ڪھاڻيون

منٽو جا 100 سال

اردوءَ جي نامياري افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي 13 چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ھن مجموعي جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ ۽ شاعر بشير منگي آھي.
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1176
  • 582
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منٽو جا 100 سال

ڪاري سلوار

دهلي اچڻ کان اڳ ۾ هوءَ انبالا ڇانوڻيءَ ۾ رهندي هئي جتي ڪيئي گورا انگريز هن جا گراهڪ هئا. انهن گورن سان ملڻ جلڻ ڪري هن انگريزي جا ڏهه پندرنهن جملا سکي ورتا هئا پر هوءَ انهن جملن کي گهڻي ڀاڱي ڳالهائڻ وقت استعمال نه ڪندي هئي پر جڏهن هوءَ دهلي ۾ آئي۽ هن جو ڪاروبار نه هليو ته هڪ ڏينهن هن پنهنجي پاڙيسري تمنچه جان کي چيو، ”دس ليف- ويري بيڊ“ معنيٰ هي زندگي ڏاڍي خراب آهي، ڇاڪاڻ جو ڪجهه کائڻ لاءِ به ڪونه ٿو ملي.
امبالا ڇانوڻي ۾ هن جو ڌنڌو ڏاڍو سٺو هلندو هو. ڇانوڻيءَ جا گورا شراب پي هن وٽ ايندا هئا ۽ ٽن چئن ڪلاڪن ۾ ئي اٺن ڏهن گورن سان منهن ڏئي ويهه ويهه رپيا ڪمائي وٺندي هئي. هي گورا هن جي هم وطنن جي مقابلي ۾ ڏاڍا سٺا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اهڙي زبان ڳالهائيندا هئا جنهن جو مطلب سلطانه سمجهي نه سگهندي هئي پر انهن جي زبان کان لاعلمي سلطانه جي حق ۾ سٺي ثابت ٿي. جڏهن گورن کي ڪجهه رعايت کپندي هئي ته هوءَ چوندي هئي، ”صاحب منهنجي سمجهه ۾ توهان جي ٻولي نه ٿي اچي.“ گورا هن سان حد کان وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ ڪندا هئا ته هوءَ پنهنجي زبان ۾ گورن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪندي هئي ۽ اهي گورا حيرت مان هن جي منهن کي ڏسندا هئ.ا هوءَ چوندي هئي ”صاحب تون چٻرو آهين، حرام زادو آهين – سمجهيئي؟ ” اهي لفظ چوڻ وقت هو پنهنجي لهجي ۾ سختي پيدا نه ڪندي هئي پر وڏي پيار سان انهن کي ڇنڀيندي هئي، ان تي گورا کلندا هئا ان وقت اهي گورا سلطانه کي واقعي چٻرا نظر ايندا هئا.
پر هتي دهليءَ ۾ جڏهن هو آئي آهي ته هڪ به گورو هن وٽ نه آيو، ٽي مهينا هن کي هندستان جي هن شهر ۾ رهندي گذري ويا، جنهن جي لاءِ هن ٻڌو هو ته وڏا امير ماڻهو هتي رهن ٿا جيڪي گرمين ۾ شملا هليا ويندا آهن، پر صرف ڇهه ماڻهو هن وٽ ايندا رهندا هئا. صرف ڇهه يعنيٰ مهيني ۾ ٻه .ٻيا به اڙيا ٿڙيا ان ڇهن گراهڪن کان سواءِ آيا هئا. هن کي خدا ڪوڙ کان بچائي ته ساڍا ارڙهن رپيا وصول ٿيا هئا. ٽن رپين کان وڌيڪ ڪوبه گراهڪ ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه هو، سلطانه انهن مان پنج ماڻهن کي پنهنجو ريٽ ڏهه رپيا ٻڌائيندي هئي پر تعجب جي ڳالهه آ ته انهن مان هڪ ائين چئي ڏنو ته ”مان ٽن رپين کان هڪ رپيو به وڌيڪ نه ڏيندس.“ الائي ڪهڙي سبب کان هر هڪ ماڻهو سلطانه کي ٽن رپين جي قابل سمجهندو هو پر جڏهن ڇهون ماڻهو آيو ته هن خود ان کي چيو، ”ڏس مان ٽي رپيا هڪ ٽائيم جا وٺندس، ان کان گهٽ بلڪل نه هاڻي تنهنجي مرضي آهي ته مونسان ٽائيم پاس ڪرين يا پنهنجو رستو وٺ.” ڇهين ماڻهو اها ڳالهه ٻڌي ڪو به اعتراض نه ڪيو ۽ هن وٽ خاموشي سان هليو آيو. جڏهن هو ڪمري جي دروازي کي بند ڪري پنهنجو ڪوٽ لاهڻ لڳو ته سلطانه چيو ”هڪ رپيو کير جو به ڏي“ هن هڪ رپيو ته نه ڏنو پر کيسي مان اٺ آنا ڪڍي هن جي تريءَ تي رکيا ۽ سلطانا خاموشي سان اٺ آنا غنيمت سمجهي ورتا ۽ پوءِ اتان هلي وئي.
ساڍا ارڙهن رپيا ٽن مهينن ۾..... ويهه رپيا ماهوار هن جي جڳهه جو ڪرايو هيو، جنهن کي مالڪ مڪان انگريزي زبان ۾ فليٽ چوندو هو، ان ۾ هڪ اهڙو واش روم هو جنهن ۾ زنجير ڇڪڻ سان ساري گندگي پاڻي جي زور سان هڪدم غائب ٿي ويندي هئي ۽ پاڻي گڙ گڙ ڪري نڪري ويندو هو. شروع شروع ۾ ته پاڻي جي گڙ گڙ هن کي وڏو ڊيڄاري وڌو، پهرين ڏينهن جڏهن هوءَ واش روم ۾ وئي ته هن جي چيلهه ۾ شدت سان سور ٿي رهيو هو. هو جڏهن رفع حاجت مان فارغ ٿي مٿي اٿي ته هن لٽڪيل زنجير جو سهارو ورتو، زنجير کي ڏسي هن کي خيال آيو ته هي فليٽ خاص ماڻهن جي رهائش لاءِ تيار ڪيو ويو هو، هيءَ زنجير ان لاءِ لڳائي وئي آهي ته اٿڻ وقت تڪليف نه ٿي ۽ سهارو ملي وڃي، پر هن جڏهن زنجير کي پڪڙي اٿڻ چاهيو ته مٿان کٽ کٽ جو آواز آيو ۽ پوءِ هڪدم پاڻي گڙ گڙ ڪري نڪتو ۽ هن جي وات مان رڙ نڪري وئي.
