دونهون
سوا نوَ ٿيا ها آسمان تي ڪڪر ڇانيل هيا ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ اڃان سوير هئي، سرديءَ ۾ شدت ڪا نه هئي پر ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي وات مان گرم گرم ٻاڦ نڪري رهي هئي، هر شيءِ ڌنڌلي نظر اچي رهي هئي ائين پيو لڳي ڄڻ ڪڪرن جو وزن هيٺ دٻيل هجي. موسم ڪجهه اهڙي ڪيفيت واري هئي جو جيئن رٻڙ جو جوتو پائي ماڻهو هلندو آهي بازار ۾ ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي، دوڪان کلي چڪا ها. آواز گهٽ هيا جيئن ڪو ڪَنَ ۾ سرگوشيون ڪندو هجي، هلڪو.... هلڪو... آهستي... آهستي ماڻهو ڳالهائي رهيا هئا.
مسعود بغل ۾ ٿيلهو وجهي اسڪول وڃي رهيو هو هن جي چال به اڄ سست هئي جڏهن هن تازي ذبح ٿيل ٻڪري جي گوشت مان دونهون اٿندي ڏٺو هو ته هن کي ڏاڍي راحت آئي ٿي، ان گوشت مان اٿيل دونهين هن جي ٿڌن ڳلن تي گرم گرم لڪيرن جو ڄار اُڻي ڇڏيو هو. ان گرميءَ هن کي راحت پهچائي ۽ هو سوچڻ لڳو ته سرديءَ جي موسم ٿڌن هٿن تي بيد جو لڪڻ کائڻ کان پوءِ اگر اهو دونهون ملي وڃي ته ڪيترو نه سٺو ٿيندو.
فضا به اٻاڻڪي هئي، روشني ڌنڌ ۾ ويڙهيل هئي، جنهن سان فضا ۾ گدلاڻ پيدا ٿئي پئي ۽ اها گدلاڻ الائي ڇو هن جي اکين کي مزو ڏئي رهي هئي، هو ان سبب کان ته نظر ايندڙ شيون جهٽ پلڪ ۾ نظرن کان اوجهل پئي ٿينديون وڃن.
مسعود جڏهن اسڪول پهتو ته هن کي پنهنجي دوستن کان معلوم ٿيو ته هن جي اسڪول جو سيڪريٽري صاحب گذاري ويو آهي تنهن ڪري اڄ اسڪول بند رهندو. موڪل جي ڪري سڀ ڇوڪرا خوش هيا ٻار اسڪول ۾ مختلف راندين ۾ مشغول ٿي ويا ڪجهه ٻار گهر هليا ويا ڪجهه ٻار اچن پيا ۽ نوٽس بورڊ وٽ جمع ٿي سيڪريٽري صاحب جي مرڻ جو نوٽيس پڙهي رهيا هئا.
مسعود جڏهن اهو ٻڌو ته سيڪريٽري صاحب مري ويو آهي ته هن کي افسوس نه ٿيو هن جي دل اهڙن جذبن کان خالي هئي ڇاڪاڻ جو گذريل سال هن ئي موسم ۾ هن جو ڏاڏو گذاري ويو هو جنهن جي جنازي کڻڻ وقت وڏي پريشاني ٿي هئي، ڇاڪاڻ جو ان وقت مينهن وسي رهيو هو، قبرستان ۾ گپ هئي ڪيئي ماڻهو ان ۾ ترڪي پيا هئا ۽ هو به پير ترڪڻ سبب ذري گهٽ وڃي کوٽيل قبر ۾ ڪرندي بچيو هو. اهي سڀ ڳالهيون هن کي ياد هيون سرديءَ جي شدت، هن جا گپ ۾ خراب ٿيل ڪپڙا، سرخيءَ جهڙا نيرا هٿ جنهن کي مهٽڻ سان داغ لڳي چڪا ها ۽ نڪ هن کي ائين لڳي رهيو جيئن برف جي ڳنڍڙي ۽ پوءِ هن واپس اچي هٿ پير ڌوتا ۽ ڪپڙا مٽايا، اهو سڀ ڪجهه هن کي ياد هو، هاڻي جڏهن هن اسڪول جي سيڪريٽري صاحب جي موت واري خبر ٻُڌي ته هن کي گذريل سال واري وارتا ياد آئي ۽ هن سوچيو جڏهن سيڪريٽري صاحب جو جنازو کڄندو ته مينهن پئجي ويندو ۽ قبرستان ۾ گپ ٿي ويندي ڪيترين ئي ماڻهن جا پير ترڪي پوندا.
