ڪھاڻيون

منٽو جا 100 سال

اردوءَ جي نامياري افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي 13 چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ھن مجموعي جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ ۽ شاعر بشير منگي آھي.
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1176
  • 582
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منٽو جا 100 سال

پيرن

هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن مان بي انتها غريب هئس. بمبئيءَ ۾ نَوَ روپيا مهيني تي هڪ بلڊنگ جي کولي ٽائيپ ڪمري ۾ رهندو هئس. جنهن ۾ نه پاڻي جو نلڪو هو ۽ نه بجلي جو ڪو نانءُ نشان هو. ڪمرو نهايت غليظ هوندو هو. ان جي ڇت تان منگهڻ منهنجي مٿان ڪرندا هئا ۽ ڪوئن جو تعداد به ڪافي هيو، ڪوئا ايترا وڏا هئا جو ٻليون به انهن کان ڊڄنديون هيون، اهڙا ڪوئا مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪٿي به نه ڏٺا هئا.
بلڊنگ ۾ هڪ ئي وهنجڻ جي جاءِ هوندي هئي، جنهن جي دروازي جو ڪنڊو ٽٽل هئو. صبح جو سوير اُتان جون عورتون پاڻي ڀرڻ لاءِ ان غسل خاني ۾ جمع ٿينديون هيون. يهودي، مرهٽي، گجراتي، ڪرسچن، مختلف قسمن جون عورتون.
مان روز انهن عورتن جي اچڻ کان اڳ وهنجڻ واري جاءِ ۾ گهڙي وهنجڻ شروع ڪري ڇڏيندو هئس. هڪ ڏينهن منهنجي اک ٿوري دير سان کُلي مان سڌو غسل خاني ۾ ويس ۽ وهنجڻ شروع ڪيم. ٿوريءَ دير ۾ دروازو ڌڪي سان کلي پيو. سامهون منهنجي پاڙيواري ڪڇ ۾ دلو کنيو بيٺي هئي. هن مون کي ٿوري دير غور سان ڏٺو ۽ تڪڙ ۾ پوئتي مُڙي وئي پر سندس ڪَڇ مان دلو ترڪي فرش تي ڪري پيو ۽ هوءَ اتان ائين وٺي ڀڳي ڄڻ ڪو شينهن سندس ڪڍ پيو هجي. مان ڏاڍو کليس ۽ اُٿي در بند ڪري وري وهنجڻ لڳس.
ٿوري دير کان پوءِ دروازو ٻيهر کليو ۽ در تي برج موهن بيٺل هو. مون ڪپڙا پئي پاتا. هن مون کي چيو ته “يار منٽو! اڄ آچر آهي”. مون کي ياد اچي ويو ته هر آچر تي برج موهن پنهنجي دوست “پيرن” سان ملڻ باندرا ويندو آهي ۽ اڄ آچر آهي. پيرن هڪ معمولي شڪل صورت جي پارسي ڇوڪري هئي، جنهن سان برج موهن جو گذريل ٽن سالن کان عشق جو چڪرُ هلندڙ هيو. هر آچر تي برج موهن مون کان اَٺ آنا ٽرين جو ڪرايو وٺي پيرن سان ملڻ باندرا ويندو هو. اڌ ڪلاڪ ان سان ڪچهري ڪندي هو ۽ حل ڪيل هفتيوار السٽرٽيڊ جا ڪراس ورڊ پزل هن کي ڏئي واپس اچي ويندو هو. هو بيروزگار هو. سڄو ڏينهن ويٺو مختلف اخبارن ۽ رسالن مان ڪراس ورڊ پزل حل ڪندو هو ۽ اُهي سڀ حل ڪيل ڪراس ورڊ آچر ڏينهن اچي پيرن کي ڏيندو هو، جيڪا پنهنجي نالي سان موڪليندي هئي ۽ ننڍا ننڍا انعام پڻ وصول ڪندي هئي، برج موهن انهن انعامن مان هڪ پائي به پيرن کان نه گهري هئي.