خدا بخش ٻئي ڪمري ۾ پنهنجو فوٽو گرافيءَ جو سامان ٺاهي رهيو هو، هڪ صاف بوتل ۾ هائيڊروڪونين وجهي رهيو هو ته هن سلطانه جي رڙ ٻڌي، ڪمري کان ٻاهر نڪري آيو ۽ سلطانه کان پڇيو“ڇا ٿيو؟- هيءَ رڙ ته تنهنجي هئي؟“
سلطانه جي دل ڌڙڪي رهي هئي. هن چيو ”هي نئون واش روم آ.... الائي ڇا آهي؟ ريل گاڏيءَ ۾ لٽڪيل زنجير وانگر هتي به واش روم ۾ زنجير لٽڪيل آهي، منهنجي چيلهه ۾ سور هو مون سوچيو ته زنجير جو سهارو وٺان پر هن زنجير سان ڇيڙ ڇاڙ مون کي ايترو پريشان ڪري ڇڏيو جو تو کي ڇا ٻڌايان؟“
ان تي خدا بخش ڏاڍو کليو ۽ هن سلطانه کي واش روم بابت سڀ ڪجهه سمجهايو ۽ چيو ته هي واش روم نئين فيشن وارو آهي، جنهن ۾ زنجير ڇڪڻ سان سڄي واش روم جي گندگي هيٺ زمين ۾ دفن ٿي وڃي ٿي.
خدا بخش ۽ سلطانه جو پاڻ ۾ ڪيئن ميلاپ ٿيو هو، اها هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي. خدا بخش راولپنڊي جو رهاڪو هو. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ هن لاري هلائڻ سکي، چئن سالن تائين هو راولپنڊي ۽ ڪشمير جي وچ ۾ لاري هلائيندو رهيو، ان کان پوءِ ڪشمير ۾ هن جي دوستي هڪ عورت سان ٿي جنهن کي هو ڀڄائي لاهور وٺي آيو، لاهور ۾ جڏهن هن کي ڪوبه ڪم نه مليو ته مجبورن هن ان ڪشميري عورت کي بدپيشي تي ويهاري ڇڏيو. ٻه ٽي سال مسلسل ڪم هلندو رهيو پر هوءَ عورت گهڻي دير هن سان نه هلي سگهي ۽ ٻئي شاهينگ سان گڏ ڀڄي وئي. جڏهن خدا بخش کي اها خبر پئي ته اها ڪشمير عورت امبالي ۾ آهي ته هن امبالي اچي ان عورت جي ڳولها شروع ڪئي، ڳولهيندي ڳولهيندي هن کي سلطانه ملي وئي، سلطانه به هن کي پسند ڪيو اهڙي طرح ٻنهي جو ميلاپ ٿيو.
خدا بخش جي اچڻ کان پوءِ سلطانه جو ڪاروبار عروج تي پهتو، عورت جيئن ته اعتماد وڌيڪ رکندي آهي تنهن ڪري سلطانه سمجهيو ته خدا بخش وڏو ڀاڳوان آهي، جنهن جي اچڻ سان هن جي قسمت جاڳي پئي ۽ هن جي ترقي ٿيندي وئي. اهڙي طرح سلطانه جي دل ۾ خدا بخش جي لاءِ عزت وڌي وئي.
خدا بخش محنتي ماڻهو هو، سڄو ڏينهن محنت ڪندو هو. هن جي هڪ فوٽو گرافر سان دوستي ٿي پئي جو ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران ڪئميرا سان فوٽو ڪڍندو هو، ان کان هن فوٽو گرافري واري هنر ۾ مهارت سکي ورتي. پوءِ هڪ ڏينهن سلطانه کان سٺ رپيا وٺي نئين ڪئميرا خريد ڪري آيو، هن پردو ٺهرايو، ٻه ڪرسيون خريد ڪيون ۽ فوٽو ڌوئڻ وارو سڀ سامان خريد ڪري پنهنجو جدا ڪم شروع ڪيو.
هن جي فوٽو گرافري شاندار هئي جنهن ڪري هن ٿوري وقت ۾ پنهنجو دڪان امبالا ڇانوڻي ۾ کولي ورتو، جتي هو گورن جا فوٽو ڪڍندو هو. هڪ مهيني اندر هن جي ڪيترن گورن سان واقفيت ٿي آخر هو سلطانه کي ڇانوڻي واري علائقي ۾ وٺي ويو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو،. خدا بخش جي ذريعي ڪيئي گورا سلطانه جي زلفن جا اسير بڻجي ويا ۽ آمدني ۾ ٻيڻي ٿي وئي.
سلطانه ڪنن لاءِ والا خريد ڪري ورتا، ساڻ ساڍن پنجن تولن جا ڪنگڻ به ٺهرائي ورتا، ڏهه پندرنهن سٺيون سٺيون ساڙيون به خريد ڪري ورتيون، گهر ۾ فرنيچر به نئون گهرايو ويو. قصو مختصر امبالا ڇانوڻي ۾ هو خوشحال زندگي گذارڻ لڳا پر هڪ ڏينهن خدا بخش جي دل کي الاءِ ڇا ٿيو جو هن دهلي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪيئن سلطانه انڪاري ڪري!! ڇاڪاڻ جو خدا بخش کي پنهنجي لاءِ مبارڪ ۽ ڀاڳن ڀري شخصيت سمجهي پئي، سلطانه خوشيءَ خوشي سان دهلي وڃڻ قبول ڪري ورتو. هن اهو به سوچيو ته دهلي جهڙي وڏي شهر ۾ جتي وڏا امير ماڻهو رهن ٿا هن جو ڌنڌو سٺو هلندو. هن پنهنجي سهيلين جي واتان دهلي جي وڏي تعريف ٻڌي هئي، هتي حضرت نظام الدين اولياءَ جي درگاهه به آهي، جنهن سان سلطانه کي بيحد عقيدت هئي، تنهن ڪري جلدي جلدي گهر جو سامان وڪڻي هوءَ خدا بخش سان گڏ دهليءَ پهتي. هتي پهچي خدا بخش ويهه رپيا ماهوار تي هڪ ننڍو فليٽ ڪرائي تي ورتو جتي هو ٻئي رهڻ لڳا.