مسعود جڏهن سيڪريٽري صاحب جي مرڻ جي خبر ٻڌي ته هو سڌو پنهنجي ڪلاس ڏانهن ويو ڪمري ۾ پهچي هن پنهنجي ڊيسڪ جو تالو کوليو ٻه ٽي ڪتاب اُن ۾ رکيائين جيڪي هن کي ٻئي ڏينهن وري کڻي اچڻا هئا باقي ٿيلهي ۾ وجهي گهر هليو آيو.
رستي ۾ هن کي اهو ئي ڪاسائيءَ جي دوڪان ۽ ذبح ٿيل ٻڪري جو گوشت نظر آيو، جيڪو ڪاسائيءَ جي دوڪان تي لوهي سيخ ۾ ٽنگيل هيو. جڏهن ته ٻيو گوشت جو ٽڪرو تختي تي هن جي سامهون پيل هو. مسعود جڏهن هن جي دوڪان جي ويجهو آيو هن جي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته اُهو گوشت جنهن مان دونهون نڪري رهيو هو ان کي ڇهي ڏسي، هن آڱر وڌائي ٻڪري جي گوشت جي ان حصي تي رکي جيڪو ڦڙڪي رهيو هيو، گوشت گرم هيو مسعود جي ٿڌي آڱر کي ان گوشت جي گرمي محسوس ٿي ڪاسائي دوڪان اندر ڇُرين کي تيز ڪرڻ ۾ مصروف هيو مسعود هڪ ڀيرو وري گوشت کي آڱرين سان ڇهي ڏٺو ۽ اُتان هليو ويو.
مسعود گهر پهچندي ئي پنهنجي ماءُ کي سيڪريٽري صاحب جي موت جي خبر ٻڌائي، هن کي ماءُ ٻڌايو ته تنهنجو پيءُ به ان ئي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ ويو آهي. هاڻي مسعود جي گهر ۾ صرف ٻه ماڻهو هيا ماءُ ۽ وڏي ڀيڻ ماڻس بورچي خاني ۾ ڀاڄي پچائي رهي هئي وڏي ڀيڻ، ڪلثوم پنهنجي ڪمري ۾ درٻاري راڳ جو سرگم ياد ڪري رهي هئي.
هن جي پاڙي جا ڇوڪرا جيڪي هن سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ماستر صاحب جي مرڻ جو هنن تي ڪو خاص اثر نه پيو هو، تنهن ڪري مسعود به پاڻ کي هلڪو هلڪو محسوس ڪري رهيو هو اسڪول جو ڪو ڪم ڪو نه هو. ڇهين جماعت ۾ جيڪو پڙهايو وڃي ٿو هو پنهنجي گهر ۾ پنهنجي پيءُ کان ٽيوشن وٺندو هيو. کيڏڻ لاءِ به هن وٽ ڪا شيءِ ڪانه هئي، هن وٽ صرف تاش هئي پر هن کي تاش سان ڪا دلسچسپي نه هئي لوڊو ۽ ٻين راندين ۾ هن جي ڀيڻ پنهنجي سهيلين سان گڏ روز کيڏندي هئي پر مسعود کي راندين سان ڪو دلي لڳاءُ نه هو.