برج موهن وٽ پيرن جون بيشمار تصويرون مختلف لباسن ۾ موجود هيون. سلوار قميص ۾، چست پاجامي ۾، ساڙهيءَ ۾، فراڪ ۾، فينسي ڊريس ۾... تقريبا سوَ کان وڌيڪ تصويرون هونديون هيون. هوءَ بلڪل به خوبصورت نه هئي، پر مان اهو چوندس ته هوءَ معمولي شڪل صورت واري ڇوڪري هئي مون پنهنجي راءِ جو اظهار ڪڏهن به برج موهن سان نه ڪيو هو، مون ڪڏهن اهو به نه پڇيو هومانس ته هوءَ ڪير آهي، ڇا ڪندي آهي هن جي ساڻس ملاقات ڪيئن ٿي، سندس عشق جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ سندس پيرن سان شاديءَ جو ارادو آهي به يا نه ۽ نه ئي وري ڪڏهن برج موهن مونسان پيرن جي باري ۾ ڳالهايو هو. بس رڳو هر آچر تي هو ناشتو ڪري مون کان اٺ آنا ڪرائي لاءِ وٺي باندرا ويندو هو ۽ منجهند ڌاري موٽي ايندو هو.
مون کيس اَٺ آنا ڏنا ۽ هو هليو ويو. منجهند جو موٽيو ته هن خلاف معمول مون کي چيو ته “اڄ معاملو ختم ٿي ويو”. مون پڇيو مانس ڪهڙو معاملو؟ مون کي خبر نه هئي ته هو ڪهڙي معاملي جي ڳالهه پيو ڪري.
برج موهن جي من جو بار ڄڻ هلڪو ٿيو ۽ چيو پيرن سان اڄ صاف صاف ڳالهائي آيو آهيان. مون پيرن کي چيو ته جڏهن به توسان ملندو آهيان تڏهن مون کي نوڪري ڪا نه ملندي آهي. تون منحوس آهين. “پيرن مون کي چيو ته “ سٺي ڳالهه آهي، ڀلي نه مل، ڏسنديس ته توکي ڪيئن ٿو ڪم ملي، مان منحوس آهيان ته تون به پهرين نمبر جو بيڪار ۽ ڪم چور آهين”. سو هاڻ اهو قصو ختم، منهنجو خيال آهي ته انشاءَ الله سڀاڻي ئي مون کي ڪو نه ڪو ڪم ملي ويندو. سڀاڻي تون مون کي چار آنا ڏجانءَ ته مان سيٺ نانو ڀائي سان ملندس، هو ضرور مون کي پنهنجو اسسٽنٽ رکندو.”
سيٺ نانو ڀائي فلم جو ڊائريڪٽر هو. هن اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا برج موهن کي نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ڇاڪاڻ جو سيٺ جو به پيرن وانگر خيال هو ته برج موهن بيڪار ۽ ڪم چور آهي. پر ٻي ڏينهن برج موهن مون کان چار آنا وٺي ويو ۽ منجهند جو واپسي تي مون کي خوشخبري ٻڌايائين ته سيٺ نانو ڀائي کيس اڍائي سئو روپيا مهيني تي پاڻ وٽ نوڪري ڏني آهي. ڪانٽريڪٽ هڪ سال جو آهي، جنهن تي ٻنهي ڌرين جون صحيحُون ٿيل آهن”. پوءِ هن کيسي مان سئو روپيا ڪڍي مون کي ڏيکاريا ۽ چيو ته “هي ايڊوانس طور مليا آهن، دل ته چوي ٿي ته هي پئسا کڻي پيرن ڏانهن باندرا وڃان ۽ کيس ٻڌايان ته ڏس، مون کي نوڪري ۽ ايڊوانس ٻئي مليا آهن. پر پيرن جي منحوسيت کان ڊڄان ٿو. اڄ هن سان ملندس ته سڀاڻي سيٺ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان مون کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندو. خدا ڄاڻي هن ڇوڪري ۾ ايتري منحوسيت ڪٿان آئي. هاڻ مان گهٽ ۾گهٽ هڪ سال تائين ته پيرن جو منهن نه ڏسندس. مون وٽ ڪپڙا به گهٽ آهن، هڪ سال ڪمايان، نوان ڪپڙا ٺهرايان پوءِ ڏٺو ويندو”.
