيو ته رئي کي کڻڻ لاءِ هو ٿوري وقت لاءِ رڪيو تنهن تي سڪينه رڙ ڪندي پيءُ کي چيو هو:“ابا جي ..... ڇڏ ان رئي جي پچر”.
پر سراج الدين اُهو رَئو رستي تان کڻي ورتو هو.
هاڻي هن هوش سنڀاليندي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ ڪوٽ جي کيسي مان رَئو ڪڍيو جيڪو سڪينه جو هو پر سڪينه هن کي نظر نه آئي؟
سراج الدين پنهنجي ٿڪل دماغ تي گهڻو زور ڏنو ته سڪينه ڪاڏي وئي پر هو ڪنهن به نتيجي تي نه پهچي سگهيو. ڇا هو سڪينه کي پاڻ سان گڏ اسٽيشن تائين وٺي آيو هو؟ ڇا هوءَ هن سان گڏ ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿي هئي؟ يا رستي ۾ جڏهن ٽرين بيٺي هئي ته ٽرين ۾ وڳوڙي ماڻهون گهڙي آيا هئا. ان وقت هو بيهوش ٿي ويو هو؟ ۽ اُهي وڳوڙي سڪينه کي کنڀي کڻي ويا هئا....؟
سراج الدين جي ذهن ۾ گهڻا ئي سوال هئا پر هن وٽ انهن سوالن جو ڪو به جواب نه هو ________ سراج الدين کي هن وقت همدرديءَ جي ڏاڍي ضرورت هئي پر چئني طرفن کان جيڪي انسان نظر پئي آيا انهن سڀني کي همدرديءَ جي ضرورت هئي ______ هن روئڻ پئي چاهيو پر هن جي اکين مان ڳوڙها نه ٽمي سگهيا، نه ڄاڻ اهي ڳوڙها ڪاڏي گم ٿي چُڪا ها.
ڇهن ڏينهن کان پوءِ جڏهن سراج الدين هوش ۾ آيو ته هو انهن ماڻهن سان مليو جيڪي هن جي مدد ڪري رهيا ها ____ اهي اٺ رضاڪار نوجوان هئا. جن وٽ موٽر گاڏي هئي، ساڻ بندوقون هيون. سراج الدين هنن کي دعائون ڏيندي گم ٿيل سڪينه جو حُليو ٻڌايو.
“هو نهايت خوبصورت ۽ گوري چٽي رنگ واري ڇوڪري آهي جيڪا پنهنجي ماءُ جي مهانڊي آهي. عمر سترنهن سالن جي لڳ ڀڳ، وڏيون اکيون ڪارا وار، ساڄي ڳل تي تر جي نشاني اٿس.... ۽ اها منهنجي ڌيءَ آهي سڪينه. خدا جي واسطي ان کي ڳولهڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو، خدا توهان سان ڀلائي ڪندو.
رضاڪار نوجوانن سراج الدين کي يقين ڏياريو ته هن جي ڌيءَ جيڪڏهن زنده هوندي ته ٿورن ڏينهن ۾ هوءَ تنهنجي اکين اڳيان هوندي.
انهن اٺن نوجوانن سر تريءَ تي رکي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ هو امرتسر روانا ٿي ويا. ڪيترين عورتن، مردن ٻارن کي هڪ هڪ ڪري ڪيمپن مان ڪڍي پنهنجن پنهنجن محفوظ جڳهن تائين پهچايو ____. پر ڪيترائي ڏينهن گذري ويا انهن نوجوانن کي سڪينه جو ڪٿي به ڏس پتو نه مِلي سگهيو.
هڪ ڏينهن هو ان ئي خدمت واري جذبي تحت پنهنجي موٽر گاڏيءَ ۾ امرتسر وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هنن کي هڪ ڇوڪري نظر آئي _____ جنهن موٽر گاڏيءَ جو آواز ٻڌندي ئي تيزيءَ سان ڀڄڻ شروع ڪيو، نوجوانن موٽرگاڏي روڪي ان ڇوڪريءَ جي پٺيان پڪڙڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳا....
