ڪھاڻيون

منٽو جا 100 سال

اردوءَ جي نامياري افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي 13 چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ھن مجموعي جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ ۽ شاعر بشير منگي آھي.
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1176
  • 582
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منٽو جا 100 سال

ڀنگياڻي

”پري هٽ...“
“ڇو”
“مون کي تو مان ڌپ ٿي اچي”
“هر انسان جي جسم مان ڌپ ايندي آهي.... پر اڄ ويهن سالن کان پوءِ توکي منهنجي جسم مان ايتري ڌپ ڇو اچي رهي آهي؟”
“ ويهه سال... الله ئي ڄاڻي ٿو ته مان توسان ايڏو ڊگهو عرصو ڪيئن گذاريو آهي”.
“ڇا مون ايڏي ڊگهي عرصي ۾ توکي ڪا ايڏي تڪليف ڏني آهي ڇا .....؟”
“ڪڏهن به نه”
“ته پوءِ اڄ اوچتو منهنجي جسم مان توکي ڌپ ڇو محسوس ٿئي ٿي ۽ غضبناڪ قسم جي ڪاوڙ ڇو ٿي ڪرين؟”
“تون پنهنجو نڪ ته ڏس جيڪو ڪاوڙ منجهان پڪوڙي وانگر بڻجي ويو آهي”
“مان ان کان انڪار نه ٿي ڪيان.. پر تون ڄاڻين ٿو ته پڪوڙا مون کي گهڻا وڻندا آهن...”
“توکي ته هر واحيات گندي شيءِ وڻندي آهي...”
“ڍير تي پيل گند به ته اسان ئي ڦهلائيندا آهيون... پوءِ ان ۾ ماڻهو دلچسپي ڇو نه وٺي، ۽ تون ڄاڻين ٿي ته اڄ کان ڏهه سال پهريون جڏهن تنهنجي هيري جي منڊي گم ٿي وئي هئي ته ان ئي گند جي ڍير مان مون ئي توکي ڳولهي ڏني هئي”.
“وڏي مهرباني ڪئي هئي تون مون تي”
“مهربانيءَ جي ڳالهه ناهي.. فارسي جو هڪ شعر آ...