ڇهه مهينا گذري ويا. برج موهن لڳاتار ڪم تي وڃي رهيو هو، هن ڪافي سارا نوان ڪپڙا ٺهرائي ورتا هئا ۽ درزن کن رومال پڻ خريد ڪيا هئائين. هن وٽ هاڻي ضرورت جون اُهي شيون هيون جيڪي هڪ ڪنواري نوجوان وٽ عيش ۽ آرام لاءِ هئڻ گهرجن، هڪ ڏينهن هو اسٽوڊيو ويل هو ته سندس نالي سان هڪ خط آيو. شام جو جڏهن هو واپس آيو ته مان کيس خط ڏيڻ ڀلجي ويس ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن تي اهو خط ياد آيو ته مون اهو خط کڻي کيس ڏنو. لفافو وٺندي ئي سندس رڙ نڪري وئي.
“لعنت”
مون پڇيو “ڇا ٿيو؟”
“اها ئي پيرن، ٺيڪ ٺاڪ زندگي پئي گذري” اهو چئي هن چمچي سان لفافو کوليو، خط وارو ڪاغذ ڪڍيائين ۽ مون کي چوڻ لڳو، “اها بدبخت آهي، مان سندس هٿ اکر ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان”.
مون پڇيو “ڇا ٿي لکي”
“منهنجو مٿو....! چوي ٿي ته آچر واري ڏينهن مون سان ضرور مل. تون سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي”. اهو چئي برج موهن خط لفافي ۾ وجهي کيسي ۾ رکي ڇڏيو ۽ مون کي چيائين “بس ڙي يار منٽو! نوڪريءَ مان ڏسجئين انشاءَ الله سڀاڻي ئي جواب ملي ويندو”.
مون چيو مانس “اها ڪهڙي بڪواس ٿو ڪَرينَ”
برج موهن يقين سان وراڻيو “منٽو! ڏسجانءِ سڀاڻي آچر آهي، نانو ڀائي کي مون کان ڪا نه ڪا شڪايت ضرور ٿيندي. ۽ هو مون کي نوڪريءَ مان فورن ڪڍي ڇڏيندو”.
مون چيومانس “جيڪڏهن توکي ايتري پڪ آهي ته پوءِ پيرن سان ملڻ نه وڃ”.
“اهو ٿي نه ٿو سگهي، هوءَ سڏي ۽ مان نه وڃان” هن چيو.
“ڇو؟”
“نوڪري ڪندين مان به ڪجهه ڪجهه بيزار ٿي ويو آهيان. چهن مهينن کان ته مٿي جو عرصو ٿي ويو آهي، ائين چئي هو کلندو ٻاهر هليو ويو.
ٻئي ڏينهن ناشتو ڪري هو باندرا هليو ويو. پيرن سان ملاقات ڪري واپس آيو پر هن ان ملاقات بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي. مون هن کان پڇيو، “ملي آئين پنهنجي منحوس ستاري سان”.
“ها يار _ ملي آيس ۽ ٻڌائي آيو مانس ته نوڪريءَ مان هاڻ ترت جواب ملي ويندو”. اهو چئي هو کٽ تان اٿيو ۽ چيائين “هل ته هلي ماني کائون”.
اسان ٻئي ڄڻا حاجي هوٽل تان ماني کائي واپس آياسين، ان وچ ۾ پيرن جي باري ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي. رات جو سمهڻ وقت برج موهن صرف ايترو چيو ته “هاڻ ڏسجي ته سڀاڻي ڇا ٿو ٿئي”.
منهنجو خيال هو ته ڪجهه به نه ٿيندو پر ٻئي ڏينهن برج موهن روزانو خلاف معمول جلدي اسٽوڊيو مان واپس موٽي آيو. مون سان مليو ته زور سان ٽهڪ ڏيندي چيائين “نوڪريءَ کان جواب ملي ويو منٽو ڀائي!”