نيٺ وڃي رستي جي پاسي تي ٻنيءَ ۾ هنن ڇوڪريءَ کي پڪڙي ورتو ______ ڇوڪري خوبصورت هئي ساڄي ڳل تي تِرَ جو نشان هو. هڪ نوجوان هن ڇوڪريءَ کي چيو “گهٻراءِ نه....! ڇا تنهنجو نالو سڪينه آهي...؟”
ڇوڪري جي چهري جو رنگ بدلجي ويو. هن ڪو به جواب نه ڏنو جڏهن سڀني نوجوانن هن کي دلاسو ڏنو ته ڪجهه ڇوڪريءَ کي آٿت ملي. ________ ۽ هن اِهو مڃي ورتو ته هوءَ ئي سراج الدين جي ڌيءَ سڪينه آهي.
نوجوانن سڪينه کي آٿت ڏني ۽ ماني کارائي، کير پيئاريو ۽ موٽر گاڏيءَ ۾ ويهاريو _____ هڪ نوجوان پنهنجو ڪوٽ لاهي سڪينه جي تن کي ڍڪيو. ڇو ته سڪينه جي مٿي تي رَئو نه هئڻ سبب، هوءَ پنهنجي ٻانهن سان سينو ڍڪي رهي هئي.
ڪيترا ئي ڏينهن گذري ويا .... سراج الدين کي سڪينه جي ڪا خبر نه ملي .... هو سڄو ڏينهن ڪيمپن ۾ دفترن ۾ ڌڪا کائيندو رهيو پر هن کي ڌيءَ جو ڪٿان به پتو نه پيو. سڄي رات جاڳي جاڳي هو نوجوانن لاءِ دعائون گهرندو رهيو جيڪي هن جي ڌيءَ کي ڳولهڻ نڪتا ها.... هڪ ڏينهن سراج الدين انهن نوجوانن کي ڪيمپ ۾ ڏٺو ته ڀڄندو ڀڄندو وٽن ويو ۽ انهن کان پڇيو:
“ پٽ... منهنجي سڪينه جي ڪا خبر پئي”
سڀني هڪ زبان ٿي هن کي جواب ڏنو“خبر پئجي ويندي”.
سراج الدين ڪنهن قدر مطمئن ٿيو ۽ هنن کي ويتر دعائون ڏيڻ لڳو.
شام جا پاڇا لڙي رهيا هئا. سراج الدين جتي ڪيمپ ۾ ويٺو هو ان جي قريب ئي ڪجهه گوڙ ٿيو، چار ماڻهو ڪجهه کنيون پئي آيا. سراج الدين کانئن پڇيو ته هنن کيس ٻڌايو ته هڪ ڇوڪري ريلوي لائين وٽ بيهوش پئي هئي. جنهن کي کڻيو اسپتال پيا وڃون.
ماڻهن ڇوڪريءَ کي اسپتال وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو. سراج الدين اتي پهچي ويو.... هو ڪجهه دير تائين اسپتال جي ٻاهران بيٺو رهيو پوءِ آهستي آهستي اسپتال جي هڪ ڪمري ۾ داخل ٿي ويو.... ڪمري ۾ ٻيو ڪو به نه هو.... هڪ اسٽريچر پيو هو.... جنهن تي لاش پيو هو. سراج الدين ننڍا ننڍا قدم ڀريندو اسٽريچر ڏانهن وڌيو..... ڪمري ۾ ڪجهه روشني ٿي. سراج الدين لاش جي پيلي ٿيل چهري تي چمڪندڙ تر کي ڏٺو ۽ رڙ ڪندي پُڪاريو “سڪينه”.
ڊاڪٽر، جنهن ڪمري ۾ اچي روشني ڪئي هئي، هن کان پڇيو “ڇا هي...؟” سراج الدين جي وات مان صرف هي لفظ نڪتا.
“جي مان.... جي مان..... هن جو پيءُ آهيان”.
ڊاڪٽر اسٽيچر تي پيل لاش ڏانهن نهاريو ۽ هن ڏانهن وڌي وڃي هن جي نبض جاچڻ لڳو. ڊاڪٽر سراج الدين کي چيو: “دري کولي ڇڏ”.
سڪينه جي مرده جسم ۾ حرڪت آئي. هن بي جان هٿن سان پنهنجو اڳٺ کوليو ۽ سلوار هيٺ سُرڪائي ڇڏي.
سراج الدين هلڪي رڙ ڪندي چيو“زندهه آهي.... منهنجي ڌيءَ زندهه آهي”
ڊاڪٽر مٿي کان وٺي پيرن تائين پگهرجي ويو.