اسڪول جو ٿيلهو ڪمري ۾ رکڻ کان پوءِ هن پنهنجي اسڪول واري ڊريس لاٿي ۽ سڌو وڃي بورچي خاني ۾ پنهنجي ماءُ وٽ وڃي ويٺو. ساڻ هو پنهنجي ڀيڻ جي درباري راڳ جي سرگم جو آواز به ٻڌي رهيو هو جنهن ۾ ڪيئي دفعا ساري گاما اچي ٿو. هن جي ماءُ بورچي خاني ۾ پالڪ ڪٽي رهي هئي. پالڪ ڪٽڻ کانپوءِ هن ساون پنن واري ڀاڄي ديڳڙيءَ ۾ وڌي، ٿوري دير ۾ ديڳڙيءَ کي باهه لڳايائين ته ديڳڙيءَ مان هلڪو دونهون نڪرڻ لڳو اُن دونهي کي ڏسي مسعود کي ٻڪري جو گوشت ياد آيو ۽ هن پنهنجي ماءُ کي چيو “امان اڄ مان ڪاسائي جي دوڪان تي ٻه ڪٺل ٻڪرا ڏٺا جنهن جي کل لٿل هئي ۽ ان جي گوشت مان دونهون نڪري رهيو هو. بلڪل ائين جيئن صبح سوير منهنجي وات مان ٻاڦ نڪرندي آهي”.
“ها .....! اهو چئي هن جي ماءُ چلهي ۾ پيل ڪاٺين مان ڪوئلن کي اُٿلائڻ لڳي”.
“ها....۽ مان گوشت کي پنهنجي آڱر سان ڇهي ڏٺم ته اهو گرم هيو”.
“ها...” اهو چئي هن جي ماءُ اهو ٿانءُ کنيو جنهن ۾پالڪ کي ڌوئي صاف ڪيو هو، اهو کڻي بورچي خاني کان ٻاهر هلي آئي”.
“۽ اهو گوشت ڦڙڪي پيو...”
“جي..... ” مسعود جي وڏي ڀيڻ درباري راڳ جي سرگم کي ياد ڪرڻ وارو ڪم پورو ڪري مسعود طرف ڌيان ڏيندي چيو، “ڪيئن ٿو ڦڙڪي؟”
“هيئن... بلڪل هيئن” مسعود آڱرين وچ ۾ ڦڙڪڻ پيدا ڪري پنهنجي ڀيڻ کي ڏيکاريو.
“پو ڇا ٿيو؟” اهو سوال ڪلثوم پنهنجي سرگرم ڀريل دماغ مان ڪڍيو جو مسعود هڪ وقت لاءِ بلڪل جواب نه ڏئي سگهيو.
“پو ڇا ٿيڻ گهرجي...؟” مون ته ائين ئي توسان ڳالهه ڪئي ته ڪاسائيءَ جي دوڪان تي گوشت ڦڙڪي رهيو هو ۽ مون هن کي پنهنجي آڱر سان ڇُهي ڏٺو جيڪو گرم هيو.
“گرم هيو.... ٺيڪ آ مسعود پر اهو ٻڌاءِ ته تون منهنجو ڪم ڪڏهن ڪندين؟”
“ٻڌاءِ”
“مون سان گڏ اچ”
“نه پهريون ڪم ٻڌاءِ”
“تون اچ ته سهي”
“جي نه ... پهريون ڪم ٻڌاءِ”
“ڏس منهنجي چيلهه ۾ سخت سور آهي...”
“مان ڪمري ۾ پلنگ تي ليٽان ٿي، تون لتن سان مون کي زور ڏي”.
“ڏس منهنجو تون سٺو ڀاءُ آهين نه” قسم سان مون کي چيلهه ۾ سخت سور پوي ٿو، مسعود کي اهو چئي ڪلثوم پنهنجي چيلهه تي مُڪون هڻڻ شروع ڪيون.
“تنهنجي چيلهه کي ڇا ٿو ٿي وڃي جڏهن ڏس سورُ ئي سورُ آهي ۽ زور به مون کان ٿي ڏيارانئين... ڇو نه ٿي پنهنجي سهيلين کي چوين ته اهي زور ڏين”.