هڪ ئي قسم جي نون تعمير ٿيل گهرن ۾ ڊگهي قطار جيڪا سڙڪ سان گڏ هلي رهئي هئي. ميونسپل ڪاميٽي پاران شهر جو هڪ حصو خاص طور محنت ڪش ماڻهن لاءِ مقرر ڪيو هو، جيئن هو وچ شهر ۾ جڳهه جڳهه تي پنهنجا ننڍڙا ڪاروبار نه ڪن، هيٺ دڪان هئا ۽ مٿي ٻه ماڙ رهائشي فليٽ، سڀ عمارتون هڪ ئي ڊزائين جون هيون تنهن ڪري شروع شروع ۾ سلطانه کي پنهنجو فليٽ ڳولهڻ ۾ وڏي تڪليف ٿي هئي پر جڏهن هيٺ ڌوٻي واري پنهنجو بورڊ در جي اڳيان لڳايو ته هن کي هڪ پڪي نشاني ملي، ”هتي ميرا ڪپڙا ڌوتا وڃن ٿا“ هي بورڊ پڙهندي ئي پنهنجو فليٽ ڳولهي وٺندي هئي. اهڙي طرح هن ڪيئي نشانيون پنهنجي گهر ڳولهڻ لاءِ قائم ڪيون هيون ته جيئن هو ڀلجي نه پوي. مثال طور وڏن اکرن ۾ جتي ” ڪوئلن جو دڪان“ لکيل هوندو هو اتي هن جي سهيلي هيرا ٻائي رهندي هئي، جا ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو تي راڳ ڳائيندي هئي. جتي ”اميرن جي کاڌي جو خاص انتظام آهي“ لکيل هوندو هو اتي هن جي ٻي سهيلي مختيار رهندي هئي. واڻ جي ڪارخاني مٿان انوري رهندي هئي، انوري ان ڪارخاني جي سيٺ وٽ ملازم هئي، سيٺ صاحب رات جو پنهنجي ڪارخاني جي سنڀال پاڻ ڪندو هو، ان ڪري اڪثر راتيون انوري وٽ گذاريندو هو.
دڪان کوليندي ئي گراهڪ ٿورا ايندا هئا. سلطانه بيڪار ويٺي هوندي هئي پر هن ان اميد تي پاڻ کي تسلي ڏني ته هي مهينو به گذري ويندو. ٻئي مهيني ۾ ڪافي ماڻهو ايندا پر ٻئي مهيني به هن جي ڪوٺي تي ڪو گراهڪ نه آيو. هن کي سخت پريشاني ٿي. هڪ ڏينهن هن خدا بخش کي چيو ، ”خدا بخش- هتي آئي ٻه مهينا پورا ٿي ويا آهن پر ڪنهن اسان جي ڪوٺي طرف رخ نه ڪيو آهي- مڃان ٿي اڄ ڪلهه بازار ٿڌي آهي، پر ايتري به ٿڌي نه هجي جو مهيني ڀر ۾ به ڪو ماڻهو شڪل ڏسڻ نه اچي!”
خدا بخش کي به اها ڳالهه پريشان ڪري رهي هئي، هو خاموش هو پر جڏهن سلطانه پاڻ هن سان ڳالهه ڇيڙي وڌي ته هن چيو، ”مان ڪيترن ئي ڏينهن کان ان ڳالهه تي سوچيان ٿو، اڄ ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته جنگ جي سبب ڪري ماڻهو پريشان آهن ۽ هيڏانهن جو رستو وساري چڪا آهن، يا وري هيئن به ٿي سگهي ٿو....“ هو ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته ڏاڪڻ تي ڪنهن جي چڙهڻ جو آواز آيو. خدا بخش ۽ سلطانه ان آواز طرف ڌيان ڏنو ، ٿوري دير ۾ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. خدا بخش وڃي دروازو کوليو. هڪ ماڻهو اندر داخل ٿيو، هي پهريون گراهڪ هو، جنهن ٽن رپين ۾ سودو طئه ڪيو. ان کان پوءِ پنج ٻيا آيا، معنيٰ ٽن مهينن ۾ ڇهه ماڻهو جنهن مان سلطانه کي صرف ساڍا ارڙهن رپيا وصول ٿيا. ويهه رپيا ماهوار فليٽ جي ڪرائي ۾ هلايا ويندا هئا. پاڻي جو ٽيڪس، بجلي جو بل جدا هو، ان کان سواءِ گهر جا ٻيا خرچ به هئا. جنهن ۾ کاڌو پيتو، لٽا ڪپڙا دوا دارون شامل هو. ساڍا ارڙهن رپيا ٽن مهينن ۾ آيا ته هن کي آمدني نه ٿو چئي سگهجي. سلطانه پريشان ٿي وئي. ساڍن پنجن تولن جا اٺ ڪنگڻ جيڪي هن امبالي ۾ ٺهرائي ورتا ها، آهستي آهستي وڪڻڻ شروع ڪيائين. جڏهن آخري ڪنگڻ وڃي بچيو ته هن خدا بخش کي چيو، ”تون منهنجي ٻڌ ۽ هل ته واپس امبالي ۾ هلون، هتي اسان جو ڇاهي؟ اسان کي هي شهر راس نه آيو، تنهنجو ڪم به امبالي ۾ سٺو هلندو هو، هل ته اُتي هلون. جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان کي پنهنجي سر جو صدقو سمجهي هن آخري ڪنگڻ کي به وڪڻي اچ، مان سامان ٻڌي ٿي وٺان اڄ رات جي گاڏي ۾ هتان نڪري هلنداسين.“
خدا بخش آخري ڪنگڻ سلطانه کان ورتو ۽ چيو، ”نه منهنجي جان، امبالا هاڻي ڪونه هلنداسين. هاڻي دهلي ۾ ئي رهي ڪمائينداسين. هي تنهنجون چوڙيون ۽ ڪنگڻ سڀ واپس ايندا. الله تي ڀروسو رک هو وڏو ڪار ساز آهي، هتي به ڪونه ڪو هيلو وسيلو بڻائيندو.“
سلطانه خاموش ٿي وئي. هن جو آخري ڪنگڻ به هن جي ٻانهن مان لهي ويو، هن کي گهڻو ڏک پهتو، پر هوءَ ڇا ڪري. پيٽ به ته آخر ڪنهن حيلي سان پالڻو آهي. جڏهن پنج مهينا گذري ويا آمدني خرچ جي مقابلي ۾ چوٿائيءَ کان به گهٽ رهي ته سلطانه وڌيڪ پريشان ٿي وئي. خدا بخش به سارو ڏينهن گهر کان ٻاهر رهڻ لڳو. سلطانه کي اهو ڏک به کائي ويو. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته پاڙي ۾ هن سان ٻه ٽي سهيليون ملڻ اينديون هيون، جن سان هوءَ پنهنجو فارغ وقت گذاريندي هئي پر هن وٽ روز انهن جو اچڻ ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهڻ هن کي برو لڳندو هو، تنهن ڪري آهسته آهسته سلطانه انهن سهيلين سان ملڻ جلڻ بند ڪري ڇڏيو. سارو ڏينهن هوءَ گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي. ڪڏهن هو پنهنجي پراڻن ڦاٽل ڪپڙن جي سلائي ڪندي هئي ته ڪڏهن ٻاهر بالڪونيءَ ۾ لوهي جهنگلي وٽ بيهي رهندي هئي ۽ سامهون ريلوي شيڊ ۾ انجڻن کي ڏسندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بي مطلب وقت گذاريندي هئي.