مون سمجهيو مذاق پيو ڪري، چيومانس “ڇڏ يار!”
“ڇڏ يار _ جيڪو ڇڏڻو هو سو ته ڇڏي آيس، هاڻ ڪنهن کي ڇڏيان. سيٺ نانو ڀائي جو اسٽوڊيو سيل ڪيو ويو آهي. منهنجي ڪري هروڀرو ويچاري سيٺ تي مصيبت آئي آهي”. اهو چئي برج موهن ٻيهر کلڻ لڳو.
مون صرف اهو چيومانس ته “اهو سلسلو ڏاڍو عجيب آهي”.
“ڏس يار _ اردو ۾ چوندا آهن ته “هاٿ ڪنگن ڪو آرسي ڪيا”. بلڪل ٺيڪ چوندا آهن. اهو چئي هو سگريٽ دکائي ۽ ڪئمرا کڻي ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪري ويو.
برج موهن هڪ دفعو ٻيهر بيروزگار ۽ بيڪار ٿي ويو هو. جيڪا جمع پونجي هئس سا به ختم ٿي وئي هئس ته هن ٻيهر هر آچر تي باندرا وڃڻ لاءِ مون کان اٺ آنا گهرڻ شروع ڪيا. مون کي اڃان تائين خبر نه هئي ته ان اڌ مني ڪلاڪ ۾ هو پيرن سان ڪهڙي ڪچهري ڪري سگهندو هوندو. هو واقعي سٺي گفتگو ڪرڻ وارو شخص هو پر جنهن ڇوڪري جي نحوست جو هن کي پورو يقين هو، ان سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪندو هوندو. ان باري ۾ مون کائنس هڪ ڏينهن پڇيو، “برج _ ڇا پيرن کي به توسان محبت آهي”.
“نه هوءَ ڪنهن ٻئي سان محبت ڪري ٿي”.
“ته پوءِ توسان ڇو ملندي آهي؟”
“ان لاءِ ته مان ذهين آهيان. سندس معمولي نقش واري صورت کي بي انتها خوبصورت بنائي پيش ڪندو آهيان. سندس لاءِ ڪراس ورڊ پزل حل ڪندو آهيان. جنهن سان کيس ڪڏهن ڪڏهن انعام به ملي ويندا آهن. يار منٽو! تون اهڙين ڇوڪرين کي نه ٿو سڃاڻين، مان ڄاڻان ٿو، جنهن سان هوءَ محبت ڪندي آهي ان ۾ جيڪا ڪمي آهي سا هوءَ مون سان ملي پوري ڪندي آهي. “اهو چئي هن مسڪرايو “وڏي چار سئو ويهه آهي”.
مون حيرانيءَ مان پڇيو مانس “پوءِ تون ان سان ڇو ٿو ملين. “برج موهن مسڪرائيندي چشمي جي پويان اکيون بند ڪندي وراڻيو” مون کي مزو ايندو آهي”.
“ڪهڙي ڳالهه جو مزو.”
“سندس نحوست جو _ مان هن جو امتحان وٺي رهيو آهيان. هن جي نحوست جو. اها نحوست پنهنجي امتحان ۾ پوري لهي ٿي. مون جڏهن کان هن سان ملڻ شروع ڪيو، مون کي نوڪري کان جواب مليو آهي. هاڻ منهنجي به هڪ منحوس خواهش آهي ته پيرن جي ان منحوس اثر کي ختم ڪري ڇڏيان”.