مسعود اُٿي بيٺو ۽ راضي ٿي ويو “ٺيڪ آ پر هڪڙي ڳالهه چوانءِ ٿو ته ڏهه منٽن کان وڌيڪ زور ڪو نه ڏيندوسانءِ...”
“شاباس... شاباس”
هن جي ڀيڻ اُٿي بيٺي ۽ سرگم واي ڪاپي سامهون الماريءَ ۾ رکي واپس ان ڪمري ۾ آئي جتي مسعود ۽ ڪلثوم سمهندا هئا.
هوءَ آڳر ۾ پهتي ته هن پنهنجي ڏکندڙ چيلهه کي سڌو ڪيو ۽ آسمان طرف نهاريو. ڪارا ڪارا بادل آسمان تي ڇانيل ها، “مسعود اڄ بارش ضرور ٿيندي” اهو چئي هن مسعود ڏانهن نهاريو جيڪو ڪمري ۾ پنهنجي کٽ تي ليٽيل هو. جڏهن ڪلثوم پنهنجي پلنگ تي اونڌهي منهن ليٽي ته مسعود کٽ تان اٿيو ۽ مٿي گهڙيءَ ڏانهن نهاريو “ڏس باجي! يارنهن ۾ ڏهه منٽ باقي آهن، مان پوري يارهين وڳي روز ڏيڻ بند ڪندس”.
“ٺيڪ آ، پر تون وڌيڪ نخرا نه ڪر، هاڻي جلدي پلنگ تي اچي منهنجي چيلهه تي زور ڏئي، ٻي صورت ۾ ياد رک، ڪن ڇڪيندي مانءِ ڪلثوم مسعود کي دڙڪا ڏيندي چيو.
مسعود پنهنجي ڀيڻ جي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ ڀت جو سهارو وٺي پنهنجي ڀيڻ جي چيلهه تي زور ڏيڻ شروع ڪيا. مسعود جڏهن پنهنجي پنهنجي پيرن جي وزن سان زور ڏئي رهيو هو ته ڪلثوم جي نرم ۽ نازڪ چيلهه هيٺ جهڪي پئي وڃي، جڏهن هن پيرن سان زور ڏنو ٺيڪ اهڙي طرح جيئن مزدور مٽيءَ کي ڳوهيندو هجي ۽ ڪلثوم کي آرام ۽ مزو آيو ته هن دٻيل آواز ۾ هاءِ.... هاءِ .... ڪرڻ شروع ڪيو.
ڪلثوم جي ڪُلهن تي گوشت گهڻو هيو جڏهن مسعود جو پير ان حصي تي پيو ته هن کي ائين محسوس ٿيو ته هو ٻڪر جي گوشت کي دٻائي رهيو هجي جيڪو هن ڪاسائيءَ جي دوڪان تي پنهنجي آڱر سان ڇُهي ڏٺو هو. هن جو خيال ڪجهه لمحن لاءِ ڪاسائيءَ جي دوڪان ڏانهن پئي ويو. پر هو سوچي پيو ته ان ڳالهه ۾ منهنجو مطلب ته ڪونهي، هو اجايو خيال ذهن ۾ سمائي رهيو آهي.
مسعود محسوس ڪيو ته هن جي پيرن هيٺان زور ڏيڻ ڪري حرڪت پيدا ٿئي پئي، اهڙي قسم جي حرڪت جيڪا هن ٻڪر جي گرم گرم گوشت ۾ ڏٺي هئي....... هن وڏي بي دليءَ سان چيلهه تي زور ڏيڻ شروع ڪيا پر هاڻي هو زور ڏيندي هڪ عجيب لذت محسوس ڪري رهيو هو. هن جي پيرن جي هيٺان ڪلثوم دانهن ڪري رهي هئي، دٻيل آواز جيڪو مسعود جي زور ڏيڻ سان گڏ آهستي آهستي نڪري رهيو هو ۽ پيرن جي حرڪت سان ساٿ ڏئي رهيو هو، هن کي گمنام لذت جو وڌيڪ احساس ڏياري رهيو هيو.