خاکساران را به حقارت منگر
توچه داني که درين گرد سواري باشد
“مان خاڪ جو مطلب به سمجهي ناهيان سگهي”
“اها ئي ته ڳالهه آهي جو تون اڄ تائين مون کي سمجهيو ئي ناهي... نه ته ماڻهوءَ کي سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ ويهن سالن جو وڏو عرصو هجي ٿو”.
“ ان ويهن سالن ۾ تون مون کي ڪهڙو سُک ڏنو آهي؟”
“تون ڏک جي ڳالهه ڪر... مون ان سموري عرصي ۾ توکي ڪهڙو ڏک ڏنو آهي؟”
“ڪو به نه”
“پو ائين چوڻ جو ڪهڙو مطلب.. انهن ويهن سالن ۾ تون مون کي ڪهڙو سُک ڏنو آهي؟”
“منهنجي ويجهو نه اچ.. مان سمهان ٿي”
“ڪاوڙ ۾ توکي ڪهڙي ننڊ ايندي؟”
“ننڊ اچي نه اچي.. پر.. مان اکيون بند ڪري سمهي پونديس ۽....”
“۽ وري ڇا....؟”
“سمهي ان ڏينهن تي ڳوڙها ڳاڙيندس جنهن ڏينهن آءٌ تنهنجي پلئه پئي هيس”.
“توکي ياد آهي اهو ڏينهن ڪهڙو هو.... سال ڪهڙو هو.... ۽ وقت ڪهڙو هو؟”
“مان ڪڏهن به اهو ڏينهن وساري نه ٿي سگهان... خدا ڪري اهو ڏينهن ڪنهن به نوجوان ڇوڪريءَ مٿان نه اچي”
“تون ٻڌاءِ ته سهي.. مان تنهنجي يادگيريءَ جو امتحان وٺڻ ٿو چاهيان...”
“هاڻي تون منهنجو امتحان وٺندين... پري هٽ... مون کي تو مان ڌپ ٿي اچي”
“حد ٿي وئي... تنهنجو ايڏو وڏو نڪ جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.. ان کي آخر ڇا ٿيو آهي، جو ان مان ڌپ ختم ئي نه ٿي ٿئي.... پر مون کي ان مان بهترين خوشبو اچي رهي آهي..”
“ويهن سالن ۾ تون مون کي هزارين ڀيرا چيو آهي ته جڏهن تون ڪنهن جي به ڪمري ۾ داخل ٿيندو آهين ۽ اتان واپس نڪري ويندو آهين ته مان تنهنجي خوشبوءِ کي سڃاڻي وٺندي آهيان ته تون ان ڪمري ۾ ڪي پل گذاريا هوندا”.
“تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين”
“ڏس.. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي... تون مون مٿان وڌيڪ الزام نه هڻ”
“واهه سائين واهه... تون ته وڏو سچار آهين.. منهنجي سئو روپئي جو نوٽ تو چورايو هو ۽ پوءِ ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو هو”.
“اها ڪڏهن جي ڳالهه آهي؟”
“ٻه جون سال اڻويهه سوٻائيتاليهه... جڏهن سلمه منهنجي پيٽ ۾ هُئي”
“اها تاريخ توکي واهه جي ياد آهي”
“ڇو نه ياد رهي، ان وقت پاڻ ٻنهي جي وچ ۾ زوردار جهيڙو ٿيو هو، مان اندر ڪمري ۾ هئس، تون وڏي صفائيءَ سان منهنجي ويهاڻي هيٺان چاٻي ڪڍي ٻئي ڪمري ۾ وڃي منهنجي الماريءَ کي کوليو جتي منهنجا ست سئو روپيا پيا ها انهن مان هڪ سئو جو نوٽ تون چوري ڪري ويو هُئين”.
“مون جڏهن ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ الماريءَ ۾ وڃي ڏٺو ته مون کان رڙ نڪري وئي هئي، پر تنهنجي ڪن تي جونءَ به نه چُري... ۽ مان خاموش ٿي ويس”.
“اها ٻه جون اڻويهه سئو ٻائيتاليهن جي ڳالهه آهي ۽ هاڻي سال چونجاهه هلي ٿو، هاڻي ان جو ذڪر ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟
“فائدو ته هر حال ۾ تنهنجو ئي ٿيندو... منهنجي هڪ نيلم جي منڊي به تون گم ڪري ڇڏي هئي پر مون ان وقت به توکي ڪجهه نه چيو هو”
“ڏس، مان تنهنجو قسم کڻي چوان ٿو، نيلم واري منڊيءَ بابت مون کي ڪجهه به خبر ناهي ۽ نه وري ان سئو روپئي جي نوٽ جي باري ۾...”