سڙڪ جي ٻئي طرف مال گدام هو جيڪو هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڦهليل هو. ساڄي هٿ تي لوهي ڇت جي هيٺان وڏيون وڏيون ٻوريون پيل هيون ۽ هر قسم جو سامان وکريل پيو هوندو هو جڏهن ته کٻي هٿ تي هڪ وڏو ميدان هو، جنهن اندر بيشمار ريل جون پٽڙيون وڇاريل هيون. اس ۾ لوهه جون پٽڙيون چمڪنديون هيون ته سلطانه پنهنجي هٿن طرف ڏسندي هئي جن جون نيريون رڳون بلڪل ان پٽڙين وانگر اڀريل نظر اينديون هيون. ان ڊگهي ۽ کليل ميدان ۾ هر وقت انجڻ ۽ گاڏا هلندا رهندا هئا، ڪڏهن هت ته ڪڏهن هت. انهن انجڻن ۽ گاڏن جي هلڻ سان ڇڪ ڇڪ ڦڪ ڦڪ جو آواز گونجندو هو. هڪ ڏينهن صبح سوير جڏهن هوءَ ننڊ مان اٿي بالڪونيءَ ۾ آئي ته هن کي هڪ عجيب منظر نظر آيو. ڌنڌ ۾ انجڻن مان گهاٽو دونهون نڪري رهيو هو، جيڪو آسمان طرف ٿلهن ماڻهن وانگر مٿي ويندي نظر آيو، ٻاڦ جا وڏا وڏا ڪڪر هڪ وڏي آواز سان پٽڙين مان اٿندا نظر آيا، جيڪي اک ڇنڀ جي دير ۾ پاڻ ۾ ملي ٿي ويا، پوءِ ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ريل گاڏي جي ڪنهن دٻي کي انجڻ ڌڪو ڏئي ڇڏي ڏنو هجي ۽ اهو دٻو اڪيلو پٽڙين تي هلندو ڏسي هن کي پنهنجو خيال آيو. هوءَ سوچي پئي ته هن کي به ڪنهن زندگيءَ جي پٽڙي تي ڌڪو ڏئي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هوءَ خوبخود هلي رهي آهي، ٻيا ماڻهو هن جو ڪانٽو بدلائي رهيا آهن ۽ هوءَ هلي رهي آهي.- پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو ڌڪي جو زور به آهستي آهستي ختم ٿي ويندو. هوءَ ڪٿي بيهجي ويندي، ڪنهن اهڙي جڳهه تي جيڪا هن ڪڏهن ڏٺي به نه هوندي!
هوءَ ته اڪثر بنا مقصد ڪيئي ڪلاڪ ريل جي انهن پٽڙين تي هلندڙ انجڻن طرف ڏسندي رهندي هئي ۽ طرح طرح جا خيال هن جي دماغ ۾ ايندا رهندا هئا. امبالا ڇانوڻي ۾ جڏهن هوءَ رهندي هئي ته اسٽيشن جي ڀرسان ئي هن جو گهر هيو پر اتي هن ڪڏهن به انهن شين کي اهڙين نظرن سان نه ڏٺو هو. هاڻي ته هن جي دماغ ۾ اهو خيال هر هر ڦري رهيو هو. جيڪو سامهون ريل جي پٽڙين جو حال هيو، جڳهه جڳهه ٻاڦ ۽ دونهون اٿي رهيو هو، هڪ تمام وڏو چڪلو لڳي رهيو هو. جتي ڪيتريون ريل گاڏيون هيون جن کي چند ڳورا انجڻ ڌڪي رهيا هئا. سلطانه کي اهي ڳورا انجڻ سيٺ محسوس ٿيندا هئا، جيڪي امبالا ۾ هن وٽ ايندا ويندا هئا. پوءِ وري ڪڏهن ڪڏهن هو ڪنهن انجڻ کي آهسته آهسته گاڏن جي قطار وٽان گذرندي ڏسندي هئي ته هن کي محسوس ٿيندو هو ته چڪلي جي بازار ۾ مٿي ڪوٺن طرف ڪو نهاريندو پيو وڃي.
سلطانه سمجهي پئي ته اهي ڳالهيون سوچڻ دماغ جي خرابي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ان خيال کان هن بالڪوني ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو. خدا بخش کي هن ڪيئي ڀيرا چيو ، ”ڏس منهنجي حال تي رحم ڪر هاڻ تون گهر ۾ رهندو ڪر. مان سڄو ڏينهن بيمارن وانگر پئي آهيان.“ پر خدا بخش هر دفعي سلطانه کي اهو چئي تسلي ڏني،”جان من.... منهنجي ٻاهر وڃڻ جو سبب روزگار جي ڳولا آهي، الله ڪندو ته ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيڙو پار ٿي ويندو.“
پورا پنج مهينا گذري ويا پر سلطانه جو ٻيڙو پار نه ٿيو ۽ نه وري خدا بخش جو. محرم جو مهينو مٿان اچي رهيو هو پر سلطانه وٽ ڪارا ماتمي ڪپڙا ٺهرائڻ لاءِ پئسا ڪونه هئا. مختيار ليڊي هيملٽن واري نئين ڊزائين جي قميص ٺهرائي هئي، جنهن جون ٻانهون ڪاري جهارجهٽ جون هيون، ان سان گڏ ميچ لاءِ هن وٽ ڪاري ساٽن جي سلوار هئي، جيڪا ڪجل وانگر چمڪندي هئي. انوريءَ ريشمي جارجهٽ جي هڪ وڏي ملائم ساڙهي خريد ڪئي هئي. هن سلطانه کي ٻڌايو ته هوءَ ساڙهي جي هيٺان سفيد بوسڪي جو پيٽي ڪوٽ پائيندي جيڪو نئون فيشن آهي. ساڙهيءَ سان گڏ پائڻ لاءِ انوري ڪاري بخمل جو هڪ جوتو به خريد ڪري آئي هئي. سلطانه جڏهن اهي سڀ شيون ڏٺيون ته هن کي اهو احساس کائي ويو ته محرم ملهائڻ لاءِ هن وٽ اهڙو لباس خريد ڪرڻ جي طاقت ناهي.