گهڙيال ۾ يارنهن ٿي وڳا پوءِ به مسعود پنهنجي ڀيڻ ڪلثوم جي چيلهه کي زور ڏيندو رهيو. جڏهن چيلهه ۾ سورُ هلڪو ٿيو ته ڪلثوم سڌي آهلي پئي ۽ چيائين “شاباس مسعود، شاباس.... هاڻي منهنجي ڄنگهن کي به زور ڏي بلڪ اهڙي طرح .... شاباس منهنجا ڀاءُ....”
مسعود ديوار جي سهاري سان ڪلثوم جي سٿرن تي پيرن جو زور ڏنو ته هن جي پيرن هيٺان ائين لڳو ڄڻ ڪا مڇي ترڪي وئي هجي..... ڪلثوم جي جسم مان سسراٽيون نڪري ويون ۽ بي اختيار کلندي رهي.
مسعود هن جي سٿر تان ترڪي ڪرندي ڪرندي بچيو پر هن جي پيرن جي ترين جي هيٺان مڇين جي ترڪڻ واري حرڪت رڪجي وئي هن جي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته هو وري ٻيهر ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڪري پنهنجي ڀيڻ جي سٿرن تي زور ڏي، نيٺ هن ڪلثوم کي چئي ڏنو “توهان کلڻ ڇو شروع ڪيو آهي؟ سڌي سُمهه ته مان تنهنجي سٿرن تي زور ڏيان...”
ڪلثوم سڌي سمهي پئي، مسعود جڏهن هن جي سٿرن تي ٻيهر چڙهيو ته هن جي جسم ۾ ڪتڪتائي پيدا ٿي، هن جي جسم ۾ اڃا تائين ڪتڪتائين جو اثر موجود هو “ بس ڪر.. مسعود مون کي ڪتڪتايون ٿيون ٿين، تون وحشين وانگر زور ڏئي رهيو آهين...”
مسعود سوچيو ته شايد هن غلط طريقي سان زور ڏنو آهي، “نه هاڻي مان تنهنجي سٿرن کي ڏاڍيان زور نه ڏيندس... تون ماٺ ڪر، هاڻي مان توکي سهڻي نموني سان زور ڏيندس جو توکي ڪا به تڪليف نه ٿيندي....”
ڀت جو سهارو وٺندي مسعود پاڻ سنڀاليو ۽ آهستي آهستي ڪلثوم جي سٿرن تي پير رکيائين ۽ هوريان هوريان زور ڏيڻ لڳو. ڪلثوم جي سٿرن مان پيدا ٿيل ترڪندڙ مڇين واري حرڪت هن جي پيرن کي محسوس ٿي رهي هئي......... مسعود هڪ ڏينهن اسڪول ۾ ڇڪيل رسي تي هڪ بازيگر کي هلندي ڏٺو هو هن ائين ڀانيو ته بازيگر جي پيرن هيٺان به ائين رسو ترڪندو هوندو جيئن سندس پير ڪلثوم جي سٿرن کي زور ڏيندي ترڪي رهيا هئا.
ان کان پهريون ڪيترا ڀيرا هن پنهنجي ڀيڻ ڪلثوم جي ڄنگهن کي زور ڏنا ها پر جيڪا لذت اڄ هن کي محسوس ٿي رهي هئي اها کيس ڪڏهن به اڳ محسوس ڪا نه ٿي هئي، ٻڪر جي تازي گوشت جو هر هر خيال پئي آيو. هن هڪ ٻه ڀيرا سوچيو “ڪلثوم کي جيڪڏهن ذبح ڪيو وڃي ته سندس کل لاٿي وڃي ته ڇا هن جي گوشت مان به اهائي ٻاڦ نڪرندي؟” پر اهڙي واحيات ڳالهه سوچيندي هن کي شرم ٿي آيو ۽ هن دماغ کي اهڙي طرح انهن خيالن کان صاف ڪيو جيئن سليٽ کي اسفنج سان صاف ڪندو هو.