“هاڻي جيڪڏهن مون تنهنجو قسم کنيو ئي آهي ته مان توکي سچ ٻڌايان ٿو... مون... مون چورايو ضرور هو صرف ان لاءِ ته ان مهيني مون کي پگهار دير سان ملڻ واري هئي ۽ مٿان تنهنجي سالگرهه به هئي ۽ توکي تحفو به ڏيڻو هو... ان ويهن سالن ۾ تنهنجي هر سالگرهه تي مون پنهنجي وس ۽ وِتُ آهر ڪو نه ڪو تحفو پيش ڪندو رهيو آهيان”
“وڏا تحفا ڏنا اٿئي؟”
“ڏس ناشڪري نه ڪر”
“مان ڪيترا ڀيرا چئي چُڪي آهيان، مون کان پري هٽ... مون کي تو مان ڌپ اچي ٿي”.
“ڇا جي، ڌپ؟”
“اها تو کي خبر”
“مون پنهنجو پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا سُنگهيو آهي پر مون کي منهنجي پڪوڙي جهڙي نڪ مان ڪا به اهڙي ڌپ محسوس نه ٿئي ٿي، جنهن تي توکي اعتراض هجي”
“تون ڳالهيون ٺاهڻ جو ماهر آهين”
“۽ تون ڳالهه بگاڙڻ واري عورت آهين.... منهنجي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تون ايترو ناراض ڇو آهين؟”
“پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏس!”
“مان هن وقت قميص کان آجو آهيان”
“ڇو؟”
“سخت گرمي آهي”
“سخت گرمي هجي يا نرم... توکي قميص نه لاهڻ گهرجي، اها ڪا شرافت آهي ڇا؟”
“محترمه تون به ته قميص لاهي ڦٽي ڪئي آهي... پنهنجي اگهاڙي جسم ڏانهن توجهه ته ڪر”
“اوهه.... هي مون کان ڪهڙي واحيات حرڪت ٿي وئي آهي!”
“اهڙي واحيات حرڪت تون هر گرميءَ جي مند ۾ ويهن سالن کان ڪندي پئي اچين”
“تون ڪوڙ ٿو هڻين”
“خير آ، ڪوڙ ڳالهائڻ ته هر مرد جي عادت هوندي آهي”
“پر تون مون کان هاڻي پري ٿي وڃ”
“پر ڇو؟”
“اُف توبهه.. ايڏا ڀيرا توکي چئي چُڪي آهيان ته مون کي تومان ڌپ ٿي اچي”
“پهريان صرف ڌپ هُئي... هاڻي گندي ڌپ اچي ٿي”
“خبردار جو مون کي هٿ لڳايو اٿئي... پري ٿي...”
“ڀلا ايتري مون کان ڇو بيزار آهين اڄ؟”
“هاڻي مان تومان صفا بيزار ٿي چُڪي آهيان”
“ويهن سالن ۾ ڪڏهن به تون اهڙو بيزاري ۽ نفرت جو اظهار نه ڪيو آهي”
“ڀلا هاڻي ته ڪري ڇڏيو آهي نه”
“پر مون کي خبر ته پئي ته ڇا ڳالهه آهي”
“مان چوانءِ ٿي، مون کي هٿ نه لاهي”
“مون کي تو مان ڪراهت ٿي اچي”
“تون ناپاڪ آهين.... حد کان وڌيڪ ذليل آهين”
“ڏس تون مون سان زيادتي ڪري رهي آهين”
“تو گهٽ ڪئي آهي، ڪوئي به شريف ماڻهو تو جهڙي ذليل حرڪت ڪري نه ٿو سگهي”
“ڪهڙي؟”
“اڄ صبح ڇا ٿيو هو؟”
“اڄ صبح.. مينهن پيو هو”
“مينهن پيو هو.... پر ان مينهن ۾ تون ڪنهن کي پنهنجن ٻانهن ۾ آڻي دٻائي ڇڏيو هو...”
“اُف!”
“ڇا هاڻي اِن جو جواب اُف سان ڏيندين.... مون توکي ڏسي ورتو هو... جڏهن تون هُن کي ڀاڪر ۾ ڀريو هو”.
“ڏس منهنجي جان”
“مون کي جان جان نه چئه... توکي شرم اچڻ گهرجي...”
“پر ڪنهن ڳالهه تي... ڪهڙي گناهه جي ڪري؟”
“ٺيڪ آ ماڻهو گناهه ڪري... پر اهڙي گندگيءَ ۾ نه ڪري”
“مان ڪهڙي گندگيءَ ۾ ڪريو آهيان، آخر ڳالهه ته ڪر”
“اڄ صبح تو هُنَ... هُنَ”
“ڇا؟”
“هُن ڀنگياڻي کي... جوان ڀنگياڻي جيڪا مٺائي واري سان ڀڄي وئي هئي”
“لاحول ولا... تون به عجيب عورت آهين... هوءَ ويچاري ڳورهاري هئي، مينهن ۾ ٻهارو ڏيندي هن جي مٿي کي چڪر اچي ويا ۽ ڪري پئي هئي، مان ان کي کڻي ان جي ڪوارٽر ۾ ويس”.
“پوءِ ڇا ٿيو؟”
“هوءَ مري وئي؟”
“افسوس.... ويچاري...”
“ڏس منهنجو جسم هاڻي ٿڌو ٿي ويو آهي”
“منهنجي ويجهو اچ منهنجا جاني.....”
“مان قميص پائي وٺان...”
“نه هرگز نه... قميص پائڻ جي هاڻي ضرورت ناهي، تنهنجي قميص مان آهيان!”