انوري ۽ مختيار وٽ جڏهن اهي ڪپڙا ڏسي گهر واپس آئي ته هن جي دل ڏاڍي غمگين ٿي، هن کي ائين معلوم ٿيو ته ڄڻ هن جي جسم ۾ ناسور پيدا ٿي چڪو هجي. گهر بلڪل خالي هو خدا بخش هميشه جيان ٻاهر هو، دير تائين هو رلهيءَ تي وهاڻو رکي هيٺ ليٽي پئي هئي، پر جڏهن هن جي ڳچي مٿي هئڻ ڪري سور ٿيو ته هو اتان اٿي ٻاهر بالڪوني ۾ هلي آئي جيئن ڏکايل خيالن کي دماغ مان ڪڍي سگهي.
سامهون پٽڙين تي ريل گاڏي جا دٻا بيٺا هئا، پر اتي ڪا به انجڻ موجود نه هئي. شام جو وقت هو اوندهه ٿيڻ واري هئي. بازار م اهڙن ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي چڪي هئي جيڪي هيڏي هوڏي نهاريندي پنهنجي گهرن ڏانهن راهي هئا. انهيءَ دوران هڪ ماڻهو ڪنڌ مٿي ڪري سلطانه طرف نهاريو. سلطانه به هن ڏانهن ڏسي مسڪرايو، ٻئي طرف کان سلطانه اهو وساري ويٺي ته سامهون پٽڙين تي هڪ انجڻ اچي رهي هئي. سلطانه ان طرف غور سان ڏٺو ۽ هن جي دل ۾ خيال آيو ته انجڻ به ڪاري رنگ جو لباس پهريو آهي. اهڙو عجيب و غريب خيال دماغ مان ڪڍڻ لاءِ هن هڪ ڀيرو وري سڙڪ ڏانهن نهاريو ته اهو ساڳيو ماڻهو ريل گاڏي ڀرسان بيٺو هو جيڪو سلطانه طرف حوس ڀري نظرن سان نهاري رهيو هو. سلطانه هن کي هلڪو هٿ جو اشارو ڏنو ۽ ان ماڻهو هيڏي هوڏي ڏسي سلطانه کي اشارو ڪيو ته ڪهڙِي طرف کان اچي؟سلطانه هٿ جي اشاري سان هن کي مٿي اچڻ جو رستو ٻڌايو. ٿوري دير ۾ اهو ماڻهو مٿي هليو آيو.
سلطانه هن کي رلهيءَ تي ويهاريو. جڏهن هو ويٺو ته هن ڳالهائڻ ٻولهائڻ شروع ڪندي چيو، ”مٿي ايندي ڊڄو پيا؟“ هن ماڻهو اهو ٻڌي مسڪرائيندي چيو، ”تو کي ڪيئن معلوم ٿيو...؟ گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ئي ڪونهي.“
سلطانه چيو، ”اهو مون ان لاءِ چيو ته توهان دير تائين اتي بيٺا رهيا ۽ پوءِ ڪجهه سوچي مٿي آيئو.“
هن اهو ٻڌي ڏاڍو مسڪرايو، ”تو کي غلط فهمي ٿي آهي مان تنهنجي مٿان واري فليٽ طرف ڏسان پيو، ته اتي به هڪ عورت بيٺي هئي جيڪا ڪنهن مرد کي آڱوٺا ڏيکاري رهي هئي. مون کي اهو منظر پسند آيو پر بالڪوني ۾ سبز بلب روشن ٿيو ته مان ڪجهه دير بيهي رهيس، سبز روشني مون کي ڏاڍي پسند آهي اکين کي سٺي لڳندي آهي.” اهو چئي هن ڪمري جو جائزي ورتو ۽ پوءِ اٿي بيٺو
سلطانه پڇيس “توهان وڃي رهيا آهيو؟”
هن ماڻهو جواب ڏنو ”نه، مان تنهنجي هن گهر کي ڏسڻ چاهيان ٿو – هل مون کي سمورا ڪمرا ڏيکار.”
سلطانه هن کي ٽئي ڪمرا هڪ هڪ ڪري ڏيکاريا. هن ماڻهو بلڪل خاموشيءَ سان انهن ڪمرن کي ڏٺو جنهن کان پوءِ هو ٻئي واپس ساڳي ڪمري ۾ آيا، جتي پهريون ويٺا هئا ته ان ماڻهوءَ چيو ”منهنجو نالو شنڪر آهي.“
سلطانه پهريون دفعو غور سان شنڪر طرف نهاريو. هو ننڍي وچولي قد جو معمولي شڪل ۽ صورت جو ماڻهو هو پر هن جون اکيون غير معمولي طور تي صاف ۽ شفاف هيون. ڪڏهن ڪڏهن اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي چمڪ پيدا ٿئي پئي طاقتور ۽ ڪسرتي جسم وارو هو، ڪنن جي مٿان ٿورا اڇا وار هئس، خاڪي رنگ جي گرم پتلون پاتل هئس. سفيد قميص، جنهن جو ڪالر ڳچي وٽان مٿي هيو.
شنڪر ڪجهه وقت ان رلهي تي ائين ويٺو رهيو ڄڻ لڳي پيو ته سلطانه هن جي گراهڪ هجي. ان احساس سلطانه کي پريشان ڪري ڇڏيو تنهن ڪري هن شنڪر کي چيو، ”حڪم ڪيو.....“
شنڪر ويٺو هو، اهو ٻڌي ڪري ليٽي پيو ”مان ڇا چوان ڪجهه تو چئه. سڏ به مون کي تو ئي ڪيو آهي.“ جڏهن سلطانه ڪجهه نه ڳالهايو ته اهو ماڻهو اٿي بيٺو،
سلطانا ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، ”مون سمجهيو....“
ان ماڻهوءَ چيو، ”هاڻي منهنجي ڳالهه ٻڌ، جيڪو ڪجهه تو سممجهيو اهو غلط آهي. مان انهن ماڻهن منجهان ناهيان جو ڪجهه ڏين، ڊاڪٽرن وانگر منهنجي به فيس آهي. مون کي جڏهن تو مٿي گهرايو ته فيس ته تو کي هاڻي ڏيڻي پوندي.“
اهو ٻڌي سلطانه جو ذهن چڪرائجي ويو، پر ان جي باوجود هن کان بي اختيار کل نڪري وئي، ”توهان ڇا ڪندا آهيو؟“
شنڪر جواب ڏنو ”اهو جيڪو ڪم توهان ڪندا آهيو.“
”ڇا...؟“
”تون ڇا ڪندي آهين؟“
”مان... .مان.... مان ڪجهه به ته ناهيان ڪندي.”