“بس ... بس...” ڪلثوم دانهن ڪئي. “بس ... بس”
مسعود کي هڪڙي کيچل سُجهي، هو ٽپ ڏئي پلنگ تان هيٺ لٿو ته هن ڪلثوم جي ٻنهي بغلن ۾ ڪتڪتايون ڪرڻ شروع ڪيون. ڪلثوم کِل ۾ وٺجي وئي، هن ۾ ايتري سگهه ئي ڪا نه رهي جو مسعود کي هٿن کان پڪڙي روڪي سگهي پر جڏهن مسعود کي لت هڻڻ چاهي ته مسعود ٻاهر ڀڄي ويو.
جڏهن هو آڳر ۾ داخل ٿيو ته هن ڏٺو ته هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ پئي رهي هئي اُڀ تي ڪڪر ڪارا ڇانيل هئا، مينهن جون ڪڻيون فرش جي سرن ۾ جذب ٿي ويون مسعود جي بدن ۾ هڪ وڻندڙ گرمي پيدا ٿي جڏهن هن جي ڳلن کي ٿڌڙي ٿڌڙي هير جو احساس ٿيو ۽ هن جي نڪ تي ٻه ٽي مينهن ڪڻيون پيون ته ڪتڪتائي هن جي جسم ۾ پيدا ٿي، سامهون ڀت مٿان هڪ ڪبوتر ۽ ڪبوتري چهنب ويڙهائي رهيا هئا ائين پئي ڀاسيو ڄڻ دم تي رکيل اڀاميل ديڳڙي گرم هجي. گُل دائودي ۽ نازبوءِ جا گل ۽ ساوا ساوا پن ڳاڙهين ڪونڊين ۾ وهنجي رهيا هئا، ۽ فضا ۾ عجيب ننڊ ڇانيل هئي، اهڙي ننڊ جنهن ۾ وڌيڪ سجاڳي هئڻ جو احساس هيو. انسان جي چوطرف خواب ائين ويڙهيل هئا جيئن اوني ڪپڙو.
مسعود اهڙين ڳالهين بابت سوچي رهيو هو، جنهن جو مطلب هو پاڻ به سمجهي نه ٿي سگهيو. هو ان ڳالهين کي محسوس ته ڪري رهيو هو پر هن جو مطلب سوچ کان مٿي هو. پر انهن سوچن ۾ کيس مزو ضرور اچي رهيو هو. مينهن ۾ ڪجهه دير پسڻ کانپوءِ جڏهن مسعود جا هٿ ٺري پيا ۽ تريون زور ڏيڻ ڪري اڇيون ٿيون ويون، تڏهن هن هٿن جون مُٺيون ڀڪوڙي ورتيون ۽ وات مان گرم ٻاڦ ڪڍي مُٺين کي بند ڪري ڇڏيو. هٿ ڀڪوڙڻ سان ڪجهه گرميءَ جو احساس ته جاڳيو پر اُهي هٿ ڪافي گهميل هئا. ان ڪري هو هٿ سيڪڻ لاءِ رنڌڻي ۾ هليو ويو. ماني تيار هئي اڃان هن پهريون گرهه کنيو ته هن جو پيءُ قبرستان مان موٽي آيو. پيءُ پٽ وچ ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي، مسعود جي ماءُ اٿي ڪري مڙس واري ڪمري ڏانهن هلي وئي.