“مون کانئس پڇيو “ڇا مطلب؟”
برج موهن سنجيدگيءَ سان وراڻيو “منهنجي دل چوي ٿي ته هاڻ نوڪري مان ڪڍجڻ کان اڳ ۾ مان نوڪري ڇڏي ڏيان. يعني مالڪن کي پاڻ ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي اچان ۽ چوان ته سائين مون کي خبر هئي ته توهان مون کي نوڪري مان ڪڍڻ وارا آهيو، ان لاءِ اوهان کي تڪليف ڏيڻ کان اڳ ۾ مان پاڻ نوڪري ڇڏي ٿو وڃان. اهو اوهان مون کي نوڪري مان نه پيا ڪڍو پر اهو منهنجي دوست پيرن جو منحوس نڪ آهي، جيڪو ڪئميرا ۾ ائين گهڙي ٿو جيئن تير، سو پيو نوڪري مان ڪڍرائي”. هو وڌيڪ زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ چيائين اها منهنجي ننڍڙي خواهش آهي، ڏسان پوري ٿئي ٿي يا نه”.
مون چيو مانس “ اها ته عجيب و غريب خواهش آهي، گذريل آچر تي مون پيرن جي ان دوست کي، جنهن سان هوءَ محبت ڪندي آهي. هڪ فوٽو تيار ڪري ڏنو، هو چٻري جو پُٽ ان فوٽو کي ڪامپيٽشن ۾ اماڻيندو ۽ يقين آهي ته کيس انعام به ملندو”.
اهو چئي هو وري ٽهڪ ڏيڻ لڳو.
برج موهن واقعي عجيب و غريب ماڻهو هو. هن پيرن جي دوست کي ڪيترائي ڀيرا فوٽو تيار ڪري ڏنا هئا جيڪي السٽرٽيڊ ويڪلي ۾ ان جي نالي سان ڇپجندا هئا جنهن سان پيرن خوش ٿيندي هئي. برج موهن اهو ڏسي مسڪرائيندو هو. هن جي پيرن جي دوست سان ڪڏهن به ملاقات نه ٿي هئي ۽ نه ئي هو ان کي سڃاڻيندو هو نه وري ڪڏهن پيرن برج موهن سان ملاقات ڪرائي هئي، کيس رڳو اهو ٻڌايو هو ته هو ڪنهن مل ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ تمام خوبصورت ڇوڪرو آهي.
هڪ آچر تي برج موهن باندرا مان واپس ايندي ئي چيو، “يار منٽو! اڄ معاملو وري ختم ٿي ويو”.
مون پڇيو “پيرن وارو”
“ها يار ڪپڙا به ختم ٿي ويا اٿم، سوچيم ته اهو ملاقاتن وارو سلسلو هاڻ ختم ڪريان. هاڻ انشاءَ الله ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٻيهر نوڪري ملي ويندي. منهنجو خيال آهي سيٺ نياز علي سان ملان هن هڪ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. سڀاڻي ئي ويندس. يار منٽو تون بس ان جي ايڊريس هٿ ڪري ڏي”.
مون سيٺ نياز علي جي آفيس جو نئون فون نمبر هڪ دوست کان پڇي برج موهن کي ٻڌائي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن هو اتي ويو. شام جو واپس آيو ته ڏاڍو خوش هو، کيسي مان هڪ ٽائيپ ٿيل ڪاغذ ڪڍي مون ڏانهن اڇلايائين ۽چوڻ لڳو “هڪ فلم جو ڪانٽريڪٽ ٿيو آهي، پگهار ٻه سئو روپيا طئي ٿي آهي. گهٽ آهي پر سيٺ نياز علي چيو آهي ته وڌائيندس، ٺيڪ آهي”.
مان کلڻ لڳس “هاڻ ٻيهر پيرن سان ڪڏهن ملندين” برج موهن چيو “ڪڏهن ملندس” اهو ته مون به سوچيو پئي ته مون کي هن سان ڪڏهن ملڻ گهرجي، منٽو يار، مون توکي چيو هو ته منهنجي هڪڙي ننڍڙي خواهش آهي، بس اها پوري ٿي وڃي. منهنجي خيال ۾ مون کي جلد بازي کان ڪم نه وٺڻ گهرجي. رڳو ٽي چار ڪپڙن جا نوان جوڙا ٺهرائي وٺان. پنجاهه روپيا ايڊوانس طور وٺي آيو آهيان. پنجويهه تون رک، پنجويهه مان ٿو رکان”. مون پنجويهه روپيا وٺي هوٽل واري جو قرض ادا ڪيو. ان کان پوءِ اسان جا ڏينهن سکيا گذرڻ لڳا. ٻه سئو برج موهن ۽ سئو روپيا مان ڪمائيندو هوس وڏي عيش آرام ۾ هئاسين، ائين پنج مهينا گذري ويا. اوچتو هڪ ڏينهن پيرن جو خط برج موهن کي مليو.