”مان به ڪجهه نه ڪندو آهيان.”
سلطانه ڪاوڙ مان چيس، ”اها ته ڳالهه نه ٿي....توهان ڪجهه نه ڪجهه ته ضرور ڪندا هوندؤ.“
شنڪر وڏي اطمينان سان جواب ڏنو، ”تون به ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندي هوندينءَ”
“جهڪ ماريندي آهيان.”
“مان به جهڪ ماريندو آهيان.”
“ته اچ ٻئي جهڪ ماريون.”
“مان حاضر آهيان، مگر جهڪ مارڻ جا پئسا مان ڪڏهن ڏيندو ناهيان.”
“هوش ڪر... هي لنگر خانو ناهي.”
“مان به والنٽيئر ناهيان.”
سلطانه اهو ٻڌي چپ ٿي وئي. هن پڇيو “والنٽيئر ڇا ٿيندو آهي؟”
شنڪر جواب ڏنو “چٻرو.”
“پر مان ته چٻري ناهيان!”
“پر هو خدا بخش جيڪو تو سان گڏ رهندو آهي اهو ضرور چٻرو آهي.”
“ڇو؟”
“ان لاءِ ته هو ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ اهڙي خدا ترس فقير وٽ پنهنجي قسمت بهتر بنائڻ خاطر وڃي ٿو، جنهن جي پنهنجي قسمت زنگ ڳل تالي ۾ بند آهي.“ اهو چئي شنڪر وڏو ٽهڪ ڏنو.
سلطانه چيو، “تون هندو آهين ان لاءِ تو کي اسان جي بزرگ هستين جو مذاق نه اڏائڻ گهرجي.”
شنڪر مسڪرايو، “اهڙين جاين تي هندو مسلم سوال پيدا نه ٿو ٿئي.”
“تون هرو ڀرو ڇو ٿو ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪرين.... رڳو ڳالهائيندو رهندين ڇا؟”
“انهيءَ شرط تي جيڪو مان تو کي پهريون ٻڌائي چڪو آهيان....”
سلطانه اُٿي بيٺي “هاڻي هتان هليو وڃ پنهنجو رستو وٺ.”
شنڪر آرام سان اٿيو، پتلون جي کيسن ۾ ٻئي هٿ وڌائين ۽ ويندي ويندي چيائين، “مان ڪڏهن ڪڏهن هن بازار مان گذرندو آهيان، جڏهن به تو کي منهنجي ضرورت پوي مون کي سڏي وٺجانءِ..... مان وڏي ڪم جو ماڻهو آهيان.”
شنڪر هليو ويو. سلطانه ڪاري رنگ وارو لباس وساري دير تائين اهو سوچيندي رهي ته هن ماڻهوءَ جي ڳالهين هن جي ڏک کي هلڪو ڪيو آهي. اگر هو امبالي ۾ آيو هجي ها جتي هوءَ خوشحال هئي ته هوءَ ان ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻي رنگ ۾ ڏسي ها. ممڪن هو ته ان ماڻهو کي هوءَ ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ها پر هتي هوءَ ڏاڍي اُداس رهندي هئي ۽ غريب به ٿي وئي هئي تنهن ڪري شنڪر جون ڳالهيون هن کي پسند آيون.
شام جو جڏهن خدا بخش آيو سلطانه هن کان پڇيو “اڄ تون ساور ڏينهن ڪٿي غائب هئين؟”
خدا بخش ٿڪجي چور چور ٿي چڪو هو ، تنهن وراڻي ڏنس، “پراڻي قلعي کان پيو اچان، جتي هڪ بزرگ ڪجهه ڏينهن کان ترسيل آهي، ان وٽ روزانو ويندو آهيان ته جيئن اسان جا ڀلا ڏينهن اچن .....”
“تو کي ان بزرگ ڪجهه اُميد ڏني آهي؟”
“نه اڃا تائين هو مون مٿان مهربان نه ٿيو آهي، پر سلطانه مان ان جي خدمت ڪيان ٿو ،ان جو اجر ضرور ملندو، الله جي فضل سان مان ان وٽ روزانو ويندو رهيس ته ضرور اسان جا ڀاڳ ڀلا ٿيندا.”
سلطانه جي دماغ ۾ محرم جو خيال هو. خدا بخش کي روئڻهارڪي لهجي ۾ چوڻ لڳي ته ”سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر ٿو رهين.... ۽ مان هتي پڃري ۾ قيد رهان ٿي نه ڪنهن ڏانهن اچي ٿي سگهان، نه وري وڃي ٿي سگهان. محرم مٿان اچي پيو، پر تو کي ڪو فڪر ئي ناهي ته مون کي ڪارا ڪپڙا وٺڻا آهن، گهر ۾ ٽڪو به ناهي منهنجا سونا ڪنگڻ هيا سي به هڪ هڪ ڪري وڪڻي ڇڏيئي، هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا ٿيندو؟ هئين فقيرن جي پويان ڪيستائين ڦرندو رهندين. مون کي اهو ٿو نظر اچي ته هتي دهليءَ ۾ خدا به اسان کان منهن موڙي چڪو آهي، منهنجي مڃين ته پهنجو ڪم ڪار شروع ڪر ڪجهه ته سهارو ملي پوندو.”
خدا بخش رلهيءَ تي ليٽندي چيو، “پر ڪم شروع ڪرڻ لاءِ به ته پئسا کپن- خدا جي واسطي اهڙيون ڏک ڀريون ڳالهيون ته نه ڪر مون کان هاڻي برداشت نه ٿو ٿئي. مون سچ پچ ته امبالا کي ڇڏڻ واي وڏي غلطي ڪئي هئي، پر جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو اهو سڀ ڪجهه الله جي وس ۾ آهي، ۽ هو اسان لاءِ ڀلائي ڪندو، ٿي سگهي ٿو ڪجهه تڪليفن برداشت ڪرڻ کان پوءِ اسان.....”