ماني کائي فارغ ٿي مسعود ڊرائنگ روم ۾ هليو ويو دري کولي فرش تي سمهي پيو. مينهن جي ڪري ٿڌ ۾ شدت هئي ساڻ ٿڌڙي هير به گهلي رهي هئي، پر هي سردي هن کي خوشي فراهم ڪري رهي هئي، ڍنڍ جي پاڻيءَ وانگر مٿان ٿڌي ۽ اندران گرم مسعود جڏهن فرش تي ليٽيو ته هن جي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته هو سيءَ جو ڀرپور مزو وٺي جتي هن جي جسم کي راحت انگيز گرمي ملي، دير تائين هو اهڙي گرم گرم ڳالهين تي سوچيندو رهيو جنهن سبب هن جي پٺن ۾ هلڪو هلڪو سور پيدا ٿي پيو. هڪ ٻه ڀيرو هن آرس ڀڳو ته کيس مزو آيو. هن جي جسم جي ڪنهن حصي ۾ ائين محسوس ٿيو ته ڪا شيءِ اٽڪي پئي هجي. اُها ڪهڙي شيءِ هئي، ان بابت مسعود کي ڪا خبر نه هئي پر هن جي جسم ۾ تڪليف پيدا ٿي جنهن ۾ لڪيل مزو به شامل هيو.
دير تائين قالين تي پاسا بدلائي نيٺ اُٿي پيو ۽ باورچي خاني مان ٿيندي صحن ۾ اچي پهتو، ڪو به گهر جو ڀاتي نه باورچي خاني ۾ هو نه آڳر ۾، جيترا به گهر جا ڪمرا هئا اُهي سڀ بند هئا مينهن هاڻي بند ٿي چڪو هو. مسعود هاڪي ۽ بال کڻي پڌر ۾ راند ڪرڻ شروع ڪئي، جڏهن هن زور سان بال کي ڌڪ هنيو ته بال پڌر جي سڄي هٿ واري ڪمري جي دروازي تي لڳو. اندران مسعود جي پيءُ جو آواز آيو ڪير؟
“جي مان آهيان مسعود”
“اندران آواز آيو “ڇا پيو ڪرين؟”
“کيڏانهن ٿو”
“ڀل کيڏ....” ٿوري دير ترسي، هن کي پيءُ چيو “تنهنجي ماءُ مون کي زور ڏئي رهي آهي، گهڻو گوڙ نه ڪر...” اهو ٻڌي مسعود بال کي اُتي ڇڏي هاڪيءَ کي هٿ ۾ کڻي سامهون واري ڪمري طرف رخ ڪيو ان ڪمري جو هڪ تاڪ بند هيو ۽ ٻيو ٿورو کليل هو. مسعود کي هڪ ٻي کيچل سُجهي هو دٻيل قدمن سان دروازي ڏانهن وڌيو ۽ دروازي کي ڌڪو ڏنائين ته ٻه رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون ڪلثوم ۽ هن جي سهيلي بملا جيڪا ساڻس گڏ سُتل هئي ڇرڪي پيون ۽ پنهنجي مٿان چادر وجهي ڇڏيائون. بملا جي بلائوز جا بٽڻ کليل هئا ۽ ڪلثوم ان جي اگهاڙي سيني ڏانهن نهاري رهي هئي، مسعود کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هن جو دماغ چڪرائجي ويو، اُتان پوئين پير موٽندي جڏهن ڊرائنگ روم ڏانهن وريو ته هن کي پنهنجي جسم ۾ عجيب طاقت جو احساس ٿيو، جنهن سبب ڪجهه دير لاءِ هن جي سوچ واري سگهه رڪجي وئي.
ڊرائنگ روم جي دريءَ ڀرسان ويهي جڏهن مسعود هاڪيءَ کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي گوڏن تي رکيو ان خيال کان ته هو هاڪيءَ کي چٻو ڪري زور سان ڀڃي وٺندو پر اها ڀڃي نه سگهي دير تائين هو طاقت آزمائيندو رهيو پر ڪو نتيجو نه نڪتو، دير تائين هُو هاڪي سان مَلهه وڙهندو رهيو پر جڏهن ٿڪجي هارجي پيو ته هن ڪاوڙ ۾ اچي هاڪيءَ کي پري اڇلائي ڇڏيو.