“ڏس يار منٽو! عذرائيل اچي ويو آهي”.
پيرن جو خط ڏسي مون کي به خوف ورائي ويو. پر برج موهن مسڪرائيندي لفافو کوليو. مختصر تحرير هئي مون برج کان پڇيو “ڇا لکيو اٿائين؟” لکيو اٿس ته آچر ڏينهن مونسان ضرور اچي مل، انتهائي اهم ڪم آهي. هن خط لفافي ۾ بند ڪري کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. مون پڇيو مانس “ويندين؟”
“وڃڻو ئي پوندو”. پوءِ هن فلمي ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو. “مت ڀول مسافر تجهي جانا هي پڙي گا.”
مون کيس چيو ته “برج موهن هن سان ملڻ نه وڃ... يار ڏاڍا سٺا ڏينهن گذرن پيا، تون نه ٿو ڄاڻين ته توکي هر آچر تي مان الائي ڪيئن باندرا وڃڻ لاءِ اٺ آنا ڏيندو هئس”.
برج موهن کلي چوڻ لڳو “مون کي سڀ خبر آهي پر افسوس آهي جو اهي ڏکيا ڏينهن وري واپس اچڻ وارا آهن. جڏهن خدا ڄاڻي تون ڪيئن مون کي هر هفتي اٺ آنا باندرا وڃڻ لاءِ ڏيندو هُئين”.
آچر تي برج موهن پيرن سان ملڻ ويو، واپس آيو ته هن مون کي صرف ايترو چيو ته “مون پيرن کي چيو: هي ٻارهون دفعو آهي جو تنهنجي منحوسيت جي ڪري مون کي نوڪري کان جواب ملندو؟”
...تو مٿان زرتشت جي رحمت ٿئي.
مون پڇيو “هن اهو ٻڌي ڇا چيو؟”
برج جواب ڏنو ته هن فقط اهو چيو ته تون سِلي ايڊيٽ آهين”.
“تون آهين؟”
“سئو سيڪڙو!” اهو چئي برج موهن کلڻ لڳو. “هاڻ مان سڀاڻي صبح جو آفيس پهچي استعيفيٰ پيش ڪندس، استعيفيٰ مون پيرن جي گهر ۾ ئي لکي ڇڏي هئي.” هن مون کي استعفيٰ ليٽر ڏيکاريو. ٻئي ڏينهن هن جلدي جلدي ناشتو ڪيو ۽ آفيس هليو ويو، شام جو واپس آيو ته سندس منهن لٿل هو، هن مون سان ڪجهه به نه ڳالهايو. آخر مون ئي هن کان پڇيو “برج ڇا ٿيو؟” هن وڏي نااُميديءَ مان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو ڪجهه نه يار... سڄو قصو ئي ختم ٿي ويو”.
“ڇا مطلب؟”
“مون سيٺ نياز علي کي پنهنجي استعفيٰ ڏني ته هن کلي مون کي هڪ آفيشل ليٽر ڏنو، جنهن ۾ لکيل آهي ته منهنجي پگهار ايندڙ مهيني کان ٽي سئو روپيا ڪئي وئي آهي”.
پيرن مان برج موهن جي دلچسپي ختم ٿي وئي، هن هڪ ڏينهن مون کي چيو ته “پيرن جي نحوست ختم ٿيڻ سان گڏ هوءَ به ختم ٿي وئي ۽ منهنجو هڪ دلچسپ مشغلو به ختم ٿي ويو. هاڻ ڪير هوندو جيڪو مون کي بيروزگار ۽ بيڪار ڪرڻ جو سبب بڻبو.