سلطانه خدا بخش جي ڳالهه ڪٽيندي چيو “تون خدا واسطي ڪجهه ڪر ته سهي. چوري ڪر يا ڌاڙو هڻ پر مون کي هڪ سلوار جو ڪپڙو ضرور وٺي ڏي. مون وٽ سفيد بوسڪيءَ جي هڪ قميص پئي آهي، ان کي مان ڪارو رنگ ڏياري ٿي وٺان ۽ سفيد رنگ جو رئو به مون وٽ موجود آهي، اهو ئي جيڪو تو مون کي ديواليءَ تي ڏنو هو، ان کي به قميص سان گڏ ڪارو رنگ ڪرايان ٿي. بس رڳو سلوار جي کوٽ آهي. ڇا به ٿي پئي اها سلوار مون کي وٺي ڏي.... ڏس، تو کي منهنجو قسم، ڪٿان نه ڪٿان مون کي ضرور وٺي ڏي-”
خدا بخش اٿي ويٺو” هاڻي تون هرو ڀرو ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي آهين- مان ڪٿان آڻيان- مون کي آفيم کائڻ لاءِ به پئسا ڪونهن.“ڪجهه به ڪر پر مون ساڍن چئن والن واري ڪاري ساٽن جي سلوار خريد ڪري ڏي”
“دعا ڪر اڄ رات ئي الله تعاليٰ ٻه ٽي گراهڪ توڏي موڪلي ڏي.”
“پر تون ڪجهه نه ڪندين- تون جيڪڏهن چاهين ته ايترا پئسا پيدا ڪري سگهين ٿو. جنگ کان پهريائين ساٽن جو ڪپڙو ٻارنهن چوڏهن آنن ۾ وال ملي ويندو هو سو هاڻي سوا رپئي وال جي حساب سان ملي ٿو. ساڍان چئن والن تي ڪيترو خرچ ٿيندو؟”
“تون چوين ٿي ته ڪوشش ڪريان ٿو.“ اهو چئي خدا بخش اٿيو”.
“هاڻي تون انهن ڳالهين کي وساري ڇڏ ته مان هوٽل تان ماني وٺي اچان”.
خدا بخش هوٽل تان ماني وٺي آيو، ٻنهي گڏجي ماني کاڌي ۽ سمهي پيا. صبح ٿيو ته خدا بخش پراڻي قلعي واري بزرگ فقير وٽ هليو ويو ۽ گهر ۾ سلطانه اڪيلي رهجي وئي ٿوري دير ليٽي رهي ڪجهه دير سمهي پئي، هيڏي هوڏي ڪمرن ۾ گهمندي رهي، منهجند جي ماني کائڻ کان پوءِ هن پنهنجو سفيد رئو ۽ سفيد بوسڪي جي قميص ڪڍي هيٺ لانڊري واري کي رنڱڻ لاءِ ڏئي آئي، جتي ڪپڙن ڌوئڻ کانسواءِ رنڱائي جو ڪم به ٿيندو هو.
اهو ڪم ڪرڻ کان پوءِ واپس اچي هو فلمي رسالن کي پڙهڻ لڳي جنهن ۾ هن جي ڏٺل فلمن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ گيت ڇپيل هئا. هوءَ ڪتاب ۽ رسالا پڙهندي پڙهندي سمهي پئي، جڏهن ننڊ مان اٿي ته شام جا چار ٿي چڪا هئا، اس اڱڻ ۾ ٿوري موجود هئي. هوءَ اُن جي سهڻي گرم چادر ويڙهي اچي بالڪوني ۾ بيٺي. هڪ ڪلاڪ سلطانه بالڪوني ۾ بيٺي رهي هاڻي ته سج به لهڻ وارو هو. بتيون روشن ٿي چڪيون هيون، هيٺ سڙڪ تي رونڪ لڳي پئي هئي. سردي ۾ شدت هئي. سڙڪ تي ايندڙ ويندڙ ٽانگن ۽ موٽرن جي طرف ڪجهه وقت هو ڏسندي رهي، ايتري ۾ هن کي اوچتو شنڪر نظر آيو. گهر جي هيٺان پهچندي ئي هن ڪنڌ مٿي ڪري سلطانه کي ڏسي مسڪرايو. سلطانه نه چاهيندي به هن کي هٿ جو اشارو ڏئي مٿي سڏي ورتو.
جڏهن شنڪر مٿي آيو ته سلطانه سخت پريشان ٿي ته هاڻي هن کي ڇا چوي. دراصل هن شنڪر کي ائين ئي بنا سوچ سمجهه جي اشارو ڪيو هو. شنڪر بي حد مطمئن هو، هو گهر ۾ ائين ويٺو هو جيئن پنهنجي گهر ۾. وڏي بي تڪلفيءَ سان پهرين ئي ڏينهن وانگر، هو وهاڻو مٿي هيٺان ڏئي ليٽي پيو. جڏهن سلطانه دير تائين هن سان نه ڳالهايو ته هن سلطانه کي چيو، ”تون مون کي سئو دفعا مٿي سڏي سگهين ٿي ۽ سئو دفعا چئي سگهين ٿي ته گهر مان نڪري وڃ..... مان تنهنجي ڳالهين تي ناراض نه ٿيندس.”
سلطانه پريشان ٿيندي چيو، “ويهه تو کي وڃڻ لاءِ ڪير ٿو چوي.”
شنڪر مسڪرايو، “ته هاڻي منهنجون شرطون تو کي سڀ منظور آهن!”
سلطانه مسڪرائيندي چيو “ڇا تون مون سان نڪاح ڪري رهيو آهين؟”
“نڪاح يا شادي ڇا جي؟ نه تون ڪنهن سان پوري عمر نڪاح ڪري سگهندينءَ ۽ نه مان. اهي سڀ رسمون اسان جي لاءِ ناهن.... ڇڏ انهن فضول ڳالهين کي ڪم جي ڳالهه ڪر.”
“ٻڌاءِ ڪهڙي ڳالهه ڪيان؟”
“تون عورت آهين.... اهڙي ڳالهه شروع ڪر جو ٻه گهڙيون منهنجي دل بهلجي وڃي، هن دنيا ۾ صرف دڪاندار ئي ته ناهن، ڪجهه ٻيو به آهي.”
سلطانه ذهني طور تي هاڻي شنڪر کي قبول ڪري چڪي هئي، سا چوڻ لڳي، “صاف صاف چئه تو کي مون کان ڇا گهرجي؟”
“جيڪو تو کان ٻيا گهر ڪندا آهن.“ ليٽيل شنڪر اٿي ويهي رهيو.”
“تو ۾ ۽ ٻين ۾ پوءِ ڪهڙو فرق رهندو؟”
“تو ۾ ۽ مون ۾ ڪو فرق ڪونهي. ها پر ٻين ۽ مون ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.”
“اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون آهن جيڪي پڇبيون ناهن، ماڻهو پاڻ سمجهي ويندو آهي....”
“سلطانه ڪافي دير تائين شنڪر جي ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ چيو، “مان سمجهي وئي آهيان”
ته ٻڌاءِ تنهنجو ڇا ارادو آهي؟”
“تون کٽي وئين مان هارائي ويس، پر مان چوان ٿي اڄ ڏينهن تائين تنهنجي ائين ڪنهن به ڳالهه قبول نه ڪئي هوندي.”
“تون غلط ٿي چوين.... هن محلي ۾ ڪيتريون ئي ساديون عورتون ملي وڃن ٿيون، جو تو کي يقين نه ايندو ته عورت اهڙي ذلت به قبولي ٿي وٺي، جيڪا تو بغير ڪنهن احساس جي قبول ڪري ورتي آهي.... تنهنجو نالو سلطانه آهي نه؟”
“ها، سلطانه آهي.”
شنڪر اٿي بيٺو ۽ کلڻ لڳو “منهنجو نالو شنڪر آهي... منهنجو نالو به عجيب آهي، هلي آ ته اندر ڪمري ۾ هلون.”
شنڪر ۽ سلطانه رلهي واري ڪمري ۾ واپس آيا. ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسي مسڪرائي رهيا هئا. خبر ناهي ڪهڙِي ڳالهه تي. جڏهن شنڪر وڃڻ لڳو ته سلطانه چيس”شنڪر! منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃيندين؟”
شنڪر چيس“پهرين ڳالهه ٻڌاءِ.”
سلطانه پشيمان ٿيندي چيو، “تون چوندين ته مان پئسا وصول ڪرڻ چاهيان ٿي پر....”
“چئه چئه... چپ ڇو وئينءَ؟”
سلطانه همت کان ڪم وٺندي چيو “محرم اچي رهيو آهي ۽ مون وٽ ايترا پئسا ڪونهن ته مان ڪارو سلوار ٺهرائي سگهان..... منهنجي گهر جا حال تنهنجي اڳيان آهن. قميص ۽ رئو مون وٽ موجود آهن جيڪي مون رنگ واري کي رنڱڻ لاءِ ڏنا آهن.”
شنڪر اهو ٻڌي چيو “تون ڇا ٿي چاهين ته مان تو کي ڪجهه پئسا ڏيان جو تون ڪاري سلوار ٺهرائي سگهين؟”
سلطانه جلدي ۾ جواب ڏنو “نه منهنجو مطلب هي آهي ته جيڪڏهن ٿي سگهئي ته تون مون کي هڪ ڪاري سلوار ٺهرائي ڏي.”
شنڪر مسڪرايو، “منهنجي کيسي ۾ اتفاق سان ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه پئسا هوندا آهن. بهرحال مان ڪوشش ڪيان ٿو ته محرم جي پهرين تاريخ تي توکي ڪاري سلوار ملي. بس هاڻي ته خوش ٿي.”
سلطانه جي ڪنن ۾ پيل والن کي ڏسندي شنڪر چيو، “ڇا هي والا تون مون کي ڏئي سگهين ٿي؟”
سلطانه مسڪرائيندي چيو “تون انهن کي ڇا ڪندين؟ چاندي جا معمولي والا آهن، جن جي قيمت وڌ ۾ وڌ پنج رپيا ٿيندي.”
ان تي شنڪر چيس، “مون تو کا والا گهريا آهن انهن جي قيمت ناهي پڇي؟ ٻڌاءِ ڏين ٿي؟”
“هان هي وٺ.” سلطانه والا لاهي شنڪر کي ڏنا.
شنڪر جي وڃڻ کان پوءِ هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو پر شنڪر وڃي چڪو هو. سلطانه کي قطعي يقين نه هو ته شنڪر پنهنجو واعدو پورو ڪندو ، پر اٺن ڏينهن کان پوءِ محرم جي پهرين تاريخ تي صبح جو نائين وڳي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. سلطانه در کوليو ته سامهون شنڪر بيٺو هو. هن اخبار ۾ ويڙهيل شيءِ سلطانه کي هٿن ۾ ڏيندي چيو ”ساٽن جي ڪاري سلوار آهي. ڏسي وٺ، شايد ڊگهي نه هجي.... هاڻي مان هلان ٿو.”
شنڪر سلوار ڏئي هليو ويو. هن سلطانه سان وڌيڪ ڪا به ڳالهه نه ڪئي. هن جي پتلون ۾ گهنج پيل هئا ۽ سندس وار وکريل هئا. ائين پيو لڳي ڄڻ هاڻ ڪو ننڊ مان اٿي سڌو هن وٽ آيو هجي.
سلطانه اخبار ۾ ويڙهيل شيءِ کي کولي ڏٺو، ساٽن جي ڪاري سلوار هئي ۽ اهڙِ ئي سلوار هئي جيڪا هوءَ مختيار وٽ ڏسي آئي هئي. سلطانه ڏاڍي خوش هئي ۽ والن جي سودي جو هن کي افسوس نه هو، ڇو ته سلوار ڏئي شنڪر پنهنجو واعدو وفا ڪيو هو.
ٻن پهرن جو هوءَ هيٺ لانڊري واري وٽان پنهنجي رنڱيل قميص ۽ رئو کڻي آئي. ٽئي ڪارا ڪپڙا جڏهن هن پنهنجي تن تي پهريا ته دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. سلطانه دروازو کوليو ته مختيار داخل ٿي. هن سلطانه جي ٽن ڪپڙن واري ڪاري لباس کي ڏسندي چيو ”قميص ۽ رئو ته رنڱيل ٿو محسوس ٿئي پر هي سلوار نئين آهي..... ڪڏهن ٺهرائي اٿئي؟”
سلطانه چيو، “اڄ ئي درزي کڻي آيو هو.”
اهي لفظ جڏهن هن چيا ته هن جون نظرون مختيار جي ڪنن تي پيون، “هي والا ڪٿان ورتا اٿئي؟”
مختيار جواب ڏيندي چيس، “اڄ ئي گهرائي ورتا آهن.”
ان کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ ٿوري دير تائين خاموشي ڇانئجي وئي.